پاڪستان ۾ روڊ حادثا ھڪ خوفناڪ حقيقت بڻجي چُڪا آھن
پاڪستان ۾ اھڙا ماڻھو ڊرائيور بڻجي ويندا آهن جن کي نه ٽريفڪ جي بنيادي قانونن جي ڄاڻ هوندي آهي نه ئي هو روڊ جي نشانين کان واقف هوندا آهن
ڊرائيونگ لائسنس جي سخت نظام ئي روڊن تي زندگي بچائڻ جو هڪ واحد رستو آھي
عبدالله عثمان مورائي
اڄ جي دور ۾ جتي زندگي تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي اتي گاڏيون اسان جي روزمره جي معمول جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويون آهن. هر گهر ۾ ڪار، موٽرسائيڪل يا ڪنهن ٻي گاڏي جو هجڻ هڪ عام ڳالهه آهي. روڊن تي ڊوڙندڙ ڪارون، موٽرسائيڪلون، بسون ۽ ٽرڪون انساني ترقيءَ جي علامت ته آهن پر ساڳئي وقت انهن جو غلط استعمال بيشمار مسئلا به پيدا ڪري رهيو آهي جن مان هڪ اهم مسئلو روڊ حادثا آهن.
هر روز اخبارن ۽ ٽيليويزن تي اسان روڊ حادثن جي خوفناڪ خبرن بابت ٻڌون ۽ پڙهون ٿا جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگي وڃائي ويهن ٿا ۽ ان کان به وڌيڪ ماڻهو جسماني ۽ ذهني معذوري جو شڪار ٿين ٿا. ان مسئلي جي پاڙ تائين پهچڻ لاءِ اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته هي حادثا رڳو قسمت جي ڪري نه ٿيندا آهن بلڪه ان جي پويان هڪ وڏو سبب ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ جو نظام آهي. ڊرائيونگ لائسنس صرف هڪ اجازت نامو ناهي پر اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان کي حاصل ڪندڙ شخص روڊ تي ڊرائيونگ جي اصولن ۽ قانونن کان واقف آهي. هڪ سخت ڊرائيونگ لائسنس جو نظام نه رڳو ڊرائيور جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو پر عام عوام جي زندگين جو بچاءُ به ڪري ٿو.

پاڪستان ۾ روڊن جي بي پرواهي جو سلسلو: پاڪستان ۾ روڊ حادثا هڪ خوفناڪ حقيقت بڻجي چڪا آهن. هر روز اخبارن ۽ خبرن ۾ اسان روڊ حادثن سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان بابت پڙهون ۽ ٻڌون ٿا. پاڪستان ۾ روڊن تي هلندڙ بي پرواهي ۽ لاپرواهي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اتي ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ ڪيترو آسان آهي.
ڪيترا ئي ڊرائيور جن کي نه ته ڊرائيونگ جا پوري طرح اصول معلوم آهن ۽ نه ئي هو روڊ جي قانونن کان واقف آهن پر اهي اڄ به ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ صرف هڪ سادي ٽيسٽ ڏيڻ سان يا ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ته رشوت ڏيڻ سان لائسنس حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙي طرح اهي ڊرائيور بڻجي ويندا آهن جن کي نه ته ٽريفڪ جي بنيادي قانونن جي ڄاڻ هوندي آهي نه ئي هو روڊ جي نشانين کان واقف هوندا آهن ۽ نه ئي هو ڊرائيونگ جي احتياطي تدبيرن کان واقف هوندا آهن.
ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته روڊن تي هر وقت افراتفري رهندي آهي. موٽرسائيڪل سوار بغير ڪنهن ٽريننگ جي شهري رستن تي غلط پاسن کان گذري رهيا هوندا آهن، ڪار ڊرائيور اشارن جي پرواهه نه ڪندا آهن ۽ وڏين ۽ هيوي گاڏين جا هلائيندڙ بنا ڪنهن ڏکيائي جي لائسنس وٺي روڊن تي هلندا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ حادثا ٿيندا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ روڊن تي پنڌ هلندڙ، سائيڪل سوار ۽ ٻيا معصوم مسافر هر وقت خطري ۾ رهن ٿا. اهو رڳو حادثن جو مسئلو ناهي پر اهو هڪ ذهنيت جو مسئلو آهي. جڏهن هڪ شخص سولائيء سان لائسنس حاصل ڪري ٿو ته ان کي اها ذميواري محسوس نه ٿيندي آهي جيڪا روڊ تي هر فرد جي حفاظت لاءِ ضروري آهي. ان ڪري اڪثر ڊرائيور روڊ کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي هلائيندا آهن جنهن جي ڪري هر روز تمام گهڻا خاندان پنهنجن پيارن کان ھميشه لاءِ محروم ٿي ويندا آهن.
نارڊڪ ملڪ: نظم و ضبط ۽ حفاظت جو نمونو: پاڪستان جي برعڪس دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جتي روڊن جي حفاظت کي انتهائي اهميت ڏني ويندي آهي. ان جو سڀ کان بهترين مثال نارڊڪ ملڪ جهڙوڪ سئيڊن، ناروي، ۽ ڊينمارڪ آهن. انهن ملڪن ۾ ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ هڪ انتهائي مهانگو، ڊگهو ۽ سخت عمل آهي. لائسنس جي تياري ۾ مهينا بلڪه سال به لڳي سگهن ٿا. اکين جي ٽيسٽ ۽ ان جو سرٽيفڪيٽ، هڪ خاص ڪورس جنهن ۾ اهو سمجهايو ويندو آهي ته تيز رفتاري يا برف يا مينهن ۾ اوچتو بريڪ لڳائڻ سان گاڏي ڪيترون ڦيراٽيون کائي سگهي ٿي يا نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ سان ماڻهو ڪيتري نقصان ۾ پنجي سگهي ٿو يا ٻن گاڏين جي وچ ۾ ڪيترو مفاصلو هجڻ گهرجي وغيره. ان کان پوء پهرين ڊرائيور کي هڪ مڪمل نظرياتي امتحان (Theory Test) پاس ڪرڻو پوندو آهي جنهن ۾ صرف روڊ جي قانونن بابت نه پر ٽريفڪ جي نفسيات، خطرن کي سمجهڻ ۽ موسم جي مختلف حالتن (جهڙوڪ برف ۽ برسات) ۾ ڊرائيونگ ڪرڻ جي اصولن بابت سوال پڇيا ويندا آهن. هي امتحان ايترو سخت هوندو آهي جو پهريون ڀيرو اڪثر ماڻهو پاس نه ڪري سگهندا آهن.
ان کان پوءِ عملي ٽيسٽ (Practical Test) ڏيڻي پوندي آهي. هن امتحان ۾ هڪ ماهر انسپيڪٽر ڊرائيور سان گڏ هوندو آهي، جيڪو ڊرائيور جي هر حرڪت تي گهري نظر رکندو آهي. ڊرائيور کي نه رڳو گاڏي صحيح نموني هلائڻي پوندي آهي پر هن کي پريشان ڪندڙ حالتن ۾ به پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول رکڻو پوندو آهي ۽ درست فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت ڏيڻو پوندو آهي. مثال طور جيئن شهري علائقن ۾ سوڙهين جاين تي پارڪنگ ڪرڻ، ٽريفڪ جي سرڪلس کي يا رائونڊ ابائوٽس کي منهن ڏيڻ ۽ تيز رفتار روڊن تي داخل ٿيڻ جهڙن مرحلن وغيره مان گذرڻو پوندو آهي. انهن مٿين ڳالهين کان سواء ٻيون به ڪافي ڳاليهون پڙهايون ۽ سمجهايون وينديون آهن. مون پاڻ اهو ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل وارو امتحان ٻن ٽن دفعن کان پوء پاس ڪيو هو.

جيڪڏهن ڪنهن به مرحلي ۾ ڊرائيور ڪا به غلطي ڪندو آهي ته ان کي فوري طور ناڪام قرار ڏنو ويندو آهي. ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته جيڪو به شخص لائسنس حاصل ڪري ٿو اهو هڪ مڪمل ڄاڻو، ذميوار ۽ باصلاحيت ڊرائيور هوندو آهي. هنن ملڪن ۾ روڊ حادثن جي شرح تمام گهٽ آهي ڇاڪاڻ ته اتي ڊرائيونگ کي هڪ وڏي ذميواري طور ڏٺو ويندو آهي.
لائسنس کان اڳتي: وسيع سماجي اثر: سخت ڊرائيونگ لائسنس جا فائدا صرف انساني جانين جي بچاءُ تائين محدود نه آهن. ان جا معاشي ۽ سماجي فائدا به گهڻا آهن. روڊ حادثن ۾ گهٽتائي سان گاڏين جو نقصان گهٽجي ٿو، جنهن سان ملڪ جي معيشت کي فائدو ٿيندو. حادثن جي نتيجي ۾ اسپتالن ۽ صحت جي نظام تي پوندڙ بار به گهٽجي ويندو. ان کان علاوه جڏهن ماڻهو روڊن کي محفوظ محسوس ڪندا ته ان سان سماج ۾ اعتماد ۽ نظم و ضبط وڌندو جيڪو روڊ ريج (Road Rage) ۽ جارحاڻي ڊرائيونگ کي گهٽائيندو. مختصر لفظن ۾ ته هڪ سخت لائسنس جو نظام هڪ مضبوط سماج جو آئينو آهي.

هن ڪالم جو حاصل مقصد ته پاڪستان جهڙي ملڪ کي هن وقت سخت ڊرائيونگ لائسنس جي نظام جي لاء هڪ انقلابي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. اسان کي نارڊڪ ملڪن جي ماڊل مان سکڻ گهرجي ۽ لائسنس جي حاصلات جي عمل کي مڪمل طور تي سخت ۽ غير لچڪدار بڻائڻ گهرجي. ڊرائيونگ کي هڪ سهڻي مهارت نه پر هڪ ذميواري طور ڏسڻ گهرجي جنهن لاءِ مڪمل تربيت ۽ تجربو ضروري آهي. جڏهن اسان جو ملڪ ۽ حڪومتون ان ڳالهه تي ڌيان ڏينديون ته رڳو اهي ئي ماڻهو گاڏيون هلائيندا جيڪي پوري طرح تربيت يافته ۽ ذميوار هوندا تڏهن اسان جي روڊن تي حفاظت جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو ۽ اسين بي معنيٰ حادثن ۾ انساني جانين جي وڏي نقصان کان بچي سگهنداسين. آخرڪار، ڊرائيونگ لائسنس هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي بلڪه اهو انساني زندگين جي حفاظت جو ضامن آهي. اچو ته اسان ڊرائيونگ لائسنس کي عزت ۽ ذميواريءَ جي علامت بڻايون ته جيئن اسان جو مستقبل محفوظ ٿي سگهي.
_____________
عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر ۽ ناميارو ليکڪ آھي