Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياوِندر

سنڌي فلم ”سنڌوءَ جي گُونج“: اڄ کان حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ نمائش شروع

ڪراچيءَ جي ٻن سئنيمائن ۾ 19 سيپٽمبر کان نمائش شروع ٿيندي. ٽن ڏھاڪن کانپوءِ ھيءَ پھرين سنڌي فلم سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿي رھي آھي

”سنڌوءَ جي گُونج“ پھرين سنڌي فلم آھي جيڪا عالمي سطح تي ڏکن ڪوريا ۽ بنگلاديش جي فني سھڪار سان تيار ٿي آھي   

ڪراچي

جڏھن سِنڌو درياھ پاڻ بہ موج مستيءَ ۾ آيو آھي تڏھن بين الاقوامي سطح تي تيار ٿيل پھرين سنڌي فيچر آرٽ فلم ”سِنڌُوءَ جي گُونج“ بہ ڊگھي انتظار کانپوءِ اڄ ٻارھين سيپٽمبر کان سنڌ جي سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿي رھي آھي.

پھرين مرحلي ۾ ھيءَ فلم ھڪ ئي وقت اڄ کان حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏيکاري پئي وڃي، جنھن کانپوءِ 19 سيپٽمبر کان ڪراچيءَ ۾ نمائش شروع ٿيندي.

حيدراباد جي سنيپيڪس سئنيما ۽ لاڙڪاڻي جي مُون پليڪس سئنيما ۾ ھيءَ فلم روزانو شام جو ڏيکاري ويندي جڏھن تہ ڪراچيءَ ۾ عسڪري ۽ ڊي ايڇ اَي واري نيوپليڪس ۾ نمائش ٿيندي.

واضح ھجي تہ ھيءَ پھرين انٽرنيشنل سنڌي فلم آھي جيڪا بنگلاديش، ڪوريا ۽ ڪجھ ٻين ملڪن  جي فني سھڪار سان ٺاھي وئي آھي. ھن فلم جي شوٽنگ تہ سنڌ ۾ سنڌوءَ ۾ ڪئي وئي پر فلم جي سموري پوسٽ پراڊڪشن ڏکڻ ڪوريا ۽ بنگلاديش ۾ ٿي.

سنڌوءَ جي گونج ۾ وجدان شاھ، انصار مھر ۽ ثمينہ اھم ڪردار طور ڪم ڪيو آھي. ھيءَ فلم سنڌو درياھ ۽ ان سان جُڙيل ماڻھن جي پنج ڪھاڻين تي مشتمل آھي.

ھن فلم جو پريمئر ھلندڙ سال جنوريءَ ۾ ڪراچيءَ جي ھڪ سئنيما ۾ ٿيو ھو جنھن تي مُلڪ جي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن تي آيل تبصرن ۾ فلم جي ڪھاڻي، ڊائلاگس ۽ پڪچرائيزيشن کي تمام گھڻو ساراھيو ويو ھو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھيءَ فلم جئپور، انڊيا جي انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ بہ نمائش لاءِ پيش ٿي ھئي جتي پڻ اُن کي تمام گھڻو ساراھيو ويو. گذريل آگيسٽ مھيني جي سترھين تاريخ تي ھيءَ فلم ڪِلائيميٽ ائڪشن سينٽر ڪراچيءَ جي نيشنل اڪئڊمي آف پرفارمنگ آرٽ ۾ ٿيل پروگرام ۾ ڏيکاري وئي. ھيءَ فلم ڪلائيميٽ ائڪشن سينٽر جي ”حياتين جو تصور ڪري“ پروگرام جي حصي طور نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي.  

فلم جي ليکڪ، پروڊيوسر ۽ ھدايتڪار راھُل اعجاز  جو چوڻ آھي تہ سنڌ جا ماڻھو سِنڌُوءَ سان جُڙيل  ماڻھن جي حياتين کي ھن فلم ۾ ڏسي سگھن ٿا. ”ھِن فلم جي ڪھآڻيءَ تي منھنجي حياتيءَ جا ڪيئي ورھيہ لڳي ويا. اھم ڳالھ ھيءَ آھي تہ فلم جي ڪھاڻي موسمياتي تبديلين جي سنڌوءَ ۽ ان سان لاڳاپيل انسانن جي حياتين تي ڇڏيل اثرن جي عڪاسي ڪري ٿي،“ ھُو چوي ٿو.   

ٻي خُوشيءَ جي ڳالھ ھيءَ آھي تہ سنڌوءَ جي گونج Indus Echoes ايندڙ آڪٽوبر مھيني ۾ لنڊن پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ بہ ڏيکاري ويندي. انگريزي اخبار ڊان لنڊن واري فلم فيسٽيول جي حوالي سان خبر شائع ڪئي ھئي تہ اھو فيسٽيول 10 کان 12 آڪٽوبر تائين جينيسز سئنيما ۽ ڪُئين ميري يونيورسٽيءَ ۾ ھلندو. ساڳي خبر ۾ چيو ويو آھي تہ فيسٽيول ۾ ڏيکارجندڙ ٻين فلمن جا تفصيل تہ اڃان ظاھر ٿيندا پر ان ڳالھ جي تصديق ٿي وئي آھي تہ سنڌي فلم سنڌوءَ جي گونج ھن سال جي فيسٽيول ۾ شامل آھي. لنڊن ۾ پاڪستاني فلمن جو فيسٽيول گذريل سال بہ ٿيو ھو.

ھدايتڪار ۽ اسڪرپٽ رائٽر راھُل اعجاز جي ھن فلم کي اھو اعزاز حاصل ٿي رھيو آھي تہ اٺاويھ ورھين جي ڊگھي عرصي کانپوءِ سنڌ جي سئنيمائن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيڻ سان سنڌي فلم انڊسٽريءَ جي بحاليءَ جو بنياد وجھي رھي آھي. جيڪڏھن سنڌي عوام ھن فلم کي سُٺي موٽ ڏني تہ نہ رُڳو ايندڙ وقت ۾ سنڌي فلمون ٺاھڻ لاءِ فلمسازن ۽ ھدايتڪارن جي ھمت افزائي ٿيندي پر سنڌي فلم انڊسٽري سنڌي ليکڪن، فنڪارن، ڪلاڪارن ۽ فلمي شعبي سان لاڳاپيل ٻين سمورن شعبن ۾ روزگار جا وڏا موقعا کُلي پوندا ۽ سنڌين کي پنھنجي صلاحيتن ڏيکارڻ جو موقعو ملندو.

 انھيءَ کان اڳ راھل اعجاز جي ھڪ شارٽ فلم ”رڻ مان لنگھندڙ ريل گاڏي“ عالمي سطح تي مڃتا ماڻي چُڪي آھي. انھيءَ فلم جا آمريڪا، ترڪي، انڊيا، ميڪسيڪو، قازان (روس) ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪوٺايل عالمي فلم فيسٽيولز ۾ يارھن پريميئر ٿيا ھئا. قازان واري انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ راھل اعجاز پاڻ بہ شريڪ ٿيو ھو.

___________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

1 رايو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button