ناچڻي ڇوڪرِي يا مقدس عورت؟
مهين جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران ھٿ آيل ھڪ عورت جي مورتيءَ کي جان مارشل ”ناچڻي ڇوڪري“ جو نالو ڏنو ھو پر ڪيترن ئي ماھرن اُن سان اختلاف ڪيو ڪيو آھي تہ اُھا ڪا ناچڻي ڇوڪري آھي
عزيز ڪنگراڻي
مهين جو دڙو، جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو اهم شهر هيو، ان جي کوٽائي دوران 1926ع ۾ هڪ عورت جي مورتي يا مجسمو دريافت ٿيو. جان مارشل ان کي نوجوان سمجهي “ناچڻي ڇوڪريءَ” جو نالو ڏنو هو.
بهرحال، ڪيترن ئي تاريخدانن ۽ قديم آثارن جي ماهرن هن نالي سان اختلاف ڪيو آهي. مشهور قديم آثارن جي ماهر مارٽيمر ويلر، پوسيهل جي حوالي سان واضح لکيو آهي ته، “اسان پڪ سان نٿا چئي سگهون ته اها ڇوڪري ناچڻي هئي” (Possehl, 2002: 114).

ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته جان مارشل ان کي ناچڻي ڇوڪري ان ڪري سڏيو، ڇو ته “هن سمجهيو ته انهيءَ ڇوڪريءَ ۾ اڌ بي ادب نچڻ واري ڇوڪريءَ جو نمونو آهي، هٿ چيلھ تي، پيرن سان موسيقيءَ تي ٽپ ڏيندي لڳي ٿي. اهو نالو مورتي ملڻ بعد رکيو ويو. پر ٿي سگهي ٿو ته اها ڇوڪري اصل ۾ ناچڻي نه هجي، ۽ جيتوڻيڪ نچندي به هجي، ته به اها هڪ پيشور ناچڻي نه هئي” (Singh, 2008: 162).
بالاجي (Balaji) سوال اٿاريو آهي ته: هي ڇوڪري آخر آهي ڪير؟ ڇا اها پوڄارڻ هئي يا درٻاري عورت؟” (Sadasivan, 2011: 6).
ڪجھ عالمن جو خيال آهي ته اها عورت زرخيزي جي ديوي (fertility goddess) جي نمائندگي ڪري ٿي، ڇو ته هن جي هڪ هٿ ۾ پيالو آهي (Vatsyayan, 1982: 18). ان سان گڏ، “ڪجھ قديم آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي مورتي شايد ڪنهن راڻي يا مهين جي دڙي جي ڪنهن اهم عورت جي آهي، ڇو ته هن جي قد ڪاٺ (سينگار پڻ) مان اهو ظاهر ٿئي ٿو” (Gupte, 2011). ٻيا تاريخي حوالا هن کي مهين جي دڙي جي مندر جي ناچڻي سڏين ٿا (Prasad, 2000: xxiii).
اهڙا ڪيترائي سڌا ۽ اڻ سڌا حوالا آهن جيڪي جان مارشل جي ڏنل نالي کي چئلينج ڪن ٿا. انهن علمي راءِ جي بنياد تي، مان به سمجهان ٿو ته هي ناچڻي نوجوان ڇوڪري جي مورتي نه آهي. گهڻو امڪان آهي ته هي ڪنهن مقدس عورت جي نمائندگي ڪري ٿي. شايد هن عورت جو ڪنهن اعليٰ مرتبي واري مذهبي، روحاني، ثقافتي يا مقدس حلقن سان لاڳاپيل شخصيت جي هجي ۽ نهايت نمايان عورت هجي جنهنڪري ڀيٽا طور سندس مورتي ٺاهي وئي هجي. اهو ئي گمان وڌيڪ غالب لڳي ٿو.
هي بحث هڪ ٻيو سوال به اٿاري ٿو ته قديم آثارن جي ماهرن ڪيئن طئي ڪيو ته هي نوجوان ڇوڪريءَ يا هن جي عمر نوجواني واري هئي؟ جو کيس ناچڻي ڇوڪري سڏيو ويو. هن جو جنهن انداز سان هڪ هٿ چيلھ تي ۽ ٻيو هٿ سَٿر يا ران تي رکيل آهي ۽ سٿر تي رکيل هٿ ۾ پيالو اٿس جنهن ۾ ڪا شئي پيل آهي، اهو واضح طور ناچ جو انداز نه ٿو ظاهر ڪري. ان کان سواءِ، جيستائين مهين جي دڙي مان ڪنهن مندر يا رقص جي جاءِ جا آثار دريافت نه ٿا ٿين، تيستاين هن کي مندر جي ناچڻي سڏڻ به هڪ مفروضو ئي لڳي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌُو سڀيتا ۾ ناچ ڪنهن مذهبي، ثقافتي يا سماجي رسمن جو حصو هوندو، پر منهنجي راءِ موجب هي مورتي يا مجسمو خاص طور ناچ جي نمائندگي نٿو ڪري.

مون سنڌ جي کيرٿر جبلن جي سلسلي ۾ هڪ ماڳ وٽ جبل تي اڪريل نِرتڪِي جي تصوير ڳولي لڌي آهي. اهو ماڳ مهين جي دڙي کان لڳ ڀڳ 150 يا 200 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ طرف آهي. سنڌ جي دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي شهر واهي پانڌي لڳ کيرٿر جبلن ۾ جبل تي اڪريل اها تصوير نچندڙ عورت جي تصوير واضح طور ناچ جي انداز ۾ اُڪريل آهي. ان ماڳ تي اُڪريل نچندڙ عورت ڀرسان سنڌو لکت جون نشانيون به اڪريل مليون آهن، جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته ناچ سنڌو ماٿري جي سڀيتا جو حصو هيو، پر پٿر تي اڪريل ناچڻي ۽ مهين جي دڙي مان ملندڙ عورت جي انداز ۾ وڏو فرق آهي. بهرحال، مهين جي دڙي جي اها مورتي ڪنهن ناچڻي نه پر ڪنهن ٻئي سماجي، ثقافتي يا روحاني پسمنظر ۾ سماجي مانُ، مرتبو ۽ حيثيت رکندڙ مقدس عورت جو تاثر جوڙي ٿي.
حوالا:
• Gregory L. Possehl, 2002, Indus Civilization: A Contemporary Perspective
• Singh, Upinder, 2008, A History of Ancient and Early Medieval India
• Sadasivan, Balaji, 2011, The Dancing Girl: A History of Early India
• Vatsyayan, Kapila, 1982, Dance in Indian Painting
• Gupte, Sunila, 2011, The Adventure of the Missing Dancing Girls
• Prasad, Kali, 2000, Devadāsī: Dancing Damsel
__________________
عزيز ڪنگراڻي ھڪ اينٿروپولاجسٽ، محقق ۽ ڪافي ڪتابن جو ليکڪ آھي



