سنڌ کي ٻن الڳ دنيائن ”شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ“ ۾ ڇو ورھايو ويو آھي؟
ڪو ماڻهو شھر مان پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ نڪري ٿو ته کيس لڳي ٿو ڄڻ ٻه ڌار ڌار دنيائون آهن. هڪ دنيا سادگي، روايتن ۽ گڏيل زندگيءَ جي ۽ ٻي وري تيز رفتاري، مقابلي ۽ جديد سهولتن واري دنيا.
شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جو تعلق سدائين مضبوط رهيو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ جوڙ ايترو ته مضبوط هو جو ڳوٺاڻن جو پورهيو شهرن تائين پهتو ٿي ۽ شهرن ۾ جيڪي ماڙيون، مندر، مسجدون، ڪاروبار ۽ علمي مرڪز تعمير ٿيا، سي سڀ ڳوٺاڻن جي پورهئي، اناج ۽ وسيلن جي مدد سان ئي قائم ٿيا
عبدالله عثمان مورائي
سنڌ جي سڃاڻپ، ان جي تاريخ، ان جي ٻولي ۽ ان جي ثقافت، گهڻو ڪري ڳوٺاڻي زندگيءَ مان جنم وٺي ٿي ۽ ان جو بنياد ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ رکيل آهي. ڳوٺن ۾ مٽيءَ جي سڳنڌ, خاص ڪري مينهن جي ڪڻين وسڻ کانپوء واري اٿندڙ خوشبو، فصلن ۽ کيتن جي ساوڪ، درياهه، ڪئنالن، ڍنڍن ۽ شاخن جو پاڻي ۽ ماڻهن جي گڏيل رهڻي ڪهڻي هميشه سنڌي سماج جي اصل قوت ۽ طاقت رهيا آهن جن هميشه سنڌي سماج کي پنهنجن پاڙُن سان ڳنڍي رکيو آهي. ان جي ابتڙ، شهر وقت سان گڏ ترقيءَ، تعليم، سياست ۽ معيشت جا مرڪز بڻجي چڪا آهن. اڄ جڏهن ڪو شهري ماڻهو پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ نڪري ٿو ته کيس لڳي ٿو ڄڻ ٻه ڌار ڌار دنيائون آهن. هڪ دنيا سادگي، روايتن ۽ گڏيل زندگيءَ جي ۽ ٻي وري تيز رفتاري، مقابلي ۽ جديد سهولتن واري دنيا.

هي مضمون انهيءَ ڳوٺاڻي ۽ شهري دنيا جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ فرقن، رابطن ۽ تڪرارن جو جائزو وٺي ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جو تعلق سدائين مضبوط رهيو آهي. تاريخي طور ٻنهي جي وچ ۾ جوڙ ايترو ته مضبوط هو جو ڳوٺاڻن جو پورهيو شهرن تائين پهتو ٿي ۽ شهرن ۾ جيڪي ماڙيون، مندر، مسجدون، ڪاروبار ۽ علمي مرڪز تعمير ٿيا، سي سڀ ڳوٺاڻن جي پورهئي، اناج ۽ وسيلن جي مدد سان ئي قائم ٿيا. ساڳي وقت، شهرن مان نڪرندڙ علم، واپار ۽ سياست وري ڳوٺن تائين پهچندا رهيا. پر هاڻوڪي دور ۾ اهو سلسلو ڪٿي نه ڪٿي ڪمزور ٿي رهيو آهي, جنهن جي ڪري ڳنڍڻ ۽ ٽوڙڻ جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيو آهي.

ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جو فرق
ڳوٺاڻي سنڌ
ڳوٺن ۾ زندگيءَ جي رفتار آهستي ۽ فطرت سان جڙيل آهي. هتي ماڻهو صبح جو ڪڪڙ جي ٻانگ, گهوڙن جي گد گد, ٻڪرين ۽ توڙي ٻين پالتو جانورن جي ٻي ٻي سان جاڳندا آهن. اتي ماڻهو صبح سان ئي فصلن ۽ کيتن جو رخ ڪندا آهن، مال جي ڌڻ جي سار سنڀال ۽ انهن کي کارائڻ پيارڻ جو بندوبست ڪندا آهن ۽ شام جو ڇٻر تي يا اوطاق ۾ گڏجي ويهي ڳالهيون ڪرڻ سندن روزمره جو حصو آهي. برادري جو احساس ايترو مضبوط هوندو آهي جو ڪنهن جي خوشي يا غم ۾ سڄو ڳوٺ گڏ هوندو آهي. سماجي سهڪار ۽ گڏيل وسيلن تي ڀاڙڻ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي خاص سڃاڻپ آهي. اتي گهڻي قدر ”مان ناهيان، اسين آهيون“ وارو احساس ڳوٺاڻي زندگيءَ جي سڃاڻپ آهي.
مقامي دستڪاري جهڙوڪ ڀرٿ ڀرڻ، ڪپڙا سبڻ، مٽيءَ جا ٿانو ٺاهڻ يا ٺڪر سازي، رلي يا سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ ٺاهڻ ۽ ان کانسواء جنڊي جو ڪم ۽ هٿ جي ڪپڙي جي صنعت به ڳوٺاڻي ڪلائن جو حصو رهي آهي.

ادب ۽ لوڪ ڪهاڻين به انهيءَ ڳوٺاڻي ماحول مان جنم ورتو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا بيت، سسئي پنهون جي ڪهاڻي، مارئيءَ جو مٽيءَ سان عشق, اهي سڀ ڳوٺاڻي ڌرتيءَ جي خوشبوءَ سان ڀرپور آهن. گهڙن, نادين، دلن ۽ مٽن ۾ پاڻي ٿڌو رکڻ جهڙيون روايتون اڄ به ڳوٺاڻي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ آهن.
شهري سنڌ
شهرن ۾ زندگي تيز، ڊجيٽل ۽ مقابلي واري آهي. هتي ماڻهو وقت سان مقابلي ۽ ڊوڙ ۾ لڳل آهن. هتي ماڻهو گهڻي قدر نوڪرين، تعليم ۽ معيشت لاءِ ڊوڙندا آهن. جديد سهولتن، جهڙوڪ وڏيون اسپتالون، سرڪاري آفيسون ۽ ڪاروبار جا مرڪز, يونيورسٽيون ۽ روزگار جا مرڪز شهرن ۾ ئي مرڪوز آهن. تنهن ڪري اتي زندگيءَ ۾ موقعا به ملن ٿا جهڙوڪ نيون سهولتون, جديد تعليم ۽ عالمي منڊين تائين پهچ.

توڙي جو شهرن ۾ تمام گهڻا ماڻهو آهن پر شهرن جي زندگيءَ ۾ اڪيلائي به وڌي ٿي، ڇو ته پاڙي وارا به هڪ ٻئي کي نٿا سڃاڻن. سماجي لاڳاپا ڪمزور ۽ اڪيلائپ وڌيڪ غالب آهي ۽ ماڻهو گهڻو ڪري فردي زندگي گذارين ٿا ۽ پنهنجي ذاتي دنيا ۾ محدود رهندا آهن, تنهن ڪري شهري ماڻهن کي ڳوٺاڻن جيان گڏيل ڀائپي ۽ اجتماعي سهڪار گهٽ ملي ٿو.
ڳوٺن مان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ جا سبب ۽ اثر
سنڌ جي سماجي ڍانچي ۾ لڏپلاڻ هڪ وڏي تبديلي آندي آهي. ان جا سبب ڪافي ٿي سگهن ٿا پر مک سببن ۾ ڳوٺن ۾ تعليم ۽ صحت جي گهٽتائي، روزگار جا محدود وسيلا ۽ موقعا، سماجي ناانصافيون ۽ وسيلن جي اڻ برابري آهن.

شهرن تي اثر
وڌندڙ آبادي سان گڏ پاڻي، بجلي، رهائش ۽ ٽرانسپورٽ تي دٻاءُ وڌي ٿو. بيروزگاري ۽ سماجي مسئلا به اڀرن ٿا. ڪيترن شهرن ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڳوٺاڻن جي اچڻ سان سستي مزدوري ته دستياب ٿئي ٿي پر ساڳئي وقت وسيلن جي کوٽ جو احساس به وڌي وڃي ٿو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جهڙا شهر لڏپلاڻ سبب ڳوٺاڻن ۽ شهري روايتن جي ميلاپ سان نيون ثقافتي تصويرون به ٺاهين ٿا، پر اتي وسيلن جي کوٽ ۽ افراتفري پڻ نظر اچي ٿي.
ڳوٺن تي اثر
جڏهن ڳوٺ جو پڙهيل، محنتي ۽ نوجوان طبقو لڏي وڃي ٿو ته ڳوٺ زرعي لحاظ کان ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ڪيترن ڳوٺن ۾ ڏٺو ويو آهي ته زراعت ۽ زمينن تي ڪم ڪرڻ لاءِ هٿ گهٽجي وڃن ٿا ۽ مقامي صنعتون زوال جو شڪار ٿيون آهن. ڪيترن ڳوٺن ۾ اوطاقون خالي ٿي ويون آهن ۽ ثقافتي ميلا به اڳي جيترا زنده ناهن رهيا.
تعلق کي مضبوط ڪرڻ جا طريقا
شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جي وچ ۾ تعلق کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ لاءِ رڳو لفظي ڳالهين کان وڌيڪ عملي قدم کڻڻا پوندا, مثال طور:
تعليم ۽ مهارتن جي ورڇ
جيڪي ماڻهو شهرن ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا يا روزگار ۾ اڳتي وڌن ٿا، اهي جيڪڏهن پنهنجي ڳوٺن سان رابطي ۾ رهن ته ڳوٺاڻن لاءِ نوان در کولي سگهن ٿا. اهي پنهنجي ڳوٺن ۾ اسڪولن، لائبريرين ۽ تربيتي مرڪزن جو قيام ڪن. اهڙي ريت علم جو وهڪرو ٻنهي طرفن ۾ جاري رهندو.
مقامي صنعتن ۽ ڪاروبار کي وڌائڻ
زرعي پيداوار ۽ دستڪاريءَ کي جديد مارڪيٽن سان ڳنڍڻ ضروري آهي. مثال طور، ڳوٺاڻيون رليون، ٿانو يا زرعي شيون شهري مارڪيٽن ۽ آن لائين پليٽ فارمن تي پهچائي سگهجن ٿيون. اهڙي طريقي سان ڳوٺاڻن کي پنهنجي ئي علائقي ۾ روزگار جا موقعا ملندا.

ادب ۽ ثقافت جو ڪردار ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ
سنڌي ادب سدائين ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ جي رابطن کي اجاگر ڪيو آهي. شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڳوٺاڻن جي زندگيءَ جا سڀ رنگ موجود آهن مثال طور, مارئيءَ جو ڳوٺ سان عشق، سسئيءَ جو ريگستان ۾ سفر، يا پنهونءَ جو واپار سان تعلق. ساڳي وقت، جديد سنڌي اديبن شهري زندگيءَ جي بيگانگي، اڪيلائي ۽ نون مسئلن کي به سامهون آندو آهي.
سچ ته ادب ئي اها پُل آهي، جيڪا ڳوٺ ۽ شهر جي وچ ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪري ٿي. لوڪ ميلا، موسيقي، دستڪاري ۽ ڪهاڻيون ٻنهي علائقن کي گڏ رکڻ لاءِ هڪ ثقافتي طاقت آهن.
شهري علائقن ۾ ڳوٺاڻي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميلا، نمائشون ۽ پروگرام منعقد ٿيڻ گهرجن. ان سان نه صرف ڳوٺاڻن کي فائدو ٿيندو پر شهري نوجوان به پنهنجن جڙن سان واقف ٿيندا. اسڪول ۽ يونيورسٽيون شاگردن کي ڳوٺاڻن علائقن جي دورن تي وٺي وڃن، جيئن هو پنهنجي ثقافت جي جڙن کي سمجهي سگهن.
بنيادي سهولتن ۾ برابري
حڪومت کي گهرجي ته ڳوٺن ۾ اسپتالن، اسڪولن، روڊن ۽ پاڻيءَ جي سهولتن کي بهتر ۽ شهري معيار جي برابر مهيا ڪري ته جيئن ڳوٺاڻو ماڻهو لڏپلاڻ بدران پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي باعزت زندگي گذاري سگهي. جيڪڏهن ڳوٺاڻو ماڻهو پنهنجي ئي علائقي يا ڳوٺ ۾ سٺي زندگي گذاري سگهي ته لڏپلاڻ جو دٻاءُ پاڻمرادو گهٽجي ويندو.
آخر ۾ حاصل مقصد ته، شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جو تعلق رڳو سماجي يا اقتصادي نه، پر هڪ تاريخي، ثقافتي ۽ جذباتي ڳانڍاپو آهي. سنڌ جي اصل طاقت تڏهن ظاهر ٿيندي جڏهن ٻنهي علائقن جا ماڻهو هڪ ٻئي کي مڪمل طور سمجهن ۽ عزت ڏين. شهرن جا ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي وسيلن مان ٿورو حصو ڳوٺن لاءِ ڪڍن ۽ ڳوٺاڻا ماڻهو پنهنجي روايتن ۽ ثقافت کي زنده رکن ته پوءِ هڪ اهڙو متوازن سماج پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ لاءِ ماڊل بڻجي سگهي ٿو.
سنڌ جي ترقي، اتحاد ۽ سڃاڻپ لاءِ اهو لازمي آهي ته شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ پاڻ کي ڌار نه پر هڪ ٻئي جو مڪمل ۽ لازمي حصو سمجهن. گڏجي اڳتي وڌڻ ئي حقيقي ترقي جو رستو آهي.
______________

عبداللہ عثمان مورائي، سنڌ جي شھر مورو جو آھي ۽ سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ انگريزي، سنڌي توڙي اردو ٻولين ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکي ٿو