بدليو تہ ڇا بدليو، سنڌ جون حالتون تہ اڄ بہ ساڳيون آھن
سنڌ جو غريب ماڻھو ھن طوفاني بارشن ۾ بي حال بي يارو مددگار ڇو آھي.؟ اجھي اٽي ۽ لٽي لاءِ ھن جون اکيون ڇو ڀنل ڀنل آھن؟ ھن جا سُڏڪا ڇو ننڌڙڪا بڻجي ويا آھن، جنھن جي ڪو واھر ڪرڻ وارو ئي ڪونھي
اسان جا اديب محدود نظرين جي قلعن ڪوٽن ۾ قيد ٿي سماجي زندگيءَ جي اھنجن ايذائن ۽ ڏکن ڏولائن کان فراريت ڇو ٿا چاھين؟
رشيد احمد خاصخيلي
زندگيءَ جا ڪيترائي پاسا آھن جن تي لکين ڪتاب ترتيب ڏنا ويا آھن پر سڀ کان وڌ جيڪا زندگيءَ جي ڪھاڻي آھي اُھا بک بدحالي ۽ دربدريءَ تي مشتمل آھي. انھيءَ ڪھاڻيءَ لکين سالن کان ڪيتريون ئي تڪليفون پنھنجي ڪُلھن تي کڻي اڻ ڳڻت ورھين جا لنگھ لتاڙي اڻڳڻيون ھجرتون ڪيون آھن. نہ صرف اڻڳڻيون ھجرتون ھن ڪھاڻيءَ جي حصي ۾ آيون آھن پر ھن تہ ڪيترائي مُھانڊا بہ مٽايا آھن. پر جيڪڏھن ڪا شئي ھن ڪھاڻي مان نہ ميسارجي سگھي آھي، اُھا بک بدحالي ۽ دربدري ئي آھي.
پر افسوس جوالميو اُھو آھي تہ ھن ڪھاڻيءَ کي ھر دور ۾ نظر انداز ڪيو ويو آھي.جيئن اڄ جي دور ۾ ڪيو پيو وڃي. ٻي دنيا کي في الحال وقتي طور ڇڏي جيڪڏھن پاڻ سنڌ ۽ سنڌي عام ماڻھن جي زندگيءَ تي نظر وجھون ٿا تہ ساڳي مٿين ڪھاڻي سميت اُھي سڀئي ماڻھو اسان کي سنڌ جي ھر دور جي تاريخ ۾ (شاھ عبدالطيف جي دور کي ڇڏي ڪري ) مبھم ئي نظر اچن ٿا. اُھو ڪو فطري نيم تہ ھرگز نہ ھو. پوءِ آخر ان ڪھاڻيءَ کي ادب جي آئيني کان ڇو ڏور رکيو ويو؟ ھا اُھا ڪھاڻي جيڪا جُھريل جھوپڙي بہ آھي تہ ٻڏندڙ ننڍڙو ٻارڙو بہ آھي، تہ غريب گھر جي ٺريل چُلھ بہ آھي. جيڪا چُلھ مُدت کان ٻارڙن جي ننڍڙين اکين جي آس ۽ اميد جو بھرجھلو بہ آھي، جنھن کي آسمان جي خدا نہ پر زميني خدائن سماجي ڌڙن کان ويندي جديد دور جي رياستن تائين ٺارڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي آھي، ۽ ان ڪوشش ۾ ھو ڪامياب بہ ويا آھن؟ آخر انھن جي ڪاميابيءَ پويان ڪنھن جا ھٿ آھن.! ڪٿي انھن جي ڪاميابيءَ پويان ساڳي رجعت پرست روايتي سوچ رکندڙ شاعرن اديبن ليکن جا ئي تہ ھٿ ڪونھن.؟ جيڪي پنھنجي عارضي آسائش خاطر پنھنجي قبلي قوم کي بہ کپائڻ ۾ دير ناھن ڪندا. ھي نہ صرف پنھنجو ضمير وڪڻندا آھن پر پنھنجي قوم جا تاريخي اھڃاڻ ۽ وقت جا دلير خود دار ڪردار بہ ميسارڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪندا آھن. ان جا ڪيترائي مثال اسان کي وک وک تي ملندا. پاڻ سوچون ارڙو جي ديش ڀڳت راجا موسيڪانس کان ھيمون ڪالاڻيءَ تائين ۽ ھيمون ڪالاڻي کان ويندي جي ايم سيد، آريسر ۽ بشير خان قريشي تائين، ھنن انھن خود دار ڪردارن تي الزامن ۽ بھتانن جي برکا ناھي ڪئي؟ جن ڪردارن ھن ديس جي امن امان ۽ شادابيءَ جا خواب ڏٺا ۽ انھن کي تعبير جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ پنھنجو نور نچويو، پنھنجي ذھن قلم ۽ عمل کان ڪم ورتو، تہ جيئن سنڌ ۽ سنڌ جو غريب ڏتڙيل ماڻھو سُک جو ساھ کڻي.
آخر اسان جي گھڻ ڀاڱي شاعر، ليکڪ ۽ اديب ادب براءِ زندگي کي ڇڏي ادب براءِ ادب جي واڳ ئي ڇو جھلي آھي، ڪٿي ادب براءِ ادب پويان ھيڪلي يا چئجي انفرادي آسائش ئي تہ وجود نہ ٿي رکي، يقينن ائين ئي آھي. ادب براءِ ادب وارا چاھين ٿا تہ سندن ۽ عوام جي جمالياتي نفسياتي جنسياتي ۽ جسماني خواھشن جي تسڪين لاءِ ئي قلم کي ڪم آڻين. ايئن ڪرڻ سان ھي شعور کي اوسر ڏيڻ بجاءِ مونجھاري ۾ ڦٽو ڪري سگھندا، جنھن پڄاڻان ھي ذھني عياشي ۽ تسڪين جي راند ۾ اولين ايندا.
جي ايئن ناھي تہ پوءِ اڄ ھي سنڌ جو غريب ماڻھو ھن طوفاني بارشن ۾ بي حال بي يارو مددگار ڇو آھي.؟ اجھي اٽي ۽ لٽي لاءِ ھن جون اکيون ڇو ڀنل ڀنل آھن؟ ھن جا سُڏڪا ڇو ننڌڙڪا بڻجي ويا آھن، جنھن جي ڪو واھر ڪرڻ وارو ئي ڪونھي، ڇا اُھا آسمان جي خدا جي روش آھي يا ھيٺ ڌرتيءَ تي پيدا ٿيل زميني خدائن جي ڪرتا ڌرتا، جن زميني خدائن جا ھٿ مظبوط ڪرڻ ۾ وري بہ اول اول وقت جو شاعر ليکڪ ۽ اديب ئي بيٺل نظر اچي ٿو! ادب براءِ زندگيءَ جا درس تہ اسان کي ھر وقت جي سچار ڏاھي ڏنا آھن، پوءِ اسان اُھا واٽ ڀُلجي ادب براءِ ادب جي رستي جا راھي ئي ڇو ٿيا آھيون؟
لينن تہ لکيو ھو ” ادب ھڪ آئينو آھي. جيڪو آئينو صحيح ۽ حقيقي عڪس پيش نہ ڪري، سو آئينو نہ سڏبو. ان جي وڌيڪ اُپٽار ڪندي ھن پنھنجي مضمون ” بورجوا رسالي بابت“ ۾ چيو آھي تہ ” صحيح ۽ سچو اديب عام ۽ ڄاتل حقيقتن جو نقش چٽي پڙھندڙ کي مطالعي ۽ سوچڻ جي راھ تي وٺي ايندو آھي. سادن دليلن ۽ کُپي ويندڙ مثالن سان ھو انھن کي حقيقتن مان اھم ۽ چيدا نتيجا ڪڍي ڏيکاريندو آھي، ۽ پڙھندڙ جي ذھن ۾ زندگيءَ ۽ زندگيءَ جي حقيقتن بابت نوان نوان سوال اڀاريندو آھي.
مائوزي تنگ پڻ چيو آھي” ادب ۽ فن جي تنقيد جا ٻہ پھلو يا پاسا آھن ھڪ سياسي ۽ ٻيو فني. سياسي پھلو فني پھلوءَ جي برابر نٿو ٿي سگھي ۽ فني سياسي تي حاوي يا ڀاري نٿو ٿي سگھي. ٻنھي جو سنگم ضروري آھي ھڪ بامقصد اشتراڪ، فن ۽ سياست جو ايڪو. وطن دوست انقلابي سياسي مراد ۽ ممڪن حد تائين فني خوبي ۽ سُونھن واري ھيئت جو ايڪو يا ميلاپ. جنھن فن پاري ۾ فني خوبيءَ جي گھٽتائي آھي، تہ ان ۾ ڪوبہ اثر ۽ زور نہ ھوندو، پوءِ کڻي اھو ڪيترو بہ ترقي پسند ڇو نہ ھُجي. ان ڪري اسان ٻنھي ڳالھين جا مخالف آھيون، يعني اھڙا فني شاھڪار جنھن ۾ عوامي تحريڪن لاءِ غلط سياسي نظريو ھُجي ۽ اھڙي اشتھار بازي يا نعري بازي جا سياسي طور کڻي صحيح بہ ھجي. پر فني خوبي ۽ سونھن کان پالھي ھجي.“
پئبلو نرودا جو چوڻ آھي ” مان جو ڪجھ ڏسان ٿو ۽ محسوس ڪريان ٿو سو ئي لکان ٿو. منھنجي شاعريءَ ۾ سونھن ۽ عظمت ان ڪري آھي جو مان سموري انسان ذات جي خوشين ۽ آرزوئن جو وڪيل آھيان، مان چاھيان ٿو تہ مسرتون ۽ خوشيون ساري انسان ذات جو مقدر بڻجن.“
ساڳي تناظر ۾ ھڪ دفعي ميڪسم گورڪيءَ کان ڪانسٽنٽائن فيلڊن، سوال ڪيو تہ ” ڪيئن لکڻ گُھرجي.؟ ان جي جواب ۾ گورڪيءَ کيس لکيو، ڪيئن لکجي .؟ اھو واقعي ھڪ گنڀير سوال آھي. ان مون کي بہ ڪافي پريشان ۽ ھلاڪ ڪيو آھي ۽ اڃا تائين ڪري رھيو آھي، ۽ پيو ڪندو. مون وٽ ان جو جواب اھو ھوندو آھي تہ مان ڪھڙي نموني لکان، جو ماڻھو کڻي ڪير بہ ھجي، ڪيئن بہ ھجي، ڪٿي بہ ھجي، ڪھاڻيءَ جي صفحن تي ائين اڀري اچي ۽ نگاھجي، جيئن پنھنجي حقيقي زندگيءَ ۾ نگاھجي ٿو، ۽ جيئن مان ھن کي ڏسان ٿو ۽ محسوس ڪريان ٿو.“
نہ صرف گورڪيءَ فيلڊن کي جواب لکيو ھو پر ھن تہ ايڇ جي ويلس، مشھور سائنسي فڪشن لکندڙ ڏانھن پڻ لکيو ھو ” ڪڏھن ڪڏھن مون کي لڳندو آھي تہ مون تي الھام پيو ٿئي، ۽ ماڻھن جي بدبختيءَ ۽ پيڙا تي منھنجو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مون کي چڱو چوکو پيغمبر ٿا بڻائين، يا وڌيڪ واضح ۽ سٺن لفظن ۾ کڻي ايئن چوان تہ بديءَ ۽ بڇڙائي خلاف نيڪيءَ جو پيغمبر.“
گورڪيءَ تہ ان ڳالھ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ وقت جي ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ کي بہ ھڪ خط ۾ لکيو ھو ۽ ھن جو ڌيان ڇڪايو ھو تہ” ھو عوام سان رشتا ناتا ٽوڙي چڪو ھو، ان جو آواز نہ پئي ٻڌي سگھيو، ان ڪري ٽالسٽاءِ عوام جي امنگن ۽ خواھشن عام ڪمي ڪاسبيءَ جي حياتي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي عڪاسي صحيح ۽ حقيقت پسند نموني نہ پئي ڪري سگھيو.“
اسين محدود نظرين جي قلعن ڪوٽن ۾ قيد ٿي سماجي زندگيءَ جي اھنجن ايذائن ۽ ڏکن ڏولائن کان فراريت ڇو پيا چاھيون؟ ڇا سماجي زندگي، بذات خود ھڪ مسلسل ارتقاء پذير منشور ۽ نظريو ناھي.؟ سماجي زندگي جي نظريي کان متاثر ٿيڻ ھڪ حساس ۽ باشعور اديب لاءِ تہ انتھائي ضروري آھي.
۽ ان ڳالھ جو ادراڪ گوشہ نشني اختيار ڪندڙ بنگال جي مھا ڪوي رابند ناٿ ٽئگور کي ٿيو ھو جنھن واضح چيو آھي ” نون اديبن کي انسان سان ملي جُلي پاڻ سڃاڻڻ گھرجي. مون جيان گوشہ نشين ٿي ڪري ڪم نہ ھلي سگھندو. گھڻو عرصو عوام کان الڳ رھي، پنھنجي رياضت ۾ گم ٿي جا مون غلطي ڪئي آھي، سان مون ھاڻي محسوس ڪئي آھي. منھنجي ڄاڻ ۽ سمجھ جي اھا تقاضا آھي تہ انسانيت ۽ سماج سان پيار ڪرڻ گُھرجي. جي ادب انسانيت سان ھم آھنگ نہ آھي تہ اھو ناڪام ۽ نامراد آھي.“
(نوٽ: ھي مضمون 2022ع واري برساتن ۽ ٻوڏ کي مدي نظر رکي لکيو ويو ھو. غور ڪجي تہ ھنيئر بہ حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون)
_________________