بِلڊر مافيا ۽ ڪُمھلو مھمان: عوام سان ٺڳين جو داستان
اڄ ڪلهه سنڌ ۾ جيڪو ڊرامو هلي پيو اهو به ان ڪملهي مهمان واري ڊرامي کان گهٽ نه آهي، خاص ڪري ريئل اسٽيٽ ۽ پراپرٽي جي ڌنڌي وارا ان ڪمهلي مهمان واري اسٽيج ڊرامي کي اصل زندگيءَ ۾ استعمال ڪري رهيا آهن
عبداللہ عثمان مورائي
موري ۾ جڏهن اسان مين پرائمري اسڪول ۾ پنجين درجي ۾ پڙهندا هئاسون ته اسان شاگردن کان هڪ اسٽيج ڊرامو ڪرايو ويو هو جنهن جو عنوان هو “ڪمهلو مهمان”.
ان وقت موري جو ايس ڊي ايم سائين بدرالدين اڄڻ صاحب هو جيڪو شايد ان وقت خصوصي مهمان هو.
ان اسٽيج ڊرامي ۾ اصل هڪ زال ۽ مڙس جو ڪردار ۽ ڪجهه مهمانن هوندا آهن. ٿيندو ائين هو جو اهي زال ۽ مڙس ڪمهلن مهمانن مان اچي تنگ ٿيا، ٻيء ٽيء ڪو نه ڪو بيگائي وقت سندن گهر اچي نڪرندو هو جنهن جي ڪري هو پريشان ٿي ويندا هئا. پوء انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هاڻي جڏهن به ڪو ڪمهلو مهمان ايندو ته اسان پاڻ ۾ جهيڙو ڪرڻ شروع ڪنداسين ته مهمان به گهٻرائجي ٿوري دير ۾ واپس هليو ويندو. سو سائين ان کان پوء انهن وٽ جيڪو به ڪمهلو مهمان ايندو هو ته هو پاڻ ۾ جهيڙو ڪرڻ شروع ڪندا هئا ۽ نتيجي ۾ مهمان موڪلائي هليو ويندو هو، اهو طريقو کين ڪم آيو.

سائين اهو ته ٿيو ڊرامو پر حقيقت ۾ اڄ ڪلهه سنڌ ۾ جيڪو ڊرامو هلي پيو اهو به ان ڪملهي مهمان واري ڊرامي کان گهٽ نه آهي، خاص ڪري ريئل اسٽيٽ ۽ پراپرٽي جي ڌنڌي وارا ان ڪمهلي مهمان واري اسٽيج ڊرامي کي اصل زندگيءَ ۾ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن ۽ انهن جي ٻچن جا خواب چڪنا چور ڪري رهيا آهن. اعلان ٿين ٿا ته هتي هيءَ اسڪيم ٿي کلي، هتي هُوءَ اسڪيم آهي، فليٽ يا بنگلا قسطن ۾ وٺو، پوء ماڻهو انهن جي چڪر ۾ اچي پنهنجي ٻچن جي لاء ڪجه بچت ته ڪجهه هتان هتان پيسا هٿ ڪري ڪا شئي بُڪ ڪرائي ته اها وقت تي ملندي ته مون کي ۽ منهنجي ٻچن جي ڪم ايندي ۽ انهن خوابن جي ساڀيان جو جيڪو ڪانٽو شروع ٿئي ٿو اهو ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.
اهو گورک ڌنڌو بُڪنگ ڪرائڻ کان ويندي رجسٽري ڪرائڻ تائين هلي ٿو جنهن ۾ ڪڏهن ته ٻه حصيدار جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ زال ۽ مڙس هجن يا وري ڪي ڀائر هجن يا وري عام رواجي پاڻ ۾ حصيدار هجن پاڻ ۾ وڙهن ٿا يا ڪمهلي مهمان وارو ڍونگ ٿا ڪن.
ڪيس ٿين ٿا، ڪي ماڻهو اندر ٿين ٿا، ڪي وري سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي کي گندگار ڪن ٿا. نتيجي ۾ ڪم بند، ڪجهه وقت کان پوء وري جڏهن ٿورو ڪم هلي ته وري سامان مهانگي ٿيڻ جي صورت ۾ نزلو وري بُڪنگ ڪرائڻ واري تي ڪري.
بجلي، گيس، تپيدار ۽ مختيارڪار جو خرچ، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ رجسٽرار جي آفيس جو خرچ ۽ ٻيون الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ترقي جي نالي تي چارجز.
بُڪنگ ڪرائڻ وارو ويچارو ان سڄي ڊرامي ۾ ويچارن وارن وانگر ڪنهن مهل ڪيڏي ته ڪنهن مهل ڪيڏي ٿو واجهائي ته هي ڪهڙي چڪر ۾ ڦاسي وياسين، اسان ته صااف سٿري طريقي سان بُڪنگ ڪرائي هئي ته پنهنجون قسطون ڏيندا وينداسين ۽ اسان کي وقت تي پنهنجي شئي ملي ويندي.
فليٽ يا بنگلي ۾ رهڻ جي خوشي ۽ شوق ته ويندو رهيو، مُرڳو ماڻهو صدمي ۽ سوچ ۾ ته الائي ڪڏهن هن ڀونر مان جان ڇٽندي.
اهو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي ته منظوريون وٺڻ کان اڳ بُڪنگس ڪيئن ٿيون ٿين، اهڙا ڪي ادارا نه آهن جيڪي ڪا به اسڪيم شروع ڪرڻ کان اڳ ان جو قانوني جائزو وٺن ته هي جيڪي فليٽ يا بنگلا يا رهائشي اسڪيم جي پلاٽن جي اسڪيم شروع ٿي آهي، اها واقعي جائز آهي يا نہ، جنهن جي باقائده اجازت مليل آهي ۽ ان زمين تي ڪو ڦڏو وغيره ته ناهي، ان ۾ شفافيت ڪيتري آهي، اها اسڪيم واقعي به وقت تي پوري ٿيندي يا نه يا اڳتي هلي ان کي رجسٽري ڪرائڻ ۽ قبضو وٺڻ ۾ مالڪن کي ڪي مسئلا يا ڏکيائيون ته پيش ڪونه اينديون.

ظاهر آهي اهڙي قسم جا ادارا بلڪل هوندا، پر تنهن هوندي به ايئن ڇو ٿو ٿئي ته هڪ همراهه پنهنجي اولاد جي تعليم لاء سندن رهائش لاء هڙئون وڙئون ڏئي منصوبه بندي تحت هڪ وڏي شهر ۾ هڪ فليٽ بُڪ ڪرايو ته جيئن سندس اولاد يونيورسٽيء ۾ پڙهڻ جي لائق ٿيندو ته اهي اتي وڃي رهندا، پر اهو فليٽ جڏهن انهن شاگردن کي يونيورسٽي مان نڪرڻ کان پوء به گهڻي وقت کان پوء ملي يا نه به ملي ۽ ان هڪ فليٽ يا بنگلي يا پلاٽ جا وري ٻيا به دعويدار ڪاغذ کنيو بيٺا هجن ته پوء اها ڳالهه ماڻهن جي خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ جي برابر هوندي يا ان کان به شايد وڌيڪ. ڪنهن جا ننڍا ننڍا خواب ايئن چڪنا چور ڪرڻ مذهبي، سماجي ، قانوني ۽ اخلاقي لحاظ کان تمام غلط آهي.
اهڙا هزارين مثال موجود آهن جتي ماڻهن جا پيسا ڦاسي ويا آهن يا مُرڳو هڙپ ٿي ويا آهن. ماڻهو هاڻي ان نظام تي کلي، چٿر ڪري، روئي يا ڇا ڪري؟ اها رياست ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهڙا ادارا ٺاهي ۽ جيڪڏهن اهڙا ادارا موجود آهن ته ماڻهن کي ان جي آگاهي ڏني وڃي ته ڪنهن به اسڪيم ۾ سيڙپ ڪرڻ کان اڳ هن اداري ۾ ان اسڪيم جي باري م معلومات وٺو ۽ جيڪڏهن اها اسڪيم بلڪل قانوني ۽ صحيح هجي ته پوء ماڻهن کي اتي سيڙپ ڪرڻ جي صلاح ڏجي. پر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته حڪومت ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو به ان سڄي ڌنڌي ۾ ملوث آهن، ته پوء ماڻهو الله کان سواء ڪنهن تي اعتبار ۽ ڪنهن جو آسرو ڪري؟ حڪومت هلائڻ ۽ ماڻهن جي اهنجن کي محسوس نه ڪرڻ ته بي واجبي آ. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان بلڊر مافيا جي ان ڪمهلي مهمانن واري ڊرامي کي بند ڪرائجي ۽ انهن کي لغام ڏجي ۽ سندس نڪ ۾ ناڪيلي وجهجي نه ته بلڊر مافيا جا شڪار ماڻهو معاشري ۾ اڃا وڌندا ويندا.
____________
عبداللہ عثمان مورائي گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي ۽ سُئيڊن ۾ آباد آھي. ھُو مختلف اخبارن لاءِ انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪالم ۽ سفرناما لکندو آھي.