Editor's pickMain Slideتعليمڏکڻ ايشيا

قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ داخلا: شڪارپور سنڌ جي شاگرد جو نالو ميرٽ لسٽ مان گُم

شعيب احمد جهلڻ شيخ اياز يونيورسٽي، شڪارپور مان 2026 ۾ رياضيءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ قائداعظم يونيورسٽي ۾ ايم فل ميٿميٽڪس ۾ داخلا ٽيسٽ جي لکت واري امتحان ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو اميدوارن مان پهريون نمبر حاصل ڪيو پر سندس نالو ميرٽ لسٽ مان گُم ڪيو ويو. ڏينهن جو پڙهائي ۽ رات جو درزڪو پورھيو ڪري، قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي ايم فل ميٿميٽڪس واري داخلا ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن ماڻيندڙ شعيب احمد جهلڻ سان ٿيل ناانصافي رڳو هڪ شاگرد جو معاملو ناهي، پر اهو اسان جي تعليمي نظام، شفافيت ۽ ميرٽ جي لتاڙ تي هڪ وڏو سواليا نشان آهي.

نسيم بخاري

 ڪنهن نوجوان جي اکين ۾ پنهنجي مستقبل جا جيڪي خواب هوندا آهن، اهي صرف ان نوجوان جا خواب نه هوندا آهن، پر سندس سڄي خاندان جي اميدن، دعائن ۽ قربانين جو مجموعو به هوندا آهن. شعيب احمد جهلن جي ڪهاڻي به اهڙي ئي هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جنهن غربت، محدود وسيلن ۽ سخت حالتن باوجود تعليمي سفر ۽ سلسلو نه ڇڏيو ۽ پنهنجي محنت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جو حوصلو برقرار رکيو .

شعيب احمد جهلڻ شيخ اياز يونيورسٽي، شڪارپور مان 2026 ۾ رياضيءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد جي قائداعظم يونيورسٽي ۾ ايم فل ميٿميٽڪس ۾ داخلا وٺڻ جي خواهش سان پهتو. هن داخلا ٽيسٽ جي لکت واري امتحان ۾ لڳ ڀڳ هڪ سئو اميدوارن مان پهريون نمبر حاصل ڪيو. اها ڪاميابي سندس لاءِ صرف هڪ امتحان پاس ڪرڻ نه هئي، پر سالن جي محنت، جاڳڻ، قربانين ۽ پنهنجي مستقبل لاءِ پڙهڻ ۽ ڪڙھڻ جو نتيجو هئي. پر ميرٽ لسٽ مان سندس نالو ئي گُم ڪيو ويو.

داخلا ٽيسٽ ۾ پھريون نمبر حاصل ڪندڙ سنڌ جو نوجوان جنھن جو نالو ئي ميرٽ لسٽ مان گُم ڪيو ويو

 هڪ انتهائي اهم سوال پيدا ٿيو:

جيڪڏهن هڪ اميدوار داخلا ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ٿو، ته پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ ميرٽ لسٽ مان سندس نالو آخر غائب ڪيئن ٿيو؟

اھو سوال رڳو شعيب جو سوال ناهي. هيءُ سوال ميرٽ جي شفافيت، داخلا جي نظام ۽ اداري جي ساک سان به لاڳاپيل آهي.

شعيب جي زندگيءَ جي جدوجهد به غيرمعمولي آهي. هو ڏينهن جو يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ رات جو ٻين ماڻهن جا ڪپڙا سِبي پنهنجي تعليم ۽ خاندان جي خرچن ۾ هٿ ونڊائيندو هو. ٻين لفظن ۾، جنهن وقت ڪيترائي نوجوان آرام ڪندا آهن، شعيب پنهنجي هٿن سان پنهنجي مستقبل جي تعمير لاءِ درزڪو پورھيو ڪندو هو.

ڏينهن جو پڙهائي، رات جو سلائي، محدود آمدني، خاندان جون ذميواريون ۽ ان باوجود تعليم ۾ شاندار ڪارڪردگي هي ڪنهن ڪمزور انسان جي ڪهاڻي ناهي، هي حوصلو، خود اعتمادي، نظم و ضبط، مسلسل محنت ۽ مقصد سان وفاداري جي لاجواب داستان آهي.

هو پنهنجي هٿن سان ٻين جا ڪپڙا سِبندي، حقيقت ۾ پنهنجي مستقبل جو لباس تيار ڪري رهيو هو.

سندس والد دمشاد احمد جهلڻ شڪارپور جي ٿاڻي اسٽور گنج واري سبزي مارڪيٽ ۾ چوڪيداري ڪري پنهنجي خاندان جو گذر سفر هلائي ٿو. هڪ طرف پيءُ پنهنجي محدود وسيلن سان خاندان جي ذميوارين کي نڀائي رهيو آهي، ته ٻئي طرف پٽ راتين جون ننڊون قربان ڪري سلائي ڪري ٿو ۽ ڏينهن جو پڙهي ٿو، ته جيئن هڪ ڏينهن پنهنجي خاندان کي بهتر زندگي ڏئي سگهي.

اهڙي نوجوان لاءِ قائداعظم يونيورسٽي ۾ داخلا رڳو هڪ ڊگري حاصل ڪرڻ جو معاملو ناهي؛ اها سندس خاندان جي مستقبل سان جڙيل اميد به آهي.

شعيب جي خواهش هئي ته کيس ميٿميٽڪس جي مارننگ شفٽ ۾ داخلا ملي. ان جو هڪ وڏو سبب مالي به آهي. سندس ڄاڻ موجب صبح واري پروگرام جي في لڳ ڀڳ 35 هزار رپيا آهي، جڏهن ته شام واري پروگرام جي في لڳ ڀڳ سوا لک رپين تائين وڃي ٿي. هڪ اهڙي خاندان لاءِ، جنهن جو سربراهه چوڪيداري ڪري ۽ جنهن جو نوجوان پٽ رات جو سلائي ڪري تعليم جاري رکي، اها رقم معمولي نه آهي.

پر هاڻي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن شعيب ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ته پوءِ سندس نالو ميرٽ لسٽ مان غائب ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟

ان معاملي جي باقاعده جاچ ٿيڻ گهرجي.

ميرٽ لسٽ جي تياريءَ جو عمل ڇا هو؟

شعيب جو نالو پهرين پوزيشن تي ڪيئن آيو؟

بعد ۾ اهو نالو ڪهڙي مرحلي تي ۽ ڪهڙي بنياد تي غائب ٿيو؟

ڇا ميرٽ جا معيار تبديل ٿيا؟

ڇا ڪا انتظامي غلطي ٿي؟

ڇا ڪا فني غلطي ٿي؟

يا ڪنهن ٻئي سبب سندس نالي کي متاثر ڪيو ؟

انهن سوالن جا جواب سامهون اچڻ گهرجن.

ڇو ته جيڪڏهن هڪ شاگرد جي ميرٽ بابت اهڙو تضاد پيدا ٿئي ٿو ته ان جي جاچ صرف ان شاگرد سان انصاف لاءِ ضروري ناهي، پر قائداعظم يونيورسٽي جي پنهنجي  ساک، شفافيت ۽ شهرت کي برقرار رکڻ لاءِ به ضروري آهي.

هڪ معياري تعليمي ادارو رڳو وڏين عمارتن، وڏن نالن ۽ وڏين ڊگرين سان وڏو نٿو بڻجي؛ ادارو ان وقت وڏو بڻجي ٿو، جڏهن ان جي ميرٽ تي عوام کي اعتماد هجي، جڏهن غريب ۽ امير شاگرد لاءِ اصول هڪجهڙا هجن ۽ جڏهن ڪنهن شاگرد جي حق بابت سوال پيدا ٿئي ته ادارو پاڻ شفافيت سان جواب ڏئي.

اسان وٽ اهڙا واقعا ٿيڻ ئي نه ڏيڻ گهرجن، جن ۾ پهرين ڪنهن نوجوان کي وڏي اميد ڏني وڃي، سندس اکين ۾ روشن مستقبل جا خواب پيدا ٿين، هو پنهنجي خاندان کي خوشخبريون ٻڌائي، پنهنجي محنت کي منزل جي ويجهو سمجهي يا مٺايون ورھائي ۽ پوءِ اوچتو اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وڃي جو هو مايوسي، احساسِ محرومي ۽ شديد ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ٿي انتھائي اداسي جو شڪار ٿي وڃي.

هڪ تعليمي اداري جو ڪم نوجوانن جا خواب ٽوڙڻ نه، انهن خوابن کي صحيح ميرٽ ۽ شفافيت سان حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ ھوندو آهي.

ميرٽ لسٽ

خاص طور تي شعيب جهڙي نوجوان لاءِ، جيڪو اڳ ئي زندگيءَ سان هر ڏينهن جنگ جوٽي رهيو آهي، جنهن آرام بدران محنت کي چونڊيو آھي، جنهن ڏينهن تعليم ۽ رات جو سلائي کي پنهنجي زندگيءَ جو معمول بڻايو ۽ جنهن پنهنجي قابليت سان داخلا ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ھئي، سندس محنت کي مايوسيءَ ۾ تبديل ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آھي .

اسان کي اهڙي صورتحال کان بچڻ گهرجي، جتي هڪ محنتي نوجوان پاڻ کي ايترو اڪيلو، بي وس ۽ مايوس محسوس ڪرڻ لڳي جو هو پنهنجي زندگيءَ بابت به انتهائي خطرناڪ سوچن ڏانهن هليو وڃي.

ڪنهن به نوجوان جي ذهني سلامتي کان وڌيڪ ڪا ڳالھ اهم نٿي ٿي سگهي.

تنهنڪري  قائداعظم يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ رياضي شعبي جي ذميوارن کي  شعيب احمد جهلڻ جي ڪيس کي ذاتي شڪايت سمجهڻ بدران ميرٽ ۽ اداري جي شفافيت جو معاملو سمجهي ان حوالي سان نظر ثاني ڪرڻ گھرجي.

جيڪڏهن شعيب جي داخلا ۾ ڪا قانوني يا ضابطي واري رڪاوٽ آهي ته کيس واضح طور تي ٻڌايو وڃي. جيڪڏهن ڪا انتظامي يا فني غلطي ٿي آهي ته ان کي درست ڪيو وڃي. ۽ جيڪڏهن ميرٽ لسٽ ۾ پهرين پوزيشن کان پوءِ سندس نالو غائب ٿيڻ جو ڪو ٻيو سبب آهي ته ان جي شفاف انڪوائري ڪري حقيقت عوام ۽ شعيب جي سامهون آندي وڃي.

شعيب کي سفارش نه گهرجي؛ کيس پنهنجي ميرٽ جو حق گهرجي.

هن کي ڪنهن جي احسان جي ضرورت ناهي؛ هن کي صرف اهو موقعو گهرجي، جنهن لاءِ هن ڏينهن پڙهي ۽ راتيون جاڳي محنت ڪئي آهي.

هڪ چوڪيدار جو پٽ، جيڪو رات جو سلائي مشين هلائي ٿو، ڏينهن جو رياضي پڙهي ٿو ۽ پوءِ سئو اميدوارن مان داخلا ٽيسٽ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري ٿو، اهڙو نوجوان اسان لاءِ مسئلو نه، اسان جي سماج لاءِ اميد جي علامت هجڻ گهرجي.

اچو ته شعيب لاءِ سفارش نه، ميرٽ جو آواز بلند ڪريون.

اچو ته ڪنهن تي احسان نه ڪريون، هڪ محنتي نوجوان کي سندس حق ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريون.

۽ اچو ته اهڙو معاشرو ٺاهيون، جتي غريب نوجوان کي خواب ڏسڻ کان اڳ اهو نه سوچڻو پوي ته سندس خوابن جي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ وٽس پئسا آهن به يا نه.

ڇو ته ميرٽ تي پهريون نمبر حاصل ڪندڙ نوجوان جو نالو ميرٽ مان غائب ٿيڻ کان وڌيڪ سنجيده سوال ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟

ان سوال جو جواب شعيب کي به گهرجي، سندس خاندان کي به گهرجي ۽ هر ان ماڻهو کي گهرجي، جيڪو اھليت ۽ انصاف تي يقين رکي ٿو.

___________  

Naseem Bukhari-The AsiaN

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي ”وک“  شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button