ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن طرفان غزہ ۾ اسرائيلي حملي ۽ صحافين جي شھادت جي مذمت
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن انھيءَ اسرائيلي حملي کي عالمي انساني قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ صحافتي آزاديءَ لاءِ وڏو خطرو سمجھي ٿي
سيئول، ڏکڻ ڪوريا
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن (AJA) اسرائيل جي ھوائي حملي کي سخت ننديو آهي جنھن سان غزہ ۾ رپورٽنگ ڪندڙ الجزيرہ ٽي ويءَ جا پنج صحافي شهيد ٿي ويا. ڏکڻ ڪوريا واري پنھنجي ھيڊ ڪوارٽر مان جاري ڪيل بيان ۾ صحافين جي تنظيم ان واقعي جي مڪمل ۽ آزاد تحقيق ڪرائڻ جي گُھر ڪئي آهي.
سانحي موجب 11 آگسٽ 2025 تي الجزيرہ جا پنج صحافي، جن ۾ ٻہ نمائندہ اَنس الشريف ۽ محمد قُريقہ، ڪئميرا آپريٽر اِبراھيم ظاھر، محمد نوفل ۽ نعمان علوا، غزہ شھر جي شفا اسپتال ويجھو پريس ٽينٽ اندر ڪم ڪري رھيا ھئا تہ اسرائين ھوائي حملو ڪيو ۽ اھي سڀ شھيد ٿي ويا.
اھي صحافي جنگ جي تباھيءَ جون حقيقتون ۽ سچ دنيا کي ٻُڌائڻ لاءِ پنھنجو صحافتي فرض انجام ڏئي رھيا ھئا.
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن انھيءَ اسرائيلي حملي کي عالمي انساني قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ صحافتي آزاديءَ لاءِ وڏو خطرو سمجھي ٿي. ايشيا جرنلسٽس ائسوسيشن سمجھي ٿي تہ اھو اسرائيلي حملو صرف فردن تي حملو ناهي، پر عوام جي حقيقت تائين رسائيءَ جي حق تي به حملو آهي.
انھيءَ ڪري، ايشيا جرنالسٽس ائسوسيئيشن ھيٺيان مطالبا ڪري ٿي:
اسرائيلي حڪومت کي فوري طور تي شفاف تحقيق شروع ڪرڻ ۽ ڏوھارين کان پُڇاڻو ڪري سزا ڏيڻ لاءِ ڪارروائي يقيني بڻائڻ گھرجي.
بين الاقوامي برادريءَ کي صحافين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن.
دنيا جون ميڊيا تنظيمون ۽ سِول سوسائٽي گڏجي اهڙن حملن خلاف آواز بلند ڪن.
صحافتي آزادي، جمهوريت ۽ انسانيت جا اصل قدر آهن؛ ڪنهن به تشدد سان حقيقت جي آواز کي خاموش نه ٿو ڪري سگهجي.
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن سڄي دنيا ۾ صحافتي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ مڪمل ساٿ ڏيندي ۽ الجزيرہ جي صحافين جي شھادت بابت مڪمل سچائي ظاهر ٿيڻ تائين صورتحال تي نظر رکندي.
13 آگسٽ 2025
ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن
_____________
ھيءُ بيان ايشيا جرنلسٽس ائسوسيئيشن جي ميڊيا واري اداري The AsiaN جي انگريزي ۽ ڪوريائي شعبي جي ٿورن سان شائع ڪيو ويو