Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

هنج نه قيد ڪجن! سُر ڪارايل جو مختصر مطالعو

لطيف سائين جتي پکين پوپٽن، ڀَؤُنرُن، مورن، هنجن جو ذڪر ڪري فطري سونهن کي بيان ڪري ٿو؛ اتي ٻگهن، ڪنگن، ڪانيرن، پوئنرن  جي ڪري گدلي ٿيندڙ پاڻيءَ جو ذڪر ڪري ماحولياتي گدلاڻ کي روڪي ٿو.

هُو فطري سونهن کي پسند ڪندڙ شاعر آهي، ان ڪري انهن سڀني جيوتن جي ساراهه ڪري ٿو جيڪي فطرت جي سونهن ۾ اضافو ڪن ٿا

پروفيسر ساڀيان سانگي

لفظ ”ڪارايل“ معني مور يا هنج پکي. شاهه جي رسالي جي سُر ڪارايل تي اهو نالو مور ۽ هنج پکيءَ جي ذڪر ۽ سُر جي موضوع مطابق پيو آهي. هن سُر ۾ شاھ صاحب جتي مور ۽ هنج جي حسن جي ڳالھ ڪئي آهي، اتي ٻگهن، ڪنگن ۽ ڪانيرن جي گدلي هئڻ  سان گڏ صاف ۽ خراب پاڻيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.

ڪلياڻ آڏواڻي صاحب لکي ٿو:

”ڪارايل لفظ جي معني آهي مور يا هنج. هن سر ۾ هنج جي گڻن جي ساراھ آهي. تنهن ڪري ئي ان تي اهو نالو رکيو ويو آهي.“

ڊاڪٽر بشير احمد شاد سُر ڪارايل لاءِ لکي ٿو:

”ڪارايل جي لفظي معني لاءِ لطيف جي پارکن مان ڪن “مور” لکيو آهي ته ڪن وري “ڪارو هنج”. بھرحال ٻئي پکي پنهنجي سونهن سوڀيا توڙي عادتن ۽ خصلتين ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. البته سُر ڪارايل ۾ مور سان منسوب فقط ٻه ٽي بيت ملن ٿا. جڏهن ته هنج جي حوالي سان ڪيترائي بيت موجود آهن.“

سُر ڪارايل ۾ فطري خوبصورتي،  مورن، هنجن، ڪنول جي گلن ۽ ڀونئرن جو ذڪر آهي. هي سُر فطري جمال جي هڪ خاص حصي جو عڪس آهي. فطرت اسان جي چوڌاري موجود سڀني شين جي ميڙ کي سڏي سگهجي ٿو. جنهن ۾ گل، ٻوٽا، پکي، پوپٽ، هوا، آسمان، ڪڪر، ٽڪر، ڇپر، پاڻي، ڌرتي، ڍنڍون، ڍورا، درياهه، سمنڊ وغيره سڀ شيون فطرت ۾ اچي وڃن ٿيون. يعني گڏيل شين جو ميڙ فطرت آهي.

“… In one sense, everything is a part of nature for there is a sense in which nature is just the totality of everything.”

يعني هر شئي فطرت جو حصو آهي؛ بلڪه هر شئي جي ڪُليت جو نالو فطرت آهي. حقيقت ۾ فطرت ئي اصل ۾اها مهربان شئي آهي؛ جنهن جي جهول ۾ انسان، چرند، پرند، پکي، پکڻ سڪون ماڻين ٿا. هر شئي فطرت آهي؛ پر فطرت جو مرڪز ڪا هڪ شئي ڪانهي. فطرت ترتيب ۾ بي ترتيبي ۽ بي ترتيبي ۾ ترتيب جو نالو آهي. اسان جڏهن ان جي بي ترتيبي کي قبول ڪري وٺون ٿا ته ان ۾ ترتيب اسان کي نه وڻندي؛ پر مجموعي طور تي اسان فطرت جي ويجهو سڪون محسوس ڪريون ٿا. پر فطرت ڪهڙين شين تي مشتمل آهي؟ اهو اُهو سوال آهي؛ جيڪو شايد مڪمل طور تي نبيري نه سگهجي!

 فطرت هڪ عجيب دنيا آهي جنهن ۾ هر شيءَ جو ٻئي شيءَ سان سڌو يا اڻ سڌو تعلق قائم رهي، ڇو جو ڪابه شيءِ اڪيلي ايتري خوبصورت نٿي لڳي سگهي جيتري وڳر، ولر يا ٽولي سان سهڻي لڳندي آهي، جيئن فياض لطيف پنهنجي ڪتاب ”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جماليات“ ۾ لکي ٿو ته؛ جيڪڏهن غور ڪري ڏسنداسين ته فطرت جي اڪثر شين ۾ اسان کي حسن انهن جي گهڻائي، وڳر ۽ جوڙ ۾ نظر ايندو.“ (فياض لطيف، ص:281).

ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃ

ٻِنهِي سَندِي ڳالَهڙِي عِشق اِيءَ اُهُڃ

توءِ  نه  لَهينِ  اُڃ،  جي  پِيو  پِيَنِ  پاڻَ  ۾.

يعني ڪنول جون پاڙون اونهي پاڻيءَ ۾ بلڪل زمين هيٺ آهن، پر ڀؤنر (ويچارو عاشق) گل کان مٿي اس ۽ هوا (واري ماحول) ۾ پيو گهمي ۽ چڪر ڏئي. ٻنهي جو ويجهو اچڻ (هڪ ٻئي کي ڳولي لهڻ) ئي منجهن عشق جي هجڻ جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي. توڻي جو هو ٻيئي ان ريت هروقت محبت ۾ مست ۽ مگن آهن، پر سندن پياس پوري ٿيڻ واري ناهي (هنن جي سڪ ۽ اڪير ختم ڪانه ٿي ٿئي)

هن سُر ۾ جتي ڪنول جي گل، ڀَؤُنرُ، هنج، مور، نانگ جو ذڪر ملي ٿو اتي ئي هن سُر ۾ اڇي اجري پاڻيءَ جو ذڪر ملي ٿو. لطيف سائين جتي پکين پوپٽن، ڀَؤُنرُن، مورن، هڻجن جو ذڪر ڪري فطري سونهن کي بيان ڪري ٿو؛ اتي ٻگهن، ڪنگن، ڪانيرن، پوئنرن  جي ڪري گدلي ٿيندڙ پاڻيءَ جو ذڪر ڪري ماحولياتي گدلاڻ کي روڪي ٿو. هو فطري سونهن کي پسند ڪندڙ شاعر آهي، ان ڪري انهن سڀني جيوتن جي ساراهه ڪري ٿو جيڪي فطرت جي سونهن ۾ اضافو ڪن ٿا؛ ٻئي پاسي اهڙي جيوت کي ڌڪاري ٿو، جيڪي فطري حسن کي ڇيهو رسائين ٿا.

ھَنجَڙا ھيلاڊُ ٿِي، گُونُون مَ گهوريجِ،

پَسِي لُڙَ ڊَھڪِيُون، پَکَ مَ لَمَائيج،

سو سَرُ سَاڱائيجِ، جِتِ پَارَکَ ٿيندي پَکيين.

يا

مَاڻِڪَ چُوڻُو جَنِ جو، ھَنجَ حُضُورِي سي،

چِلُڙَ ۾ چُهِنجَ ھَڻِي، مَڇِي کِينِ نَہ اي،

لوڪَ نَہ لَکِئَا تي، جيلانهَن ڀُڻَنِ ٻگهنِ گَڏِئا.

اهي هنج پکي جيڪي ماڻڪن جو چوڻو ڪن ٿا/ماڻڪ چُڳن ٿا؛ اهي ئي حضوري هنج آهن، هو گدلي پاڻيءَ ۾ وڃي مڇي نٿا کائين. يعني هو فطرت دوست آهن.  بلڪه هو ته ان پاڻيءَ تي به نٿا ويهن؛ جيڪو گدلن پکين گدلو ڪري ڇڏيو آهي.

اَڇو آبُ لُڙُ ڪِئو، ڪَالوڻِئو ڪَنگَنِ،

اِيندا لَڄَ مَرَنِ، تِنھِن سَرَ مَٿي ھَنجَڙا.

هنج پکي جيترو پاڻ نفيس آهي؛ ان جون عادتون به اهڙيون ئي نفيس آهن. هو فطرت جي سونهن وڌائي ٿو ۽ ماحول کي معطر ڪري ڇڏي ٿو، پر جڏهن هو ڏسي ٿو ته پاڻي گدلو ٿي ويو آهي ۽ ان ۾ پوئنرا پئجي ويا آهن، ته هو اتان اڏامي وڃي ٿو ۽ ان پاڻيءَ تي نٿو اچي.

جِنھِن پَاڻِيءَ ۾ پُونئَرا، چِلُڙُ چِڪَ گهَڻِي،

وِئَا چِتُ کَڻِي، تَنھَن سَرَ مَٿَان ھَنجَڙا.

لطيف سائين به اهڙن پکين سان پيار ڪري ٿو ۽ کين چوي ٿو ته” اي منهنجا پيارا (وڇڙي ويل) هنجهه، تون ان هنڌ تان اڏامي هليو اچ ڇو ته توکي ٻيا هنجهه هن تلاءُ ۾ گهڻو پيا ياد ڪن. (خيال ڪر) متان شڪاري ميربحر گڏجي رٿ رٿي توکي شڪار ڪري ماري پاڻ سان گڏ کڻي وڃن.“

آءُ اُڏامِي هَنجَهڙا، سَرَ ۾ سارِينَئِي

مَڇُڻُ مارِينَئِي، پارهيڙِي پَهُه ڪَري.

جيئن هنجن جي جوڙي، رڍن جو ڌڻ، اُٺن جي قطار، ڪونجن جي قطار، ڪبوترن جي جوڙي، سرسبز ولين جو واسو، سرنهن جاڦولار، سورج مکيءَ جا کيت، گلن جون ٻاريون، آڪاش ۾ چمڪندڙ ستارا، پهاڙن جا طويل سلسلا، سمنڊ جون ڇوليون، ڪڪرن جون قطارون سهڻيون آهن، بلڪل ايئن ئي لطيف سائينءَ جا بيت سهڻا آهن. نه رڳو ايترو بلڪه هو سهڻين عادتن واري جيوت کي پسند ڪري ٿو. جيئن هنج پکي آهي؛ جيڪو ميري ۽ گدلي پاڻيءَ تي نٿو ويهي ڀلي جو اتي کيس خوراڪ به ملي سگهي ٿي. پر هو سڪي ويل پاڻيء جي صاف جاءِ تي ويهي ٿو، حالانڪه هن کي اتي کائڻ لاءِ به ڪجهه نٿو ملي. هو پٿر کائي ٿو، پر گدلي پاڻيءَ تي نٿو ويهي.

سَرَ سُڪي سَالَ ٿِئَا، ھَنجَ تَہ ھَرِيوئِي پيرُ،

ڪَنگُ ويچَارو ڪيرُ، جو رَسي انَ رَمُوزَ کي!

پنهنجن حسين عادتن جي ڪري لطيف سائين، هڻجن ۽ مورن کي تمام گهڻو ساراهيو آهي؛ نه رڳو ساراهيو آهي، بلڪه لطيف سائين چوي ٿو ته هڻجن کي قيد نه ڪجي، مورن کي به پڃرن ۾ بند نه ڪجي؛ ڇاڪاڻ ته هي آزاد ئي سهڻا لڳندا آهن، ۽ پيا ڌڻيءَ جي ثنا ڪندا آهن، هي آکيرن ۾ ناهن ويهندا ۽ هميشه جهنگ ۾ پيا ڏامندا ۽ لاڏ ڪوڏ ڪندا آهن، نچندا ۽ ٻوليون ٻوليندا آهن.

ھَنجَ نَہ قَيدِ ڪِجَنِ، مورَ نَہ وِجِهجَنِ پِڃِري،

سَارِي راتِ سَيِدُ چَي، لاتِيُون جي لَنوَنِ،

واھيري نَہ وِھَنِ، سَدا جُهڻِڪَنِ جَهنگَ ۾.

(سُر ڪاريل)

______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button