آخري غلام _ حيدرآباد جي فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪيل سنڌي فلم
حيدرآباد ۾ 5 آگسٽ کان 12 آگسٽ تائين فلم فيسٽيول منعقد ٿيو. ميلي ۾ 8 فلمون ڏيکاريون ويون. انهن ۾ پهرين سنڌي فلم ‘آخري غلام’ ڏيکاري وئي. فلم جو پسمنظر روايتي جاگيرداراڻو سماج آهي
عزيز ڪنگراڻي
پارس رياض ويلفيئر آرگنائيزيشن ۽ علي بابا ميڊيا گروپ حيدرآباد طرفان بمبينو سئنيما حيدرآباد ۾ 5 آگسٽ کان 12 آگسٽ تائين فلم فيسٽيول منعقد ٿيو. ان ميلي ۾ 8 فلمون ڏيکاريون ويون. انهن ۾ پهرين سنڌي فلم ‘آخري غلام’ پڻ ڏيکاري وئي جنهن جو ليکڪ، ۽ ڊائريڪٽر نظر رونجهو هو. هن فلم ۾ مک ڪردار ۾ نظر رونجهو، رمشا شهزادي، ذوالفقار بڙدي، ايس ڀٽي ۽ يونس سنائي هئا. فلم منفرد پلاٽ يا مرڪزي خيال سان گڏوگڏ ھدايتڪاري جي لحاظ کان سڀني پيش ڪيل فلمن ۾ بهترين فلم قرار ڏئي وئي.
نظر رونجهو نهايت ذهين نوجوان آهي. فلم، ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن جو بهترين اداڪار، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر آهي. هن ڪيتريون ئي بهترين فلمون ۽ ڪامياب اسٽيج ڊراما لکيا ۽ پيش ڪيا آهن. نجي چئنلن جي ڪيترين ئي ڊراما سيريلز ۾ اداڪاري ڪئي آهي. نظر رونجھي سان منهنجي شناسائي 1984ع کان آهي، جڏهن مان مانجهند مڊل اسڪول ۾ استاد هوس. هيءُ مون وٽ مانجهند مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو. تڏهن مونکي سُڌ نه هئي ته هن وٽ اها ذهانت ۽ شوق به آهي. سال کان پوءِ مان جوهي بدلي ٿي آيو هئس پر ساڻس ميل جول ۽ ڳانڍاپو اڄ به آهي.
فلم جو پسمنظر روايتي جاگيرداراڻو سماج آهي، جنهن ۾ هڪ منفي وڏيرو پنهنجي منفي خانداني يا نسلن کان بڻيل ڇاڙتي يا غلام معرفت دٻدٻو قائم رکڻ لاءِ قتل غارت کان به نه ڪيٻائيندو آهي. فلم ۾ هڪ مثبت وڏيرو پڻ ڏيکاريو آهي جيڪو منفي وڏيري ۽ سندس ڇاڙتي يا غلام جي بربريت خلاف آهي. فلم جو مرڪزي خيال اهو آهي ته تعليم ذريعي ئي جاگيرداراڻي سماج، جاگيرداري نظام جي غلامي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. غلام جي وحشي ڪردار جو ٽڪراءُ هڪ ماسترياڻي سان ٿئي ٿو. ماسترياڻي جو ڪردار هڪ مثبت، اڏول ماڊل ۽ سوشيو ريئلزم جي فني ٽيڪنڪ تحت سرجيل ڪردار آهي.
حقيقت ۾ فلم ۾ ماسترياڻي جو اهم ۽ مک ڪردار آهي جيڪو ان بڇ تي خونريزي جي قائل نسلي غلام ڪردار ۾ مثبت سوچ پيدا ڪري ٿي. ٽڪراءُ بعد منفي ڪردار غلام جي سوچ ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿئي ٿي. ايستائين جو ماسترياڻي کان متاثر ٿي غلام ڪردار ماسترياڻي سان پيار ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ماسترياڻي به ڏانهس مائل ٿئي ٿي.
منفي ڪردار غلام جي سوچ ۾ تبديلي اچي ٿي ته پنهنجي آقا جاگيردار جي حڪم جي تعميل کان انڪار ڪري ٿو ته سندس ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ ۾ ماٺار اچي وڃي ٿي. منفي ڪردار وارو جاگيردار هيڻو ٿي وڃي ٿو.
هڪ ڏينهن اهو به اچي ٿو جو منفي وڏيرو جڏهن پنهنجي نسلن کان غلام تي ڏمرجي ٿو ته غلام اهو چئي هليو وڃي ٿو ته، “مون کي منهنجي خاندان مان آخري غلام سمجھ. هاڻ منهنجي خاندان منجهان مان آخري غلام رهيس. جيستائين زنده هوندس تيسائين تنهنجي ڏاڍ جي مخالفت پڻ ڪندس.”
در اصل سماجي تبديلي لاءِ اهڙين فلمن ۽ ڊرامن جي اشد ضرورت آهي جن وسيلي عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ جاگيرداراڻي سماج جي زنجيرن مان آجائپ ماڻي سگهن.
___________
عزيز ڪنگراڻي سنڌ ناميارو ليکڪ ۽ محقق آھي