عمرڪوٽ جا عوامي ۽ ادبي ڪردار
خانصاحب عطا محمد پلي جي ڪردار جون ڪهاڻيون ٿر ۽ عمرڪوٽ جو راڄ ٻڌائيندو آهي، نامياري ناول نويس، افسانه نگار، اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي جڳ مشهور ناول سانگهڙ ۾ به خانصاحب عطا محمد پلي جي وطن دوست ڪردار کي به سهڻي نموني چٽيو آهي.

ڀاررومل امراڻي
خانصاحب عطا محمد پلي جي ڪردار جون ڪهاڻيون ٿر ۽ عمرڪوٽ جو راڄ ٻڌائيندو آهي، نامياري ناول نويس، افسانه نگار، اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي پنهنجي جڳ مشهور ناول سانگهڙ ۾ به خانصاحب عطا محمد پلي جي وطن دوست ڪردار کي به سهڻي نموني چٽيو آهي. خانصاحب عطا محمد پلي جي پٽن عبدالڪريم پلي، راڄ محمد پلي ۽ ولي محمد وفا پلي جي ٽمورتي سنڌي ادب ۾ مشهور رهي آهي. عبدالڪريم پلي ۽ ولي محمد وفا سهڻا شاعر هئا جڏهن ته راڄ محمد پلي نثر نگار هو. عبدالڪريم پلي ٻه ڀيرا اسيمبلي ميمبر ٿيو. پلي ڀائرن جي اوطاق تي سينگار علي سليم، عابده پروين، شمن ميرالي، شادي فقير ۽ شفيع فقير جهڙن راڳين راڳ جون محفلون مچايون، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجي، شمشير الحيدري جهڙن تخليقڪارن علمي ادبي ڪچهريون ڪيون. ٿر نيوز جي سفر دوران عبدالڪريم پلي جي فرزند اعجاز پلي سان الياس ٿري سان گڏ ملاقاتون ٿيون، اعجاز پلي پنهنجي ورثي ۾ مليل خانداني روايتن سان گڏ جديد علم جو ڄاڻو هو، هن ايم اي انگلش ادب ۾ ڪئي هئي، اعجاز پلي جي ڪچهري ۾ ٿر ۽ عمرڪوٽ جي راڄ ڀاڳ، سنڌي ۽ انگريزي ادب جي ڪلاسڪيل ۽ جديد توڙي جديديت پڄاڻان جا موضوع کلي پوندا هئا. هو انتهائي عام فهم واري ٻولي ۾ انهن موضوعن تي ڳالهائيندو هو.
عمرڪوٽ جو نوجوان نسل ’ڪنهن ڏٺي سهڻي، ڪنهن ڏٺو ميهار‘ وانگر شايد ڪامريڊ عبدالله سمي کي نه سڃاڻي. ويجهي ماضي جي منفرد ڪردارن ۾ ڪامريڊ عبدالله سمون هڪ به هو. سائين عبدالواحد آريسر پنهنجي ڪتاب ’جي ويراڳي وڃڻا ها‘ ۾ ڪامريڊ عبدالله سمي تي سهڻو خاڪو لکيو آهي. ڪامريڊ جا وڏا ڪڇ جي ڪنهن ڳوٺ جا رهواسي هئا، پر هو پنهجن خانداني واسطيدارن جي معرفت پڙهائي جي لاءِ ميرپورخاص آيو هو، پوءِ اتي ئي رهي پيو. هفتيوار چنگاري اخبار جو ايڊيٽر رهندڙ سوچيندڙ ذهن ۽ لوچيندڙ شخص ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي منشور مان متاثر ٿي پ پ پ ۾ شامل ٿيو. کيس عمرڪوٽ تعلقي جو باني صدر ٿيڻ جو اعزاز مليو. چون ٿا ته انهن ڏهاڙن ۾ ڪامريڊ عبدالله سمي جي پنهنجي لاکيڻي لوڏ هوندي هئي. جهڙو شڪل صورت جو سهڻو هو تهڙو ويس وڳي ۾ ٺهيل ٺڪيل، عروج وارن ڏهاڙن ۾ به هن شرافت کي پنهنجي اندر ۾ سنڀالي رکي هئي. ان وقت کنڊ ڊيپو تي ملندي هئي. ڀٽي صاحب ڪامريڊ کي کنڊ جو ڊيپو ڏنو هو. مون ڪامريڊ عبدالله سمي کي انهن ڏينهن ۾ ڏٺو، جن ڏهاڙن ۾ ڏکڙن ڏوجهرن المين ۽ اداسين هن جي اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي عروج وارن ڏهاڙن ۾ پاپلين جهڙو مهانگو ڪپڙو پائيندڙ هلڪي بافتي جي لباس ۾ مليو هو. الياس ٿري ۽ مون هن جو انٽرويو ڪيو هو، دل جون ڳالهيون ڪندي هن جون اکيون ڪيترائي ڀيرا ڀرجي آيون هيون. چوندا آهن ته ٿڪي جو ڪير جهالو ٿيندو آهي!؟. ڪامريڊ عبدالله سمون زندگي جي پوئين ڏينهن ۾ اڪثر ڊاڪٽر خوشحال جي اسپتال جي سامهون فٽ پاٿ تي پنهنجو آسڻ بڻائي اچي ويهندو هو.
عمرڪوٽ جي عوامي ڪردارن ۾ ڪامريڊ مير محمد جوڻيجي کي ڪيئن وساري سگهجي ٿو. هو سهڻي ۽ موڪري منهن وڏن قلمن ۽ گهاٽن شهپرن وارو شخص، جنهن کي سياست جي شطرنج کيڏاري به استاد چوندا هئا. هو اسٽيج تي ڳالهائيندو نه هو پر گجندو هو. ٽالهي مالهي جو رهواسي ڪامريڊ مير محمد پوئين ڏهاڪن ۾ اڪثر پنهنجي ڳوٺ جي اسٽاپ جي هوٽل تي عوامي ڪچهري مشغول ويٺو هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن شهر ايندو هو. آئون ڪامريڊ ميرمحمد جوڻيجي کي چوندو هوس ته ڪامريڊ سائين اوهان کي ٻڌندي نامياري صحافي ف م لاشاري جي ايڊويٽوريلن جو مجموعو ’رڃ جهڙي سماج ۾ مور جهڙي رڙ‘ ياد ايندو آهي، ڪامريڊ ٽهڪ ڏيئي چوندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو ڪتاب ’ڪارا منهن موچارا منهن‘ به ياد ايندو هوندو .
ڀيل برداري جي متحرڪ ڪردار ڪامريڊ تاجو ڀيل سان به عمرڪوٽ ۾ ڪچهريون ٿيون، هو ڪچهري ۾ ٻڌائيندو هو ته ڌرتي جي خوشحالي جا خواب کڻي ڪيئن پنهنجي عمر قوم پرست سياست جي جدوجهد ۾ گذاري آهي، آخري ڏينهن ۾ هو پ پ پ ۾ شامل ٿيو، پر هو پٽيلن، سيٺين سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن تي سدائين ڪاوڙيل هوندو هو. ان جي ڪري اقتداري سياست جي’گهرجن’ ۾ پنهنجي دراوڙ دل کي راضي نه رکي سگهيو. دل جي دوري ۾ پرلوڪ پڌاري ويو.
عمرڪوٽ ۾ حاجي سراج سومري جي جوڙايل مسجد شريف جي اولهندي پاسي سميجن جي جاءِ ۾ ڪامريڊ محمد ابراهيم آريسر جي هفتيوار اخبار ’اخبار عالم‘ جي آفيس هوندي هئي. منهنجي هڪ ٻه ڀيرا ڪامريڊ محمد آريسر سان ڪچهري ٿي هئي. ڪامريڊ محمد ابراهيم به زمينداري سان گڏ ڪنهن وقت سياست ۾ گهڻو سرگرم رهندو هو. ڪامريڊ وٽ به ڪامريڊ اومي مل کان وٺي گلو حجام تائين ڪيترن سياسي ورڪرن ۽ سياسي اڳواڻن جا قصا هوندا هئا.
اسان جو دلبر دوست ۽ سهڻو شاعر مير حسن آريسر به اخبار عالم جي آفيس ۾ اچي ويهندو هو. مير حسن سان پئي ڪچهري هلندي هئي. شاگردي جي زماني کان سياست جي اڙانگي پنڌ جي پانڌي مير حسن آريسر صحافتي زندگي جو آغاز سان روزانه ‘سنڌ نيوز ’ اخبار جي سب ايڊيٽر طور سيپٽمبر 1987ع کان ڪيو. 1992ع کان ڪجهه عرصي جي لاءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي جي ماهوار رسالي ‘تحريڪ ’ جو 2003 تائين ايڊيٽر پڻ ٿي رهيو.2004 کان هيل تائين مختلف غير سرڪاري تنظيمن جي ترقياتي شعبي ۾ پنهنجون خدمتون ارپيندڙ مير حسن آريسر اسٽيج جو بهترين مقرر پڻ آهي. ان وقت به ميرحسن آريسر جو قلم ڪاغذ جي زمين تي ڪميت وانگر ٽاپ ٽاپ ڪري هلندو هو اڄ به اها ئي قلم جي وک کجي ٿي. هن نظم توڙي نثر ۾ پنهنجو ڪلاسڪ سان ناتو نڀائيندي سنڌ جي فڪري تسلسل کي جديد دور سان هم آهنگ ڪري ان ۾ جدت جا نوان رنگ به ڀريا آهن . مير حسن لکي يا ڳالهائي هر نقطو توري تڪي پيش ڪندو آهي. سنڌي ڪوتا جي جهولي ۾ مير حسن آريسر ‘ڪاڪ ڪڪوري وهي’جهڙو پنهنجي شاعري جو مجموعو ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي مزاحمتي شاعري جي چونڊ ڪري ‘ تند وڙهي تلوارن سان’ جي عنوان سان منفرد ڪتاب پڻ ارپيو آهي. جديد شاعري جي سگهاري شاعر شمشير الحيدري جي شخصيت ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪ تي هڪ شاندار ڪتاب ‘جبل مٿي جهڙ ’ لکڻ سان گڏ نثر جا ٻه ٻيا ڪتاب ‘ٻارڻ جنين جو ٻوهه ’ ۽ ‘جوڳي کٽيو جس’ مرتب ڪيا آهن.ڪتاب ‘جوڳي کٽيو جس ’ماما جمن دربدر سان سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن پاران عمرڪوٽ ۾ ملهايل شام ۾ پڙهيل مقالا آهن. مير حسن آريسر جي وڏي خوبي اها آهي ته هو ڪڏهن خوشامد ۾ کجندو ناهي، نه وري ڪڏهن اختلاف راءِ تي آڪڙجندو آهي. صبر و تحميل سان ٻڌڻ جي سگهه رکي ٿو. مير حسن وٽ دانش ۽ صبر جي سونهن جو سنگم انتهائي ساراهه لائق آهي. سنڌ جي انقلابي ۽ اداس شامن ۾ مير حسن جي وائي ’ تيسين موڙ سنڀال او جيجل، جيسين ويڙهه هلي ٿي‘ وسند ٿري جي آواز ۾ نوجوانن جي دلين کي گرمائيندي رهي آهي.
__________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



