Editor's pickMain Slideڪالم

ڪتاب ڪھاڻي: ”ديس جي دانھن“سنڌ جي هڪ نياڻيءَ جي دانھن آھي

ليکڪا اُمِ ليليٰ نظاماڻيءَ جو مضمونن جو  ڪتاب  ” ديس جي دانهن ”  تڏهن آيو آهي جڏهن ديس جا دڳ سوڙها پيا ڪيا وڃن، مال معدنيات جا ٻورا  ڀريا  پيا وڃن، وَحدت تي وار لاء ٽِڪساٽ پيا ٺاهيا وڃن.

  ذوالفقار ناصر ساريو           

احساس پبليڪيشن حيدرآباد  جو نئون مضمونن جو  ڪتاب  ” ديس جي دانهن ”  تڏهن آيو آهي جڏهن ديس جا دڳ سوڙها پيا ڪيا وڃن. مال معدنيات جا ٻورا  ڀريا  پيا وڃن. وَحدت تي وار لاء ٽِڪساٽ پيا ٺاهيا وڃن  ۽ پوء ڳالھ ديس جي هجي تہ  سندس دانهن ضرور ٻُڌبي  .

هيءَ دانهن سنڌ جي هڪ نياڻيءَ جي آهي  جيڪا ٽائيٽل تي ڪنهن اونهي کاهيءَ مٿان بيٺي آهي. هيءَ نياڻي اُمِ  ليليٰ  نظاماڻي آهي، جنهن  لاڙ پٽيءَ جي ضلعي بدين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ عظيم نظاماڻي لڳ ڪڙيو گهنور  جا سماجي ڏکيا سکيا پيچرا، قدرت جا وهندڙ واھ ۽ انبن وارا باغ  اُڪري، قلم کڻي ورتو آهي. ڪهاڻي، شاعري ۽  مضمون نگاري سندس ادبي کيتر آهي جنهن ۾ هن پنهنجي سگهاري قلم کي سگهارن خيالن سان جوڙي هيءُ پنهنجن اخباري  ڇپيل اڻ ڇپيل  مضمونن جو ڪتاب ڏنو آهي، جيڪي سياسي، سماجي، اخلاقي، ثقافتي  ۽ محبتن ۾  سادي سولڙي ٻوليءَ ۾  لکيل آهن  .

ڏُکٍي سَندِيُون ڏونگرين اوڇنگارون اچن  ،

هُڻِي سانگِ سَسُئيءَ کي  ، ڪِلو ڪَيو ڪَيچيِن  ،

جي هَٿان هوتَ مَرَنٍ  ، هوتُ تِنين جي ھَنجَ  ۾  .

اُمِ   ليليٰ  هڪ سٺي مضمون نگار ھجڻ  سان گڏ سٺي شاعرہ ۽ ڪهاڻيڪار  پڻ آهي  جنهن جو عڪس سندس ” پنهنجي پاران ”  ۾  ملي ٿو، جيڪو سندس جيون جي درد ڪهاڻيءَ سان گڏ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جو سفر آهي. هُوءَ اعتراف ٿي ڪري تہ “دنيا ۾ اگر ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي تہ اهو آهي پنهنجو پاڻ کي سچ چوڻ جي جرئت.  رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ وانگر آئون ڪا شاهڪار آتم ڪهاڻي تہ نہ لکي سگهنديس نہ وري شيخ اياز وانگر پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ رنگيني بيان ڪري سگهنديس . نہ وري لڇمڻ ڪومل وانگر پنهنجا عشق بيان ڪري سگهنديس ۽ نہ وري ارونڌتي را۽ِ وانگر پنهنجي ڪنهن ويجهي عزيز کي سچ چئي سگهان. ڇاڪاڻ جو اهڙي قسم جي زندگي اسان جي ناهي. منهنجي حياتي بہ وِھ جي ڍُڪ وانگر رهي آهي.“

اُمِ ليليٰ  جو مطالعو  ۽ مشاهدو وسيع آهي تڏهن تہ سندس مشاهدن ۽  پنهنجين ڀوڳنائن جي سفر کي لفظن سان اڃان وڌيڪ سگهارو ڪيو اٿائين. کيس خبر آهي تہ هُوءَ فلسطيني  ويڙهاڪ ناري ليليٰ   خالد جيان ڌارين سان وڙهي نٿي سگهي پر کين نفرت سان ڏسي سگهي ٿي ۽  ليليٰ  خالد جي جنم ڀومي ” حيفہ ” جيان پنهنجي ڳوٺ ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪري سگهي ٿي. پنھنجي هن آئيڊيل  هيروئن فلسطين جي ليليٰ  خالد  جو مختصر تعارف  بہ ونڊ ڪري ٿي. کيس اها بہ خبر آهي تہ هُوءَ  پنهنجي پسنديده  اڙدو  شاعرہ  سارہ شگفتہ جي خيال کان هٽي ڪري، خودڪشيءَ واري رومانس کان پري رهي پنهنجن گهر وارن سان پيار ونڊي سگهي ٿي. هُوءَ مذهبي ڪٽرپڻي کان پري پنهنجي گهر جي آسپاس ڪولهين  ۽  ماڇين جا گهر ٻيهر آباد ڏسڻ چاهي ٿي.  هُوءَ شاعر حاجي ساند  کي ساريندي، پنهنجيون لکڻيون اسان کي آڇي ٿي  .

جي وقت عمر جي لام منجهان

مون کي ڦول جيان ڇاڻيندو         

هي تازا   گيت  گلابن  جيان          

ٻيو ڪير اوهان لئہ آڻيندو.         

اُمِ ليليٰ نظاماڻي  2022ع  جي ٿڌاڻ  واري موسم  ۾، مضمون لکي  سوڀ اخبار کان سفر شروع ڪيو هو. سندس جهوليءَ ۾ اها پهرين خوشي هئي جنهن کي هُوءَ اڄ بہ ساري ٿي.  هُن  پوءِ انهي خوشيءَ کي ڪڏهن بہ نراس ٿيڻ نہ ڏنو  ۽  مسلسل لکندي رهي آهي. هِن ڪتاب ۾ سندس محبتن ۽ محنتن جا 27 مضمون ڏنل آهن، جيڪي وقت  ۽ حالتن  تي اخبار جي پڙهندڙن پڙهيا آهن  .

مهاڳ  پنهنجي پاران کان پوء ڏنل آهي جيڪو گلزار احمد درس جو لکيل آهي. هُو هِن ليکڪا کي  هڪ متحرڪ ليکڪہ، شاعرہ ۽ ڪهاڻيڪار  سڏي، لکي ٿو تہ، “ھن جيڪا واٽ ورتي آهي، ان واٽ تي رڳو  ڪاوا ۽ ڪنڊا وکريل هجڻ جي باوجود بہ سندس سفر روان دوان آهي  .”

هن ڪتاب جو پهريون مضمون  هڪ معلوماتي مضمون آهي جنهن ۾ هُوءَ پنهنجي آس پاس رهندڙ برادرين  شيدي، مخدوم، راهيمون، ڪڇي ۽ ڪولهي برادرين جي ڪاڄن  ۽ انهن منجھ ساٺ سئنوڻ  جون رسمون ٻڌائي ٿي.  اڳتي هلي پريا ڪماري، ڪنهيا ڪمار، رافع ميمڻ،  بشرا  ميمڻ، سلمان لغاري، ڪلثوم  لغاري ۽ ٻين معصوم  ٻارڙن جي گمشدگي ۽ قتل  تي احتجاج ڪري ٿي. اڄ جي دور ۾ ٻارن جي نفسياتي تعليم  ۽ تربيت تي زور ڏئي ٿي.  ” هيڏا  هاڃا ٿين، بري هن ڀنڀور ۾.!! ” سندس دانهن ئي آهي. هُو سنڌ جي هٿ جي هنر  فراسي اڻڻ واري ڪرت جي تباهيءَ  تي بہ اداس آهي تہ  وري حڪومت جي غلط پاليسين ڪري ٻوڏ  ۾ ٿيل تباهي ۽ ماڻهن  جي دربدريءَ تي بہ ڳوڙھا ڳاڙي ٿي. هُو ءَخودڪشي جي وڌندڙ انگن تي بہ ملڪ جي حڪمرانن کي قصور وار ٺهرائي ٿي.  هُوءَ موهن جي دڙي جي روايتن جي پاسداري ڪندڙ آهي ۽ معاشري منجھ براين ۽ غلط ريتن رسمن کي نندي ٿي. “غلط رسمن جو انت ڪڏهن  ٿيندو..!! ”  ۾  ديس  ۾  عورتن تي ٿيندڙ  تشدد ۽  ان جا سبب ۽ انگ اکر بہ ڄاڻائي ٿي. هُوءَ ڌرتيءَ جي هر جيوت جي خير خواھ آهي. اسان جي آسپاس رهندڙ جانورن کي بہ سکيو ڏسڻ چاهي ٿي.  بيبي فاطمه سلام عليہ جي احترام  کان  ماھ محرم جي ڏينهنڙن ۾  ڪربلا  جي رڻ تائين سفر ڪري ٿي. اُم ليليٰ ڪربلا جو ڪَرب ٻڌو بہ آهي تہ خود سٺو بہ آهي پوءِ ڀلا هُوءَ ڪٿي ٿي کين وساري سگهي ۽ پوءِ اهوئي درد کڻي هُوءَ سنڌ جي ڪربلا ۾ پهچي ٿي جتي ڌرتيء جو ارڏو پٽ بشير خان، رات جي اونداهي ۾  رات جي رهزنن هٿان، اڻ ڏٺي هٿيار سان،  ويساھ ۾  ماريو ٿو وڃي. هُوءَ ڪوفي جيان شهر بي وفا سڪرنڊ  سان شڪايت ٿي ڪري :

اکيون اپريل جون آليون،

پڇن ٿيون شهر سڪرنڊ کان،

سريلو پٽ سنڌڙي جو، 

ڪٺو ڇو تنهنجي شهر  ۾  • 

هُوءَ روئي ٿي پئي انهيءَ ڌرتيءَ جي پُٽ تي جيڪو هر سفر  ۾  پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي بي انتها  مان ۽ پيار ڏيندو هو  .

اُمِ ليليٰ  سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪري ٿي. ثقافت جي حرمت  ۽  وسارڻ تي هُوءَ  تڏهن تہ  سنڌي ثقافتي ڏهاڙو، سنڌو تهذيب جو اهڃاڻ  ٺڪر جا ٿانو،  رلي سنڌ  جي ثقافت جا رنگ  وارن مضمونن ۾  انهن جو ذڪر ڪري دانهين ٿي. هُوءَ پنهنجي پورھيت کي بہ پهرين مئي تي ياد ڪري ٿي. پوليو وائرس ۾ ورتل  سنڌ جي ٻارن کان وٺي  افغان پناهگيرن جي  ڌڙا ڌڙ  آمد  ۽ ٻليءَ پير  واپسي  جهڙن مسئلن کي بہ هن  اجاگر ڪيو آهي . ھُوءَ ٻڌائي ٿي تہ ” ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ جعلي سُڃاڻپ ڪارڊ سنڌ صوبي ۾ جاري ڪيا ويا آهن. اهو هڪ وڏو الميو آهي جنهن جي ڪري امن امان سان گڏ ڌاري  آبادي جو وڌندڙ تناسب ڏکائيندڙ ٿي ويندو. مضمون ” تنهنجي ياد جي وري آ وير  ..” ۾ هُوءَ سرمد سنڌي کي ياد ڪري ٿي. سندس ڳايل گيتن ۾ هُوءَ جهونگارڻ لڳي ٿي ….  

جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين،   

اسان ڀي گهڻن کي روئاري وينداسين.       

هُوءَ موت کي مياري ٿئي ٿي ۽ کيس چوي ٿي تہ :

موت پوي تو ۾ موت  ، تون جو آئين اوچتو     

گهڻا  ڪونڌر  گهايئي،   ارڏا ۽  اڻ موٽ.

ديس جي دانهن  هجي  ۽ لطيف رح کي نہ سارجي اهو ڀلا  ڪير ٿو وساري سگهي  …!!  اُم ليليٰ  لطيف سائين کي جنم ڏڻ تي سندس  سڀ سُرَ جهونگاريندي کيس  ٻڌائي ٿي تہ ،  هاڻ  ….

ويا مور مري  ، هنج نہ رهيو هيڪڙو  

وطن ٿيو وري ڪوڙن ڪانئيرن جو   .

هن ڌرتيءَ تي اڃان ماٺ محبت قائم آهي تڏهن هيءَ ڌرتي آباد آهي. هُوءَ پنهنجي لکڻيءَ  ۾ سسئيءَ پنهونءَ جي لازوال  پيار  ڪهاڻي واري روايتي قصي کي بہ ٻيهر ورجائي ٿي  .

امرجليل جي  ڏکائيندڙ ڪهاڻي “سرد لاش جو سفر”  کي هُوءَ ٻيهر  پنهنجي  مضمون جو نالو ڏئي سورهيہ بادشاھ، اڪبر خان بگٽي، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ۽ ٻين جوڌن  جو ذڪر ڪري ٿي جيڪي وقت جي رهزنن هٿان مارجي ويا هئا. هُوءَ انهي مضمون ۾ سنڌ  سان ٿيندڙ ويساھ گهاتين ۽ ڦرلٽ بابت  وڌيڪ لکي ٿي تہ “ڪالا باغ ڊيم جو سبق اڃان ختم ئي مس ٿيو تہ وري نوان تڪراري ڪئنال، جيڪي چولستان جي زمين کي آباد ڪرڻ لاء ڪڍيا پيا وڃن. جڏهن تہ پاڻي سنڌ جو  ۽ زمين سرائيڪستان وارن جي. جيڪي سرائيڪستان واديءَ جا ماڻهو چون پيا  اسان کي اهي تڪراري ڪئنال نہ کپن، انهن هر طرح سان انهن تڪراري ڪئنالن کي رد ڪيو آهي  پر هتي وفاقي حڪومت هوڏ  تي بيٺل آهي تہ ڪينال ٺھندا  .

سهيل احمد بئڪ پيج تي لکي ٿو تہ ” اُم  ليليٰ هڪ اڻانگي ۽ ڪنڊن سان ڀريل سفر جي شروعات ڪئي آهي  ..  اُم  ليليٰ   نظاماڻي ڪا گهڻي لکاري شهرت رکندڙ  ڇوڪري ناهي پر هُوءَ سنڌ جي هڪ خاموش ليکڪہ آهي. جنهن جي قلم  ۾  طاقت ۽ جرئت آهي.” 

اهو سچ آهي تہ هن ديس تي ٿيندڙ وارتائن تي هر دانهيندڙ سوگھو ڪيو ويو آهي. ديس جي ڀوڳنائن جو سفر اڄ بہ جاري آهي.  نوان صوبا، آئيني شقن ۾ ٽوڙ مروڙ،  معدنيات تائين پهچ جا رينگٽ، مالياتي ايوارڊ مان ڪٽوتي،   ترقياتي ڪمن جا پئسا پنهنجن پروجيڪٽن تي پهچائڻ، سنڌوءَ جي رستا روڪ، ڌارين جي وڌندڙ آباد ڪاري،  ڪارپوريٽ فارمنگ نالي زمينون ڳڙڪائڻ، ڪراچي کان ٺٽي واري سامونڊي پٽي تي نظر  ۽ پردي پٺيان نہ نظر ايندڙ  رينگٽ ۽ سانگ رقص ڪري رھيا آھن  .. ۽ اسين اڄ بہ هال ۾ ويٺل موڳا مٽر  تاڙيون وڄائي رھيا آھيون  .

____________  

Zulfiqar Nasir Sario-The AsiaN

ذوالفقار ناصر ساريو ، حيدرآباد           

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button