سنڌ جي ھڪ تاريخي درسگاھ کي بند ڪرڻ جي سازش
پاڪستان کان اڳ قائم گورنمينٽ ڪاليج ڦُليليءَ کي بند ڪرائڻ لاءِ ڪاليجن ۾ داخلائن واري اليڪٽرانڪ پروگرام جي پورٽل تان ڪاليج جو نالو ھٽائي داخلائن جو عمل بند ڪيو ويو آھي
پروفيسر طارق حسين جلباڻي
ھڪ مخصوص نسلي جماعت سان لاڳاپيل ڪي سياستدان، ڪامورا ۽ مفاد پرست ماڻھو حيدرآباد ۾ قائم تاريخي درسگاھ گورنمينٽ ڪاليج، جنھن کي ڦُليلي ڪاليج بہ سڏيو ويندو آھي، تنھن کي بند ڪرائڻ جي سازش تي عمل پيرا آھن پر سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪو نوٽيس ڪونہ ورتو آھي.
گورنمنٽ ڪاليج حيدرآباد، جيڪو ڪاري موريءَ تي واقع آهي ۽ ڦليلي واھ جي ڪپ تي ھجڻ ڪري ڦليلي ڪاليج به سڏيو ويندو ھو، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ورثي جو هڪ اهم نشان رهيو آهي. پاڪستان کان اڳ قائم هن ڪاليج نه رڳو تعليمي ميدان ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون، پر ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جي علمي تربيت جو مرڪز پڻ رهيو. اٽڪل ھڪ صديءَ کان ھن ڪاليج جا دروازا علم جي اُڃايل شاگردن لاءِ کليل رهيا، جتي قوم جي مستقبل جا معمار تيار ٿيندا رهيا.

پر افسوس جو مقام آهي ته اهڙو تاريخي ۽ علمي سرمايو بندش جو شڪار ٿي چڪو آهي. هي رڳو هڪ ڪاليج نه، پر هڪ تحريڪ هئي، هڪ شعور هو، جنهن کي بي رحماڻي طريقي سان ختم ڪيو پيو وڃي. ڪاليج جي بندش سان نه صرف هزارين شاگردن جو مستقبل اونداهين ۾ ڌڪجي پيو، پر سنڌ جي علمي دنيا مان هڪ روشنيءَ جو ڏيئو وسامي وارو آھي.
ان سازش ۾ ڪاليج جي المنائي ايسوسيئيشن ۽ ھڪ پرنسپال شامل بہ شامل آھن جن موتمار ڌڪ ھڻي ڪاليج کي تباھ ڪيو ته ٻئي پاسي وري جيڪي خاموش تماشو ڏسندا رهيا، اُهي سڀ تاريخ آڏو ڏوھاري آهن. خاموش رهڻ به هڪ جرم آهي، ۽ سڀ خاموش تماشائي به انهيءَ ڏوھ ۾ شريڪ آهن.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو هر باشعور ماڻهو، شاگرد، استاد، سماجي ڪارڪن، ۽ علم دوست گڏجي، هر فورم تي آواز اٿارين. کين سخت احتجاج ڪرڻو پوندو ته جيئن هي تاريخي درسگاهه بحال ٿئي ۽ ٻيهر پنهنجو وقار بحال ڪري سگهي. ڪاش اسان جا ماڻهو پنهنجو حصو ادا ڪن ۽ هن علمي اثاثي کي بچائين، ڇو ته گورنمنٽ ڪاليج حيدرآباد بچندو ته سنڌ جي تعليم بچندي.
ھن ڪاليج کي تاريخي ۽ قديمي اداري ھجڻ جي ڪري يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. پر ھڪ سازش سان 2020 ۾ ھن اداري جي ايس اين اي ۽ بجيٽ يونيورسٽيءَ ۾ شفٽ ڪرائي وئي. اھو ڪم سابق چيف سيڪريٽري سھيل راجپوت جي مدد سان ڪيو ويو جيڪو خزاني جو سيڪريٽري به رھيو آھي. سنڌ جي وڏي وزير سان ويجھو رھڻ سان سندس چوڻ تي ھن تاريخي اداري کي ختم ڪرڻ جي پھرين ڪاھ ڪئي وئي پر خوش قسمتيءَ سان پھرين مستقل وائيس چانسلر ڊاڪٽر طيبه ظريف مقرر ٿي جنھن يونيورسٽيءَ کي تمام گهڻي ترقي وٺرائي ۽ گورنمينٽ ڪاليج کي گورنمينٽ سنڌ جي تحت پئي ھلرايو، يونيورسٽي جو درجو ملڻ بعد ھيءُ ڪاليج ڊگري نه رھيو ۽ انٽرميڊئيٽ تائين ھلندو رھيو.

ڇا ڪاڻ تہ ويجھي پسگردائيءَ ۾ گورنمينٽ سنڌ جو ڪو بہ ڪاليج ڪونھي ان ڪري هيرآباد ، عامل ڪالوني ، ٽنڊو ولي محمد ، بلديا ڪالوني، امين آباد، مبارڪ ڪالوني ، ھالا ناڪا، لالو لاشاري ، واڻڪي وسي، خورشيد ڪالوني، آسرا وليج، ھٽڙي ۽ ٻين علائقن جا انٽرميڊئيٽ جا مسڪين ٻارڙا تعليم وٺندا رهيا. بدقسمتيءَ سان ڊاڪٽر طيبه ظريف جو چئن سالن جو مُدو پورو ٿيو تہ ھڪ وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد آرائين مقرر ٿيو جيڪو پاڻ ھن ڪاليج جو شاگرد رھي چڪو آھي پر امجد آرائينءَ جو پنھنجو ذاتي ھڪ ھاء اسڪول ويجھو ئي ھلندڙ آھي جتي انٽر ۽ فرسٽ ائير جا ٻار پڙهندا آهن. ھن پنھنجي وقتي وائيس چانسلر ھجڻ جو فائدو وٺندي سابق ايم پي اي عبدالرحمان راجپوت سان ملي ڪري سيڪريٽري ڪاليجز شھاب انصاري کان ھن تاريخي گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪرايو. پهرين مرحلي ۾ فرسٽ ايئر جي داخلا جو پورٽل بند ڪيو ويو.
اڳوڻي ايم پي اي رحمان راجپوت جي فرمائش تي سيڪريٽري جو قدم سيڪريٽري ڪاليجز قمر شھاب انصاري طرفان سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو ۽ تاريخي ادارو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري سنڌ اليڪٽرانڪ سينٽرالائيزڊ ڪاليج ايڊميشن پروگرام SECCAP جي پورٽل تان ڪاليج جو نالو ھٽايو ويوآھي جڏهن ته ھن وقت ڪاليجن ۾ داخلائن جو عمل ھلي رھيو آھي ۽ ھيل تائين پورٽل تي 700 کان وڌيڪ داخلا درخواستون اچي چڪيون آهن ۽ 250 شاگرد جن جون مارڪون Al گريڊ جون آهن، تن جون داخلائون ٿي به چڪيون آهن. ڪاليج جي ڪارڪردگي اھا آھي جو سالانه امتحان 2024 ۾ 6 شاگرد ٽاپ 20 ۾، Al گريڊ پري انجنيئرنگ ۾ 150، پري ميڊيڪل ۾ 110, A گريڊ پري انجنيئرنگ 200 ، پري ميڊيڪل 180 ۽ B گريڊ پري انجنيئرنگ 120 پري ميڊيڪل ۾ پاس ٿيا آھن. ھي مکيہ ڪاليج گهاگهرا موري، نيو حيدرآباد سٽي، ھٽڙي، مسڻ وڏي حر ڪيمپ، بلديا ڪالوني ھير آباد ، عامل ڪالوني سميت ھڪ وڏي انگ ۾ آباد حيدرآباد جي شهرين جو محبوب ادارو آهي.

جڏهن 2018 ۾ يونيورسٽي جو ائڪٽ پاس ٿيو ته ان جي شِق 61 جي پيرا 1 ۽ 2 ۾ واضع لکيو ويو ھو ته ڪاليج اڳ جيان انٽرميڊيئٽ تائين تعليم جاري رکندو ۽ گورنمينٽ فند ڏيندي رھندي پر 2019 کان پوءِ ڪاليج جي SNE بجٽ بڪ مان خاج ڪئي وئي جڏهن ته 66 استاد 42 ننڍا ملازم ۽1500 شاگرد ڪاليج ۾ موجود ھئا. ان صورتحال ۾ ان وقت جي ڊائريڪٽر ڪاليجز پروفيسر ڊاڪٽر عبدالحميد چنڙ ليٽر No. DCEHRH (Admn) /2021 – 22/545…Dated: 23-112021 لکيو ته ڪاليج سنڌ گورنمينٽ جو آهي تنهن ڪري ان کي زبيده گرلس ڪاليج جي 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بند پيل گرلس ھاسٽل ۾ منتقل ڪيو وڃي. گڏوگڏ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز پڻ No. DGCS/DI/44/2022Karachi.Dated: 28-1-2022 تي ليٽر لکي ساڳيو پروپوزل موڪليو جنهن بنياد تي اڳوڻي سيڪريٽري ڪاليجز سيد خالد حيدر شاھ آڊر NO. SO(GA) CED/K. MORI/HYD/2022. Dated: 24-6-2022 تي 30 استاد ۽ 20 ننڍن ملازمن جو 35,819.000 روپين جو بجٽ منظور ڪرايو پر ڪن ڳجهن سببن جي ڪري اھا رقم بجٽ ۾ بڪ ۾ نه آئي ڇاڪاڻ ته اھا رقم ڪاسٽ سينٽر HB0728 بدران ڪاليج جي پراڻي نالي” ڊي جي نيشنل گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد “نئين ڪاسٽ سينٽر HB0788 تحت اچي رهي هئي جيڪو متصب ذھنن لاءِ قابل قبول نه ھو.
موجوده سيڪريٽري قمر شھاب انصاريءَ جي مقرري ٿيندي ئي وري اڳوڻي ايم پي اي رحمان راجپوت سيڪريٽريءَ سان ملاقات ڪئي ۽ فرمائش ڪئي ته توهان ڪاليج اسان جي پسنديده ماڻهن کي ڊيپوٽيشن تي رکي ھلايو يا ڪاليج بند ڪريو. سيڪيٽريءَ فارملٽيءَ طور سيڪريٽري طرفان ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز کي ان معاملي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد پڻ ليٽر No. RDCH/(Permission) 2024-25/3/Hyd. Dated: 2-7-2025 موڪليو جنهن ۾ ڪاليج جي پرفارمنس آڌار زبيده گرلس ڪاليج جي بند پيل ھاسٽل ۾ منتقلي جو مشورو ڏنو ويو پر رپورٽ پهچڻ کان پهرين سيڪريٽريءَ ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز کي زباني حڪم ڏنو تہ پورٽل بند ڪري انٽر جي شاگردن کي ڪنهن ويجهي ڪاليج ۾ شفٽ ڪيو وڃي. اھڙو اهم فيصو ڪرڻ، سو بہ ان وقت جڏهن وزير تعليم سيد سردار شاھ به ملڪ ۾ موجود نه آهي، حيرت جوڳو عمل آهي.

ياد رهي ته هن کان پهرين به ڪاليج کي بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون هيون پر سول سوسائٽي، استادن، والدين ۽ شاگردن سخت مخالفت جي ڪري اهو معاملو دٻجي ويو ھو.
ھن تاريخي ڪاليج لاءِ ورھاڱي کان اڳ ھڪ سرنديءَ واري سٺ کن ايڪڙ زمين ڏني ھئي جتي ڪاليج جي عمارت قائم آھي ۽ اُن سان گڏ ھاسٽل ۽ اسٽاف جي رھائشي ڪالوني بہ اھي. ڪا ڏھ پندرھن ايڪڙ زمين بچيل ھئي جنھنڪري سنڌ حڪومت شھر جي ھڪ ٻئي علائقي ۾ يونيورسٽيءَ لاءِ ھڪ سئو ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي ھئي.
___________



