Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌ جا موٽرويز ۽ ريلوي سرشتو: وڏيون رٿائون، غيريقيني مستقبل

سکر حيدرآباد موٽر وي رٿا ھڪ ڏھاڪي کان رولڙي جو شڪار آھي. ھاڻي وري انھيءَ رٿا سان گڏ ڪراچيءَ کان کيرٿر رستي نئين موٽروي جي رٿا آڏو آئي آھي

ڪراچيءَ ۾ پندرھن سورھن ورھين ۾ بند پيل سرڪيولر ريلوي بحال نہ ٿي سگھي ۽ ھاڻ ڪراچي روھڙي ٽرين سروس جا دلاسا ڏنا پيا وڃن

سنڌ حڪومت صوبي اندر بند پيل لُوپ لائينن جي بحاليءَ جو مسئلو ڇو نٿي اُٿاري؟     

ھڪ جائزو

ذري گھٽ ڏھ سال گذري ويا، سکر کان حيدرآباد وارو موٽر وي تہ ڪونہ ٺھيو پر انھيءَ رٿا لاءِ زمين جي خريداريءَ واسطي حڪومت پاران ڏنل اربين رُپيا ھضم ڪندڙ ڊپٽي ڪمشنرن کي بہ ڪجھ ڪونہ ٿيو ۽ ايئن ماٺ ڇائنجي وئي، ڄڻ تہ ڪجھ ٿيو ئي ڪونہ ھو. ھاڻي ھڪ ڀيرو وري وفاقي وزيرن جي ڪراچيءَ آمد شروع ٿي آھي ۽ وڏي وزير مُراد علي شاھ سان گڏجاڻيون ڪري موٽر وي جون ڳالھيون ڪيون ويون آھن. ويجھڙ ۾ ٿيل ھڪ اھڙي گڏجاڻيءَ ۾ شاھراھن جي ڪجھ وڌيڪ رٿائن جا دلاسا ڏنا ويا آھن. انھن رٿائن ۾ حيدرآباد–سکر موٽروي (ايم-6) ۽ ڪراچي نادرن باءِ پاس–ڄامشورو موٽروې (ايم-10) شامل آھن. ٻنھي رٿائن تي تازو مراد علي شاھ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان وچ ۾ ڳالھيون ٿيون.

وفاقي سيڪريٽري علي شير ان گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حيدرآباد–سکر موٽروي (ايم-6)، جيڪو اتر–ڏکڻ موٽروې لنڪ جو آخري حصو آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت حتمي منظوري حاصل ڪري چڪو آهي. منصوبي کي اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي اين اي سي) 363 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ڪيو آهي. نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ان منصوبي کي پنج مرحلن ۾ مڪمل ڪندي. اسلامي ترقياتي بئنڪ ٻن حصن جي فنڊنگ جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ⁠تہ هڪ چيني ڪمپنيءَ پنجن ئي حصن جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي.

وفاقي سيڪريٽريءَ موجب ايم-6 پاڪستان جي اتر–ڏکڻ موٽروي جو اھم حصو آھي جيڪو پشاور کي ڪراچي سان ملائيندو. هي منصوبو واپار، لاجسٽڪس ۽ علائقائي ترقي وڌائيندو، سفر جو وقت گهٽ ڪندو ۽ بندرگاهه کان اندرونِ ملڪ رابطن کي آسان بڻائيندو.

اجلاس ۾ ايم-10 موٽروي منصوبي تي به غور ٿيو جيڪو هاڻي هڪ عام باءِ پاس اپ گريڊ کان وڌي ٻن حصن تي مشتمل وڏو منصوبو بڻجي ويو آهي، ڪراچي نادرن باءِ پاس (34 ڪلوميٽر) آءِ سي آءِ پل کان همدرد يونيورسٽي چوڪ تائين ھوندو جنهن کي 8 لين موٽروې ۾ تبديل ڪيو ويندو. اھڙي طرح 134 ڪلوميٽر ڇھ لين نئون ايم-10 موٽروي همدرد يونيورسٽي چوڪ کان ايم-6 ڄامشورو تائين، کيرٿر رينج رستي ٺاهيو ويندو. ان کان علاوه 23 ڪلوميٽر ڊگهو حصو، جيڪو همدرد يونيورسٽي چوڪ کي ايم-9 سان ڳنڍي ٿو تنھن کي 6  لين روڊ ۾ اپ گريڊ ڪيو ويندو. اهڙيءَ ريت سمورو رستو ڪراچي پورٽ کان ايم-6 ڄامشورو تائين هڪ هاءِ ڪيپيسٽي موٽروې ۾ تبديل ٿي ويندو. في الحال ايم-10 جي فزيبيلٽي اسٽڊي نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) وسيلي جاري آهي.

وفاقي وزير عليم خان چيو ته منصوبي جو بنيادي مقصد ڪراچي جي ٽريفڪ کي گهٽائڻ آهي ته جيئن بندرگاهه کان قومي موٽروي نيٽ ورڪ تائين هڪ تيز رفتار رستو ٺهي جنهن سان شهر جي ٽريفڪ مان گذرڻ جي ضرورت ختم ٿي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت جي تعاون کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اهي ٻئي منصوبا رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ جي معيشت لاءِ ضروري آهن. وفاقي وزير عليم خان وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته وزارت مواصلات ۽ اين ايڇ اي ٻنهي منصوبن کي شفاف ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

اھي سموريون رٿائون آھن تہ نھايت اھم پر سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير توڙي سيڪريٽريءَ جي ڳالھين منجھان ظاھر ٿيو تہ ”دھلي اڃان دُور اَست“ ڇو تہ رٿائون اڃان فزيبلٽي اسٽڊيز جي مرحلن ۾ آھن جيڪي ورھين کان ھلن پيون ۽ خبر ناھي ڪڏھن پوريون ٿينديون ۽ ڪڏھن رٿائن تي عمل شروع ٿيندو ۽ ڪڏھن پوريون ٿينديون. جيئن اڳي ڏھ ٻارھن سال گزري ويا تيئن شايد ٻيا بہ ٻہ کن ڏھاڪا گذري وڃن ۽ انھيءَ وچ ۾ ڪھڙي خبر تہ ملڪ جون سياسي حالتون ڪھڙيون بيھن.   

ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ ٻيو بہ اجلاس چيف منسٽر ھائوس ۾ ٿيو جنھن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسيءَ ھميشہ جيان فيصلو ڪيو ته صوبائي حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. ان ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي (KCR) جي بحالي، اهم خدمتن جي آئوٽ سورسنگ يعني خانگي شعبي جي حوالي ڪرڻ، ريلوي جي زمين تان والار جو خاتمو ۽ ڪراچي-روهڙي مسافر ٽرينن جي اپ گريڊيشـن شامل آهي۔

اجلاس ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحاليءَ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته KCR ڪراچي لاءِ هڪ تڪڙي ضرورت آهي ۽ ان ۾ ٿيندڙ دير افسوسناڪ آهي۔ هن تجويز ڏني ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي گڏيل طور تي منصوبي کي تيار ڪن ۽ ان سان گڏ ڊونر ايجنسين ۽ نجي شعبي کي به شامل ڪيو وڃي۔ KCR بابت ابتدائي جائزو جاپان انٽرنيشنل ڪوآپريشن ايجنسي 2008 کان 2013 تائين پورو ڪيو هو، بعد ۾ 2016 ۾ ان کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو۔ وڏي وزير موجب سنڌ حڪومت چين ريلوي ڪنٽريڪشن ڪارپوريشن سان گڏجي هڪ نظرثاني ڪيل فزيبلٽي تيار ڪئي آهي، جنهن موجب منصوبي جي لاڳت 2.002 ارب آمريڪي ڊالر ٿيندي۔ 43 ڪلوميٽر ڊگهي سرڪلر روٽ تي 24 اسٽيشنون قائم ٿينديون، جيڪي روزانو لڳ ڀڳ 6 لک 50 هزار مسافرن کي سهولت فراهم ڪنديون ۽ ڪراچي جي وڏي علائقي کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون۔ پر اها فزيبلٽي اڃا چيني اختيارين جي منظوري لاءِ رڪيل آهي۔ حددخلين خلاف مهم دوران ڊرگ روڊ، ڪراچي يونيورسٽي، اردو ڪاليج ۽ گيلاني اسٽيشن جي ويجهو ريلوي جي 11 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين خالي ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته لياقت آباد ۽ اردو ڪاليج وٽ ڪجهه مسئلا باقي آهن۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت  KCR روٽ تان والارختم ڪرڻ ۾ ريلوي جي مدد ڪندي۔ اجلاس ان اتفاق تي ختم ٿيو ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان ريلوي جا ماهر گڏجي KCR منصوبي، اسٽيشنن جي آئوٽ سورسنگ ۽ نون ٽرين منصوبن بابت حتمي تفصيل طئہ ڪندا۔

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ڪينٽ ۽ سٽي اسٽيشن جي صفائي ۽ ويسٽ مينيجمينٽ جا معاملا سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ حوالي ڪيا ويندا، جنهن لاءِ باقاعده معاهدو ٿي چڪو آهي۔ ڪينٽ اسٽيشن جون واشنگ لائينون به بورڊ حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت وڏين ريلوي اسٽيشنن جي خوبصورتي ۽ اپ گريڊيشـن ۾ به سهڪار ڪندي۔

وفاقي وزير حنيف عباسي اعلان ڪيو ته ڪراچي کان سکر تائين سڀئي ريلوي لائينون (480 ڪلوميٽر) اپ گريڊ ڪيون وينديون ۽ 6 ارب رپين جي لاڳت سان ايئر ڪنڊيشنڊ ڪراچي-روهڙي مسافر سروس شروع ڪئي ويندي۔ وزيراعلي مراد علي شاهه به هن منصوبي ۾ سيڙپ جو اعلان ڪيو۔ هن چيو ته ڪراچي ۽ روهڙي جي وچ ۾ اپ گريڊ ڪيل اپ اينڊ ڊائون سروس هلڻ سان مسافرن کي وڏي سهولت ملندي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه آپريشنز کي آئوٽ سورس ڪرڻ سان معيار ۽ شفافيت ۾ بهتري ايندي۔

انھيءَ گڏجاڻيءَ جي فيصلن کي بہ ڏسجي تہ ڏاڍا سُھڻا فيصلا لڳن ٿا پر انھن تي عمل ۾ ڪجھ شڪ پون ٿا ڇو تہ جنھن حڪومت جي لاڳيتي سترھن ارڙھن ورھين جي حڪمرانيءَ ۾ ڪراچي شھر اندر ٻين صوبن مان آيل ماڻھن ھٿان ريلوي لائينن ۽ انھن جي آسپاس وارين زمينن تي ٿيل غيرقانوني والار ختم نہ ٿي سگھي آھي، انھيءَ حڪومت منجھ اھڙي اُميد نظر نٿي اچي تہ ڪو جلد والار ختم ڪرائيندي ۽ ڪي سي آر تي عمل ٿيندو. ساڳي طرح ڪراچي روھڙي ٽرين سروس بہ جلد شروع ٿين جو امڪان نٿو لڳي. ڪي سي آر جو معاملو تہ سِي پيڪ رٿا سان گڏ اُٿيو ھو پر اڄ تائين صرف ڳالھيون ئي ٿي رھيون آھن.

وڏي وزير کي تہ سنڌ جون بند پيل لُُوپ لائينون بہ کولڻ جو معاملو اُٿارڻ گھرجي تہ جيئن ٽنڊي آدم، ھالا، سعيدآباد، سڪرنڊ، مورو، ٺاروشاھ، نوشھرو فيروز کان پڊعيدن ۽ پڊعيدن وايا ٺاروشاھ کان محرابپور وارو سنڌ جو اھو وڏو علائقو پاڻ ۾ وري ڳنڍجي وڃي. ساڳي طرح حيدرآباد کان لاِڙ واريون ريلوي لائينون بحال ڪرڻ جو بہ معاملو کڻڻ گھرجي.

______________     

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button