Editor's pickMain Slideڏکڻ اوڀر ايشياڪالم

ويٽنام توکي سلام

ليکڪ چين گھمڻ مھل ويٽنام جي سرحد تائين بہ ھليو ويو.

چين جي سفرنامي ”مريم جي ديس ۾“ ڪتاب تان ليکڪ جي ٿورن سان ورتل

يوسف سنڌي

چين جي شھر نئننگ پھچي هِتان هُتان جون خبرون چارون ڪندي ڊاڪٽر وشال کان پُڇيم، ”ويٽنام هتان کان ڪيترو پري آهي؟“

”ٻن ڪلاڪن جي پنڌ تي ويٽنام جو بارڊر آهي.“ وشال وراڻيو.

”هلي سگهجي ٿو؟“ مون پڇيو.

”هلنداسين، ڪو مسئلو ڪونهي.“ وشال وراڻيو.

پر، پروگرام ٺاهيندي ٺاهيندي سڄو مھينو گذري ويو. هڪ ته وشال جون مصروفيتون، ٻيو ڊگهي مسافري هئڻ سبب ڪنھن اهڙي دوست جي گهرج هئي، جنھن وٽ ڊرائيونگ لائسنس هجي. ايندي ويندي لڳ ڀڳ پنج سؤ ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي. جنھن لاءِ کشين چيو ته هوءَ ايتري ڊرائيو نه ڪري سگهندي. وشال ڪار ته هلائي ٿو وڃي، پر ڊرائيونگ لائسنس نه هئڻ سبب چيني قانون موجب هو ڪار ڊرائيو نه ٿو ڪري سگهي.

منھنجا پاڪستان ورڻ جا ڏينھن ويجها ٿيندا ويا ته مون ويٽنام بارڊر ڏسڻ جو آسرو لاهي ڇڏيو. اهو ته شڪر ٿيو جو هڪ سال جي وڌيڪ ويزا لڳي ويئي، نه ته اڄ اٺين نومبر تي آءٌ ويٽنام بارڊر جي شھر ’تونگ شين‘ وڃڻ بدران، ايئرپورٽ تي پاڪستان لاءِ فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٺل هجان ها.

ڊاڪٽر وشال جي هڪ دوست ڊاڪٽر ذيشان سان گذريل هفتي پروگرام ٺھيو، جيڪو لائسنس هولڊر آهي، ته هو گڏجي هلندو، پر ان ڏينھن کشين اڪو پنڪچر ڊاڪٽر کي مون کي ڏيکارڻ لاءِ وقت ورتو هو، تنھنڪري ”پھرين صحت سرير جي، پوءِ پرينءَ جو پاسو“ تي عمل ڪندي، ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ کي ترجيح ڏنم. پوءِ وري ڊاڪٽر ذيشان پنھنجي مصروفيتن جي ڪري وقت ڪڍي نه سگهيو.

ڪلھ رات وشال، کشين سان اها ڳالھ ڪئي ته، ”ابو، يونان بارڊر وارو شھر ’تونگ شين‘ ڏسڻ ٿو گھري. پر ڪيئن هلجي؟ جو پروگرام بيھي ئي ڪونه ٿو.“ ٿوري دير کشين ڪجھ سوچيو، پوءِ چيو، ”تونگ شين“ منھنجو ڏٺل وائٺل شھر آهي. اُتي مون گهڻا سال اڳ ’پرفيومز‘ جو ڪاروبار ڪيو هو ۽ ان ۾ گھڻو نقصان ٿيو هئم. ابوءَ کي چئو ته پرينھنءَ ’يونان‘ بارڊر هلنداسين.

وشال مون کي ان ئي مھل چيو ته، ”کشين چوي ٿي ته پرينھن يونان بارڊر هلنداسين.“

”يونان…؟“مون سواليا نظرن سان وشال ڏانھن ڏٺو.

”چيني ويٽنام کي يونان چوندا آهن.“ وشال ٻڌايو، اهو ٻڌي منھنجي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي، ”پر کشين کان وعدو وٺ… متان ڦِري نه وڃي.“  وشال کشين ڏانھن ڏسندي چيو.

مون کشين کي اشارو ڪندي چيو ته، ”شنگ شين (پرامز). پڪو وعدو ٿي ڪرينءَ.“

”شنگ شين (پرامز)“، کشين آڱوٺو مٿي ڪندي، وراڻيو. جنھن تي مون ڏانھنس پنھنجو هٿ وڌايو ۽ هٿ ملائي پڪو وعدو ورتو.

اڄ جڏهن اسان پنج ئي ڄڻا، آءٌ، وشال، کشين، نسيم ۽ مريم، نئننگ مان ڪار ۾ روڊ ذريعي چيني سرحدي شھر ’تونگ شين‘ وڃي رهيا آهيون ته آءٌ نه رڳو گھڻو ايڪسائٽيڊ آهيان، پر خوشيءَ مان ڄڻ کِليو پيو کِجڪان ڪريان. هڪ اهڙي سرزمين کي سلام ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهيو آهيان، جيڪا سورمن ۽ سورمين جي سرزمين آهي. جنھن جي تاريخ بھادري، قرباني، سورهيائي ۽ پرماريت  جي خلاف جدوجھد سان ڀري پئي آهي. هڪ اهڙي قوم جنھن نه رڳو فرانس کي ملڪ مان ڊوڙائي ڪڍيو، پر آمريڪا جھڙي اَجگر کي به تيڪائي تيڪائي ماري مڃايو.

ڪار نئننگ ڇڏي ’تونگ شين‘ واري رستي تي چڙهي. روڊ ڏاڍو خوبصورت ۽ ٽو وي هو ۽ ٻنهي پاسن يعني اچڻ ۽ وڃڻ واري پاسي ٽن ٽن گاڏين جي هلڻ لاءِ لائينون ٺھيل هيون. ٻنهي پاسن کان جبل ئي جبل هئا. پر انهن جو هڪ پٿر به نظر نه ٿي آيو. ساوڪ ئي ساوڪ، وڻڪار ئي وڻڪار. لطيف سرڪار جي لفظن ۾ ’وڏا وڻ وڻڪار‘ جا هئا. پر اتي نيلا نانگ نه هئا، روڊ جا ٻئي طرف، جتي فوٽ پاٿ ٽائپ ڌڪا ٺھيل هئا. اهي به وڻن ۽ ٻوٽن سان ڀريا پيا هئا. ٻنهي روڊن جي وچ ۾ جيڪو اسپيس هو، اهو به وڻن ۽ گلن سان جنجهيو پيو هو. حڪومت پاران انهن وڻن جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪئي ويندي آهي، هر هفتي فوڪر جھازن جي ذريعي انهن وڻن مٿان ڦوهارو ڪيو ويندو آهي. جنھن سان نه رڳو اهي وڻ ڌوپجي ويندا آهن، پر ان ڦوهاري سان گڏ وڻن جي واڌ ويجهه لاءِ دوا ڇٽڪارڻ سبب اهي وڌيڪ نکرجي ويندا آهن. منھنجون اکيون ٻاهرين ساوڪ تي کُتل هيون،کشين چيني موسيقي هلائي ڇڏي هئي. جنھن جي سُر سان هوءَ به سُر ملائي رهي هئي.

اڳتي وڌياسين ته وشال پڇيو، ”واش روم جي ضرورت ڪونهي.“

”في الحال ته ڪونهي.“ جواب ڏنم.

”ضرورت پئي ته ٻڌائجو. هر ويھن ڪلوميٽرن کان پوءِ واش رومز ٺھيل آهن.“ وشال ٻڌايو.

”واهه… واهه.“ دل ۾ چيم، ”حڪومت ڪيتري نه ذميوار آهي ۽ پنھنجن ماڻهن جو ڪيترو نه خيال ٿي رکي.“

رستي جي ٻنهي پاسن ننڍا ڳوٺ نظر اچي رهيا هئا. جيڪي پنھنجن ڳوٺن جھڙا نه پر پڪا هئا، انهن کي پڪن رستن، بجلي، گئس، پاڻي ۽ ٻيون گهربل سھولتون مليل هيون. رات جو جڏهن واپس موٽياسين ته پري ۽ ويجهو انهن ڳوٺن جون روشنيون ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيون هيون.

ان سفر لاءِ وشال پاڻيءَ جون بوتلون، جوس، ٽافيون، بسڪوٽ ۽ ٻين الائجي ڪيترين ئي کاڌي پيتي جي شين جون ٿيلھيون ڀري کنيون هيون، جيڪي ان سفر جي دوران اسان جي وات کي هلائينديون رهيون.

ڪار جڏهن ’تونگ شين‘ کان پنجاهه ڪلوميٽر اورتي هُئي ته اسان بارڊر پوليس چوڪي تي بيٺاسين. هنن اسان کان حال احوال پڇيو، جيڪو کشين کين چيني ۾ ٻڌايو. پوءِ هنن اسان کي پريان وڃي ڪار بيھارڻ جي لاءِ چيو.

”خير ته آهي؟“ مون اُلڪي مان پڇيو.

”ها خير آهي، ڪو مسئلو ڪونهي، پوليس تنگچي (رجسٽريشن) ڪندي.“ وشال چيو. اسان چارئي ڪار مان لٿاسين، وشال پنھنجو ۽ اسان جا پاسپورٽ کنيا. اسان وري ساڳئي هنڌ تي موٽي آياسين ته انچارج کشين ۽ وشال کي اتي بيھڻ جو چيو ۽ اسان کي ’شي شي‘ چئي وڃي ڪار ۾ ويھڻ جي لاءِ چيو. آءٌ ۽ نسيم، مريم کي کڻي واپس اچي ڪار ۾ ويٺاسين. کشين ۽ وشال کي اتي پندرهن منٽ کن لڳي ويا. پوءِ هو ٻيئي هڪ پوليس واري سان گڏ ايندي نظر آيا. مون سمجھيو ته متان هنن ڪو اعتراض نه واريو هجي، ڪو بھانو نه ڪيو هجي ته ”کشين مائي تون هنن پاچيستانين کي سرحدي شھر ڏانھن ڇو پئي وٺي وڃين.“ وغيره وغيره. جيئن پنھنجي پياري پاڪستاني پوليس ڪندي آهي. پر اهڙي ڪابه ڳالھ نه هئي. ڪارجي ڊگي کولي ڏٺائين. پوءِ ٻه ٽي منٽ بيھي وشال ۽ کشين سان دوستاڻي نموني ڪچھري ڪري ”شي شي“چئي، اسان کي اڳتي وڃڻ جي موڪل ڏنائين. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ وري ڪار ٽول ٽئڪس ڏيڻ جي لاءِ ’ٽول پلازا‘ تي بيٺي. جتي پاڻ وانگر گاڏين جون قطارون هيون. هڪ ڇوڪري ٺھيو جُڙيو چمن گڏي ٿيو ويٺي هئي. هتي ٽول ٽئڪس به ’وي چيٽ‘ جي ذريعي ادا ڪري سگهجي ٿو. کشين پنھنجي موبائيل کي سامھون لڳل ڪوڊ سان اسڪين ڪيو ته سندس اڪائونٽ مان اسي يوان ڪٽجي ويا ۽ ميسيج سان گڏ گاڏيءَ جو نمبر سامھون آيو ۽ سامھون ’بئريئر‘ کليو ۽ ڪار اڳتي رواني ٿي. واپسي ۾ به اسي يوان ڏيڻا پيا. يعني اوٽ موٽ هڪ سؤ سٺ يوان ٽول ٽئڪس ڏيڻون پيو. بظاهر ته اهو ٽئڪس گهڻو ٿو لڳي، پر رستا، انهن جي سار سنڀال، گلڪاري ۽ سيفٽي ڏسي اهو چوڻون نه ٿو پوي ته ”حڪومت سڀ پئسا کايو وڃي.“

نيٺ ڪار ’تونگ شين‘ ۾ داخل ٿي. جڏهن هيڏانھن پي آياسين ته مون سمجهيو ته سرحدي شھر هئڻ سبب مڙيئي ڪو ننڍو ۽ پٺتي پيل شھر هوندو، پر شھر ۾ گهڙندي ايئن لڳو ته ڪنھن وڏي شھر ۾ اچي ويا آهيون. وڏيون عمارتون، شاپنگ مال، مارڪيٽون، پارڪنگ وغيره. گهڻن هنڌن تي اڏاوتي ڪم به جاري هو. کشين ڪار پارڪنگ ۾ بيھاري. سڄي چين ۾ مارڪيٽن ۽ پلازائن جي هيٺان پارڪنگ ٺھيل آهن. اتي گاڏي اندر ڪريو، پاڻمرادو انٽري بئريئر کلندو ۽ ڪمپيوٽر جي ذريعي گاڏي جي انٽري ٿي ويندي آهي. واپسيءَ مھل بئريئر وٽ ’وي چيٽ‘ اسڪين ڪرڻ سان پارڪنگ في ڪٽجي ويندي. گاڏي پارڪ ڪري ماڻهو هر اُلڪي کان آجو ٿي وڃي گهمندو.

ڪار هيٺ پارڪ ڪري لفٽ وسيلي مٿي چڙهياسين ته هڪ مارڪيٽ ۾ اچي نڪتاسين، جيڪا به ڪافي وڏي هئي. ڪپڙن، رانديڪن، فرنيچر ۽ ٻي سامان جا دڪان هئا. منھنجي نظر ڦرندي رهي. نيٺ وڃي هڪ شوپيسن جي دڪان تي پئي. مون ڏٺو ته اتي ٻين ڪيترن ئي خوبصورت شوپيسن سان گڏ ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ ۽ مائوزي تنگ جا خوبصورت مجسما رکيل هئا. مون وشال کي سڏ ڪري چيو، ”پشو! هيڏانھن ڏس! پاڻ سڄو مھينو نئننگ ۾ هنن يارن کي ڳولھيندا وتياسين، پر هي اُتي پاڻ کي نه مليا ۽ هِتي پنھنجي استقبال لاءِ بيٺا آهن.“

”ٺيڪ آهي… واپسيءَ مھل وٺنداسين.“

مارڪيٽ مان ٻاهر نڪري ’تونگ شينگ‘ جي مکيه چوڪ تي پھتاسين. گاڏين جي اچ وڃ جاري هئي. هوٽلون ۽ مختلف شين جا دڪان به هئا. صفائي سُٿرائي اهڙي جو مک پي تِرڪي. سامھون وڏو گيٽ ٺھيل هو. ان جي مٿان رستو هو. ان جي ڀر ۾ ڏاڪڻيون هيون، جيڪي چڙهي ماڻهو مٿي پي ويا.

”اچو، مٿي هلئون، هن جي پرينءَ پاسي ويٽنام آهي.“ وشال چيو ۽ اسان پٿر جون ٺھيل ڏاڪڻيون چڙهي مٿي پھتاسين. اتي هڪ چڱيرڙو ميدان هو، جنھن جي چوڌاري هوٽلون ۽ دڪان هئا. دڪانن تي چيني شين سان گڏ ويٽنامي شيون ۽ سووينئر رکيل هئا. انهن ۾ مخصوص ويٽنامي ڇٻيءَ واري ٽوپي نمايان هئي.سامھون اميگريشن آفيس هئي. جتان ڪي ماڻهو اچي رهيا هئا ته ڪي بئگون ڇڪي وڃي رهيا هئا، جيئن ويٽنام ۾ داخل ٿي سگهن. اسان هلندا وري ڏاڪڻين تان هيٺ لٿاسين. وچ ۾ رستو هو، رستي سان گڏ هڪ ڀت ڏنل هئي. ڀت سان گڏ هڪ ننڍي ندي وهي رهي هئي. جنھن جي پرينءَ پاسي ويٽنام جو شھر ’مانگ اسٽريٽ‘ هو. سامھون ندي جي ٻي پاسي ڪافي وڻ ۽ ٻوٽا بيٺل هئا. هڪ قسم جو ننڍو جهنگ هو.ساڄي پاسي ٿورو پرڀرو هڪ وڏي عمارت نظر اچي رهي هئي. جنھن جي مٿان ويٽنام جو ڳاڙهو ۽ وچ ۾ پنجن ڪنڊن واري تاري سان جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو.

ويٽنام منھنجي سامھون هو. ندي ٽُپان ها ته ويٽنام ۾ داخل ٿي وڃان ها،پر مون وٽ ويٽنام  ۾ گهڙڻ جي ويزا نه هئي. جيتوڻيڪ اتان ويٽنام جي ويزا ملڻ سولي آهي، اها آن لائين اپلاءِ ڪرڻ سان ملي وڃي ٿي. مون اهڙي ڪوشش نه ڪئي هئي. البت ارادو اٿم ته ايندڙ سال مارچ ۾ ٻيھر ايندس ته ويٽنام جي ويزا وٺي اچبي ۽ هنوئي تائين وڃبو، جيڪو اتان کان ايترو پري به نه آهي.

اسان هلندا اچي ڀت وٽ بيٺاسين. هيٺ ندي هئي، جيڪا خاموش ۽ بيٺل هئي. ان ننڍي ندي ويٽنام ۽ چين کي ڌار ٿي ڪيو. ڪامريڊ مائوزي تنگ جي ملڪ مان ’چاچا هو‘ (ويٽنام ۾ هوچي منھه کي ’انڪل هو‘ به چون) جي ملڪ ويٽنام کي سلام ڪيم ۽ پنھنجن انهن سڀني سنڌي ڪامريڊن کي سلام ڪيم ۽ ياد ڪيم، جن لاءِ ويٽنام دل جي ڌڙڪن ۽ آزاديءَ جي جدوجھد جي علامت رهيو. محترم رسول بخش پليجي کي ياد ڪيم، جنھن هوچي منھه جي آتم ڪھاڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي. عظيم سنڌي کي ياد ڪيم، جنھن ’ويٽنام ۽ ويٽنامي انقلاب‘ جھڙو شاندار ڪتاب لکيو. رشيد ڀٽي کي ياد ڪيم، جنھن آنھه ڊڪ جي مشھور ناول جو ’ويرن جي وسندي‘ جي نالي سان سنڌي ترجمو ڪيو. منير احمد ماڻڪ کي ياد ڪيم، جنھن هوچي منھه جي لکڻين جو سنڌي ترجمو ڪيو. جنھن کي پوءِ مون سُڌاري سنواري ان تي تفصيلي مھاڳ لکي 2017ع ۾ ”انقلاب آزادي ۽ سوشلزم“ جي نالي سان ’روشني پبليڪيشن‘ پاران ڇپرايو. نجم عباسي، سيد اڪبر ۽ پرويز کي ياد ڪيم، جن ويٽنامي ڪھاڻين جا سنڌي ترجما ڪيا. آنھه ڊڪ جي هڪ ڪھاڻي جو ترجمو ”ڌرتيءَ جو قرض“ جي نالي سان مون به ڪيو آهي، انهن سڀني ڪامريڊن کي ياد ڪيم جن جون دليون ويٽنامي ڪامريڊن سان گڏ ڌڙڪنديون هيون. جڏهن ويٽنامي ڪا سوڀ ماڻيندا هئا ته هو اها پنھنجي سوڀ سمجهي خوشيون ملھائيندا هئا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا هئا. جڏهن ويٽنامي سورما ڪٿي ناڪام ٿيندا هئا ته هو اها پنھنجي ناڪامي سمجهي، ڏک ۾ وٺجي ويندا هئا. انهن سنڌي ڪامريڊن جي پنھنجي ڌرتي سان ته محبت هئي، پنھنجي ماڻهن سان ته هو ڪميٽيڊ هئا، پر هنن جي نظر ۾ سڄي دنيا جي مظلومن جو درد هنن جو پنھنجو درد هو. اهي نيشلسٽ هوندي به انٽرنيشنلسٽ هئا. نه فقط اسان جا اهي سنڌي ڪامريڊ، پر اسان جي شاعرن ۽ اديبن جون دليون به ويٽنامي سورمن سان گڏ ڌڙڪنديون هيون. سنڌي شاعرن ويٽنامي سورمن جي ڪاميابي تي کين پنھنجن شعرن ۾ زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ويٽ ڪانگن سائيگان (جنھن جو هاڻ نالو هوچي منھه سٽي آهي) تي حملو ڪيو ته عظيم شاعر شيخ اياز ”ويٽ ڪانگ جو سائيگان تي حملو“ جي عنوان سان شاندار نظم لکيو.

ڪوڪرا ڪن پيا                                سامراجي گدڙ

سامراجي ڪتا                                       هونءَ ڪيڏا به پڙ

شير جمھُور جا گرجندا ٿا وڌن                  شير جمھور جا ڏسي ٿا ڏرن

اي وطن! هيءَ خبر                                   بي وطن بي ڪفن

سج جھڙي مگر                                       لاش تن جا مٿن

هت ته ڪارا ڪڪر ڀرجندا ٿا وڃن                ائٽمي ڏند جانسن جا ڏڪن

واءُ ۾ وڍ آ                                             سوڀ هر سچ جي

ڀو به هي ڏڍ آ                              آس جي آرسي

ڏاڍا جي آڍ ڏاري وڌي آ ڪن.                  هانءَ هارين مٿان اي وطن، اي وطن

ڪوڙ ڪيڏو ڪُڏيو                             ڪوڪرا ڪن پيا

سچ ناهي لڏيو                               سامراجي ڪتا

سچ جي ناوَ تاري وڌي آ ڪن.                  شير جمھور جا گرجندا ٿا وڌن.

جيتوڻيڪ چين شروع ۾ ويٽنامين جي مدد ۽ ويٽنامين سان گڏجي وڙهيا ۽ لڳ ڀڳ پندرهن سؤ چيني سپاهي ويٽنامين سان گڏ وڙهندي شھيد به ٿيا، پر پوءِ هنن جي وچ ۾ ايڏا ته اختلاف ٿيا، جو چين سندن مدد ڪرڻ بند ڪري ڇڏي. مائوزي تنگ جي ڳاڙهي ڪتاب تي اُتر ويٽنام ۾ پابندي مڙهي ويئي.ويٽنام آزاد ٿيو ته هنڌ- چيني علائقي مان بظاهر ته آمريڪا شڪست کائي ڀڳو، پر هو پنھنجي سازشن کان نه مُڙيو. ڪمبوڊيا جي                                                                                                 مسئلي تي چين ۽ ويٽنام ۾ 1979ع ۾ جنگ به ٿي، پر هاڻ ٻنهي ملڪن ۾ بھتر لاڳاپا آهن. ويٽنام ۾ به ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت آهي، پر چين کان گهڻو پوئتي آهي. ڪرنسي جي ويليو به گهٽ اٿس ۽ آمريڪا سان ويجهڙائي ۽ بھتر لاڳاپا قائم ڪيا اٿس.

چين ۽ ويٽنام جي آزاديءَ جي جدوجھدن جي اڳواڻي ٻن شاعرن ڪئي، مائوزي تنگ به شاعر هو، ته هوچي منھه به شاعر هو. جيتوڻيڪ ٻنهي جي سُڃاڻپ شاعر واري ڪونهي، پر ٻنهي جي شاعريءَ چينين ۽ ويٽنامين جي رت گرمائڻ سان گڏ، سڄي دنيا جي آزادي پسندن کي متاثر ڪيو. هوچي منھه جي شاعري جو ڪتاب The prison diary سڄي دنيا ۾ مشھور آهي. ان ۾ ڇا ته متاثر ڪندڙ نظم آهن.

شعر چوڻ منھنجي عادت ته ڪونھي

پر، هِتي جيل ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪريان به ته ڇا؟

پر غلاميءَ جي هنن ڏينھن ۾ آءٌ شاعري ڪندس

۽ اُن شاعريءَ کي سُر ۾ ڳائيندس

آزاديءَ جي ڏينھن کي ويجهو آڻيندس.

*

دنيا ۾ انسان جون بُرايون هزارين ٿي سگهن ٿيون،

پر آزادي ڦرجڻ کان وڌيڪ

بُري ٻي ڪا به ڳالهه ڪونهي

انسان کي اهو حق به نه ٿو ملي ته هو

ڪو گُفتو وات مان ڪڍي سگهي يا ڪو هلڪو

اشارو ڪري سگهي.

اسان کي گهوڙن ۽ جانورن وانگر هڪليو وڃي ٿو

سڄي دنيا ۾ جنگ جا شعلا ڀڙڪي رهيا آهن.

۽ ماڻهو لامَ ٿي وڃڻ لاءِ هڪٻئي سان ريس ڪري رهيا آهن

جيل ۾ قيدي بي وس ٿي رهجي ويو آهي

منھنجي اُڌمن ۽ اُمنگن جو هڪ ٽڪي جيترو به قدر ڪونهي.

*

غلاميءَ کان موت ڪيترا

درجا وڌيڪ بھتر آهي

منھنجي ملڪ ۾ هر هنڌ آزاديءَ جا جهنڊا جهولي رهيا آهن

آهه! اهڙي وقت ۾ قيدي هئڻ به بدقسمتي آهي.

آءٌ ڪڏهن آزاد ٿيندس جو،

آزاديءَ جي جنگ ۾ پنھنجو ڪم ڪري سگهندس.

*

روزانو صبح جو جبلن جي چوٽين تان سج اُڀري،

جبلن جي لاهين کي ڳاڙهي رنگ ۾ رڱي ٿو ڇڏي

فقط جبل جي سامھون اونداها پاڇا ڇانيل رهن ٿا

۽ جبل جي ڪوٺڙين ۾ سج کي اندر اچڻ جي موڪل ڪونهي

قوما (ويٽنام جو شاعر) فطرت جي حُسن

برف، ڌنڌلڪي، گلن، هوائن، جبلن، دريائن جا گيت ڳائيندو هو،

اڄ اسان کي لوهه ۽ فولاد کي به شاعريءَ جو موضوع بنائڻ گهرجي.

*

منھنجا ديس واسيو! اوهان پنھنجن گهرن ۾

آرڻ جي فصل لھڻ تي خوشيون ملھائي رهيا آهيو

قيد ۾ مصيبتن جي پيالن پيئڻ وارن کي به ياد ڪندا رهجو.

*

۽ هڪ شاعر ۾ حملي

جي اڳواڻي ڪرڻ جي

صلاحيت هئڻ گهرجي.

دل ته چوي ٿي ته ’چاچا هو‘ جي سڄي جيل جي ڊائري هتي ترجمي جي صورت ۾ اُتاري ڇڏيان.

مائوزي تنگ جي شاعريءَ ۾ آزادي جي تڙپ سان گڏ فطرت جي حسن جا رنگ به آهن ۽ هوچي منھه جي شاعريءَ جي لفظ لفظ ۾ آزادي لاءِ تڙپ موجود آهي.

مائوزي تنگ جيڪو چوندو هو، ”سامراج ڪاغذي شينھن آهي.“ اهو جڏهن سامراج کي للڪاري ٿو ته سندس لفظ هيئن ٿا شاعريءَ جو روپ اختيار ڪن:

او! ظالم سامراجي هوا

توکي خبر آهي،

چانڊوڪيءَ جي پوياڙيءَ ۾

جهنگلي ڪڪڙ جو آواز ٿئي ٿو،

چانڊوڪي جي پوياڙيءَ ۾

گهوڙن جا سُنب وڄندا آهن،

انهيءَ مھل

اسان دڙي وٽ بيٺل ديوار کي،

پار ڪريون ٿا،

اسان جا ساٿي ۽ اسين

سڀني ديوارن کي پار ڪريون ٿا.

انهن پھاڙن کي

نيري سمنڊ کي

رت جي رڱيل سج کي

پار ڪريون ٿا

مضبوط ارادن سان

فولادي ضابطن سان

وڏي جوش ۽ ولولي سان

سڄي جھان کي پار ڪريون ٿا.

آءٌ ڪيتري ئي دير ان ڀت تي هٿ رکيو بيٺو هوس، منھنجون نظرون پرينءَ پار ويٽنام جي ڌرتي تي کُتل هيون ۽ منھنجي ذهن ۾ سوچن جي يلغار هئي ۽ هڪ سوال بار بار اُڀري رهيو هو. ’منھنجي سنڌي قوم ڪڏهن آزاد ٿيندي، ويٽنامين جيان پنھنجي ڇيڙي نبيريءَ جي مالڪ ٿيندي.‘

”ابو هاڻ هلئون. اوهان کي بُک لڳي هوندي.“ وشال جي لفظن منھنجي خيالن جو سلسلو ٽوڙيو ۽ وشال ڏانھن ڏسي مرڪي پيس. مون ته هڪ سپنو پي اُڻيو پنھنجي ذهن ۾ پنھنجي وطن جي آزاديءَ جو سپنو ۽ وشال جا لفظ مون کي حقيقي دنيا ۾ وٺي آيا.

”هائو… هلو.“ مون هڪ نظر وري سورمن جي سرزمين تي وڌي ۽ جهڪي هٿ جوڙي ان ڌرتيءَ کي پرڻام ڪيو ۽ وشال سان هلڻ لڳس. مريم اسان جي اڳيان ڦڏڪ ڦڏڪ ڪري هلڻ لڳي. سندس خوشي ۽ کل اندر ۾ بھاريون پيدا ڪري رهي هئي. ان مھل مون کي منھنجي پوٽين افق، شفق ۽ منھنجي ڏهٽي حرم الزهري جي ياد آئي. مائي ايشال ته اڃا ننڍي آهي، اهي ٽيئي جي هتي هجن ها ته مريم سان گڏجي کڻي آسمان مٿي تي کڻن ها.

اسان ونڊو شاپنگ ڪندا، هوريان هوريان هلندا، سامھون هڪ هوٽل ڏسي، ان ۾ وڃي ويٺاسين. اسان کي اندر ايندي ڏسي، چيني هوٽل واري ”ني هائو“ چئي اسان جو آرڊر ڀاءُ ڪيو. چيني گهڻا قربائتا، پنھنجائپ ۽ پيار ڏيندڙ آهن.

ڪرسين تي ويٺاسين ته وشال کي چيم ته ”ڪا هلڪي ڦلڪي ماني گهرائج. اهڙي جيڪا کائي سگهون.“

وشال ۽ کشين ڪائونٽر تي ويا. وي چيٽ ذريعي پئسا ڏيئي ماني جو آرڊر ڏنائون. سڄي چين ۾ اهو آهي ته مينو ڏسي، ان مان ائٽم سليڪٽ ڪري پئسا ادا ڪري پوءِ چونڊيل شين جو آرڊر ڏيندا آهن. ڪھڙي شئي ڪيتري جي آهي. اگهه مينيو تي لکيل هوندو آهي، چين هڪ لحاظ کان ڄڻ ڪرنسي فري ملڪ ٿي ويو آهي. وي چيٽ ۽ علي پي اڪائونٽ اٿوَ ته پوءِ کيسي ۾ ڪرنسي کڻڻ جي ضرورت ئي ڪونهي. سڄي ڏيتي ليتي ان وسيلي، نه پئسا وڃائجڻ جو ڊپ، نه چوري چڪاري يا ڦرجڻ جو اُلڪو.

ماني آئي ته ان ۾ چانورن جو پيالو، سلاد، موريءَ جو سوپ ۽ هڪ بوائل چڪن پيس هو. چيني پاڻ واري ماني يا نان ڪونه کائين. باقي چانور، گوشت، مڇي، سبزين ۽ فروٽ ۽ سي فوڊ تي وڏو مارو اٿن. مون چانور ۽ سلاد کاڌو، ۽ موريءَ جو سوپ پيتو. پر ڪوشش جي باوجود چڪن پيس مان فقط هڪ ٻه ٻوٽيون ئي کائي سگهيس. باقي وشال ڏانھن سيريم، جيڪو چائينيز کاڌو کائڻ تي هريل آهي. مانيءَ مزو ته نه ڏنو، پر پيٽ پوڄا ته ڪرڻي هئي. کشين نوڊلس کاڌا.

ماني کائي آءٌ ٻاهر اچي بيٺس ۽ واءُ سواءُ وٺڻ لڳس. تيسين کشين، وشال، ۽ نسيم به ماني کائي ٻاهر نڪتا. وشال چيو ته، ”پوليس آئي آهي، پنھنجو انتظار پئي ڪري.“ دل ۾ چيم، وري ڪھڙو مسئلو ٿيو؟ خير اسان چارئي ڄڻا گڏجي ان ديوار جي اڳيان ٺھيل هوٽل وٽ پھتاسين، جتي ڪيترائي فارينرس بيٺا هئا. پر سڀئي فار ايسٽ جي ملڪن جا هئا. سامھون پوليس جي ڪار بيٺي هئي. اسان کي ايندي ڏسي انهن مان هڪ ڄڻو لھي آيو ۽ کشين کان خبرون چارون پڇڻ لڳو ۽ چيائين ’ڪو مسئلو يا تڪليف ٿئي ته ٻڌائجو.‘ اسان سندن مھرباني مڃي. اصل ۾ هڪ ته ويٽنامي سرحد ڀر ۾ هئي ۽ ٻيو ته اسان جي شڪل ۽ صورت وارو ٻيو ڪو اتي نه هئڻ سبب پوليس الرٽ هئي. ويٽنامي اڪثر موقعو ۽ مھل ڏسي، ندي اُڪري، هٿڙي ڪري ڀڄي ويندا آهن. ٻيو ته اڪثر ويٽنامي ڇوڪريون، جن جو چيني ڇوڪرن سان رابطو هوندو آهي، اهي به ندي اڪري هن پاسي هليون اينديون آهن ۽ چيني ڇوڪرن سان پرڻجي ويھي رهنديون آهن. چيني ۽ ويٽنامين جي مُنھن مُھانڊن ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي. ٿوري دير پوليس اسان سان بيٺي رهي ۽ پوءِ اهو پڇي موڪلايائون ته ”واپس ڪڏهن ويندا؟“ کشين وراڻيو ته ”شام جو واپسي آهي.“ ”اوڪي! ڪو مسئلو ٿئي ته رابطو ڪجو.“ ۽ پوءِ همراهه مُرڪي سڀني سان هٿ ملايو. موڪلائڻ مھل همراهه جي خوش اخلاقي ڏسي چيومانس، ”اوهان سان هڪ فوٽو ڪڍائي سگهجي ٿو؟“ جواب ۾ مرڪي وردي تي هٿ هڻندي چيائين، ”ضرور ڪڍرايان ها، مون کي خوشي ٿئي ها، پر هينئر وردي ۾ ڊيوٽي تي آهيان.“

پوليس پوءِ يڪو اسان سان رابطي ۾ رهي. واپسيءَ مھل به جڏهن کشين شارٽ ڪٽ ڪندي ۽ هڪ ٻيو رستو ورتو ۽ ڀلجي ويئي ته به هو رابطي ۾ رهيا ۽ بار بار لوڪيشن پُڇندا رهيا ۽ رهنمائي ڪندا رهيا. چيني پوليس جي اهڙي ذميواراڻي رويي تي مون کي حيرت ٿي- اصل ۾ اهو سرحدي علائقو هو. ڪيترائي چيني ۽ ويٽنامي منشيات هيڏانھن هوڏانھن ڪرڻ سان گڏ وارداتون به ڪندا آهن، ان ڪري پوليس ’فارينرس‘ جي حفاظت لاءِ هر وقت الرٽ رهندي آهي. پوليس اسان سان تيستائين رابطي ۾ رهي، جيستائين اسان ’بارڊر چوڪي‘ ڪراس نه ڪئي، جتي اسان وڃڻ مھل رجسٽريشن ڪرائي هئي. اها چوڪي ڪراس ڪرڻ کان پوءِ پوليس وري اسان سان رابطو نه ڪيو.

پوليس ويئي ته اسان به پويان پير ڪيا ۽ واپسي ساڳئي چوڪ وٽ آياسين. جتي ڪيترائي ڏيھي ۽ پرڏيھي گهُمي ڦري رهيا هئا. کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻي سامان جا ڪيترائي دڪان هئا. هلندي کشين ناريل جو پاڻي ورتو. جيڪو خوبصورت ناريلن ۾ پيل هو. اهو اسان اسٽڪ سان پيتو. ناريل کي اهڙي ته خوبصورت نموني پشم ويڙهيل هئي، جو اُن جو پاڻي پيئڻ کان پوءِ اهو ڊسٽبن ۾ اڇلائڻ جي بدران شوپيس طور کڻي اچڻ تي دل پي چيو.

ڀرسان ئي شوپيسن جو هڪ دڪان هو. جنھن ۾ گهڙي وياسين، جتي ٻين ڪيترن ئي شوپيسن سان گڏ گوتم ٻڌ، ڪنفيوشس ۽ مائوزي تنگ جا سٺا ۽ وڏا، ڏيڍ، ٻن فوٽن جيترا اسٽيچو رکيل هئا. هيڏانھن آيس پي ته ٻن دوستن شاهزيب نوناري ۽ ضمير عباس ابڙي فرمائش ڪئي هئي ته سندن لاءِ گوتم ٻڌ جا ننڍا مجسما وٺي اچان. مون سڄي نئننگ ۾ اهي ڳولھيا، پر نه مليا. هتي جام رکيا هئا، پر ڪافي وڏا هئا ۽ جڏهن انهن جو اگهه پڇيم ته ساڻن وڌيڪ کؤنس ڪرڻ مناسب نه سمجهيم. ٽنھي مجسمن جي قيمت پاڪستاني روپين ۾ پندرهن سورهن هزار پي ٿي. منھنجي گهر واري نسيم کي به اهي گهڻو وڻيا ۽ چيائين ته ”حيدرآباد ۾ پنھنجو گهر وٺنداسين ته اهي وٺي اتي رکنداسين.“ مون سندس ڳالهه کي ٽيڪو ڏيندي چيو، ”تڏهن ته نٿو وٺان… پنھنجو گهر هجي ها ته وٺان ها…“ پر اصل ڳالهه پئسن ۽ ان کان پوءِ پاڪستان پھچائڻ جي هئي. وشال پڇيو، ”ابو وٺڻا آهن؟“

مون هڪدم چيو، ”نه! جھاز ۾ کڻڻ مسئلو ٿيندو. بيجنگ به هلنداسين ته ڪير پيو گهليندو وتندو، باقي ننڍا ملن ته وٺنداسين.“

جي ’ها‘ ڪريان ها ته ڊاڪٽر وشال وٽ دير نه هجي ها. منھنجو پُٽ منھنجي هر خواهش پوري ڪرڻ جي لاءِ تيار هو، پر منھنجي ڪوشش اها رهي ته پٽڙي وشال کي گهٽ خرچ ڪرايان. ايئن پوءِ ڪيترن ئي گفٽ شاپس تي ٻڌ جا ننڍا مجسما ڳولھيم، پر نه مليا. وشال کي چيم، ”بيجنگ مان وٺنداسين.“

وشال وراڻيو، ’اتي صفا باهه ٻريل هوندي.“ جنھن تي کلندي چيومانس، ”گوتم ٻڌ چين ۾ ئي سونھين ٿو. کيس پاچيستان وٺي هلڻ جي ضرورت ڪونهي، جو اتي انتھاپسند ثواب ڪمائڻ لاءِ کيس ڀڃي ڇڏيندا.“

اسان ڳچ دير تائين اتي وڙڪندا ۽ ونڊو شاپنگ ڪندا رهياسين. پوءِ واپس ورڻ جي ڪئيسين. ڇو ته واپسي ۾ اسان کي سامونڊي بيچ تي وڃڻو هو. جيڪا اتان کان پنجاهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هئي. ان دوران کشين اسان کي هڪ شاپ تي ويھاري ويٽنامي پرفيومز وٺڻ جي لاءِ ڪنھن پاسي نڪري ويئي. آءٌ مارڪيٽ ۾ گهمندو ۽ فوٽو ڪڍندو رهيس. ويٽنامي تغاري واري ٽوپي ڏٺم، پھرين خيال آيم ته وٺان ٿو، پر پوءِ ارادو بدلائي ڇڏيم ته ”هيڏي وڏي تغاري جيڏي ٽوپي پاڪستان ڪيئن کڻي ويندس.“ تنھنڪري اها مٿي ۾ پائي، ان سان فوٽو ڪڍرائي، وٺڻ جو ارادو بدلائي واپس رکي ڇڏيم.

اتي هڪ دڪان تي بيٺا هئاسين ته دڪاندار پڇيو، ”اوهان شنچيان مان آيا آهيو؟“ ”نه، پاچيستان مان.“ کيس جواب ڏنوسين.

شنچيان چين جو هڪ وڏو صوبو آهي، جنھن جي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي، جنھن جي ٻولي ۽ ڪلچر ڌار آهي، اتي مسلمانن جو وڏو تعداد رهي ٿو. سندن ٻولي ’ايغور‘ عربي اسڪرپٽ ۾ لکي ويندي آهي. چين جي سڀني ڪرنسي نوٽن تي ٻين چئن ٻولين سان گڏ اها به لکيل آهي.

اهو ٻڌي دڪاندار آڱوٺو ڏيکاري خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو ته، ”چونگو، پاتيا ڦنگيو ڦنگيو“ (يعني چين ۽ پاڪستان دوست آهن).

کشين موٽي آئي ته اسان ڪار ۾ ويٺاسين ۽ بيچ ڏانھن روانا ٿياسين. وچ ۾ وشال ٻُڌايو ته، منھنجو ۽ کشين جو ٽڪ ٽاڪ جي ذريعي رابطو ٿيو ۽ اسان جي پھرين ملاقات به هتي ئي ٿي هئي ۽ کشين مون تي وڏو خرچ ڪيو هو.

”هونھه! ته چئبو اها ڳالھ آهي. مون به سوچيو پي ته بيچ جو ايئن اوچتو پروگرام ڪيئن ٺھي ويو. يعني پنھنجي ان پھرين ملاقات جي تجديد ڪرڻ پيا هلو.“ مون کلندي چيو.

جنھن تي وشال کشين ڏانھن ڏسندي وڏو ٽھڪ ڏنو، جنھن تي کشين وشال کي ڏٺو ته وشال منھنجي ڳالھ جو ترجمو ڪري ٻڌايو ته هوءَ به کلڻ لڳي ۽ وشال کي سٿر تي ڌڪ هنيو. ڪار هلندي منھنجي اک لڳي ويئي. اوچتو وشال چيو، ”ابو… بيچ اچي ويئي.“ جنھن تي اک کولي، ڏٺم ته منھنجي سامھون نيڻ نھار تائين سمنڊ ئي سمنڊ هو. ڪار بيھاري اسان سڀ هيٺ لٿاسين. سمنڊ لٿل هو ۽ ڪجھ ماڻھو بيچ تي موجود هئا. موڪل وارن ڏينھن خاص ڪري ڇنڇر ۽ آچر تي هتي وڏي رش هوندي آهي. ’تونگ شين‘ مان به کشين کاڌي پيتي جون ڪافي شيون ورتيون هيون، جن ۾ ويٽنامي کاڄا، پڪل انب جو سڪل ڦارون، جنھن جو هڪ پئڪٽ به هو، جيڪو ايترو ته لذيذ هو، جو بيچ تائين ايندي ايندي اهو سڄو رڙڪي ويس. کاڄا به ڏاڏا ٽيسٽي هئا.

ڪار مان لھي، کشين ۽ نسيم ’ريسٽ روم‘ جي ڳولا ۾ ويون. هاڻ سڄي دنيا ۾ واش رومن يا ڪاڪوس خانن کي ريسٽ روم چيو وڃي ٿو. آءٌ ۽ وشال هوريان هوريان هيٺ سمنڊ ڏانھن لھڻ لڳاسين. سامھون پريان سمنڊ ۾ ڪجھ بحري جھاز بيٺا هئا ۽ هڪ موٽر بوٽ اتان تيزيءَ سان وڃي رهي هئي. اسان وٽ ٻه موٽرسائيڪلون واريون مايون اچي بيٺيون، جيڪي پنھنجي بائيڪ تي ماڻهن کي چاڙهي بيچ جو سير ڪرائينديون آهن. چين ۾ مون کي هر شعبي ۾ عورتن جي اڳيان هئڻ جي ڳالهه وڻي. دل ۾ آيم ته جيسين سنڌي عورتون تعليم، نوڪرين، واپار وري سميت سڀني شعبن ۾ اڳتي نه وڌنديون، تيسين اسان جي ترقي ۽ خوشحالي بس هڪ خواب ئي چئي سگهجي ٿو.

وشال منھنجي اڳيان مريم کي ڪلھي تي چاڙهي هلي رهيو هو. جتي به وڃون مائي مريم بابھينس جي ڪلھي تي چڙهيو بالم بنجيو ويھيو رهي ۽ پوءِ کلندي گھمندي رهي. اوچتو مون وشال کي سلپ ٿيندي ڏٺو ۽ وڃي پٺيءَ ڀَر ڪريو. پٿر جي ٺھيل ان لاهياريءَ تي ڪافي ترڪڻ هئي. وشال کي ايئن ڪرندو ڏسي منھنجو ساهه ئي بيھي رهيو. ڪرڻ سان مريم به روئڻ لڳي. پر الله اهو خير ڪيو ته ڪرڻ مھل وشال مريم کي مٿي ڇڪيو، جنھن ڪري کيس ڪو ڌڪ نه لڳو. وشال هڪدم کلندي اٿيو ۽ مريم کي کنيائين. وشال کي ڌڪ ته ضرور لڳو هوندو، پر لکا نه ڏنائين. تيسين آءٌ به جيڪو ٿورو پوئتي اچي رهيو هئس، پھچي ويس. وشال پنھنجو ڌڪ وساري مون کي ٻانھن مان جهلي هيٺ لاٿو. هيٺ واري هئي ۽ پريان سمنڊ هو. مريم کي گڏجي ماٺ ڪرايوسين، پر مائي صاحبه جو موڊ خراب ٿي ويو. هيٺ لھي، ٿورو پرتي وڃي وشال کشين کي ميسيج ڪيو ته ”هتي ترڪڻ آهي، پنھنجو ۽ اميءَ جو خيال ڪج.“ اڃا اتي ئي بيٺا هئاسين، جو ان ئي هنڌان هڪ چيني لُڏندي لَمندي ايندي نظر آيو. ان کان اڳ جو وشال کيس هڪل ڪري خبردار ڪري همراهه وڃي چوٽي هنئين ۽ وڏي رنڀ ڪيائين، جنھن تي اسان ٻنهي سميت اتي بيٺل چيني به کلڻ لڳا.

سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ پير پسائي، هلندا، فوٽو گرافي ڪرڻ ۽ مووي ڀرڻ لڳاسين. ان مھل شام هئي ۽ سج لھي رهيو هو ۽ لھندڙ سج جي لالاڻ سمنڊ تي پئجي رهي هئي، سج ڪنھن وڏي هئڊي ٿالهه وانگر سمنڊ ۾ لھي رهيو هو. ڏاڍو خوبصورت منظر هو. ان مھل اسان پريان کشين ۽ نسيم کي ايندي ڏٺو. کشين جون اکيون موبائيل ۾ هيون. اوچتو نسيم ترڪي وڃي ڪري. کشين کيس هڪدم اٿاريو. اسان به ڊوڙي وياسين، ڪرڻ جي ڪري کيس پير جي هڏي ۾ چڱڙو ڌڪ لڳي ويو ۽ ٻن هنڌن تان کل به رهڙجي ويئي هئي ۽ رت وھڻ لڳو. بھرحال ان مھل ته هوءَ ڌڪ برداشت ڪري ويئي، پر پوءِ ٻه ٽي ڏينھن پير جهليو گهر ۾ ويٺي هئي.

سمنڊ جون لھرون اسان جي پيرن کي ڇُھي اڳتي وڌي ٿي ويون، مريم وري موڊ ۾ اچي ويئي ۽ واريءَ تي ڊوڙڻ لڳي. هاڻ سمنڊ جي وير به چڙهڻ لڳي هئي ۽ اسان لي شان يوسن (Lesshanguyucan beatch) تان واپسي اختيار ڪري نئننگ جو رخ ورتو.

ڪار جڏهن ٽول پلازا وٽ پھتي ته ڪار جي چيڪنگ ٿي. بارڊر ويجهو هئڻ سبب پوليس هر ايندڙ ويندڙ گاڏيءَ جي چيڪنگ ڪري رهي هئي. اتي بيٺل همراهه هڪ آلو کڻي کشين جو وات کولائي ان جي اڳيان جهليو ۽ پوءِ اسان کي اڳتي وڃڻ جي موڪل ڏني. مون ان اوزار کي کشين جي وات اڳيان جهلڻ بابت پڇيو، ٻڌايائين ته، ”هتي شراب پي ڊرائيونگ ڪرڻ جي منع آهي، جيڪو به شراب پي ڊرائيونگ ڪندو آهي، ان تي ڳرو فائين لڳايو ويندو آهي. ان فائين کان بچڻ لاءِ چيني شراب پي ڊرائيونگ نه ڪندا آهن.پر پوءِ به ڪيترائي اهڙا جوڌا آهن، جيڪي ان قانون جي پرواهه نه ڪندا آهن.“

ڪار اڳتي وڌي ته کشين چيني موسيقي چالو ڪري ڇڏي ۽ پاڻ به ان جي سُر سان گڏ سُر ملائڻ لڳي… مون کي سندس اهو سُر ملائڻ ڏاڍو وڻندو آهي. آءٌ ڌيان سان ٻڌڻ لڳندو آهيان.

آءٌ چيني موسيقي ۽ ان سان کشين جي سُر ملائڻ تي هلڪو هلڪو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳس ۽ ڪار نئننگ ڏانھن روان دوان هئي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button