دنيا جي وڏي ٻوڏ ۽ مذھبي خيال
دنيا جي مختلف مذھبن ۾ خيالن جي ھڪجھڙائي ملي ٿي. جيئن حضرت نوح نبيءَ جي ٻيڙي ۽ مَھا ٻوڏ جھڙو واقعو سميرين ۽ اقادين قومن وٽ بہ ھو
رشيد احمد خاصخيلي
ننڍ پڻ ۾ حضرت نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو وڏو ذڪر ٻڌو سين، تہ بابا ھن جي دور ۾ خدا تعالي پاران وڏي ٻوڏ ڀرپا ڪئي وئي ھُئي جنھن ٻوڏ جي لپيٽ ۾ پوري دنيا سيلاب جي نظر ٿي وئي.! فقط حضرت نوح نبيءَ جي ٻيڙي ۽ ان ۾ سوار پکي پکڻ ، جانور ۽ مسافر ئي بچي نڪتا. ھڪڙي پوڙھِي ان ٻوڏ دوران بچي وئي جڏھن تہ ھوءَ ٻيڙيءَ ۾ بروقت سوار نہ ٿي سگھي ھُئي! ھُن جڏھن حضرت نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ کي تيار ٿيندي ڏٺو تہ ھُن نوح کي اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو ھو تہ جڏھن ٻوڏ جا آثار ويجھا ھُجن ۽ اوھان سڀ مخلص ان ۾ سوار ٿيو تہ مون کي نہ وسارجو. پر ٿيو ائين جو جڏھن اُھو ٻوڏ جو ڀوت ويجھو ايندو ويو تہ تڙ تڪڙ ۾ حضرت نوح کان پوڙھيءَ کي اطلاح ڪرڻ وسري ويو ۽ جڏھن ٻوڏ پنھنجي اختتام تي پھتي ۽ حضرت نوح سڀن سوارن سميت، جن ۾ پکي پکڻ جيت جڙيا مطلب تہ ھر ساھ واري شئي جا ٻئي قسم يعني نر ماد واپس ٿيا تہ پوڙھيءَ کي ڏسي حيرت ۾ وٺجي ويا تہ مار ايڏي ٻوڏ آئي بہ تہ پوڙھي آخر ڪيئن سلامت ھُئي.؟ جڏھن حضرت نوح ان پوڙھيءَ کان ٻوڏ جو پڇو تہ ھن فقط ايترو وراڻيو تہ حضرت ٻوڏ برابر آئي ھُئي پر ايترو پاڻي مس ھُيو جو منھنجي ٻڪريءَ جا کُر ئي آلا ٿي سگھيا.! سبب تہ پوڙي نيڪ ھُئي ديندار ھُئي جنھن ڪري ھوءَ خدا جي رحمت ھيٺ رھي.!
اسان جو اُھو ٻاروتڻ حيرت ۾ گُذريو ۽ ڪيتريون ئي اھڙيون ڏند ڪٿائي ڪھاڻيون اسان جي زندگيءَ جو ڄڻڪ حصو بڻجي ويون (جيئن آسمان ۾ نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ جو پيچرو). وقت سرڪش گھوڙي جيان اڳتي وڌو ويو ۽ اسين بہ اچي جوان ٿيا سين، ۽ ائين تاريخي ڪتابن ڏانھن پڻ راغب ٿياسين، پر انھن تاريخي ڪتابن ۾ وري بہ مون کي ڏند ڪٿائن ۽ مذھبن ڏانھن ئي گھڻو لاڙو رھيو ۽ مون ان موضوعن تي انيڪ ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيا، جنھن سان نہ صرف شعور ۾ اضافو ٿيو پر اُھا ڳالھ پڻ نشانبر ٿي تہ دنيا جا سڀئي مذھب ارتقا جي مرحلن مان گذرندي ھيسين تائين پھتا آھن. جيتري تائين مون مذھبن کي جاچيو آھي تہ انھن ۾ تقريبن خيال ھڪجھڙائيءَ جي ويس ۾ ويڙھيل آھن. ڀلي تہ دنيا جو ڪھڙو مذھب بہ ھُجي.! ڪو بہ خيال ڪنھن بہ مذھب مان کڻو ڦري سري ڪٿي نہ ڪٿي ڪنھن نہ ڪنھن مذھب ۾ ساڳيو خيال ڳولھي لھندو.!
اڄ آئون ھتي اوھان سان حضرت نوح نبيءَ جي ٻيڙيءَ متعلق اھڙو ئي خيال ونڊڻ ٿو چاھيان جيڪو سميرين ۽ اقادين وٽ ھو (سميري ۽ اقادي عراق جون اوائلي قومون).
سو ڳالھ ڪجھ ھن طرح مانَ واري ليکڪ يوسف شاھين پنھنجي نئين آيل ڪتاب (عالمي تاريخ جو مطالعو) ۾ تاريخي حوالن سان لکي آھي تہ ” شھنشاھ سارگن جي دور ۾ اين خدا کان علاوہ اينلل خدا کي اين جو پٽ (Son of god) ظاھر ڪيو ويو. جيڪو فقط ھڪ شھر نيپور (عراق جو شھر) جو خدا ھو. اھو ايڪر (Ekur) نالي عبادت گھر ۾ ويٺل ٻڌايو ويو، جتي ھن جي وڏي پيماني تي عبادت ڪئي ويندي ھُئي. شھنشاھ سارگن ھن خدا کي دنيا جو ٻيو رب العالمين ٺاھي ڇڏيو (پھريان رب العامين جو درجو آرين سنڌ ۾ اِندر ديوتا کي ڏنو ھو جيڪو ھڪ فوجي ڪمانڊر ھو جيڪو بعد ۾ خدا جو درجو حاصل ڪري ويو). نہ فقط ايترو بلڪہ نيپور شھر کي سمير ۽ اقاد سلطنت جو مقدس ترين شھر قرار ڏنو، جتي ھلڻ، پير گھمائڻ، دعا گُھرڻ ۽ دفن ٿيڻ وڏي اعزاز جي ڳالھ چئي وئي. ھتي جيڪي بہ ماڻھو دفن ٿيندا ھُئا انھن لاءِ اُھو عقيدو ٻڌايو ويندو ھو تہ ھو پڇا ڳاڇا کان سواءِ سڌو جنت ۾ داخل ڪيا وڃن ٿا (جيئن عربن وٽ جنت البقيا جي قبرستان جو تصور). اينلل خدا بنيادي طور تيز ھوائن ۽ طوفانن جو خدا ھو، جنھن کي شھنشاھ سارگن ھن ڪائنات جو ٻيو وڏو خدا ٺاھي ڇڏيو، اڳتي ھلي ھن کي بادشاھن جو بادشاھ ۽ زمين تي بادشاھت عطا ڪندڙ خدا ٻڌايو ويو. ھن کي سندس پيءُ اين ( An) ڪُن چوڻ جو اختيار ڏنو ۽ اُھو اختيار استعمال ڪندي ھن دنيا جا پھريان انسان خلقيا. وڏو عرصو گذرڻ بعد جڏھن انھن ماڻھن، خدائن جي عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ گوڙ مچايو تہ اينلل خدا وڏو طوفان (Great flood) آڻڻ جو فيصلو ڪيو. اھڙو فيصلو ٻڌي باقي سمورا خدا ڏڪڻ لڳا. انھن مان ھڪ خدا اين ڪي (Enki) زمين تي ھڪ نيڪ شخص اوٽناپشٽم(Utnapishtim) کي ٻڌايو تہ وڏو طوفان اچڻ وارو آھي، سڄي دنيا ختم ٿي ويندي، تون ھڪ وڏي ٻيڙي ٺاھ ۽ ماڻھو، پکي پکڻ ۽ جانورن جو ھڪ ھڪ جوڙو ان ٻيڙيءَ ۾ رکُ. نيٺ طوفان آيو ۽ دنيا جا سمنڊ زمين ڏانھن ڪاھي پيا، نتيجي طور سڀ ماڻھو مري ويا، جنھن بعد اينلل خدا ٻيھر ڪُن چئي وري نئين سر ٻيا انسان پيدا ڪيا.“
______________
رشيد احمد خاصخيلي فري لانس ليکڪ آھي ۽ ڄامشوري سنڌ ۾ رھي ٿو