شڪارپور جي بازار مان 60 لکن جو سَون چوري: معاملو ڳجھارت بڻيل
سونارو قرآن پاڪ تي هٿ رکي دعويٰ ڪري ٿو ته سندس دڪان مان ڏهه کان ٻارهن تولا سون چوري ٿيو آهي. پوليس جو چوڻ آھي تہ صرافه مارڪيٽ ۾ چوريءَ جي واقعي جي تصديق لاءِ کين ڪو مضبوط ثبوت نه مليو آهي. چوريءَ جي الزام ۾ ٻن نوجوانن کي حراست ۾ ورتو ويو، جن جي ماءُ قرآن پاڪ ھٿ ۾ کڻي انصاف لاءِ بازار ۾ ڦرندي رھي.

نسيم بخاري
شڪارپور جي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جي چوريءَ وارو معاملو هاڻي هڪ اهڙي موڙ تي پهچي ويو آهي، جتي پوليس جي دعوائن ۽ چوريءَ جي شڪايت ڪندڙ سوناري عامر علي بروهيءَ جي موقف وچ ۾ واضح تضاد سامهون اچي چڪو آهي. هڪ طرف پوليس جا عملدار پريس ڪانفرنس ڪري چوريءَ واري واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي رهيا آهن ته ٻئي طرف سوناري عامر علي بروهي قرآن پاڪ تي هٿ رکي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته سندس دڪان مان ڏهه کان ٻارهن تولا سون چوري ٿيو آهي، جنهن جي ماليت پنجاهه کان سٺ لک رپين تائين آهي.
عامر علي بروهيءَ پنهنجي تازي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته پوليس چوي ٿي ته سندس چوري ئي نه ٿي آهي، پر هو قرآن پاڪ تي هٿ رکي چوي ٿو ته سندس سون چوري ٿيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جنهن خاني ۾ هو پنهنجا پئسا ۽ سون رکندو هو، اهو خانو ٽٽل هو ۽ ان جا تالا به ڀڳل هئا. هن دعو ڪئي ته پوليس کي سمورا ثبوت ڏنا ويا آهن ۽ انهن جا فوٽو پڻ ڪڍيا ويا آهن.

هي بيان معاملي جي نوعيت کي وڌيڪ اهم بڻائي ٿو، ڇاڪاڻ ته هاڻي هڪ ڌر جي دعوا کي ٻي ڌر جي پريس ڪانفرنس سان رد ڪري ڇڏڻ بدران حقيقت تائين پهچڻ لاءِ مڪمل، غير جانبدار ۽ سائنسي جاچ جي ضرورت آهي.
شڪارپور جي ايس ايڇ او اسٽور گنج شاهنواز شيخ ۽ ايس ايڇ او نيو فوجداري خليل رند پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته صرافه مارڪيٽ ۾ چوريءَ جي واقعي جي تصديق لاءِ کين ڪو مضبوط ثبوت نه مليو آهي. پوليس اي ايس پي سميت پوليس جي وڏي نفري پهتي ۽ جاچ ڪئي وئي، پر شروعاتي جاچ مان چوريءَ جي تصديق نه ٿي سگهي.
ٻئي طرف عامر علي بروهيءَ جي تازي پريس ڪانفرنس پوليس جي ان دعوا کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.
هتي ڪنهن هڪ ڌر کي اڳواٽ سچو يا ڪوڙو قرار ڏيڻ مناسب نه ٿيندو. پوليس وٽ جيڪڏهن چوري نه ٿيڻ جا ثبوت آهن ته اهي عوام آڏو آڻڻ گهرجن، جڏهن ته شڪايت ڪندڙ وٽ جيڪڏهن چوري ٿيڻ جا ثبوت آهن ته انهن جي به آزاداڻي تصديق ٿيڻ گهرجي.
چوريءَ کان پوءِ ڪتن ذريعي سراغ لڳايو ويو، جن جي نشاندهي تي ٻن نوجوانن کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو.
هاڻي جڏهن پوليس پاڻ چوريءَ جي واقعي کي ڊرامو قرار ڏئي رهي آهي ۽ سوناري چوري ٿيڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته کوجنا ڪندڙ ڪتن جي ڪردار کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهن جي نشاندهي کي ڪنهن آزاد سائنسي طريقي سان پرکيو ويو هو؟ ڇا ڪنهن گهر ڏانهن ڪتن جي وڃڻ کي نوجوانن جي ڏوهاري هجڻ جو بنياد بڻايو ويو؟
اهي سوال ان ڪري اهم آهن جو کوجنا ڪندڙ ڪتن جي مدد جاچ ۾ هڪ سهڪاري ذريعو ٿي سگهي ٿي، پر اها پاڻ ۾ ڪنهن انسان جي ڏوهاري هجڻ جو قطعي ثبوت نٿي بڻجي سگهي. ڪنهن ڪتي جو ڪنهن گهر ڏانهن وڃڻ يا اتي بيهڻ ان ڳالهه جي ضمانت ناهي ته ان گهر ۾ رهندڙ شخص چوري ڪئي آهي.
جديد جاچ ۾ هر اشاري کي ٻين آزاد ۽ تصديق جوڳن ثبوتن سان ملائڻ ضروري هوندو آهي. فنگر پرنٽس، سي سي ٽي وي فوٽيج، واقعي واري هنڌ جون تصويرون، تالن جي حالت ۽ ٻين سائنسي شاهدين جي مدد سان ئي حقيقت تائين پهچي سگهجي ٿو.
هن واقعي جو انساني پاسو وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي. فيصل آرائين ۽ رضوان آرائين نالي ٻن نوجوانن جي گهر وارن سندن بي گناهيءَ جي دعويٰ ڪئي هئي. خاندان جو چوڻ هو ته سندن ڪٽنب لڳ ڀڳ اسي سالن کان صرافه مارڪيٽ سان لاڳاپيل آهي ۽ سندن ڪاروباري توڙي سماجي ساک هميشه قائم رهي آهي.
انهن نوجوانن جي ماءُ، ڀيڻن ۽ ٻين عورتن جو قرآن پاڪ کڻي بازار ۾ انصاف لاءِ پهچڻ اسان جي سماجي ۽ انتظامي نظام لاءِ هڪ اهم سوال آهي. هڪ ماءُ جڏهن پنهنجي اولاد جي بي گناهيءَ جي پڪ ڏيارڻ لاءِ قرآن پاڪ کڻي ماڻهن آڏو اچي ٿي ته ان منظر کي رڳو هڪ خاندان جي پريشاني سمجهي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
جيڪڏهن نوجوانن کي حراست ۾ ورتو ويو، انهن سان تشدد ٿيو، يا خاندان کي پنهنجي پيارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ دربدر ٿيڻو پيو ته انهن سڀني معاملن جي الڳ ۽ غير جانبدار جاچ ٿيڻ گهرجي.
ڪنهن به شهريءَ جي آزادي، عزت ۽ خاندان جي وقار کي رڳو شڪ جي بنياد تي متاثر ڪرڻ انصاف جي اصولن سان ٺهڪي نٿو اچي.
جيڪڏهن نوجوان بي گناهه ثابت ٿين ٿا ته رڳو کين آزاد ڪرڻ ڪافي ناھي . سندن سماجي ساک، ذهني اذيت ۽ خاندان کي پهتل تڪليف جي ازالي بابت به سوچڻو پوندو. جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار اختيارن کان وڌيڪ قدم کنيا آهن ته ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

جاچ جو دائرو سڀني ڌرين تائين وڌائڻو پوندو
هن واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن اهڙي آزاد ۽ تجربيڪار آفيسر کي ذميواري ڏني وڃي، جيڪو اڳوڻي جاچ ٽيم کان الڳ هجي.
جيڪڏهن ڪنهن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو قانون موجب تعين ٿيڻ گهرجي.
پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ڄاڻي واڻي سرڪاري ملازم کي غلط اطلاع ڏيڻ ۽ ڪنهن شخص خلاف نقصان پهچائڻ جي نيت سان ڪوڙو فوجداري الزام لڳائڻ بابت قانوني شقون موجود آهن. پر اھي تڏهن ئي لاڳو ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ قانوني ڏوهه جا گهربل عنصر ثبوتن سان ثابت ٿين.
اهڙيءَ طرح پوليس جي ڪارروائيءَ بابت خاندان جون شڪايتون به بنا ڪنهن طرفداريءَ جي جاچڻ گهرجن.
آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي گهرجي ته هن معاملي کي معمولي تڪرار سمجهي نظرانداز نه ڪن.
پوليس جو بنيادي ڪم ڏوهن جي جاچ ڪرڻ ۽ شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته هر شڪايت کي سنجيدگيءَ سان ٻڌو وڃي، پر ڪنهن به ماڻهوءَ کي بنا پختن شاهدين جي ڏوهاري تصور نه ڪيو وڃي.
ساڳيءَ ريت جيڪڏهن ڪنهن واپاريءَ سان واقعي لکين رپين جي چوري ٿي آهي ته ان کي به انصاف ملڻ گهرجي. ڪنهن جي ڪاروباري نقصان کي محض شڪ يا اندازي جي بنياد تي رد ڪرڻ به مناسب ناهي.

انصاف جو رستو هڪ ئي آهي: حقيقت، ثبوت ۽ جوابدهي
شڪارپور جي صرافه مارڪيٽ وارو واقعو هاڻي اهڙي مرحلي تي پهچي چڪو آهي، جتي ڪنهن به ڌر جي پريس ڪانفرنس کي آخري فيصلو سمجهڻ درست نه ٿيندو. عامر علي بروهيءَ جي دعوا جي سائنسي تصديق ٿيڻ گهرجي، پوليس جي ڊرامي واري موقف جا بنياد سامهون اچڻ گهرجن ۽ کوجنا ڪندڙ ڪتن جي نشاندهيءَ جي قانوني توڙي سائنسي حيثيت واضح ٿيڻ گهرجي.
جيڪڏهن چوري ٿي آهي ته چوري ڪندڙن تائين پهچڻ لاءِ جديد جاچ جو سهارو ورتو وڃي. جيڪڏهن چوري نه ٿي آهي ته ان دعوا کي غلط ثابت ڪندڙ ثبوت پيش ڪيا وڃن. جيڪڏهن ڪنهن بي گناهه نوجوان کي ناجائز طور حراست ۾ رکيو ويو يا مٿس تشدد ٿيو ته ذميوارن جو تعين ڪري متاثر خاندان کي انصاف ڏنو وڃي.
شڪارپور جي شهرين کي رڳو اهو ڄاڻڻ ۾ دلچسپي ناهي ته چوري ٿي هئي يا نه، پر هو اهو به ڄاڻڻ چاهين ٿا ته هن سموري معاملي ۾ ڪنهن جي غفلت، ڪنهن جي غلط بياني ۽ ڪنهن جي اختيارن جي استعمال سبب بي گناهه ماڻهن جي زندگي متاثر ٿي.
انصاف جو مطلب رڳو ڏوهاريءَ کي سزا ڏيڻ ناهي، پر بي گناهه کي ڏوهاري ٿيڻ کان بچائڻ، متاثر کي حق ڏيارڻ ۽ اختيار رکندڙ کي قانون جو پابند بڻائڻ به آهي.
هاڻي ضرورت ڪنهن نئين پريس ڪانفرنس جي نه، پر اهڙي شفاف جاچ جي آهي، جيڪا سوناري جي چوريءَ واري دعوا جي حقيقت به ظاهر ڪري، پوليس جي موقف کي به پرکي، کوجنا ڪندڙ ڪتن جي ڪردار کي به واضح ڪري ۽ جيڪڏهن ڪنهن بي گناهه سان زيادتي ٿي آهي ته ان جو ازالو به يقيني بڻائي. ڇو ته انصاف تڏهن ئي مڪمل ٿيندو، جڏهن حقيقت سامهون ايندي ۽ ذميوار ڪنهن به ڌر سان تعلق رکندا هجن، انهن کان قانون موجب جواب طلب ڪيو ويندو.
____________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“ شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي



