Editor's pickMain Slideماحول

دنيا کي بهتر حالت ۾ ڇڏڻ جو خواب

سُئيڊن جو احوال جتي ماڻھن کي خيما کوڙي ڪجھ وقت رھڻ جو حق آھي پر وڃڻ کان اڳ انھيءَ ھنڌ کي بھتر حالت م ڇڏڻو آھي

دنيا جو مقصد منهنجي نظر ۾ اوسي پاسي جو ماحول آهي، سو پاڻ سوچون ته پاڻ سنڌ کي ڪيئن ٿا بهتر ڪري سگهون.

اڃا به جيڪڏهن ان سوچ کي ننڍي حد تائين کڻي اچون  ته پاڻ کي رڳو پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن کي بهتر حالت ۾ ڇڏڻ جو سوچڻو پوندو.

عبدالله عثمان مورائي

سئيڊن ۾ قانوني طور ماڻهو ڪٿي به ڪو خيمو هڻي 24 ڪلاڪن تائين اتي رهي سگهي ٿو، پر شرط اهو هوندو آهي ته اهو خيمو ڪنهن به گهر جي 100 ميٽرن کان پري هجي. هونء ته هتي ڪافي ڪيمپنگ ڪرڻ جون جايون موجود آهن، جتي ماڻهو سفر دوران ڪجهه ڏينهن ڪيمپنگ ڪري وري اڳتي سفر جاري رکندا آهن، انهن ڪيمپنگ وارين جاين ۾ مسافرن جي سهولت لاء هڪ اڌ دڪان، ٽوائيلٽ، وهنجڻ جي جاء، رڌڻا، ڪپڙا ڌوئڻ جي جاء ۽ مشينون موجود هونديون آهن.

ماڻهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي هوندي ته ڪيمپنگ واري جاء ڇڏڻ کان اڳ اتي صفائي ڪري پوء وڃجو، اها هڪ پاڻ مرادو تربيت هوندي آهي ته ايئن ڪرڻو آهي. انهيءَ سڄي تصور کي ڪيمپ سائيٽ جو قاعدو ڪوٺيو وڃي ٿو. معني جيڪا شئي جنهن حالت ۾ ملي آهي، انھيءَ کي ان کان وڌيڪ سٺي حالت ۾ ڇڏجي.

چوڻ وارن سچ چيو آهي ته اسان کي دنيا جنهن حالت ۾ ملي آهي، ڪوشش ڪجي ته ان کي ڇڏڻ مهل بهتر حالت ۾ ڇڏيون. هاڻي اها ڳالهه ٻُڌي سوچجي ته اسان ڪيئن ٿا دنيا کي بهتر حالت ۾ ڇڏي سگهون. هتي دنيا جو مقصد منهنجي نظر ۾ اوسي پاسي جو ماحول آهي، سو پاڻ سوچون ته پاڻ سنڌ کي ڪيئن ٿا بهتر ڪري سگهون. اڃا به جيڪڏهن ان سوچ کي ننڍي حد تائين کڻي اچون  ته پاڻ کي رڳو پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن کي بهتر حالت ۾ ڇڏڻ جو سوچڻو پوندو.

 اسان سڀ جيڪڏهن ٿوري ٿوري بهتري آڻڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون ته اجتماعي طور تي اها تمام گهڻي بهتري ٿي پوندي. اها بهتري تمام گهڻين شين ۾ آڻي سگهجي ٿي جن تي اسان جي دل ۽ دماغ مڃي ته ٻيلي هن شئي کي بهتر کان بهتر ڪجي ته اسانجو گهر، پاڙو، ڳوٺ يا شهر اڳي کان بهتر ٿي پوندو. اها بهتري ڀلي ڇونه پوءِ پاڙي جي صفائي هجي، ملاوٽ خلاف هجي يا انسانن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف هجي يا ماڻهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ هجي. سائين منير شاه ذاڪري سڪرنڊ جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ لائبريري َقائم ڪرائي آهي، اهو هڪ سٺو مثال آهي پنهنجي اوسي پاسي ۾ بهتري آڻڻ جو.

پائولو ڪوئيلو پنهنجي ڪتاب الف ۾ لکيو آهي ته انسان جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها اصل ۾ ان انسان جي روح جو رت آهن. آءُ اها ڳالهه پڙهي ڪجهه وقت لاءِ سڪتي ۾ اچي ويس.  الائي ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويس. الائي ڪيترن ماڻهن کي روح جو رت ڳاڙيندي ڏٺو اٿم. ڪن سان پنهنجن ئي پيارن جون ناانصافيون ته ڪنهن سان رياستي سرشتي جون ويڌنون، ڪن سان اوسي پاسي جي معاشري جو رويو روح جي رت جو سبب هجي ٿو.

 ڪنهن نا اهل کي جيڪڏهن ڪنهن اهل انسان مٿان فوقيت ڏني ويندي ته اهو به روح  جي  رت جوسبب ٿي پوندو. سنڌ ۾ اسان جي اوسي پاسي ۾ هاڻي اهو نظر اچي ٿو ته هڪڙي ماءُ پيءُ جو اولاد سٺن اسڪولن ۾ پڙهي ۽ ٻين وٽ ٻارن کي کارائڻ لاءِ پيسا نه هجن ته وهندڙ ڳوڙهن کي روح جو رت ئي ليکيو ويندو. هاڻي پاڻ ٿوري حد تائين ڪوشش ڪري جيڪڏهن ان روح جي رت کي وهڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃون ته پوءِ اهو يقين ڪجي ته اسان پنهنجو هن دنيا کي بهترحالت ۾ ڇڏڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو.

ان تصور کي وڌيڪ سمجهڻ لاء ايئن چئجي ته دنيا کي وڌيڪ فعال ۽ بهتر بڻائڻ، چاهي اها ماحولياتي سنڀال هجي يا برادري يا خاندان يا مٽ مائٽ يا دوست يار هجن انهن جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ هجي يا احسان ۽ احساس جي عملن ذريعي ان جي مدد ڪجي ته جيئن اهو توهان جي شموليت کان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مثبت حالت ۾ هجي.

اهو تصور رڳو اتي ختم نه ٿو ٿئي ته اسان پاڻ نقصان نٿا پهچايون ته ڪافي ٿيو پر هي تصور مثبت فرق آڻڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. مثال طور ان ۾ ڪچري کي صاف ڪرڻ، وسيلن کي محفوظ ڪرڻ، يا پائيدار يا سسٽين ايبل شين جي شروعات جي حمايت ڪرڻ جهڙا طريقا شامل اچي وڃن ٿا. مزي واري ڳالهه ته دنيا کي بهتر طور تي ڇڏڻ ذاتي واڌ ويجهه ۽ خود بهتري بابت پڻ ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مثبت اثر وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان ڪنهن جي پنهنجي زندگي ۾ مثبت تبديليون اچي سگهن ٿيون، سو پنهنجي پاڻ جي باري ۾ به سوچڻ ضروري آهي.

سلجهيل ماڻهن جو اهو خيال آهي ته ننڍا ننڍا ڪم وڏيون هاڪاري تبديليون آڻي سگهن ٿا، مثال طور پاڻ مادي شين جي استعمال کي گهٽايون، ڀلي اسان استاد نه هجون يا اسان جا ٻار نه هجن يا انهن اسڪولن ۾ نه پڙهندا هجن پر اتي وڃي انهن جو حصو ٿيون، جيئن سائين مختيار سمون صاحب لاڙڪاڻي ۾ سندن اداري ۾ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي گهرائي شاگردن جي واڌ ويجهه لاء اتي ليڪچر ڪرائيندو آهي.

ان کان سواء سوشل ميديا جا گروپ هجن جتي بيمار ماڻهن جي باري ۾ اطلاع هجن ته انهن جي مدد لاء نڪري پئجي، کاڌ پيت جي کوٽ هجي ته انهن جو بندوبست ڪجي، پنهنجي اوسي پاسي ۾ پارڪن جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، ٻارن جي کيڏڻ لاء گرائونڊ ۽ سهولتن جي لاء ڪوشش ڪرڻ پڻ ان ۾ اچي وڃن ٿا.

 دنيا ۾ هاڻي سائيڪل هلائڻ جو رواج تمام گهڻو وڌي ويو آهي، جيڪو ماحول دوست ته آهي ئي آهي پر پنهنجي صحت لاء به فائدي مند آهي. پاڻي کي بچائڻ يا ان جو صحيح استعمال پڻ ان لسٽ ۾ اچي سگهي ٿو. وڏي ڳالهه ته سخاوت پڻ ان جو حصو آهي، توڙي جو ماڻهو مالي مدد نه به ڪري سگهي، پر ڪنهن جا اهنج بڌي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا ڪنهن سان کلي کيڪارڻ پڻ بهتر کان بهتري طرف وڃڻ ۾ اچي وڃي ٿو. 

هاڻي ٿورو تصور ڪجي ته اسان جي پاڙي ۾ ڪو هڪ ٻار به اڻ پڙهيل ناهي رهيو، سڀ ونڊي ورهائي کائين ٿا، روزي روٽي، ان پاڻي سڀني وٽ اچي پيو، ڪر به ڪنهن جي در تي گند نٿو ڦٽي ڪري ۽ سڀ ملي ڪري ان گند کي ڪنهن صحيح جاء تي اڇلين ٿا، ساڙ ۽ حسد ناهي، احترام جو رشتو آهي ته پوء اهو پاڙو، ڳوٺ ۽ شهر ته جنت جو ٽڪڙو ٿي پوندو.

_______________

عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر۽ ناميارو ليکڪ آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button