ڇا خُدا آباد جو اصل نالو شڪارپور پنھورڪِي ھو؟
گمان غالب آهي تہ قيصر پنھور شڪارپور پنھورڪيءَ جو شڪار گاھ ۽ ان ڀرسان پنھنجا ماڻهو آباد ڪيا
1701ع ۾ ميان يار محمد قلات کان واپسيءَ تي قيصر پنھور ۽ ٻين کي مات ڏئي شڪارپور پنھورڪي ءَکي خداآباد جو نالو ڏئي ڳوٺ ڳاڙهي بجاءِ هن شھر کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو
عزيز ڪنگراڻي
شڪارپور پنھورڪي يا شڪارپور پنھوارڪي مغل دور ۾ پنھورن جو ڳوٺ ۽ علائقو هو جيڪو موجوده دادو ضلعي جي تعلقي دادوءَ ۾، دادو شھر کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي تاريخي شھر خدا آباد واري هنڌ تي واقع هو. منھنجي راءِ موجب هيءُ پنھورن جو علائقو شڪارگاھ هو جنھن ڪري علائقي سان گڏ ڳوٺ تي نالو شڪارپور پنھورڪي پيو. محمد حبيب سنائي جي 2008ع ۾ ڇپيل ڪتاب “هالا جا رنگ هزار“ ۾ غلام محمد لاکو پنھنجي مضمون ۾ هن ڳوٺ کي شھر لکي ٿو ۽ صرف ”شڪارپور“ ڪوٺي ٿو. نذير شاڪر بروهي ٽماهي مهراڻ 2018ع ۾ ڇپيل شڪارپور بابت پنھنجي مضمون ۾ پڻ لکي ٿو تہ”دادو ضلعي ۾ بہ شڪارپور آهي“. جڏهن تہ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ شڪارپور پنھواري لکيو ويو آهي ۽ ڄاڻايو ويو آهي تہ ”اهو ڳوٺ هاڻوڪو ڦڪا آهي“. اهو متضاد بيان لڳي ٿو ڇاڪاڻ تہ ڦڪا ڳوٺ هاڻ بہ موجود آهي ۽ خداآباد جي اولھ ۾ اٽڪل 4 يا 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھ ۾ واقع آهي. جڏهن اڪثر تاريخن جو اهو بيان آهي تہ شڪارپور پنھورڪي يا پنھواري جي جاءِ تي ميان يار محمد خداآباد جو تخت گاھ وارو شھر قائم ڪيو تہ واضح ٿئي ٿو تہ ڦڪا الڳ قديم ڳوٺ هو ۽ شڪارپور پنھورڪي يا پنھوارڪي الڳ ڳوٺ هو جنھن جو نالو بدلائي خداآباد رکيو يو.
دراصل 1701ع ۾ ميان يار محمد قلات کان موٽيو هو تہ شڪارپور پنھورڪي سامتاڻي جي قيصر پنھور جي هٿ هيٺ هئي. سامتاڻي خداآباد کان گھڻو پري نه آهي. ڳوٺ سامتاڻي خداآباد جي اولھ ڏکڻ ۾ ٿوري مفاصلي تي اڄ بہ موجود آهي. ڳوٺ ڳاها (موجوده بھار شاھ) بہ خداآباد کان اولھ ۾ گھڻي مفاصلي تي نہ آهي. تاريخ مظھر شاهجھاني ۾ يوسف ميرڪ هن علائقي جو تمام گھڻو ذڪر ڪيو آهي. ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ سندن آشيرواد ۾ پنھور ڳاها، سامتاڻي، شڪارپور پنھورڪي ۽ آس پاس علائقي ۾ طاقتور هئا. تاريخ مظھر شاهجھاني موجب پنھورن جو اول هت گھوريا هندو ۽ پوءِ سندس پٽ ماڻڪ مغلن جي سھاري زور ٽوڙيو ۽ علائقو مغلن کان ٺيڪي تي کنيو. ماڻڪ هندو مير پنھور کي قتل ڪيو ۽ ٻين پنھورن کي زيربار ڪيو. هن علائقي ۾ پنھور اڄ بہ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ سندن زمينون آهن.
ماڻڪ هندو جي مارجڻ کانپوءِ پنھور ٻيهر مغل سرڪار جي سھاري طاقتور بڻيا. جن ۾ عيسو پنھور، دائود پنھور اهم هئا. کين واهي پانڌيءَ تائين زمينون مليون. بعد ۾ قيصر پنھور هن علائقي ۾ زور ورتو. سندس رهائش ڳوٺ سامتاڻي ۾ هئي. گمان غالب آهي تہ قيصر پنھور ئي شڪارپور پنھورڪي جو شڪار گاھ ۽ ان ڀرسان پنھنجا ماڻهو آباد ڪيا.
1701ع ۾ ميان يار محمد قلات کان واپسيءَ بعد مغل آشيرواد ۾ طاقت جو مظاهرو ڪندي قيصر پنھور ۽ ٻين کي مات ڏئي شڪارپور پنھورڪي کي خداآباد جو نالو ڏئي ڳوٺ ڳاڙهي بجاءِ هن شھر کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. زور يا طاقت جي استعمال سان حڪومت قائم ڪرڻ سبب ميان يار محمد ڏنڊئي سڏيو ويو. اڄ بہ تر ۾ ڏنڊئي طور مشهور آهي. اڄ شڪارپور پنھورڪيءَ جي جاءِ تي قائم ٿيل خداآباد تہ آهي پر سندس اهو شاهي اوج نه رهيو آهي.
___________
عزيز ڪنگراڻي ناميارو ليکڪ ۽ محقق آھي