کڻي آئي برسات يادون اوهان جون: سانوڻ جي رُت ۾ تهذيبون ڳالهائينديون آهن
سانوڻ رت پاڻ سان گڏ رڳو ڪڪرن جي قطار ۽ وُٺي جي هير نه آڻيندي آهي پر صدين جي تهذيب، تاريخ ۽ انساني احساسن جي ٻولي کي پنهنجي دامن ۾ سهيڙي سامهون اچي رکندي آهي. ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان ۾ جڏهن سانوڻ جي پهرين برسات تي مٽي مهڪندي آهي تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته زمين مختلف زبانن ۾ هڪ ئي دعا ورجائي رهي آهي.

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
هونئن ته سانوڻ وڪرمي سنبت ۽ سنڌي سال جي ڪلينڊر ۾هڪ مهيني جو نالو آهي پر خاص طور ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان ۾ سانوڻ هڪ مهيني سان گڏ هڪ پوري رت جو نالو آهي، جيڪا گهنگهور گهٽائن جي گهيري ۾ وڄڙين جي وراڪن سان اونهاري جي اڳيان اچي بيهندي آهي. جنهن رُت کي ڪٿي ’وسڪاري جي رُت‘ ته ڪٿي ’ميگها رُت‘سڏيو وڃي ٿو. بادلن جي ڀرجڻ، گرجڻ ۽ وسڻ جي سلسلي ۽ انهي وقت کي’چوماسو‘ پڻ چيو ويندو آهي. هن جديد دور ۾’چوماسي‘ جي لاءِ وري انگريزي لفظ ’مون سون‘ به ڪتب آندو وڃي ٿو. مختصر لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته ننڍي کنڊ ۾ هن رُت جا نالا بدلجن ٿا پر سانوڻ ساٺ جا رنگ روپ، سڪارن جا سنيها، انتظار جا اوسيئڙا، لاڏ ڪوڏ، سماجي معاشي اثر جتي ڪٿي ساڳيا رهن ٿا. جن جي روپ سروپ مان ننڍن وڏن خطن ۾ سانوڻ رت جا تهذيبي چهرا پڌرا ٿيندا آهن.
سانوڻ لفظ جو بڻ بنياد سنسڪرت ٻولي جو لفظ شراوڻ ( Shravana) ملي ٿو، جنهن جي معني آهي ٻڌڻ، سڻڻ. چون ٿا ته آڳاٽا رشي، مني، سانوڻ جي مهيني ۾ نرآڪار کي نهوڙي نمشڪار ڪرڻ جا منتر ۽ شلوڪ مٺڙي آلاپ ۾ اچاري برکا رت جو سواگت ڪندا هئا. ويدڪ دور ۾ سانوڻ جي پونم ڏهاڙي تي نئين سکندڙ شاگرد جي لاءِ ويدن جي تعليم جي شروعات ڪئي ويندي هئي. تعليمي سال جي آغاز جي ڏهاڙي جي ڪري سانوڻ جي پونم کي ’پونم شراوڻي اپاڪرما‘ چيو ويندو هو. سناتن ڌرم جي پراڻن پشتڪن ۾ سانوڻ جو مهينو شو جي پوجا جي لاءِ به مخصوص ڪيل آهي، هن مهيني جي ٽيج تٿ تي پاروتي شِو جي کي پائڻ جي لاءِ ’اپاسنا ورت‘ رکيو هو. جين ڌرم وارن وٽ به سانوڻ مهينو ۽ پوري رُت ’ بها دراپد چاتوورماسا’ جو مقدس دور آهي. هن رُت ۾ برسات جي ڪري زمين تي ڪيترائي ڪيڙا ماڪوڙا ۽ ٻي جيوت پيدا ٿيندي آهي، هن رت ۾ جيني ساڌو سفر ترڪ ڪري هڪ ئي هنڌ قيام ڪندا آهن، جيئن انهن جي هلڻ سان ڪنهن به جاندار کي نقصان نه رسي. عام پيروڪار به سادگي اختيار ڪندا آهن. سانوڻ جي پڄاڻي تي ’پريوشن مها پرو‘ اٺ کان ڏهه ڏينهن جو جشن ملهائيندا آهن. هن جشن جي آخري ڏينهن ’سموتسري‘ تي پاڻ ۾ پيدا ٿيل هر قسم جي رنجش ختم ڪرڻ جي لاءِ ’مڇامي دڪڊم‘ يعني معافي گهرڻ جي ريت اپنائي ويندي آهي .
سانوڻ رت پاڻ سان گڏ رڳو ڪڪرن جي قطار ۽ وُٺي جي هير نه آڻيندي آهي پر صدين جي تهذيب، تاريخ ۽ انساني احساسن جي ٻولي کي پنهنجي دامن ۾ سهيڙي سامهون اچي رکندي آهي. ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان ۾ جڏهن سانوڻ جي پهرين برسات تي مٽي مهڪندي آهي تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته زمين مختلف زبانن ۾ هڪ ئي دعا ورجائي رهي آهي. ريگستاني تهذيب جي خاص خوبي اها آهي ته هتي موسم رڳو قدرتي مظهر جو ڏيک ناهي ڏيندي پر تهذيبي لساني ۽ ادبي سڃاڻپ ۾ سموئجي وڃي ٿي. هتي موسم جڏهن زمين تي پنهنجو روپ پڌرو ڪندي آهي تڏهن رڳو گرمي پد تبديل نه ٿيندو آهي پر ان سان گڏ مٽي جو مزاج، زبان جو لهجو، ۽ انساني اندروني ڪيفيت به بدلجي ويندي آهي. ريگستان ۾ برسات جي موسم انهي تبديلي جو سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ اھڃاڻ آهي.
موسمي ماهرن موجب چوماسو 15 جون کان 15 سيپٽمبر تائين رهندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن هوائن جي ڦيري سبب هڪ ٻه هفتا گهٽ وڌ پڻ ٿي ويندا آهن. سڄي اپکنڊ ۾ چوماسو هندي وڏي سمونڊ ۽ بينگال جي اپسمنڊ مان جڙندو آهي. چوماسو اتان سفر ڪري اپکنڊ تي ڇانئجڻ لڳندو آهي، بينگال جي اپسمنڊ کان چوماسو هندوستان جي رياستن آسام، بنگلاديش، بهار، اتر پرديش، دهلي کي وسائيندو ڪشمير، پاڪستان جا اتريان علائقا ۽ خيبر پختونخوا کي ڀڄائيندوآهي. هندي وڏي سمونڊ وارو چوماسي جو سلسلو هندوستاني رياستن اڙيسا، ڪيرالا کان ٿيندو، مهاراشٽر، گجرات ۽ راجسٿان کان پاڪستان ۾ ٿر ۽ ٿر کان سنڌ جي ٻين علائقن کي وسائيندو آهي. سنڌ جي جاگرافي چوماسي جي هوائن ۽ ڌرتي جي بيهڪ جي حوالي سان ماهرن موجب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، ڏکڻ سنڌ ڪوسي ڪمربند ۾ آهي، اتر سنڌ پوري پني ڪمربند ۾ اچي ٿي . ڏکڻ اولهه چوماسي جون هوائون در اصل ڏکڻ کان سڌيون اولهه طرف نه ٿيون لڳن پر ڌرتي جي گردش سبب اتر اڌ گول ۾ اهي گهڙيال جي ابتي ڪانٽي وانگر لڳن ٿيون ۽ فيريل جي قاعدي مطابق ڏکڻ اولهه چوماسي جون هوائون خط استوا تي اچي موٽ کائن ٿيون. ٻئي طرف ڏکڻ اوڀر جون تجارتي هوائون پڻ خط استوا پار ڪندي گهٽ داٻ ۾ ڦاسي پون ٿيون جنهن جي ڪري سنڌ ۽ باقي پاڪستان جي اتر اولهه ڪنڊ تي هوا جو داٻ ويتر وڌي وڃي ٿو، اهو عربي سمنڊ جي ساحل طرف وڌڻ لڳي ٿو، اسان اوٽ اونچا جبل نه آهن جيڪي هوائن کي جهٽي مينهن وسائن . اسان جو کيرٿر وارو جابلو سلسلو لڳ ڀڳ هڪ هزار فوٽ اڃان به بلند هجي ته سنڌ ۾ مينهن گهاٽا پون ها. پر هن وقت حقيقت اها آهي ته سنڌ گهربل برساتن واري علائقي ۾ شامل نه آهي. اسان جي ٿر ۾ سراسري طور چئن سالن ۾ رڳو هڪ سال ڀرپور مينهن وسندا آهن. باقي ٽن سالن ۾ ڪڏهن ڪارو ڏڪار، ڪڏهن هڪ ٻه برساتون ته ڪڏهن ’هڪ مينهن اڃان‘ جي پڪار سان پيا گذرندا آهن .
سنڌو درياھ تي سکر بئراج جي تعمير کان اڳ ۾ ڪي ٿورا واهه ٻارهوئي وهندا رهندا هئا، جن تي پورو سال آبادي ٿيندي هئي، انهن ۾ اڀرندو نارو خاص طور اچي ٿو، جڏهن ته اولهندي ناري تي ڪن علائقن ۾ ٻارهوئي وهندو هو. باقي سڄي سنڌ ۾ واهه توڙي ڦاٽ آبڪلاڻي جي مند ۾ وهندا هئا. سنڌ ۾ گهڻا واهه سمن کوٽايا، ڪلهوڙن به ڪي واهه کوٽيا پر انهن ۾ سڌارا انگريزن جي دور ۾ آندا ويا. سنڌ جو ٿر وارو علائقو ته ابر جي آسري آهي پر بئراج واري علائقي ۾ به سنڌي معيشت جو وڏو دارومدار ايامن کان وٺي سانوڻ مند جي مينهن سان ڳنڍيل رهيو آهي.
اسين ننڍي کنڊ جي وڏي ريگستان جا رهواسي ڌرتي جي انهن خوش نصيب انسانن مان آهيون، جن جو راڳ، رقص ۽ شاعريءَ سان ازلي ۽ ابدي تهذيبي تعلق جڙيل آهي، ڪلاسيڪل موسيقي ۾ راڳ ميگهه برسات جو راڳ آهي، چيو وڃي ٿو ته هن راڳ ۾ ايتري شڪتي آهي جو سرن جي ساڌنا ڪندڙ ڳائڪ پنهنجي دل کي دنبورو بڻائي راڳ ميگهه ڳائي ته مينهن وسي پوندو آهي. راڳ سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن وٽ ننڍي کنڊ جي موسيقي جي ماهر ’تان سين ’کان وٺي مٺي جي لوڪ ڳائڪ مراد فقير تائين مختلف راڳين پاران راڳ ميگهه ڳائي مينهن وسائڻ جا قصا موجود آهن، راڳ ذريعي مينهن وسڻ جو منطق سائنسي سوچ ويچار ۾ کڻي نه سمجهه ۾ ايندو هجي پر راڳ ميگهه کي ڳائڻ توڙي وڄائڻ وقت روحاني راحت، وٺي جي هير جهڙي ٺار ۽ ماحول ۾ مهڪار محسوس ڪرڻ عالم آشڪارا آهي؛
گرجت آ وے، میگھھ تب سیتل ہووے انگ،
ملہارن سنگ گاوئے برسے رنگ اننگ
راڳ ميگهه ڪومل گنڌار ملائي ڳائڻ سان راڳ ملهار ٿيندو آهي، راڳ ملهار جا مختلف قسم آهن، جن ۾ ’ميان ملهار‘ ‘گود ملهار‘ اهم آهن. ’ راڳ ملهار‘ ۾ ڪومل نوت (نرم سر ) استعمال ڪيا ويندا آهن. هن جي سڃاڻپ ’ري‘ ۽ ’پ‘ جي سرن جو مخصوص انداز ۾ استعمال آهي .
راڳ ميگهه هجي يا ان سان لاپيل راڳ، ميگهه جي راڳن ۾ سانوڻ جو سواگت ڪرڻ جي لاءِ راڳي سرن ۾ گهنگهور گهٽائن جو گهيرو ٺاهي رم جهم جي عڪاسي ڪندو آهي ريگستان جي مشهور شاهي راڳن ۾ مانڊ راڳ آهي، راڄ درٻار ۾ ڳايو ويندو هو، پر ريگستان جي رهواسين راڳ ميگهه سان گڏ راڳ مانڊ ۾’ڪيسريا بالما پڌارو مانري ديس‘ جهڙو گيت ڳائي راڳ مانڊ کي لوڪ جو راڳ ڪري ڇڏيو آهي. موسيقي جي ماهرن موجب هڪ شڌ ڪلاسيڪل راڳ هوندو آهي، ٻيو نيم ڪلاسيڪل راڳ ۽ ٽيون لوڪ راڳ آهي.ريگستان جي رهواسين راڳ جي ٽنهي صورتن ۾ سانوڻ جي گيتن کي دل جي شوق سان ڳائي راڳ ميگهه ، راڳ مانڊ توڙي ٻين راڳن کي روحانيت، پريم آنند ۽ فطرت سان جڙيل موسيقي ۾ اهم حيثيت ڏياري ڇڏي آهي .
نه رڳو ويدن جي واڻي ۾ ننڍي کنڊ جي رشين منين اندر ديوتا جي آراڌنا ڪري ميگهه جي برسڻ کي شلوڪن ۾ ساراهيو آهي پر ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل ادب ۾ به سانوڻ وڏو موضوع رهيو آهي. والميڪ رشي رامائڻ جي ڪشڪندا ڪانڊ ۾ سانوڻ جي موسم ۽ جهنگل جي خوبصورت نظارن ۽ سيتا جي غيرموجودگي ۾ رام جي اندر جي پيدا ٿيندڙ آنڌ مانڌ جا عڪس دلڪش انداز سان چٽيا آهن. پر سنسڪرت ادب ۾ هي موضوع ڪاليداس وٽ اچي دنگ ٿي وڃي ٿو .ڪاليداس نه رڳو پنهنجي جڳ مشهور رچنا ’ميگهه دوت‘ ۾ سانوڻ جي ساٺن، وڄ وراڪن تي اٿندڙ اندر جي اڌمن، سندر نارين جي سهڻن سريرن، ندين نالن جي وهڪرن ۽ ڏونگرن جي ڏيکن جا فطري منظر ڪوتا ۾ آندا آهن، پر پنهنجي تخليقن ’ريتو سنهار‘، ’شڪنتلا‘، ’ڪمار سنڀو‘۽ نل دمني ۾ به برکا رت جا رنگ روپ سمايا آهن.
هي ميگهه دوت جو مهان ڪاليداس ڪٿان جو هو؟ هن سوال جي جواب ۾ ڪا حتمي راءِ نٿي ملي ڪن مورخن بنگال اڙيسه، مالوا ۽ اجين جو لکيو آهي ته ڪن نقادن وري ڪشمير جو رهواسي ڄاڻايو آهي، پر سمورا مورخ ۽ نقاد انهي راءِ تي اتفاق ڪن ٿا ته، ڪاليداس زندگي جو وڏو وقت اجين ۾ وڪرماجيت جي درٻار ۾گذاريو، ڪاليداس وڪرما جيت جي نورتن مان هڪ هو. ڪاليداس جو تخليق ڪيل ميگهه دوت دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، سنڌي ٻولي ۾ نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻي ڪيو، جيڪو قومي ساهتيه منڊل عامل ڪالوني حيدرآباد پاران 1947ع ۾ ڇپيو. جديد سنڌي شاعري جي مهان ڪوي شيخ اياز کان وٺي سنڌ جي ڪيترن تخليقارن ۽ محققن ڪاليداس جي ميگهه دوت ۽ ٻين رچنائن جا حسين رنگ پنهنجين لکڻين ۾ گلن ڦلن وانگر سجايا آهن. آئون چاهيان ٿو سنڌي، اردو ۽ هندي ادب ۾ تذڪري هيٺ آيل ڪاليداس جي سندر شاعري مان ڪجهه تخليقون تبصري کان سواءِ پنهنجن پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪريان؛
• اڳ ئي مون کي پيار پيڙا ڏئي رهيو آهي، منهنجو من ملڻ جوڳو نه آهي، آگم جي لاءِ پراٿنا ڪري رهيو آهي، ان جو ڪهڙو حال ٿيندو!؟
• اي ميگهه! تون منهنجو قاصد ٿي وڃ ۽ منهنجي پريميڪا کي ٻڌاءِ ته مان بنواس ۾هن کي ڪيترو نه ساريان ٿو!!“
• اي ميگهه! تو کي هماليا جون سفيد برفاني چوٽيون، ڪنول جي گلن وانگر نظر اينديون۽ اتان هيٺ وادين ۾ رهن ٿيون اهي سندريون جيڪي سنجوڳ لاءِ پنهنجين ڇاتين تي چندن جو ليپ لڳائن ٿيون، ميگهه! اهي حسينائون هونءَ ته سنهي چيلهه هوندي به سروقد سڌيون ٿي هلن ٿيون پر ڀريل ارهن جي بار سبب انهن جو ٿورو جهڪڻ به لازم ٿي پوي ٿو.
• اي ميگهه تون ڪيلاش جو مهمان ٿي، ان وٽ ضرور وڃجان، جو ڪنهن سور وير جي ٻانهن وانگر چو طرف پنهنجون چوٽيون پکيڙي بيٺو آهي، جنهن جي صاف شفاف نرمل برف کي آرسي سمجهي سرڳ جون اپسرائون منجهس پنهنجي شڪل ڏسن ٿيون.
• اي ميگهه! اتي کليل کڙڪين مان واجھ وجھندڙ وار سنواريندڙ نارين جي سڳنڌ تنھنجي سرير کي ڳورو ڪري وجھندي. محل جا مور نچي نچي تنھنجو سوا گت ڪندا، جيڪڏھن تون ٿڪجي پوين تہ رات ڦولن جي سڳنڌ ۾ ويڙھيل سراين مٿان گذارجانءِ سرايون جن جا اڱڻ سندر نارين جي پيرن جي مينديءَ سان لال ٿي چڪا آھن
• هو سندريون، اهڙيون شرميليون آهن، جو پيار ڪرڻ جي وقت ڀوئنرن جهڙين پنهنجين اکين
جي ڇپرن جا پر ٻوٽي ڇڏينديون آهن،پر جڏهن انهن جا پريمي، انهن جا چپ چوسيندا آهن،تڏهن اهي پنهنجي سرير جو سمورو رس چپن تي آڻي، پنهنجن اڃايل پريمين لاءِ مڌ جا پيالا بڻجي وينديون آهن .
• اي بادل جيڪڏهن تو کي اجين جي مرگهه نيڻين پنهنجي ناز سان نه موهيو ته پوءِ چئبو تون هميشه جي لاءِ پريم جي پرم آنند کان نراس رهجي وئين.
• اي ڀاڳ ڀريا ميگهه ٻڌ! جڏهن تون سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيندين تڏهن توکي سڪل سنڌو ندي نظر ايندي اها سڪل سنڌو ندي توکي ايئن نظر ايندي، جيئن گوندر گهاريندڙ محبوبا جي اڻڀي چوٽي!!ان نديءَ جي ڪنارن تي بيٺل وڻن جا ڇڻيل پيلا پن، توکي سنڌو نديءَ جي رنگ مٿان اثرانداز ٿيندا محسوس ٿيندا، سنڌو نديءَ جو اهو رنگ وڇوڙي جو ونگ آهي، اي ميگهه! توکي سنڌو ندي سيراب ڪرڻي آهي، توکي هن جي اڃ اجهائڻي آهي.
•تنهنجون اکيون ڪنول جي پتن وانگر آهن، تنهنجو مک ڪنول وانگر آهن، تنهنجا چپ ڪچا ڪونپل آهن، تنهنجا انگ چمپڪ جي پنن وانگر آهن، ٻڌاءِ پريمڪا، مون کي ٻڌاءِ مالڪ سائين تو کي پٿر جهڙو هانءُ ڇو ڏنو آهي.‘

سانوڻ رت جي حوالي سان اهڙي شاعري جي حسناڪي اندر ۾ اتارڻ کان پوءِ ڪهڙو شعر سنسڪرت ادب مان کڻي هتي پيش ڪبو، بس ٿورو ٻارهين صدي جي ڪوي جئديو جي تخليق گيت گوونده جو احوال اورجي ٿو جنهن ۾ چوويهه خاص گيت ڏنل آهن، جن کي ’چوبيس اشٽ پديان ‘چيو وڃي ٿو، هر گيت اٺ بندن تي مشتمل آهي، ڪوي جئديو پنهنجي هڪ گيت ۾ ساوڻ رت ۾ وڇوڙي جي وڍن جو درد اکرن ۾ آڻيندي چوي ٿو ته ؛
جڏهن ڏاکڻين پهاڙن مان هوائون اچن ٿيون،
۽ محبت جي ديوتا کي ساڻ آڻين ٿيون،
جڏهن گلن جا انبار،
چاهيندڙن جي دلين ۾ ڏارون وجھڻ جي لاءِ
ٽڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن،
تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي سبب
ڏکوئجي ٿو وڃي.
هندي ادب ۾ ملڪ محمد جائسي جي تخليق ’پدماوت‘ کي خاص اهميت رهي آهي. پدماوت جي نظم ’ باره ماسه ‘۾ ناگ متي سانوڻ جي گهنگهور گهٽائن ۾ اندر جي آنڌ ۾ ڀنوئنرن ۽ ڪانگن کي قاصد بڻائي چوي ٿي ته ؛ ’
”رتن سنگهه کي نياپو ڏجو ته تنهنجي پياري ساوڻ جي اهڙي سهڻي رت ۾ رت روئي رهي آهي. “
امير خسرو جي گيتن، دوهن ۽ ڪهه مڪرانين ۾ سانوڻ جي سونهن، سوڀيا لوڪ جي دلين جي دڙڪن بڻجي گونجي ٿي، امير خسرو پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو ته ؛
اماں میرے بابا کو بھیجو رے کہ ساون آیا،
هي هڪ سٽ نه پرپوري هڪ تهذيبي ڪيفيت ۽ جذباتي لڳاءُ جو اظهار آهي. ننڍي کنڊ جي ڪهڙي پرديس پرڻايل ناري آهي، جيڪا ساوڻ جي رت ۾ مينهن مانڊاڻا ڏسي امڙ کي انهن لفظن ۾ نه پڪاريو هجي. ريخته جي رنگ ۾ رچيل دوهن ۾ امير خسرو چوي ٿو ته ؛
سرسوں پھول بنی اور کوئل کوکت راگ ملہار،
ناریاں جھولے ڈال کے دیکھت ہیں ساون کی دھار.
_
جل بن ماہی جیسی برہن تھی کاٹت بن واس،
اب تو ہریالی ہووت ہے، من کی اک اک آس.
_
دهانی رنگت میں بھیگت ہو دکھی چنری بھی،
اور پون لہرا کے گاوت ہو اک ٹمری بھی.
راجسٿاني لوڪ شاعري توڙي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري ۾سانوڻ هر هڪ ڪوي جي ڪوتا جو مکيه ڪردار رهيو آهي، ڀڳتي تحريڪ جي سنت ڪوين ڪبير ڀڳت، گوسوامي تلسيداس، سنت سورداس، سنت رويداس وانگر ميران ٻائي هري گڻ ڳائيندي سانوڻ رت ۾ اندر جي اڌمن کي ائين اظهاريو آهي؛
برسے بدریہ ساون کی، ساون کی من بھاون کی،
ساون میں عمرگیو میرا منوا، بھنک سنی ہری آون کی۔
امنڈ گھمنڈ چہو دیش سے آیا، دامن دمکے جھڑ لاون کی،
ننھی ننھی بوندن میگھا برسے، شیتل پون سہاون کی،
میرا کے پربھو گردھر ناگر، آنند منگل گاوَن کی۔
ميران ٻائي ميگها رت ۾ پنهنجي من وارتا کي هن واڻي ۾ ڳائي دنگ نٿي ڪري، پر پنهنجي پريمي جي واعدن، وچنن جي ويسارن جي پيڙائن ۽ پريم مارڳ جي دکن جي پيرائتي ڪٿا بيان ڪندي چوي ٿي ته؛
ساون آون کہے گیو کر گیو قول انیک
گنتے گنتے گٹھ گئی مانری انگڑیاں ری ریکھ
_
جو میں ایسا جانتی پریت کیئے دکھ ہو،
نگر ڈھنڈھورا پیٹتی کہ پریت نا کرئے کو۔
ڀڳتي رنگ جي مخصوص ڳائڪي ۾ تنبوري جي تارن کي ڇيڙي ٿر جا ڀڳت ڀجن ڳائيندي سانوڻ رت جو هي ڀجن ڳائيندا آهن تڏهن انهن جو آلاپ مور ٽهوڪي وانگر من ۾ پيهي ويندو آهي ؛
آج ڏن ورساڙو آيو ري، مٿي چوماسو لونٻيو ري،
مگران را موريڙا گهري آوجو ري، چوماسو لونٻو ري.
سرائيڪي ٻولي جي سگهاري شاعر جواجه فريد روهي جي ريگستان ۾ ويهي سانوڻ رت ۾ وڏڦڙي وسڪار جي منظرن ۽ مينهوڳي ڪارين راتين ۾ برهه جي باتين کي سٽن ۾ سمائيندي چيو آهي ته؛
آئے مست دہاڑے ساون دے
وہ ساون دے مان بھاون دے
بدلے پورب معڑ ڈکھن دے
کجلے بھرے سو سو ون دے
_
ساون آیا یار نہ آیا
تھئے بادل طوفان بلا کے
خواجه فريد جي انهن ڪافين ۾ ساوڻ رت جي ساوڪ سان گڏ فراق جي ڦٽن جو درد ڪمال درجي سان اوتيل آهي، انهن ٻولن کي ڳائيندي اکيون اوهيرا ڪري نه وسنديون ٻيو ڇا ڪنديون!؟
اهڙي ريت سرائيڪي توڙي پنجابي ٻولي جي لوڪ ادب، ڪلاسيڪل توڙي جديد ادب سانوڻ انساني جذبات جي وهڪرن ۾ ميلاپ، جدائي، ڌرتي جي رنگن جي خوبصورتي ۾ هڪ جيئرو جاڳندو ڪردار ملي ٿو . جيڪو هن ڌرتي جي ثقافت جي سونهن ۽ موسيقي جو روح آهي .
برساں برساں مینہہ برسے،
ساڈے ویہڑے لادے بوٹے،
تیاں نوں آ ملیاں سہییاں،
پینگھاں پا کے لئیے جھوٹے
_
کالی گھٹا چڑھ آئی نی مائے،
جندڑی میری گھبرائی نی مائے،
سبھناں دے گھر آ گئے ماہی،
میرا ماہی پردیس کمائے
_
پیا ساون دی رت ستاوے،
کونجاں بولن دل کرلاوے.
نیناں دی پیاس نھ بجھے،
ہر بوند تیرا ناں سناوے
پنجابي ادب جي لوڪ ٻولن ماهيا وانگر پشتو ٻولي جي لوڪ ٽپن ۾ سانوڻ جي من موهيندڙ روپن سان گڏ سڪ جي سوز جا سوين ٻول ملن ٿا ؛
خوائے په باران کے راشہ چے تر ہ شے جانانہ
بیا به ستا زلفے اوچووم په خپل لاسونه
(اي جانان تون هن تيز برسات ۾ پسندي مون وٽ اچي وڃين، ته آئون پنهنجي هٿن سان تنهنجي ڀنل زلفن کي سنواري سڪايان )
تندور د اسمان غریگی باران راغلو
بے وفا یار مے پہ دے موسم کے ہیر کړلو
(سانوڻ جي گهنگهور گهٽا وسڻ لڳي آهي، وڄ وراڪن سان گجگوڙ ٿي رهي آهي، اهڙي موسم ۾ منهنجي بانوري محبوب مون کي تنها ڇڏي ڏنو آهي)
بلوچي ۾ سانوڻ جي موسم کي عام طور تِرپ يا بارانءِ موسم چيو ويندو آهي، بلوچي ادب جو لوڪ گيت آهي ؛
باران ءِ بوندان دل ءِ شاد ڪننت،
زمين سبز بيت گلان خندنت.
سانوڻ ءِ موسم، مهر ءِ پيغام،
دوستان ءِ ياد دل ءَ آرام.
(برسات جون بوندون روح ۾ راحت پيدا ڪري رهيون آهن. مينهن وسڻ سان زمين سائي ٿي وڃي ٿي، گل مرڪن ٿا، سانوڻ جي موسم محبت جو پيغام آهي، دوستن جون يادون دل کي آرام ڏين ٿيون.)
جڳ مشهور ليکڪ خليل جبران هڪ هنڌ چيو آهي ته ’بهار لبنان ۾ اچي ٿو اهڙو ڪٿي به ڪو نه ٿو اچي‘!، ائين سچ اهو آهي ته سانوڻ ننڍي کنڊ وانگر ڪٿي ايندو هوندو!؟ ننڍي کنڊ ۾ وري اسان ريگستان جي رهواسين وانگر سانوڻ جي سونهن، سوڀيا بيان ڪرڻ سان گڏ انتظار، اوسيئڙو ۽ آڌرڀاءُ ڪير ڪندو هوندو!؟. توهان عالمي ادب کي پڙهي ڏسو، والٽ وٽمين پنهنجي هڪ نظم (The Voice of the Rain)۾ برسات کي هڪ زندهه وجود پيش ڪرڻ جي جستجو ڪري ٿو، برسات شاعر سان هم ڪلام ٿئي ٿي، پر دل جي بي اختياري ۾ سرجيل سٽن جهڙي جذبات ڪٿي آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي ڪوين جي ڪوتا ۾ آهي. آمريڪي شاعر ۽ استاد هينري ورڊس ورٿ جي نظم The Rainy day ۾ اها منظر نگاري ڪٿي آهي جيڪا ننڍي کنڊ جي ڪوين جي ڪوتا ۾ وڏڦري وسڪار ۾ پسڻ جهڙو احساس ڏياري ٿي . جرمن شاعر، فلسفي ۽ ڊرامانگار فريڊرڪ شلر پنهنجي تخليق ’ميريا سٽونرٽ‘ ۾ بادل کي قاصد ڪري ڪم آندو آهي. ميري سڪاٽس جي باندي راڻي ڏکڻ طرف ويندڙ بادل ڏسي ٿي ته؛’ چوي ٿي ته اي بادلو منهنجو پيغام منهنجي وطن واسين کي پهچائجو.‘ ميگهه دوت وانگر بادل کي قاصد ڪري پيش ڪرڻ باوجود شلر جي هن تخليق ۾ اهو تجلو ناهي، جيڪا ننڍي کنڊ جي ناٽڪ نويسن جي سنگيت ناٽڪن ۾ آهي. ائين ايران ۽ وچ ايشيا جي فارسي شاعري جو ڀلين اڀياس ڪري وٺو، سانوڻ اهڙو ڳايل نه آهي جهڙو اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪوتا ۾ ڳايل آهي. ننڍي کنڊ جي فارسي شاعرن سانوڻ کي انهي ساڳي شدت سان ڳايو آهي، جنهن شدت سان سنسڪرت، هندي، پوربي، کڙي، بنگالي،سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي، پشتو، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين جي ڪوين ڳايو آهي.
ننڍي کنڊ جي واحد نوبل انعام يافيه شاعر رابندر ناٿ ٽئگور سمنڊ جي پاڻي جي ٻاڦ بڻجڻ کان بادل جي بوند بڻجي زمين تي برسڻ تائين جي مڪمل ڦيري کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيو آهي .آئون ننڍي کنڊ جي اوچ ڪوٽي شاعرن جي تذڪري ۾آفاقي شاعرشاهه عبدالطيف ڀٽائي جي بيتن ۾ سنڌ جي سارنگ، انهي تسلسل ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکندڙ نامور سنڌي شاعرن مصري شاهه، خليفي نبي بخش قاسم ۽ ٻين، جديد سنڌي شاعري جي مهان ڪوي شيخ اياز ۽ ٿري لوڪ شاعرن جي شاعري ۾ موجود سانوڻ جي سهسين رنگن کي پڙهندڙن جي اڳيان رکڻ کان اڳ ۾ چاهيان ٿو ته ٽئگور جي انهي نظم جو ٽڪرو پيش ڪريان؛
برسات جي ڦڙي هيٺ ڪرندي ڌرتي کي چمي ڏيندي فخر سان چيو ته؛
ڌرتي ماءُ اسان کي پنهنجي ديس جي ياد ستايو،
تنهن ڪري اسان آسمان مان لڪي هيٺ تو وٽ لهي آيا آهيون.
ڀٽائي برصغير جو اهو اڪيلو شاعر آهي، جنهن جي شاعري، گهڻ موضوعاتي، گهڻ رخي ۽ فني، فڪري حوالي سان بلند پايي تي هجڻ سان گڏ عام کان عام انسان جي دلين جي ترجماني ڪندڙ آهي، ڀٽائي جي شاعري ۾ رڳو جماليات جو جائرو وٺي ڏسو، ڀٽائي وٽ جيتري جماليات آهي، اوتري ننڍي کنڊ جي ڪنهن به شاعر وٽ نه آهي، نامور ناول نويس، اديب، ترجمي نگار ۽ صحافي آغا سليم پنهنجي ڪتاب ‘لات لطيف جي‘ ۾ ڪاليداس جي ميگهه دوت ۽ شاهه لطيف جي سر سارنگ جو تقابلي جائزو ڏنو آهي. اڃان به وڌيڪ تقابلي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. ڀٽائي جون هي مشهور وايون هر ڪنهن ٻڌيون آهن؛
اکيون ميگهه ملهار، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو
_
آئي مند ملهار، آءُ کهنبا ڪنديس ڪپڙا.
سنڌي ٻولي جو سهڻو شاعر، ترجمي نگار، ڀٽائي جو پاڙيسري ۽ اسان جو پيارو دوست لکاڏنو ڪلال ’ملهاري‘ جي پسمنظر کي پڌرو ڪندي چوندو هو ته ؛’جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري ورندا آهن، وڏڦڙي وسڪار سان مٽي جي مهڪ ماحول معطر ڪندي آهي، جڏهن وڻ ٻوٽا پلر جي پالوٽ سان ڌوپجي چهچ ساوا ڏسڻ ۾ ايندا آهن جڏهن ڀنل بدن ۾ هلڪي بوند ۽ هوا جي هلڪن جهوٽن سان سياندو محسوس ٿيندو آهي مٿان اڀ تي ڪڪر ليس ليٽ ڪري ڇڏن تڏهن اهڙي ماحول کي ملهاري چئبو آهي.‘
انهن واين ۾ ملهاري جي انهي پسمنظر کي آڏو رکي تشبيهن کي جڏهن پرکيون ٿا ته دل بي اختيار هن عظيم فنڪار کي سلام پيش ڪري ٿي. هي مينهن وسڻ کان پوءِ جي ڪيفيت آهي پر انهي کان اڳ ۾ مينهن جي لاءِ آنڌ مانڌ، انتظار اوسيئڙو ڪيئن هوندو آهي ؟ منهن جي تانگهه تات ۽ ڌڻي در دعا کي ڀٽائي ڪيئن پيش ڪري ٿو؛
سارنگ کي سارين، ماڙهو مرگهه مينهون،
آرون ابر آسري، تاڙا تنوارين،.
سپون جي سمنڊ جون نئين سج نهارين.
پلر پيارين، ته سنگهارن سک ٿئي،
_
سارنگ سار لهيج الله لڳ اڃين جي.
پاڻي پوج پٽن تي ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج ته سنگهارن سک ٿئي،.
_
گام گنديءَ ابر ۾ اهاءُ ٿيو،
پسي پر پرين جي، ڏور ٿيا ڏانجهه،.
شال وسندو سنج، عاشق تي اوهيرا ڪري.
ڀٽائي جي سر سارنگ ۾ سانوڻ جو اوسيئڙو پرين جي اوسيئڙي وانگر آهي ڇاڪاڻ ته هي اها مند آهي، جنهن ۾ نئون نينهن ٿيندو آهي، نينهن نئون به ٿيندو آهي، بادلن جي گرجڻ ۽ برسڻ کي ڀٽائي وانگر وڄڙين جو واڄو ڪهڙي ڪوي چيو آهي:
اڄ پڻ اميدون، آگم سنديون اڀ ۾،
سانوڻ پسي سرتيون سڄڻ ساريو مون،
آءَ اسائتي آهيان، مانَ ڀڄائي ڀُون،
گهر ته گهرجين تون، مند مڙيوئي مينهن جي
_
ڍٽ ڍري پٽ پيون وڄڙين ڪيو واڄو،
اسان پرين پاڻ ۾، نئون ٻڌڙو نينهن،
جر ۾ مڇي جيئن، تيئن مون من واڳيو سڄڻين،
ايئن ڀٽائي جو سر سارنگ ويٺا پڙهو، ڇا ته فطري حسناڪي جا منظر ۽ تن جي تانگهه آهي، ڇا ته عام ماڻهو جي سماجي معاشي ۽ خوشحالي جا خواب ۽انهن جي ساڀيا جي لاءِ سوچ ويچار آهن. ڪهڙي ريت ڏيهه جي ڏڪارين خلاف اندر جو اظهار ڪري ٿو !؟ هن شاعري کان وڌيڪ ڪهڙي شاعري وطن دوستي، انسان دوستي، روشن خيالي ۽ آزاد خيالي جي دعوا ڪري سگهي ٿي !؟ سماج جا سياسي سماجي ۽ نظرياتي ويچار تبديل ٿيندا رهن ٿا پر وطن دوستي جا بنيادي ويساهه ۽ اعليٰ انساني قدر هر دور ۾ ساڳيا رهن ٿا؛
اڄ پڻ اتر پار ڏي ڪارا ڪڪر ڪيس،
وڄون وسڻ آئيون ڪري لال لبيس،
پرين جي پرديس، مون کي مينهن ميڙيا.
_
آگم اي نه انگ، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
سيڻن رِي سيد چئي، روح نه رچن رنگ،
سهسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جُوِ ۾.
_
آگم ڪيو اچن سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن،
پاسي تن وسن جي سڀ ڄماندر سڪيا.
_
سارنگ سائي سِٽ، جهڙي لالي لاک جي،
ايئن سي اُٻن انگيا، جيئن ڪي چني چٽ،
ڀرسيو پاسي ڀٽ، ڀريا پٽ پراڻ جا.
_
مند ٿي منڊل منڊيا آيو جهڙ جهاٽي،
هڪ ارزان اَن ٿيو، ٻيو مکڻ منجهه ماٽي،
ڪلمي سان ڪاٽي لاٿم ڪس قلوب تان.
_
حڪم ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄون وسڻ آئيو، ٽهه ٽهه مينهن ٽمن
جن مانگهي لئه ميڙيو سي ٿا هٿ هڻن،
پنجن مان پندرنهن ٿيا، اي ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيهه مان، شل موذي سڀ مرن،
وري وڏيءَ وس جون ڪيون ڳالهيون گنوارن،
سيد چئي سڀن، آهي توه تنهنجي آسري.
_
اڱڻ تازي، ٻَهَر ڪُنڊيون، پکا پٽ سُنهَن،
سُرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن،
اسان ۽ پِرينِ، شال هُون برابر ڏينهڙا.
هڪ ٿري لوڪ دوهي ۾ آهي ته
گهر نيگڙو، ڏيئو سچنت، آپ سميڻو مانرو ڪنت،
پڇي ڀل وسو ميهولا، هون ستوڙي ڪران نچنت،
(سهڻي مضبوط گهر ۾ چٽو ڏيئو ٻرندڙ هجي، گڏ هم عمر ۽ هم خيال منهنجو ڪانڌ هجي، پوءِ ڀل مينهڙا وسندا رهن ۽ آئون بي فڪر ٿي سڪون سان ننڊ ڪريان)
ڀٽائي مينهن مانڊاڻن ۽ سانوڻ جي معيشت سان تعلق کي رڳو سر سارنگ ۾ نٿو ڳائي پر سر مارئي ۾ به پيش ڪري ٿو ؛
اٺن مينهن گهڻا، ٿين موڪ ملير ۾،
اکيون آب ڀريون انهين کوڻِ کڻان،
مارن شال مڙان، ڪوٺيون نڪري ڪڏهين
ڀٽائي جي گس تي هلندي سر سارنگ جو واءُ ساءُ وٺندي پنهنجي تخليقي انفراديت سان سانوڻ رت ۾ انسان جي داخلي ۽ خارجي دنيا جي اکيڙ ڪرڻ، پنهنجي آسپاس جي ماحول، سماجي حالتن، تاريخ جي ارتقائي مرحلن کي محفوظ ڪرڻ اسان جي ڪلاسيڪل شاعرن کي سونهين ٿو، ٻولي ثقافت ۽ مٽي سان وابستگي ۾ سچل سرمست، خليفي نبي بخش قاسم ۽ مصري شاهه جي شاعري جو اعليٰ گڻ آهي؛ خليفي نبي بخش قاسم، مصري شاهه امام جي سر سارنگ جي انفراديت ۽ حسناڪي جو سرور وٺندا ٿا هلون .
آءُ سو سارنگ ساريان، جو بکين لاهي بک،
آب پياري اڃڙين ڏکين سَڃي سک،
مٿان دِلين دُک، وسن سيئي ميٽيا،
_
وٺا ڪي وسندا، مٿي موهر مينهن،
اسان پرين پاڻ ۾، نئون ٻڌڙو نينهن،
جر ۾ مڇي جيئن، تيئن مون من واڳيو سڄڻين،
_
مور وسندي مينهن، چڙهيا ڏونگر چوٽئين،
اُڀي آڙنگ سامهان ڪن نالون منجهان نينهن،
وريا وصل ڏينهن، مينهن مڙيا سپرين،
_
مانگ ڀڄايس مينهن، رات رمندي ڍول سين،
مينهن ڀڄايس مانگڙي، نيڻ ٽمايس نينهن،
سر چني، ڳل ڪنجرو، پُسيس پاندن سين
ڪانڌ نپوڙيس ڪپڙا، حاضر ويهي هينئن
قاسم ڪانڌ سهاڳڻيون، رمن راتو ڏينهن،
_
موٽ وسندڙي مينهن، لالڻ لاهه م ڏينهنڙا،
جدا سانوڻ ڏينهڙا، هاڻ نه گهرجن هيئن،
جيئن پکي ٽمن پاندڙا، اکڙيون وسن ائين،
پي پي پپيهو ڪري، مون تن تو لاءِ تيئن،
قاسم مند ملار جي، تو رِي گهاريان ڪيئن،
مصري شاهه امام جي سر سارنگ ۾ سنڌي بيت ۽ ڪافيون شاندار آهن، پر هن جو هندي ۾ سرجيل گيت سانوڻ جي صدا بڻجي گونجندو آهي ؛
واحد وسائينس، آهون عالم جون سڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس،
برڪت وجهي بحر ۾، هر جا هلائينس،
هو جي سر سڪي ويا، سي واري وهائينس،
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس،
هون سدائين هتهين رب تون رهائينس،
مصري ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾،
_
ڏيهه ڏنگو ڇا ڪندو، سڄڻ هُون سنوان،
اڄ ته عجيبن آڻي لايا نينهن نوان،
_
مينهن مندائتا مصري واهه واهه ٿرين وٺا،
سانوڻ سيني لايا، مليا محب مٺا،
_
پريتم مت پرديس پڌاريو، رت سانوڻ ڪي سانوريا.
مون پنهنجن مانائتن محسنن عالمن، اديبن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد عثمان ڏيپلائي، سائين رائچند راٺوڙ، منگهارام اوجها، لالجي همٿو سوٽهڙ ۽ ٻين جي ٿر جي لوڪ گيتن کي ميڙڻ جي پورهئي ۽ پنڌ مان اتساهه وٺي انهن جي نقش قدم تي هلندي ٿر جي ڪيترن ئي لوڪ گيتن تي تحقيق ۽ ترتيب جو ڪم ڪيو. منهنجو پهريون ڪتاب سانوڻ رت ۾ ڳائيجندڙ ٿر جا لوڪ گيتن تي تحقيق ۽ ترتيب جو ڪتاب ’گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا‘ 2004ع ۾ ڇپيو. انهي کان پوءِ ’ڌرتي ڳائي ٿي‘ ۽ ڪوي بانڪيداس جي دوهن جو ڪتاب ‘ ’همروٽ ڇتيسي‘ به 2017ع ۾ ڇپيا. ائين ٿر جي لوڪ گيتن ۽ دوهن جو اردو ترجمو پڻ ڪيو. مون سانوڻ جا گيت ميڙيندي ڪاليداس وانگر سانوڻ جي ڀريل بادلن کي مخاطب ٿي چيو هو ته ’اي بادلو اوهان جي برسڻ تي ٿرياڻيون سواگت جا گيت بي اختيار نه ڳائين ته اوهان جي رم جهم جا روپ ڇسا رهجي ويندا . ‘
_________

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.


