Editor's pickMain Slideاولھ ايشيا

دنيا جي امن ۽ ترقيءَ کي نيون للڪارون درپيش آهن: بحرين ۾ چيني سفير جو اظھار

چين وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم ۽ بحرين ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي هڪ وڌيڪ پرامن، محفوظ، عادلاڻي ۽ خوشحال دنيا جي تعمير لاءِ تيار آهي. چين ”حقيقي گھڻ مقصدي سفارتڪاري“ جي حمايت ڪري ٿو ۽ انسان ذات جي گڏيل مستقبل لاءِ هڪ برادريءَ جي تعمير لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پيپلز ريپبلڪ آف چائنا جي قيام جي 77هين سالگرهه جي موقعي تي چيني قومي ڏينهن واري تقريب کي خطاب.

حبيب تومي

مناما: چين ۽ بحرين سياسي اعتماد ۽ ٻه طرفي ڪارائتي سھڪار کي وڌائڻ ۽ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. ٻئي ملڪ پنهنجي جامع اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي نئين سطح تي وٺي وڃڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.

انهن خيالن جو اظهار بحرين ۾ چيني سفير ني روچي (Ni Ruchi) تازو ھڪ تقريب ۾ ڪيو. پيپلز ريپبلڪ آف چائنا جي قيام جي 77هين سالگرهه جي موقعي تي چيني قومي ڏينهن واري تقريب کي خطاب ڪندي، سفير ني روچي چيو ته چين بحرين سان گڏجي ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي حاصل ٿيل اهم اتفاقِ راءِ تي عمل ڪرڻ ۽ علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ اپنا ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سفير چيو ته چين گذريل 77 سالن دوران تيزترين اقتصادي ترقي ۽ ڊگھي مدي وارو سماجي استحڪام حاصل ڪيو آهي ۽ پاڻ کي جديد بڻائڻ واري عمل کي ۽ اڳتي وڌائي رهيو آهي.

سفير چيو، ”هي سال چين جي 15هين پنج ساله رٿا جو پهريون سال آهي.“ هن چيني اقتصاديات کي ”مضبوط ۽ متحرڪ“ قرار ڏنو.

سفير جي ڏنل معلومات موجب، سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ دوران چين جي مجموعي ملڪي پيداوار (GDP) 10.34 ٽرلين ڊالرن تائين پهچي وئي، جيڪا سالياني بنياد تي 4.7 سيڪڙو جي واڌ کي ظاهر ڪري ٿي.

ني روچي چيو ته چين بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو جي تحت اعليٰ معيار جي تعاون جي بنيادن تي نوان رستا کولڻ واري عمل کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، جنهن سان پنهنجي ترقيءَ ذريعي بين الاقوامي برادري لاءِ نوان موقعا پيدا ٿيندا.

بحرين ۾ پنهنجي ٽن سالن کان وڌيڪ واري مدي جي سفارتڪاريءَ تي نظر وجهندي، ني روچي چيو ته هن چين-بحرين جامع اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ ۾ نمايان اڳڀرائي ڏٺي آهي.

هن ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن تي باهمي تعاون، توڙي چين-جي سي سي (GCC)، چين-عرب، ۽ گڏيل قومن جي فريم ورڪ تحت بحرين جي چين سان تعاون کي اجاگر ڪيو.

بحرين، جنهن وٽ هن سال گلف ڪوآپريشن ڪائونسل (GCC) جي سپريم ڪائونسل جي صدارت آهي ۽ يو اين سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ غير مستقل ميمبر طور خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهي، علائقائي امن ۽ گھڻ مقصدي سفارتڪاري تي چين سان ويجھا رابطه ۽ هم آهنگي قائم رکي آهي.

”چين ان جو تمام گھڻو قدر ڪري ٿو،“ني روچي چيو.

سفير مطابق، اقتصادي تعاون پڻ تسلسل سان وسعت حاصل ڪري رهيو آهي.

سال 2025ع ۾ چين ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻه طرفي تجارت 2.38 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي، جنهن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 4.6 سيڪڙو جو واڌارو ٿيو. چين بحرين لاءِ درآمدات جو سڀ کان وڏو ذريعو ۽ ان جو ٻيو نمبر وڏو تجارتي پارٽنر آهي.

ني روچي بحرين جي صارفين ۾ چيني گاڏين جي وڌندڙ مقبوليت نوٽ ڪئي ۽ چيو ته ٻئي پاسا بحرين جي ”اڪانامڪ ويزن 2030“ ۽ چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو“ جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ فعال طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته چيني ڪمپنين جو وڏو تعداد پڻ بحرين ۾ سيڙپ ۽ ڪاروبار لاءِ اچي رهيو آهي.

سفير خاص طور تي ڏکئي وقت ۾ چيني ڪمپنين جي بحرين ۾ مسلسل موجودگيءَ کي اجاگر ڪيو، ۽ چيو ته چيني ڪمپنيون تازي جنگ جي دوران به ملڪ ۾ ئي موجود رهيون ۽ پنهنجا منصوبا جاري رکيا.

”انھن جي ڪم کي بحريني ڀائيوارن بہ تمام گھڻو ساراهيو آهي،“هن چيو، ۽ ان کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون جي طاقت ۽ وڌندڙ سھڪار جو ھڪ مثال قرار ڏنو.

ني روچي بحرين ۽ چين جي وچ ۾ ثقافتي، تعليمي، سياحتي ۽ نوجوانن جي سطح تي تبادلي جي تحريڪ کي پڻ اجاگر ڪيو.

هن چيو ته بحرين کان گوانگزو ۽ شنگهائي لاءِ سڌين ڏامن جي شروعات، ۽ ان سان گڏوگڏ چين جي طرفان بحريني شهرين لاءِ يڪ طرفي ويزا فري پاليسي جي ڪري وڌيڪ بحريني شهرين سياحت، ڪاروبار ۽ تعليم لاءِ چين جو سفر ڪرڻ لاءِ حوصلا افزائي حاصل ڪئي آهي.

هن 27 بحريني صحافين جي تازي چين واري دوري کي پڻ اجاگر ڪيو، جن کانپوءِ انهن پنهنجي تجربن بابت سوين رپورٽون ۽ سوشل ميڊيا وڊيوز جاري ڪيون.

ني روچي جي مطابق، انهن جي رپورٽنگ چين جي اقتصادي ترقي ۽ چيني ماڻهن جي زندگيءَ بابت مختلف زاويا پيش ڪيا.

بحرين ۾ ڪنفوشيس انسٽيٽيوٽ ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان فعال آهي ۽ مقامي برادري جي 10,000 کان وڌيڪ ماڻھن کي چيني ٻولي سيکاري چڪو آهي.

”چيني ٻوليءَ جي تعليم بحرين ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ورتيون آهن،“سفير چيو.

ان جشن ۾ دبئيءَ جي فنڪارن چيني ثقافتي پرفارمنس پڻ پيش ڪئي.

بين الاقوامي معاملن تي ڳالهائيندي، ني روچي چيو ته دنيا ”بدامني ۽ تبديليءَ“ واري دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي امن ۽ ترقيءَ کي نيون للڪارون درپيش آهن.

هن چين جي پرامن ترقي، گڏيل قومن جي آڌار قائم بين الاقوامي نظام ۽ بين الاقوامي قانون تي مبني بين الاقوامي نظم و ضبط جي حمايت واري عزم کي ورجايو.

هن چيو ته چين ”حقيقي گھڻ مقصدي سفارتڪاري“ جي حمايت ڪري ٿو ۽ انسان ذات جي گڏيل مستقبل لاءِ هڪ برادريءَ جي تعمير لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

سفير چيني صدر شي جن پنگ جي گلوبل ڊولپمينٽ انيشيئٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيئٽو، گلوبل سيويلائيزيشن انيشيئٽو ۽ گلوبل گورننس انيشيئٽو کي عالمي حڪمرانيءَ ۾ بهتري آڻڻ ۽ بين الاقوامي امن و ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ واريون تجويزون قرار ڏنو.

هن صدر شي جن پنگ جي مصر جي تازو سرڪاري دوري ۽ وچ اوڀر ۾ گڏيل سيڪيورٽيءَ بابت سندس چار نقاطي تجويز جو پڻ ذڪر ڪيو.

هن چيو ته هي تجويز مضبوط اندروني تحريڪن، جامع حڪمراني، ترقيءَ لاءِ پختو بنياد، ۽ وڌيل بين الاقوامي هم آهنگيءَ ذريعي خطي لاءِ نئون سيڪيورٽي ڍانچو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

ني روچي چيو ته چين وچ اوڀر ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

”چين بحرين ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي هڪ وڌيڪ پرامن، محفوظ، عادلانه ۽ خوشحال دنيا جي تعمير لاءِ تيار آهي،“هن چيو.

پنهنجي خطاب جي آخر ۾ سفير چيو ته چين سياسي باهمي اعتماد کي مضبوط ڪرڻ، عملي تعاون کي وسعت ڏيڻ، ۽ ٻنهي تهذيبن جي وچ ۾ تبادلي ۽ باهمي سکيا کي فروغ ڏيڻ لاءِ بحرين سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

”گڏجي، اسان چين-بحرين جامع اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ کي نئين سطح تي وٺي وينداسين،“هن چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي عوام کي وڏا فائدا پهچائي سگهن ٿا ۽ ان سان گڏ تحفي طور علائقائي امن ۽ استحڪام ۽ انسان ذات جي گڏيل مستقبل لاءِ برادري جو قيام عمل ۾ آڻي سگهن ٿا.

”چين-بحرين دوستي سدائين مضبوط ۽ قائم رهندي،“ ني روچي چيو.

خميس تي، بحرين اٿارٽي فار ڪلچر اينڊ اينٽيڪئٽيز جي ڪلچرل هول ۾ چين جي تعاون سان ”ٽري آف لائيف“ (زندگيءَ جو وڻ) جي عنوان سان چيني ثقافتي شو پيش ڪيو ويو.

”ٽري آف لائيف“شو عربي نار جي خطي ۽ چين جي وچ ۾ تاريخي ثقافتي رابطن، ۽ قديم تجارٽي رستا ۽ سلڪ روڊ جي پار ڦھلجندڙ تجارٽي ۽ ثقافتي تبادلي کي نمايان ڪيو.

پرفارمنس قديم روايتي ورثي ۽ جديد فنڪارانه اظهار جي عنصرن کي گڏجي هڪ بصري ۽ موسيقيءَ واري سفر ذريعي انهن رابطن کي دريافت ڪيو، جنهن تهذيبن جي وچ ۾ مڪالمي ۽ تبادلي کي ظاهر ڪيو.

مختلف قسم جي موسيقيءَ ۽ پرفارمنگ آرٽس پاران چيني روايتن ۽ ثقافت جا مختلف پھلو اجاگر ڪيا ويا، جن ۾ پيڪنگ اوپيرا، تائي چي، ۽ روشني ۽ پاڇي جو فن (Light and Shadow art) شامل هئا. ان کان علاوه روايتي چيني لباس جهڙوڪ ‘چيپائو’ (qipao) مان متاثر پرفارمنس پڻ شامل هئي، جنهن موسيقي، حرڪت، ۽ بصري عنصرن کي هڪ تنوع سان پرپور پروگرام ۾ گڏ ڪيو.

شو ۾ چيني فلسفي ۽ حسنيات ۾ پيل پرفارمنگ آرٽس جا مثال پڻ پيش ڪيا ويا، جن حرڪت، تال ۽ بصري ترتيبن کي استعمال ڪندي هم آهنگي ۽ رابطي جي تصورن جو اظهار ڪيو.

____________

Habib-2 (1)

حبيب تومي، ايڊيٽر، دِي ايشيا اين، انگريزي سروس

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button