چوراھو، ميرانجھڙي چادر ۽ سگريٽ جي دونھين ۾ ڍڪيل درد ڪھاڻي
غربت ۽ بيروزگاريءَ هٿان مجبور ٿي، پنهنجي ئي شهر کان پري هڪ چوواٽي تي فقير بڻجي ويندڙ هڪ تعليم يافتہ پر بيروزگار شخص جي درد ڀري ڪهاڻي، جنهن پنهنجي ٻارن جي مستقبل ۽ گهر جي خوشحاليءَ لاءِ پنهنجي سڃاڻپ ۽ سڀ ارمان قربان ڪري ڇڏيا.

حميرا نور
ورھين کان شهر جي هڪ مصروف چوواٽي تي روزانو صبح کان رات تائين هڪ فقير اچي ويهندو آھي. ڪٿان اچي ٿو ۽ اڌ رات جو ڪيڏانهن وڃي ٿو ان متعلق ڪنھن کي ڪا به ڄاڻ ڪانہ ھُئي. بس ايتري خبر هئي ته سندس نالو صغير آھي. ھُو آھي ته پنندڙ پر کيس پهريون ڀيرو ڏسڻ سان لڳندو ته ھي فقير کان وڌيڪ ڪو بيمار، بيڪار ۽ زندگيءَ کان هارايل مايوس ماڻهو آھي.
ميرا ڪپڙا، وڌيل ڏاڙهي، مٽيءَ ھاڻا وار، پيرن ۾ پراڻو چمپل ۽ اکين ۾ هڪ اهڙي خاموشي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ وقت ئي ڪو نه هو.
هُو ماڻهن کان ڪجھ به گهرندو ناھي ۽ نه ئي وري ڪا صدا ھڻندو آ. بس ھڪ ميرانجهڙي چادر وڇائي ويهي رھندو آھي پوءِ ڪو پنج روپيا اڇلائي ويندو ته ڪو ڏھ، ۽ ڪي ماڻهو کيس ڇڙٻ ڏيندا ته ڪم ڇو نه ٿو ڪرين؟ جواڻ جماڻ آهين، شرم نه ٿو اچئي؟ صبح کان هتي ويٺو آهين وڃي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪر، وڃي ڪو ھنر سک، وڃي ڪنھن ھوٽل يا دڪان محنت مزوري ڪر.
انھن جملن تي صغير ھميشه خاموش رهندو ھو ۽ ڪڏھن ڪڏھن رڳو ايترو چوندو ھو : الله اوهان کي خوش رکي.
۽ پوءِ پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ٻئي راھگير جو انتظار ڪندو هو.
ڪنهن کي به خبر ڪا نه هئي ته هي ماڻهو ڪڏهن هڪ سٺو ايماندار پروفيشنل آفيسر به رھيو آھي.
سندس خاندان ۾ ڪنهن کي به سرڪاري نوڪري نہ ملي سگھي، سڀ پنھنجي محنت سان ڪو نه ڪو ننڍو وڏو ڌنڌو ڌاڙي ڪن ٿا يا وري خانگي ادارن ۾ نوڪري وغيره ۾ رڌل آهن. صغير پاڻ بہ هڪ خانگي اداري ۾ چڱي نوڪري ڪندو هو. سُٺا ڪپڙا پائيندو ھو، ڪتاب پڙهندو ھو، گڏجاڻين ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي ڳالهائيندڙ ھو ۽ ماڻهن جا ننڍا وڏا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ به ڪندو رهندو هو.
گهر ۾ سندس ماءُ، زال ۽ چار ٻار هئا. سندس ٽي ڀائر ۽ ٻه ڀينرون پنھنجي زندگي ۽ پنھنجن گھرن ۾ صفا خوش نه پر ٺيڪ گذر سفر ڪندڙ ھئا.
هن پنهنجي زندگيءَ جون سموريون آسائشون ۽ خواھشون ختم ڪري گھرڀاتين جي نالي ڪري ڇڏيون هيون. ٻارن جي اسڪول ۽ ٽيوشن جي في، بيمار ماءُ لاءِ دوائون، زال لاءِ ھيپا ٽائيٽس جو علاج، گهر جو راشن، پاڻي، گئس ۽ بجليءَ جا ڳاٽي ڀڳا بل، آيو ويو، ڀينرن جي سار سنڀال، شادي غمي وغيره سڀ ذميواريون پوريون ڪندو ھو.
۽ پنهنجي لاءِ؟ پنھنجي لاءِ ڪجھ به نه، سڄي زندگيءَ ۾ ٽي شوق ڪيائين: ھڪ گاڏي، سٺي ڪمپنيءَ جي واچ ۽ انگلش بوٽ ھائوس جو بوٽ ۽ بس.
وقت ڦيرو کاڌو. ھڪ مھينو اھڙو آيو جنھن ۾ سندس ماءٌ ۽ زال شديد بيمار ٿي پيون ۽ چئني ٻارن جي اسڪول ۽ ڪاليج جي في ڀرڻ لاءِ وٽس پئسا نه ھئا. نه ئي وري ايترو قرض کڻڻ جي ھمت ھيس سو مجبور ٿي نيٺ ھڪ وڏي خواهش کي ماري گاڏي وڪڻي آيو.
چار سال گذري ويا. ٻارن جي تعليم ۽ ماءُ ۽ زال جي علاج تي لڳاتار خرچن جي ڪري صغير جي باقي ٻين خواھشن به دم ٽوڙي ڇڏيو.
ھڪ ڏينھن آفيس ۾ ڪنھن ڪوڙي الزام ۾ سندس نوڪري به هلي وئي. ھن ٻي نوڪري ڳولڻ شروع ڪئي. ادارن جا در کڙڪايائين، درخواستون ڏنائين، ماڻهن سان مليو ۽ اي ميلز ڪيائين پر هر ھنڌان هڪ ئي جواب آيو ته اسان توهان کي ٻڌائينداسين .
گهر جا خرچ وڌندا ويا ۽ گڏوگڏ ماڻهن جون نظرون به بدلجڻ لڳيون. جنهن ماڻهوءَ کي ڪالھ تائين صغير صاحب چيو ويندو هو، اڄ تنھن کي بيڪار چيو ويو.
هڪ رات خالي روڊ تي رولاڪي ڪري دير سان گهر آيو ته سڀئي ڀاتي جاڳي رھيا ھئا. سندن مُنھن لٿل ھئا ڇو جو کائڻ لاءِ ڪجھ به نه ھيو.
زال چيس ته امان لاءِ به ڪجھ ناهي. ”ڪڻڪ جو ڏارو به ڪونھي جو رَٻَ رڌي ڏيانس.“
صغير ڪجھ نه ڪُڇيو.
هُو وري ٻاهر نڪري ويو ۽ ويران سنسان روڊن تي ھلندو رھيو ۽ نيٺ ٿڪجي شھر کان پري ھڪ چوواٽي تي ويھي رھيو. اھو چوواٽو ٽن وڏن شھرن ۽ ھڪ ريلوي اسٽيشن کي ڳنڍي ٿو. صغير چوواٽي تي ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھي رھيو.
سندس ضمير زندھ ھيو، تنھن ڇڙٻ ڏيندي ور ور چيس ته اڙي ڇا پيو ڪرين، ڪجھ شرم ڪر ڪجھ حياءُ ڪر.
صغير ڳوڙھا اگھيا ۽ ضمير کي سمجهائڻ لڳو: تون ئي ٻڌاءِ ڇا ڪريان؟ نه نوڪري، نه ڪاروبار، نه راشن، نه لٽو ڪپڙو. نااھل ڪرپٽ حڪمرانن غريب ماڻھوءَ کي عزت سان جيئڻ جھڙو بہ ڪونہ ڇڏيو آھي.
صغير پنهنجي ضمير سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئي پيو. سندس اندر ڇڄي پيو.
نو ڏھ ڪلاڪ چوواٽي تي ويھڻ کان پوءِ ھُو ڳوڙھا اگھندو اُٿيو. گهر ڏانهن موٽندي ماڻھن جي اڇلايل خيراتي پئسن مان گھر وارن لاءِ ٻوڙ ماني ۽ ضرورت جو ڪجھ سامان سڙو وٺي گھر پھتو.
ھُو پنهنجي تقدير تي اندر ئي اندر مُرڪندو رھيو.
ان ڏينهن کان پوءِ هن پنھنجي زندگيءَ جي ھن عجيب موڙ کي دل ۽ دماغ سان اھو سوچي قبول ڪري ورتو ته گھٽ ۾ گھٽ گھر ۾ چُلھ ته ٻرندي رهندي!
صغير پنهنجي گھر، گھٽي، پاڙي ۽ شھر کان الاھي پري ھيڻن حالن ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪري روزانو صبح جو چوراهي تي ويهڻ، ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌڻ، ڇڙٻون کائڻ ۽ جملا ٻڌڻ کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو.
ھڪ ڏينھن ھڪ پوليس واري کيس ڇڙٻ ڏيندي چيس: هليو وڃ ھتان.
ھُو سمجھي ويو ۽ خاموشيءَ سان پوليس واري کي ٻه سئو روپيا ڏئي ڇڏيائين.
ھُن پنھنجي لاءِ به ٻه سؤ روپيا رکڻ شروع ڪيا، سگريٽ ۽ چانھ چُڪي لاءِ. باقي پئسن مان گھر جو گاڏو هلائيندو رهيو. ھڪ ايزي پئسن واري دڪان تان ھر پندرهين ڏينهن گھر وارن ڏي پئسا موڪلي ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن ڪنهن چيس ته تون ايڏا سگريٽ ڇو ٿو پين؟
صغير سگريٽ ڏانهن ۽ پوءِ ان ماڻھوءَ ڏانهن ڏٺو ۽ هلڪي مرڪ سان چيائين : ماني جسم لاءِ آهي ۽ سگريٽ جيئندان لاءِ . اھو سگريٽ ئي آهي جيڪو مون کي ياد ڏياري ٿو ته مان اڃا گھڻو ڪجھ محسوس ڪري سگهان ٿو.
سال گذري ويا، گهر بدلجي ويو. حالتون بھتر ٿي ويون، ٻارن جون فيون وقت تي وڃڻ لڳيون. ڌيءَ يونيورسٽي ۾ پھچي وئي، پٽ کي پرائيويٽ نوڪري ملي ويس، زال ۽ ماءُ جي صحت بھتر ٿيڻ لڳي. فرج ۽ ٽي وي آئي، سڀني ٻارن کي موبائل فون ملي ويا، پر ڪجھ تبديل نه ٿيو ته اھي ھئا صغير جا ڪپڙا ۽ چمپل. اھي ساڳيا ئي رهيا ۽ چوراهو به ساڳيو!
ھاڻي صغير گھر اچڻ گھٽائي ڇڏيو هو. پھرين پندرهن ويھين ڏينهن ۽ پوءِ مھيني ڏيڍ کان پوءِ اچڻ لڳو، اھو به صرف ھڪ ٻن ڏينهن لاءِ.
ھڪ ڏينھن زال چيس ته ڌيءَ گلِ لالہ يونيورسٽي ۾ ڪنھن ڇوڪري کي پسند ڪري ٿي. اُھي سَڱ گھرڻ لاءِ گھر اچڻ چاھن ٿا. تون وقت ڏي ته ھنن کي اچڻ جو چوان.
صغير ڊگھو ٿڌو ساھ ڀريو ۽ زال کي چيائين: تون رشتو ڪري ڇڏ، مڱڻو ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي. سڌو نڪاح جي تاريخ رکي ڇڏ. مائٽن کي شاديءَ جو سڏ ڏيڻ لاءِ وڏي پٽ ذيشان کي ذميواري ڏجان، بس مان ان ڏينهن اچي ويندس. باقي پنھنجي وس آهر شاديءَ لاءِ پئسا تو کي موڪلي ڏيندس.
”ڇوڪريءَ وارا تنھنجو پڇن ته کين ڇا ٻڌايان؟ “
”تون چئجان گلِ لالہ جو پيءُ بلوچستان ۾ چمن بارڊر تي نوڪري ڪندو آھي. بس شادي تي ايندو.“
نيٺ شاديءَ جو ڏينهن به اچي ويو، مهمان اچڻ شروع ٿي ويا، رات جو نڪاح جو پروگرام ھيو. صغير ڌيءَ کي چيو ھو تہ صبح جو پھچي ويندو پر منجھند تائين صغير جي نه پھچڻ تي نيٺ ڌيءَ ماءُ کي چيو: ”امان ! بابا تہ اڃان ڪونہ آيو. ھڪ ته بابا فون به نه ٿو رکي. ھاڻي پڇا ڪجي ته ڪيئن ؟“
”ھا فون جو ته مون به کوڙ ڀيرا چيس پر ٻڌي ئي نه ٿو. سڀ مٽِ مائٽ به پڇن پيا ته اڄوڪي ڏينهن ته گھر ۾ ھجي ھا بلڪه ھفتو پھرين اچي ھا.“
ٻئي ماءُ ڌيءُ پريشان ھيون پر ٻنھي وٽ جواب ڪو نه هيو سواءِ انتظار جي.
صغير، نيٺ نڪاح کان ڪجھ ڪلاڪ پھرين گهر جي دروازي تي پهتو. ٿڪل مُنھن ۽ هٿ ۾ هڪ پلاسٽڪ جي ٿيلهي. گھر اندر اچڻ لڳو ته ڪنهن مهمان کيس فقير سمجهي چيو ته فقير ٻاھر بيھ تو کي خيرات ملي ٿي.
صغير بيهي رهيو. هن گهر ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪندي چيو: ها… خبر آهي ته ھتي شاديءَ جو ڪاڄ آ.“
صغير جو آواز ٻڌي گلِ لاله ٻاهر ڊوڙندي آئي.
بابا،..بابا ايڏي دير!
ڌيءَ کيس ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ ٻئي روئي پيا.
گھر جا سڀ ڀاتي ۽ ڪاڄ لاءِ آيل مھمان گڏ ٿي ويا. سڀني صغير کي ميارون ڏنيون، ڪن ٿڪ بجو پڻ ڪيس ته نياڻيءَ جي شادي اٿئي، گھر ۾ پھرين خوشي اٿئي ۽ ھاڻ پيو اچين……! ھي ھھڙا حال ڇو ڪيا اٿئي؟
صغير جي اکين ۽ اندر ۾ پهريون ڀيرو چوراهي کان به وڏي خاموشي لهي آئي. اکيون اگھندي هِن هٿ ۾ جهليل ٿيلهي ڌيءَ کي ڏني جنھن ۾ مٺائيءَ جا پيڪيٽ پيل ھئا.
گلِ لالہ پيءُ کي وٺي اندر ھلي وئي ۽ ھينگر ۾ ٽنگيل ڪپڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين: بابا هي توهان لاءِ آهن. اڄ پائجو.
صغير ڪپڙن کي ڏسندو رهيو ۽ آهستي پڇيائين: منهنجي لاءِ؟
ها بابا، اوھان جا ڪپڙا، پشاوري چمپل ۽ پرفيوم مون پنهنجي پسند سان خريد ڪيا آهن.
ھُو ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. کيسي مان سگريٽ ڪڍيائين. ڪجھ گھڙين تائين ان کي ڏسندو رهيو ۽ سوچن ۾ گم ٿي ويو.
ان لقاءُ تي ڌيءَ پڇيس بابا ڇا ٿا سوچو؟
صغير ماٺ رھيو.
گلِ لالہ چيس بابا، سگريٽ نه پئيندا ڪيو.
صغير پنهنجي چئني ٻارن ڏانهن ڏٺو، سڄي گهر ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين:
”سگريٽ به نه پيئان؟“
”سڀ خواهشون ته مون ختم ڪري ڇڏيون، ھاڻي صرف دوا سمجھي پيئندو آهيان. جي نه پيئندس ته مري ويندس. مونکي اڃان جيئڻو آهي اوھان جي ضرورتن لاءِ، امان جي علاج لاءِ.“
____________

حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.




humerahshams@gmail.com
humerah95@gmail.com