Editor's pickMain Slideماحول

قدرتي آفتون: سوڪھڙو ۽ ڏُڪار ڪيئن پيدا ٿين ٿا؟ انھن کي ڪيئن مُنھن ڏجي؟  

ڏڪار صرف برسات جي کوٽ جو نالو ناهي؛ اها هڪ آزمائش آهي ته سماج پاڻي، زمين ۽ قدرتي وسيلن کي ڪيتري عقلنديءَ سان استعمال ڪري ٿو. اصل چئلينج اهو آهي ته کوھ ۽ پاڻيءَ جا ٻيا وسيلا خشڪ ٿيڻ ۽ بحران پيدا ٿيڻ کان اڳ عمل ڪيو وڃي. ڏڪار اسان کي ٻين گهڻين قدرتي آفتن جي ڀيٽ ۾ اڳواٽ خبرداري ڏئي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا اسان ان خبرداريءَ جو عقلمنديءَ سان استعمال ڪريون ٿا يا نه.

ڊاڪٽر حسن حُميده

ڪِيل (Kiel)، جرمني: ڏڪار پاڻيءَ جي کوٽ جو هڪ خاموش بحران آھي. ڏڪار وِرلي ئي ڪنهن چتاءَ سان ايندو آهي. اهو خاموشيءَ سان جنم وٺندو آهي، مھينن يا سالن جي عرصي دوران زمين، ندين ۽ ٻين ذخيرن مان پاڻي نپوڙي خشڪ ڪندو آهي. پر، ان جا نتيجا تمام خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي تڏهن جڏهن موسمياتي تبديلي  ۽ انساني سرگرميون پاڻيءَ جي کوٽ کي وڌيڪ شديد بڻائڻ لاءِ پاڻ ۾ ملي وڃن ٿيون.

بُک بدحالي ۽ ٻيا انساني بحران صرف ڏڪار جي ڪري پيدا نه ٿيندا آهن. 1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪي دوران ساحل (Sahel) خطي ۾ آيل تباھ ڪندڙ ڏڪارن دوران، فصلن جي ناڪامي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي غريبي، هٿياربند تڪرارن، بيمارين ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر وڌيڪ سخت بڻائي ڇڏيو هو.

ڏڪار هڪ بحران لاءِ ماحولياتي حالتون پيدا ڪري ٿو، پر ان جا نتيجا وڏي حد تائين سماج جي مقابلي ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ردعمل تي منحصر ٿين ٿا.

1930ع واري ڏهاڪي جو آمريڪي ڊسٽ بائول (Dust Bowl) هڪ ٻيو تاريخي مثال آهي. سالن جي سخت ڏڪار سان گڏ بي ترتيب زراعت ۽ قدرتي گاھ جي ميدانن جي تباھي پڻ انھيءَ ۾ شامل ٿي ويا. نتيجي طور، تيز هوائن زمين تان زرخيز مٽيءَ جا وڏا تھ اڏائي ڇڏيا. زراعت، ٻينون ٻارا تباھ ٿي ويا ۽ روزگار ختم ٿي ويو، جنهن ڪري سوين هزارين ماڻهو پنھنجا گھر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا.

ڊسٽ بائول اها ڳالهه ثابت ڪئي ته ڪيئن قدرتي موسمياتي تبديليون ۽ زمين جو غير پائيدار استعمال هڪ ٻئي کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا، جنهن سان سوڪھڙي جو هڪ دور هڪ وڏي سماجي ۽ اقتصادي آفت ۾ تبديل ٿي ويو.

انساني سرگرميون ۽ موسمياتي تبديلي ڏڪار کي وڌيڪ سخت بڻائين ٿيون. جيتوڻيڪ ڏڪار هڪ قدرتي موسمياتي آفت آهي، پر انساني سرگرميون ان جي شدت کي وڏي حد تائين وڌائي ڇڏين ٿيون:

زيرِ زمين پاڻيءَ جو بيجا استعمال تيزيءَ سان پاڻيءَ جا ذخيره ختم ڪري ٿو. ٻيلن جي ڪٽائي، وڌيڪ چوپايو مال چارڻ ۽ ناپائيدار زرعي طريقا ٻوٽن ۽ ساوڪ کي نقصان پهچائين ٿا ۽ زميني کاڌِ کي تيز ڪن ٿا. انسان جي پنھنجين سرگرمين سبب پيدا ٿيل موسمياتي تبديلي ٻيو وڏو ڏکيو دٻاءُ وڌائي ٿي. گلوبل وارمنگ پاڻيءَ جي فراهمي ۽ پاڻيءَ جي زيان ٿيڻ جي توازن کي تبديل ڪري ٿي

ڏڪار کي صرف هڪ حڪمت عملي سان حل نٿو ڪري سگهجي؛ وقت سر سڃاڻپ ۽ اڳواٽ تياريون تمام ضروري آهن. سيٽلائيٽس ٻوٽن جي صحت تي نظر رکن ٿا، جڏهن ته موسمياتي اسٽيشنون، ندين جا گيج، ۽ زمين هيٺان پاڻيءَ وارا نيٽ ورڪ وقت سر ٻڌائن ٿا ته پاڻيءَ جا وسيلا ڪيئن تبديل ٿي رهيا آهن.

جديد ٽيڪنالوجيءَ ذريعي اھڙا اُپاءَ وٺي سگھجن ٿا جن سان پاڻيءَ جو زيان روڪي سگھجي.  ڊرپ آبپاشي  سان پاڻي سڌو ٻوٽن جي پاڙن تائين پهچايو وڃي ٿو ۽ پاڻي ضائع نٿو ٿئي.  اهڙا فصل پوکجن جيڪي ڏڪار برداشت ڪري سگهن ۽ گھٽ پاڻيءَ ۾ پڻ بهتر پيداوار ڏين. مٽيءَ ۾ نامياتي مادي کي وڌائڻ ۽ محتاط زراعت جي طريقن کي استعمال ڪرڻ سان نمي برقرار رهندي ۽ باڦ بنجي پاڻي ضايع نہ ٿيندو.

ٽيڪنالاجيءَ وارا حل مسئلي جو صرف هڪ حصو آهن. ٻيلا، ڍنڍن ڍورن وارا علائقا، ۽ زرخيز مٽي پاڻيءَ جي چڪر کي برقرار رکڻ ۾ هڪ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي قدرتي اسپنج جيان ڪم ڪن ٿا جيڪي پاڻي ذخيرو ڪن ٿا، پاڻيءَ جي تيز وهڪري کي سست ڪن ٿا، ۽ ماحول جي نمي کي برقرار رکن ٿا.

جڏهن اهي ايڪوسسٽم تباھ ٿين ٿا، تڏهن خطي جا علائقا موسمياتي تبديليءَ جي ٻنهي انتهائن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. خراب ٿيل مٽي طوفان دوران گھٽ پاڻي جذب ڪري ٿي ۽ ڏڪار دوران گھٽ نمي برقرار رکي سگهي ٿي. ايڪوسسٽم جو تحفظ ۽ بحالي صرف ماحولياتي خدشو ناهي؛ پر اهو پاڻيءَ جي تحفظ جو بنيادي ٿنڀ آهي.

قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ اُپاءَ ڏڪار جي فوري نقصانن کي گھٽائي سگهن ٿا، پر اهي گلوبل وارمنگ جي بنيادي خطري کي ختم نٿا ڪري سگهن. وڌندڙ گلوبل وارمنگ زراعت، ٻيلن، ۽ زمين هيٺان پاڻيءَ تي وڌيڪ دٻاءُ وجھندي، جنهن ڪري موسمياتي تحفظ ڊگھي مودي واري ڏڪار کي روڪڻ  لاءِ مرڪزي نقطو بڻجي وڃي ٿو.

طوفانن يا ٻوڏن جي برعڪس، ڏڪار آهستي آهستي جنم وٺندو آهي. جيتوڻيڪ اها آهستي شروعات خطرناڪ آهي، پر اها سماج کي هڪ تمام قيمتي وسيلو فراهم ڪري ٿي: وقت. توھان وٽ وقت ھوندو آھي تہ انھيءَ آفت کي مُنھن ڏيڻ لاءِ اُپاءَ وٺو.  

توھان وٽ پاڻيءَ جي فراهميءَ تي نظر رکڻ جو وقت، زرعي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جو وقت، زمين هيٺان پاڻي ۽ ايڪوسسٽم جي تحفظ جو وقت، سخت متاثر ٿيندڙ برادرين کي ڊگهي ڏڪار لاءِ تيار ڪرڻ جو وقت ھوندو آھي.

ڏڪار صرف برسات جي کوٽ جو نالو ناهي؛ اها هڪ آزمائش آهي ته سماج پاڻي، زمين ۽ قدرتي وسيلن کي ڪيتري عقلنديءَ سان استعمال ڪري ٿو. اصل چئلينج اهو آهي ته کوھ ۽ پاڻيءَ جا ٻيا وسيلا خشڪ ٿيڻ ۽ بحران پيدا ٿيڻ کان اڳ عمل ڪيو وڃي. ڏڪار اسان کي ٻين گهڻين قدرتي آفتن جي ڀيٽ ۾ اڳواٽ خبرداري ڏئي ٿو. سوال اهو آهي ته ڇا اسان ان خبرداريءَ جو عقلمنديءَ سان استعمال ڪريون ٿا يا نه.

_____________

Dr-Hassan-Humeida-310x330

ڊاڪٽر حسن حُميدھ، جرمني

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button