دنيا جي ميلي ۾ اڪيلو انسان: رابطن جا وسيلا تہ وڌيا پر دلين جا فاصلا گھٽجي نہ سگھيا
دنيا ميڙن جو ميلو ضرور آهي، پر هر مُھانڊي جي پويان هڪ الڳ ڪهاڻي، هڪ الڳ احساس ۽ هڪ الڳ دنيا آباد آهي. تنهنڪري ڪنهن کي رڳو هجوم جو حصو نه سمجهون؛ کيس انسان سمجهون. شايد اسان جو ٿورو مخلصانه ڌيان ڪنهن اڪيلي دل کي اهو يقين ڏياري سگهي ٿي ته هُو هن دنيا ۾ واقعي اڪيلو ناهي.

حڪيم پريم چاندواڻي
دنيا واقعي وڏن ميڙن جو ميلو آهي. بازارون ماڻهن سان ڀريل، شهرن جون گهٽيون ماڻهن جي اچ وڃ سان آباد، محفلون ٽھڪن سان گونجندڙ ۽ هر طرف ماڻهن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو نظر اچي ٿو، پر انهيءَ سڄي هجوم جي وچ ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي اندر جي دنيا ۾ انتهائي اڪيلا بيٺا آهن. جسم ميڙ ۾ هوندو آهي، پر دل ڪنهن اهڙي ساٿيءَ جي ڳولا ۾ هوندي آهي، جيڪو لفظن کان اڳ خاموشيءَ کي سمجهي سگهي.
اڄ جي زندگيءَ ۾ رابطن جا وسيلا وڌيا آهن، پر دلين جا فاصلا گهٽجڻ لازمي ناهن۔ ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهائين ٿا، پر هر ڳالهه دل تائين نٿي پهچي. چهرا مُرڪن ٿا، پر هر مرڪ خوشيءَ جي ترجمان ناهي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اندر جا ڏک، خوف، محروميون ۽ سوال لڪائي، دنيا اڳيان معمول مطابق زندگي گذارين ٿا. کين ڏسندڙ شايد سمجهن ته هي ماڻهو مطمئن آهي، پر اندر ۾ هڪ اهڙو خاموش طوفان هلي رهيو هوندو آهي، جنهن جو آواز ٻاهر تائين نٿو پهچي.
اڪيلائپ جو مطلب هميشه اهو ناهي ته انسان وٽ ڪو ماڻهو موجود ئي ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجن ۾ هوندي به اڪيلو هوندو آهي. خاندان موجود هوندو آهي، دوست موجود هوندا آهن، محفلون موجود هونديون آهن، پر سمجهڻ وارو ڪو نه هوندو آهي. انسان کي رڳو ساٿ نه، سچو احساس گهرجي؛ رڳو گفتگو نه، دل جي ڳالهه ٻڌندڙ ڪن گهرجن؛ رڳو ماڻهن جي موجودگي نه، پر پنهنجائپ جي گرمجوشي گهرجي.
اسان جي سماج جو هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته اسين ماڻهوءَ جي ظاهري حالت ڏسي سندس اندر جو اندازو لڳايون ٿا. جيڪو خاموش آهي، ان کي مغرور سمجهون ٿا؛ جيڪو مُرڪي ٿو، ان کي بي فڪر سمجهون ٿا؛ جيڪو پنهنجي تڪليف بيان نٿو ڪري، ان کي مضبوط سمجهون ٿا. جڏهن ته حقيقت اها به ٿي سگهي ٿي ته هو رڳو پنهنجي درد کي لفظ ڏيڻ کان قاصر هجي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ماڻهن کي رڳو ڏسون نه، سمجهڻ جي ڪوشش به ڪريون. ڪنهن جي خاموشيءَ کي ٻڌون، ڪنهن جي اکين ۾ لڪل سوال پڙهون ۽ ڪنهن جي بي سبب بدلجندڙ روين پٺيان موجود درد کي محسوس ڪريون. هڪ نرم لفظ، هڪ مخلص ملاقات ۽ بنا مطلب جي پڇيل “ڪيئن آهين؟” ڪڏهن ڪڏهن انسان جي اندر جي اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جيان لهندي آهي.
زندگيءَ جو حسن وڏن ميڙن ۾ گم ٿيڻ ۾ ناهي، پر انهن ميڙن ۾ انسان کي انسان سمجهڻ ۾ آهي. جيڪڏهن اسان جي وچ ۾ محبت، همدردي، اعتماد ۽ خلوص موجود هجي ته اڪيلائپ جون ڀتيون پاڻمرادو ڪمزور ٿيڻ لڳنديون. دنيا کي وڌيڪ ماڻهن جي نه، وڌيڪ انسانيت جي ضرورت آهي؛ اهڙي انسانيت جي، جيڪا ڪنهن جي درد کي تماشو نه، ذميواري سمجهي.
دنيا ميڙن جو ميلو ضرور آهي، پر هر مُھانڊي جي پويان هڪ الڳ ڪهاڻي، هڪ الڳ احساس ۽ هڪ الڳ دنيا آباد آهي. تنهنڪري ڪنهن کي رڳو هجوم جو حصو نه سمجهون؛ کيس انسان سمجهون. شايد اسان جو ٿورو مخلصانه ڌيان ڪنهن اڪيلي دل کي اهو يقين ڏياري سگهي ٿي ته هُو هن دنيا ۾ واقعي اڪيلو ناهي.
__________

حڪيم پريم چاندواڻي شاعر ۽ ڪالم نگارآھي. ھُُو ڏوڪريءَ ۾ رھي ٿو.



