Editor's pickMain Slideتعليم

شيخ اياز يونيورسٽي: انتظاميا ۽ شاگردن وچ ۾ اعتماد جي ضرورت

شيخ اياز يونيورسٽيءَ جي مک دروازي تي شاگردن طرفان احتجاج ڪيو ويو. شاگرد پنهنجا مطالبا کڻي آيا هئا، جن ۾ ڊگرين جي جاري ٿيڻ، اٺ هزار رپين واري في، سمر سيمسٽر پاليسي، شاگردياڻين کي مبينا طور ھراسان ڪرڻ جي شڪايتن ۽ ٻين معاملن جو ذڪر ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته سندن مطالبا ٻڌڻ بدران پهرين پوليس کي گهرايو ويو،

نسيم بخاري

تعليمي ادارا رڳو عمارتن، ڪلاسن، ليبارٽرين ۽ ڊگرين جا نالا ناهن هوندا، پر اهي علم، شعور، برداشت، دليل، اختلاف جي احترام ۽ مستقبل جي تعمير جا مرڪز هوندا آهن. يونيورسٽيءَ جو اصل حسن ان جي تعليمي سرگرمين سان گڏ ان جي ماحول، انتظامي شفافيت، شاگردن جي اطمينان ۽ استادن جي علمي ڪردار ۾ لڪل هوندو آهي. شيخ اياز جي نالي سان منسوب شڪارپور جي يونيورسٽيءَ بابت تازو پيدا ٿيل صورتحال کي به انهيءَ وسيع پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، جتي شاگردن جا مطالبا، انتظاميا جو موقف، احتجاج جو طريقو ۽ گذريل هڪ سال دوران ٿيل ترقياتي ۽ علمي سرگرميون سڀ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿيون .

 شيخ اياز يونيورسٽيءَ جي مک دروازي تي شاگردن طرفان احتجاج ڪيو ويو.

شاگرد پنهنجا مطالبا کڻي آيا هئا، جن ۾ ڊگرين جي جاري ٿيڻ، اٺ هزار رپين واري في، سمر سيمسٽر پاليسي، شاگردياڻين کي مبينا طور ھراسان ڪرڻ جي شڪايتن ۽ ٻين معاملن جو ذڪر ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته سندن مطالبا ٻڌڻ بدران پهرين پوليس کي گهرايو ويو،

ڪنهن به تعليمي اداري ۾ شاگردن جي آواز کي اهميت ڏيڻ انتظاميا جي بنيادي ذميوارين مان هڪ آهي. شاگرد جڏهن پنهنجا مسئلا کڻي اچن ٿا ته انهن کي پهرين ڳالهائڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. انتظامي اختيارن جو اصل امتحان به اهڙن موقعن تي ٿيندو آهي،

 سامهون آيل موقف موجب احتجاج کان اڳ وائيس چانسلر ڊاڪٽر نويد احمد شيخ کي مطالبن بابت ڪا باقاعده لکيل درخواست ڏيڻ يا شاگردن جي ڪنهن نمائنده وفد جي ڪا ملاقات سامهون نه آئي آهي.  اهو سوال ضرور پيدا ٿئي ٿو ته ڳالهين جو ماحول  احتجاج کان اڳ ڇو نه ٺاھيو ويو؟ يونيورسٽيءَ ۾ شڪايتن جي باقاعده طريقيڪار، شاگردن جي نمائندگي ۽ انتظاميا سان رابطي جا ذريعا موجود هوندا آھن، جيئن هر مسئلي لاءِ احتجاج ئي پهريون رستو نه بڻجي.

هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شاگردن جا مطالبا پنهنجي نوعيت ۾ هڪجهڙا ناهن. ڊگرين جي جاري ٿيڻ جو مسئلو انتظامي ۽ تعليمي نوعيت جو آھي ، فيءَ جو معاملو مالي پاليسيءَ سان لاڳاپيل آهي، سمر سيمسٽر جو سوال اعليٰ تعليمي ڪميشن جي ضابطن سان جڙيل آهي، جڏهن ته ھراسان ڪرڻ جون شڪايتون انتهائي حساس آهن ۽ انهن لاءِ قانوني توڙي اداري جي اندر موجود شڪايتن واري نظام کي متحرڪ ڪرڻو آهي. اهڙن مختلف معاملن کي هڪ ئي احتجاجي نعري ۾ سموئڻ بدران هر مسئلي جو الڳ جائزو وٺڻ ۽ ان بابت واضح فيصلو ڪرڻ وڌيڪ ڪارائتو ٿيندو.

هن سڄي صورتحال جو ٻيو پاسو به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ گذريل هڪ سال دوران ٿيندڙ ترقياتي ڪم، عمارتن جي مرمت، بنيادي سهولتن جي بهتري، ليبارٽرين جي فراهمي، علمي ۽ ادبي سيمينارن، ليڪچرن ۽ ٻين تعليمي سرگرمين کي به مناسب اهميت ملڻ گهرجي. ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي تعمير هڪ ڏينهن جو ڪم ناهي. ان لاءِ مالي وسيلا، انتظامي محنت، استادن جو سهڪار ۽ شاگردن جي دلچسپي گڏجي ڪم ڪندا آهن. شڪارپور جهڙي تاريخي ۽ علمي شهر ۾ هڪ فعال يونيورسٽيءَ جو وجود پاڻ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.

تازو انٽري ٽيسٽ ذريعي شاگردن جي داخلا کي يقيني بڻائڻ به اداري جي تعليمي عمل جو هڪ اهم حصو آهي. داخلا جو منظم ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي ساک لاءِ ضروري هوندو آهي. اهڙي ڪوشش کي اڳتي وڌائڻ، ان ۾ شفافيت برقرار رکڻ ۽ شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ لاءِ انتظاميا کي ساراهڻ گهرجي. ساڳئي وقت اها به اميد رکڻ گهرجي ته داخلا کان پوءِ شاگردن کي تعليمي سهولتون، وقت سر نتيجا، ڊگريون ۽ مناسب رهنمائي فراهم ڪرڻ ۾ ڪا غيرضروري دير نه ٿئي.

  شاگردن جي حقن جي حمايت ڪرڻ جو مطلب به اهو ناهي ته انتظاميا جي هر پاليسيءَ کي غلط قرار ڏئي ڇڏجي. تعليمي ادارن ۾ مثبت تنقيد ۽ جوابدهي هڪٻئي جا مخالف نه، پر هڪٻئي جا مددگار ثابت ٿيندا آهن. جيڪو ڪم سٺو ٿيو آهي، ان جي واکاڻ ٿيڻ گهرجي ۽ جتي ڪا کوٽ آهي، اتي دليل سان اصلاح  ٿيڻ گهرجي.

سمر سيمسٽر جي معاملي کي به انهيءَ اصول تحت سمجهڻ گهرجي. يونيورسٽي انتظاميا جي موقف موجب هي پاليسي اعليٰ تعليمي ڪميشن جي 2023ع واري پاليسيءَ سان لاڳاپيل آهي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته موڪلن دوران جيڪي شاگرد ڪجهه مضمونن ۾ فيل  ٿيا آهن، اهي اضافي ڪلاس وٺي پنهنجي تعليمي ڪمزوري ختم ڪري سگهن ٿا، وقت ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهن ٿا ۽ پنهنجي پڙهائيءَ کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا.

هي تصور بنيادي طور تي شاگردن لاءِ هڪ اضافي تعليمي موقعو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش طور ڏسي سگهجي ٿو. عام طور تي سمر سيمسٽر جو مقصد به اهو هوندو آهي ته شاگردن کي پنهنجي رهجي ويل مضمونن جي تڪميل يا تعليمي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جو موقعو ملي. پر ان سان گڏ فيءَ جو تعين، استادن جي موجودگي، ڪلاسن جو شيڊول، شاگردن جي مالي وسيلن ۽ پاليسيءَ جي شفافيت کي به  اھميت حاصل  آهي.

انتظاميا طرفان ڏنل وضاحت موجب موڪلن دوران استادن کي اضافي ڪلاسن لاءِ اچڻو پوي ٿو، تنهنڪري سندن معاوضي جو بندوبست ڪرڻ ضروري آهي. ان حوالي سان شاگردن کان في وٺڻ جو مقصد نفعي ڪمائڻ بدران خرچ پورو ڪرڻ آهي. وائيس چانسلر جي موقف موجب هي سمر سيمسٽر ”نو پرافٽ، نو لاس“ جي بنياد تي هلندو ۽ استادن جي معاوضي جي ادائيگي کان پوءِ جيڪڏهن ڪا رقم بچندي ته اها شاگردن کي واپس ڪئي ويندي.

انتظاميا موجب شاگرد سمر سيمسٽر پاليسيءَ بابت پنهنجو موقف ايڇ اي سي ڏانهن موڪلي سگهن ٿا. هي هڪ مناسب جمهوري ۽ اداري وارو رستو آهي. اختلاف کي رڳو نعريبازيءَ تائين محدود رکڻ بدران پاليسيءَ جي لاڳاپيل اختيارين تائين دليلن سان پهچائڻ گهرجي، جيئن مسئلي جو مستقل حل نڪري سگهي.

ڊگرين جي جاري ٿيڻ جو معاملو به شاگردن جي مستقبل سان سڌو سنئون لاڳاپيل آهي. ڊگري ڪنهن شاگرد لاءِ رڳو ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي، پر سندس سالن جي محنت، تعليمي سڃاڻپ ۽ روزگار جي امڪانن جو بنياد آهي. جيڪڏهن ڪنهن شاگرد جا سمورا تعليمي تقاضا پورا آهن ته سندس ڊگريءَ جي جاري ٿيڻ ۾ غيرضروري دير نه ٿيڻ گهرجي. انتظاميا کي گهرجي ته اهڙن معاملن جي مڪمل جاچ ڪري، رهيل مرحلن جي نشاندهي ڪري ۽ شاگردن کي واضح وقت ڏئي. شفاف ٽائيم لائين سان غيريقيني صورتحال ختم ٿي سگهي ٿي.

شاگردياڻين کي ھراسان ڪرڻ بابت سامهون آيل خدشا وڌيڪ سنجيده نوعيت رکن ٿا. يونيورسٽيءَ ۾ هر شاگرد ۽ شاگردياڻيءَ کي محفوظ، عزت ڀريو ۽ اعتماد وارو ماحول ملڻ گهرجي. انتظاميا جو موقف آهي ته اداري ۾ اينٽي هراسيمينٽ سيل موجود آهي ۽ هن وقت تائين ان وٽ ڪا باضابطه شڪايت وصول نه ٿي آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته ان سيل کي وڌيڪ فعال، پهچ لائق ۽ شاگردن جي اعتماد جو مرڪز بڻائڻ گهرجي. شڪايت ڏيڻ جو طريقو آسان، رازداريءَ وارو ۽ بنا ڪنهن دٻاءَ جي هئڻ گهرجي.

ساڳئي وقت ڪنهن به فرد خلاف الزام کي بنا جاچ جي سچ قرار ڏيڻ به مناسب ناهي. هر شڪايت جي غيرجانبدارانه جاچ ٿيڻ گهرجي، متاثر ڌر جي عزت ۽ تحفظ کي اوليت ڏني وڃي ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿين ته لاڳاپيل قانون ۽ ضابطن موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙي عمل سان نه رڳو شاگردياڻين جو اعتماد بحال ٿيندو، پر اداري اندر هر قسم جي غيرمناسب رويي جي روڪٿام لاءِ به واضح پيغام ويندو.

 ڊپٽي ڪمشنر طرفان شاگردن کي درخواست ڏيڻ جي ڳالھ ڪئي ، جيئن معاملو لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي سگهجي. هتي به ضروري آهي ته شاگرد پنهنجون شڪايتون دستاويزي ثبوتن سان پيش ڪن ۽ انتظاميا يا ضلعي انتظاميا انهن کي لاڳاپيل فورم تائين پهچائڻ ۾ سهڪار ڪري.

احتجاج کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر جي موجودگيءَ ۾ وائيس چانسلر ۽ شاگردن وچ ۾ ٿيل گڏجاڻي هڪ اهم اڳڀرائي هئي. ان ملاقات ۾ شاگردن جا مطالبا هڪ هڪ ڪري ٻڌا ويا ۽ مختلف معاملن تي وضاحتون ڏنيون ويون. انتظاميا جي بيان موجب شاگردن جي مطالبي تي کين يونيورسٽيءَ جو دورو پڻ ڪرايو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ گريجوئيٽس جي سينيٽ ۾ چونڊيل نمائندن جي معاملي تي ٻڌايو ويو ته علائقي جي گريجوئيٽس جي رجسٽريشن جو عمل شروع ٿيڻ کان پوءِ چونڊن ۾ سهولت فراهم ڪئي ويندي.

شاگرد يونين جي چونڊن بابت انتظاميا جو موقف آهي ته سنڌ حڪومت طرفان چونڊن جو طريقو، اهليت جا معيار، ضابطه اخلاق ۽ شرطن جو تعين ٿيڻ کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ اهو عمل شروع ڪري سگهجي ٿو. هي معاملو به غور طلب آهي، ڇاڪاڻ ته شاگرد يونين ڪنهن به تعليمي اداري ۾ رڳو عهديدارن جي چونڊ جو نالو ناهي، پر اها شاگردن جي اجتماعي تربيت، قيادت جي صلاحيت، جمهوري شعور ۽ مسئلن کي منظم انداز ۾ پيش ڪرڻ جو هڪ ذريعو هوندي آهي.

شڪارپور جي تعليمي تاريخ ۾ شاگرد تنظيمن ۽ يونينن جو پنهنجو هڪ پسمنظر رهيو آهي. ماضيءَ ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ٿينديون هيون ۽ شاگردن کي نمائندگيءَ جا موقعا ملندا هئا. ان روايت مان سکندي شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ به هڪ اهڙو منظم ۽ قانوني طريقيڪار قائم ٿيڻ گهرجي، جيڪو شاگردن کي پنهنجي نمائندگيءَ جو حق ڏئي، پر ساڳئي وقت تعليمي سرگرمين، نظم ۽ امن کي متاثر نه ڪري. يونين جي چونڊن لاءِ ضابطا، اهليت، مالي شفافيت، ذميواريون ۽ اخلاقي حدون واضح هجڻ گهرجن.

شاگردن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ رڳو جذبات ڪافي ناهن. ان لاءِ علم، مطالعي، دليل، مسئلن جي سمجھه، گفتگوءَ جي صلاحيت ۽ اجتماعي مفادن جو احساس پڻ ضروري آهي. ميڊيا تي آيل ڪجهه انٽرويوز ۾ شاگردن جي گفتگو، مسئلن جي وضاحت ۽ مطالبن جي ترتيب بابت مختلف تاثر سامهون آيا. پر ڪنهن شاگرد جي لهجي، تلفظ يا جسماني انداز جي بنياد تي سندس حقن يا تعليمي حيثيت جو فيصلو ڪرڻ مناسب ناهي. اصل اهميت ان ڳالهه جي آهي ته هو ڪهڙو مسئلو بيان ڪري رهيو آهي، سندس ڳالهه ۾ ڪيتري حقيقت آهي ۽ ان جو حل ڪهڙي ريت ممڪن آهي.

يونيورسٽيءَ کي گهرجي ته شاگردن لاءِ تقرير، بحث، مباحثي، شاگرد قيادت ۽ جمهوري تربيت جون سرگرميون سگھاري انداز سان شروع ڪري. انهن کي سيکاريو وڃي ته پنهنجو مطالبو ڪيئن رکجي، موقف  ڪيئن اختيار ڪجي، ڪنهن اختيار واري شخص سان ڪهڙي انداز ۾ ڳالهائجي ۽ ڪنهن مسئلي تي دستاويزي دليل ڪيئن پيش ڪجن. اهڙي تربيت سان احتجاج به وڌيڪ بامقصد ٿيندو ۽ شاگردن جي شخصيت ۾ اعتماد ۽ پختگي به پيدا ٿيندي.

هن موقعي تي هڪ ٻيو پهلو به نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ گذريل سال کان ٿيندڙ تعليمي، ادبي ۽ ترقياتي سرگرمين جي واکاڻ ڪندڙ حلقا پڻ موجود آهن. انهن سرگرمين کي اڳتي وڌائڻ ۽ اداري جي ساک مضبوط ڪرڻ لاءِ مثبت ماحول ضروري آھي

 جيڪڏهن ڪنهن کي واقعي ڪنهن ٻاهرين مداخلت، سازش يا اداري جي تعليمي ماحول کي نقصان پهچائڻ بابت ثبوت آهن ته اهي لاڳاپيل اختيارين آڏو پيش ڪيا وڃن. بي بنياد شڪ ۽ الزام مسئلي کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ پيچيده بڻائي  ٿو.

تعليمي ادارن ۾ اختلاف راءِ جو هجڻ ڪا غيرمعمولي ڳالهه ناهي. اصل ڪاميابي اها آهي ته اختلاف باوجود گڏجي ڪم ڪرڻ جو رستو نه وڃائجي. انتظاميا کي به تنقيد ٻڌڻ جي سگهه پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ شاگردن کي به پنهنجي مطالبن جي پيشڪش ۾ سنجيدگي ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رڳو انتظامي سربراهه ناهي، پر هو اداري جي علمي ماحول، شاگردن جي اعتماد ۽ تعليمي مستقبل جو به نگهبان هوندو آهي. ان ڪري سندس آفيس جا دروازا شاگردن لاءِ کليل هجڻ سان گڏ سندن مسئلن جي حل لاءِ عملي طور به اثرائتا هجڻ گهرجن.

وائيس چانسلر طرفان شاگردن کي پنهنجي آفيس ۾ محبت ۽ احترام سان اچڻ جي دعوت ڏيڻ ۽ اهو چوڻ ته کين ڪنهن مدد لاءِ يونيورسٽيءَ کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت ناهي، هڪ مثبت پيغام آهي.

_________

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button