سنڌ تي اعصابي جنگ مڙھي وئي آھي: طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ ثابت قدم رھو
اعصابن جي جنگ ڪو منجھيل قانوني يا فوجي اصطلاح ناهي. ان کي هڪ اهڙي نفسياتي جنگ طور سمجهڻ وڌيڪ بهتر آهي جنهن ۾ خوف، غيريقيني صورتحال، ذھني دٻاءُ ۽ انتظار کي اثر انداز ٿيڻ جو هٿيار بڻايو ويندو آهي.

سنڌ کي مختلف صوبن ۾ ورهائڻ بابت اطلاعن، افواھن ۽ بحث ۾، سنڌي ماڻھو هڪ عام سياسي بحث کان وڌيڪ محسوس ڪري رھيا آھن. انهن لاءِ، سنڌ نقشي تي ٺهيل ڪو رڳو انتظامي يونٽ ناهي. اها صدين جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، يادگيرين ۽ جذباتي لڳاءَ سان جڙيل هڪ وطن آهي. جيڪڏهن ماڻهو انتظامي تبديليءَ جي مخالفت ڪن ٿا ته انهن جي مخالفت ٻڌڻ گهرجي.
عبداللہ عثمان مورائي
ڪنهن قوم جي تاريخ ۾ اهڙو وقت به ايندو آهي جڏهن سڀ کان وڏي جنگ بندوقن، فوجن يا هٿيارن سان نہ بلڪه اها ذهنن اندر وڙهي ويندي آهي.
هڪ افواهه پکيڙيو ويندو آهي. هڪ خوفناڪ امڪان تي بار بار بحث ڪيو ويندو آهي. هڪ غيريقيني مستقبل کي ايئن پيش ڪيو ويندو آهي ڄڻ اهو اڳواٽ ئي طئہ ٿي چڪو هجي. هر گفتگو ساڳئي ئي خطري جي چوڌاري گھمڻ لڳندي آهي. ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا آهن: اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي ڌرتيءَ جو ڇا ٿيندو؟ اسان جي مستقبل جو ڇا ٿيندو؟
ڪا به جسماني سرحد نه هجي، ڪو به سپاهي سرحد پار نه آيو هجي، ۽ ڪا به گولي فائر نه ٿي هجي. تنهن هوندي به ڪجھه ٿي چڪو هوندو آهي: ماڻهن کي نفسياتي دٻاءُ هيٺ آندو ويو هوندو آهي.
اهو ئي آهي جنهن کي عام طور تي اعصابن جي جنگ چيو ويندو آهي: هڪ اهڙي جنگ جنهن جو مقصد لازمي طور ماڻهن کي جسماني طور شڪست ڏيڻ نه، بلڪه انهن جي اعتماد کي ٿڪائڻ، پريشاني پئدا ڪرڻ، راءِ ۾ ۽ اتحاد ۾ ڦوٽ وجهڻ، ۽ انهن کي اهو باور ڪرائڻ هوندو آهي ته مزاحمت ڪرڻ بي سود آهي.
سنڌ کي مختلف صوبن ۾ ورهائڻ بابت اطلاعن، افواھن ۽ بحث ۾، سنڌي ماڻھو هڪ عام سياسي بحث کان وڌيڪ محسوس ڪري رھيا آھن. انهن لاءِ، سنڌ نقشي تي ٺهيل ڪو رڳو انتظامي يونٽ ناهي. اها صدين جي تاريخ، ثقافت، ٻولي، يادگيرين ۽ جذباتي لڳاءَ سان جڙيل هڪ وطن آهي.
اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي جاگرافيائي يا سياسي ونڊ ورڇ بابت ڪا به گفتگو بيحد جذباتي ردعمل پئدا ڪري سگهي ٿي.
سنڌين لاءِ ھڪ اصول بلڪل واضح آهي: ماءُ جي ونڊ ناهي ٿيندي.
ڪير هن موقف سان متفق هجي يا نه، پر ان جي پويان موجود جذبن جي گهرائيءَ کي سمجهڻ ضروري آهي.
اعصابن جي جنگ ڇا آهي؟
اعصابن جي جنگ ڪو منجھيل قانوني يا فوجي اصطلاح ناهي. ان کي هڪ اهڙي نفسياتي جنگ طور سمجهڻ وڌيڪ بهتر آهي جنهن ۾ خوف، غيريقيني صورتحال، ذھني دٻاءُ ۽ انتظار کي اثر انداز ٿيڻ جو هٿيار بڻايو ويندو آهي.
جديد تڪرارن بار بار اهو ثابت ڪيو آهي ته ماڻهن جي ذھن ۽ فڪر کي ڪنٽرول ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن علائقي تي قبضي ڪرڻ جيتري ئي اهميت رکي ٿو.
نفسياتي جنگ ۾ ڏسڻو ھوندو آھي ته ماڻهو ڪيئن ٿا سوچين، اهي ڪنهن کان ٿا ڊڄن، ڪنهن تي اعتبار ڪن ٿا ۽ واقعن تي ڪهڙو ردعمل ڏين ٿا. ’انٽرنيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس‘ (ICRC) نوٽ ڪيو آهي ته نفسياتي آپريشن پريشاني، خوف ۽ دهشت پکيڙي سگهي ٿي، جڏهن ته جديد مواصلاتي ٽيڪنڪن انهن جي رفتار ۽ رسائي کي حد کان وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.
ان ڪري اعصابن جي جنگ پنهنجي آمد جو اعلان ناهي ڪندي.
اها بار بار خوفناڪ پيشنگوئين ذريعي ظاهر ٿي سگهي ٿي، مستقبل بابت جاڻي ٻجهي غيريقيني صورتحال پئدا ڪرڻ، اشتعال انگيز بيانن کي مسلسل گردش ۾ رکڻ، موجود سماجي ڦوٽ مان فائدو وٺڻ، هڪ سياسي نتيجي کي اڻٽر بڻائي پيش ڪرڻ، ماڻهن کي متضاد معلومات سان پريشان ڪرڻ، اهو خوف پئدا ڪرڻ ته مزاحمت جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ۽ ماڻهن کي اهڙو يقين ڏيارڻ ته سندن انديشا اڳ ۾ ئي هارائي چڪا آهن.
ان جو مقصد اڪثر نفسياتي ڀڃ ڊاھ يا ذھني ٿڪاوٽ پيدا ڪرڻ هوندو آهي.
جيڪڏهن ماڻهو حد کان وڌيڪ پريشان ٿي وڃن ته اهي پڇڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته ”ڇا اهو درست آهي؟“ ۽ صرف اهو پڇڻ شروع ڪندا آهن، ”اسان ان مان ڪيئن بچي سگهون ٿا؟“
سوچ ۾ مايوسيءَ واري اها تبديلي پيدا ڪرڻ اعصابي جنگ جي حڪمت عمليءَ جو مقصد ھوندو آھي.
هڪ روايتي جنگ طبعي نشانن تي حملو ڪندي آهي. هڪ نفسياتي جنگ اعتماد تي حملو ڪندي آهي.
روايتي جنگ اڏاوتن، بنيادي ڍانچي يا فوجي صلاحيتن کي نقصان پهچائيندي آهي. نفيسياتي جنگ حوصلي، اعتماد ۽ اجتماعي يقين کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
اهوئي ڪارڻ آهي جو اعصابن جي جنگ ايتري اثرائتي ٿي سگهي ٿي.
مسلسل غيريقيني حالتن مان گذرندڙ فرد پنهنجي ننڊ وڃائي سگهي ٿو، چڙچڙو ٿي سگهي ٿو، مسلسل خطري جو انتظار ڪري سگهي ٿو، ۽ ڪم تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري سگهي ٿو. انسان جو ذهن اڻ کٽ غيريقيني حالت تي سٺو ردعمل ناهي ڏيندو. جڏهن ماڻهن کي خبر ناهي هوندي ته خطرو حقيقي آهي، شروعاتي آهي يا صرف هڪ اٽڪل آهي، اهي بار بار بد ترين امڪانن بابت سوچڻ لڳندا آهن.
هاڻي ان پريشانيءَ کي هزارين يا لکين ماڻهن سان ضرب ڏيو.
ان جو نتيجو اجتماعي پريشانيءَ جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو.
مسلسل سياسي غيريقينيءَ واري ڪيفيت جي شڪار سماج ۾ اعتماد جي ڪمي، ڦوٽ، ۽ جذباني ٿڪاوٽ ڏسڻ ۾ اچي سگهي ٿي. پنهنجي وطن کان پري رهندڙ ماڻهو به ساڳي پريشاني محسوس ڪري سگهن ٿا ڇو جو جديد مواصلات جاگرافيائي فاصلن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي، حيدرآباد يا سکر ۾ ويٺل شخص ساڳيو خوفناڪ پيغام ان ئي لمحي حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪو اسٽاڪ هوم، لنڊن، دبئي، ٽورانٽو يا ٻئي هنڌ رهندڙ شخص حاصل ڪري ٿو.
جسماني فاصلو هزارين ڪلوميٽر ٿي سگهي ٿو. نفسياتي فاصلو ٻُڙي آهي.

انفرادي دٻاءُ کان قومي دٻاءُ تائين
دٻاءُ صرف انفرادي عمل ناهي.
قومون ۽ برادريون به مسلسل غيريقيني ڪيفيت، غير محفوظ هجڻ ۽ اجتماعي خوف مان گذري سگهن ٿيون.
هڪ فرد کي پنهنجو گھر وڃائڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو. هڪ برادريءَ کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ وڃائڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو. هڪ قوم کي پنهنجي ڌرتي، وسيلن، ادارن يا سياسي آواز جي مستقبل بابت انديشو ٿي سگهي ٿو.
اهي هڪ ئي نفسياتي عمل جا مختلف پيمانا آهن.
اهوئي سبب آهي جو ذميوار حڪومتن ۽ سياسي اڳواڻن تي اها خاص ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي پنهنجي شھرين کي بنا سبب ڊيڄارڻ کان پاسو ڪن.
ان جو مقصد اهو ناهي ته هر سياسي بحث تي بندش لگائي وڃي. جمهوريتن ۾ اختلاف راءِ، تنقيد ۽ آئيني تجويزن جي اجازت هجڻ گھرجي. پر ڪنهن فڪر تي بحث ڪرڻ ۽ ان فڪر ذريعي ماڻھن کي اڻ سڌي طرح دهشتزده ڪرڻ ۾ تمام وڏو فرق آهي.
بين الاقوامي انساني قانون، خاص طور تي هٿياربند تڪرارن جي صورتحال ۾، نفسياتي نقصان ۽ دٻاءُ جي سنجيدگيءَ کي تسليم ڪري ٿو. آئي سي آر سي (ICRC) نوٽ ڪري ٿي ته اهي ڌمڪيون جن جو بنيادي مقصد عام شهرين ۾ دهشت پکيڙڻ هجي، هٿياربند تڪرارن ۾ ممنوع آهن، جڏهن ته چوٿون جنيوا ڪنونشن فردن تي جسماني يا اخلاقي دٻاءُ وجهڻ کي سختيءَ سان منع ڪري ٿو.
ڇا خوف پاڻ هڪ هٿيار آهي؟
اهو ئي نقطو آهي جتي اعصابن جي جنگ جو تصور خاص طور اُڀري ٿو.
فرض ڪريو تہ ماڻهو بار بار ٻڌن ٿا ته انهن جو وطن ورهائجي سگهي ٿو.
پهريون اعلان انهن کي حيران ڪري سگهي ٿو. ٻيو انهن کي ڊڄاري سگهي ٿو. ڏهون انهن کي ٿڪائي سگهي ٿو. ايئن بار بار ٿيندڙ اھڙو اعلان يا بيان کين اهو امڪان نارمل (معمولي) محسوس ٿيڻ لڳندو.
اهو عمل نفسياتي طور تمام اهم آهي. بار بار ورجائڻ هڪ غير معمولي امڪان کي اهڙي شئي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو جيڪا اڻٽر نظر اچڻ لڳي.
اهوئي ڪارڻ آهي جو سماج کي نه صرف ان تي غور ڪرڻ گھرجي ته ڇا چيو پيو وڃي، بلڪ ان تي به ته ڪيئن، ڪيترا ڀيرا، ڪنهن پاران ۽ ڪهڙي ظاهري مقصد لاءِ چيو پيو وڃي.
جيڪڏهن ڪا تجويز قانوني آهي ته ان کي عقلي بحث، ثبوتن ۽ آئيني طريقن سان پيش ڪرڻ گهرجي. ان کي نفسياتي ڊپ پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال نہ ڪجي.
جيڪڏهن ڪا تجويز ناپسنديده آهي ته ان جي حامين کي جمهوري اختلافِ راءِ جي توقع رکڻ گهرجي، نه ڪي اهو سمجهڻ گهرجي ته بار بار جو دٻاءُ خودبخود قبوليت پئدا ڪري ڇڏيندو.
انساني ورتاءُ بابت هڪ پراڻو مشاهدو آهي:
توهان جيتري شدت سان ڪنهن کي پوئتي ڌڪيندا، ان کان خاموش رهڻ جي توقع رکڻ اوترو ئي ڏکيو ٿي ويندو.
سياسي تاريخ اهڙن لا تعداد مثالن سان ڀريل آهي جتي قومون وڌيڪ پرعزم ٿي ويون جڏهن انهن محسوس ڪيو ته سندن بنيادي سڃاڻپ، وقار يا وطن خطري ۾ آهي.
ان جو مطلب اهو ناهي ته هر ردعمل شديد ھجڻ گھرجي. بلڪ بلڪل ان جي برعڪس. نفسياتي دٻاءُ جو سڀ کان مضبوط ردعمل اڪثر سنجيدگي، تنظيم، علم ۽ صبر هوندو آهي.
خوف مونجهاري کي وڌائيندو آهي. واضح صورتحال خوف کي ڪمزور ڪندي آهي.
اهو ئي سبب آهي جو شديد سياسي دٻاءُ جي حالت ۾ سماج کي هر افواهه، اشتعال يا سوشل ميڊيا پوسٽ تي ردعمل ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. انهن کي معلومات جي تصديق ڪرڻ گهرجي، حقيقت ۽ قياس آرائيءَ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي ۽ پرامن آئيني بحث تي زور ڏيڻ گهرجي.
اعصابن جي جنگ جذباتي ردعمل تي پلجي ٿي. هڪ باهمت ۽ مضبوط سماج پنهنجو فيصلو جذبن جي حوالي ناهي ڪندو.
سنڌ ۽ وطن جو سوال
سنڌين لاءِ سنڌ جاگرافيءَ کان وڌيڪ اھم آهي. اها سندن وڏڙن جي سرزمين آهي، سندن وطن آھي، انھيءَ وطن ۾ سندن امڙ جي ٻولي آهي، سندن وڏڙن جون آکاڻيون آهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، سنڌو ندي، ڳوٺ، شهر، ٿر، زرعي زمينون، ۽ تاريخي يادگيريون آهن جيڪي ملي ڪري ھڪ اڻٽُٽ تعلق جو احساس پئدا ڪن ٿيون. انھيءَ ڪري جڏهن ماڻهو پنهنجي وطن جي جاگرافيائي سلامتيءَ کي خطرو محسوس ڪن ٿا، ته ان ردعمل کي صرف انتظامي اصطلاحن ذريعي نٿو سمجهي سگهجي. ان جذباتي پاسي کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
حقيقي سياسي سوالن کي ڊيڄارڻ، غلط معلومات يا ڌمڪين بدران آئيني، جمهوري ۽ پرامن طريقي ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻهو انتظامي تبديليءَ جي مخالفت ڪن ٿا ته انهن جي مخالفت ٻڌڻ گهرجي. سياسي اختلاف جو جواب مذاڪرات هجڻ گهرجي، نه ڪي نفسياتي جنگ.

قدرت جو شاندار سبق
قدرت ۾ هڪ شاندار سبق آهي جيڪو هن صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو اشارو ڏئي ٿو.
آمريڪي بائسن (American bison) جيڪو اُتر آمريڪا جو جھنگلي ڍڳو آھي، سخت ماحول ۾ بہ زندھ رھڻ جي ڪري مشھور آهي. سندس کل سخت ۽ بُت تي وڏا وار ھوندا اٿس. طاقتور جسم وارو اھو ڍڳو برفاني طوفانن کي بہ منھن ڏئي ويندو آھي. بائسن يعني جھنگلي ڍڳي جي خاصيت آھي تہ سياري جي برفاني طوفانن ڏانهن ۾ پُٺي ڏئي ڀڄندو ناھي بلڪ طوفان ڏانھن منهن ڪري بيھندو آھي. بائسن طوفان سان سوديبازي بہ ناهي ڪندونہ ئي خوفزده ٿيندو آھي. اهو حالتن کي منهن ڏئي ٿو ۽ انهن کي برداشت ڪري ٿو.
صبر ۽ برداشت سندس سگھ آهي جيڪا طوفان جي گذرڻ تائين بيٺل رهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي.
مسلسل غير يقينيءَ وارين حالتن ۾ ڦاٿل ڪنهن به سماج لاءِ اھو هڪ سبق آهي. جڏهن طوفان ويجهو اچي ته ٻه واٽون ھونديون آهن: ڀڄڻ يا دانشمنديءَ سان انھن حالتن مان پار پوڻ لاءِ تيار ٿيڻ.
ڀڄڻ سان اڪثر مسئلو حل ناهي ٿيندو. ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ بهتر حڪمت عملي اها هوندي آهي ته پنهنجا پير مضبوط ڪريو، ۽ بدترين حالتن جي گذري وڃڻ جو انتظار ڪريو.
جڏهن سنڌي قوم پنهنجي وطن، سڃاڻپ يا وسيلن لاءِ خطرو بڻجندڙ طوفان محسوس ڪن ٿا، ته اهي لازمي طور ڀڄڻ، لڏي وڃڻ يا خاموشيءَ سان هٿيارڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار نہ ھوندي آھن. سنڌي قوم جي جبلت ان جي برعڪس آھي. ھُو پنهنجي ڌرتيءَ سان جڙيل رهڻ ۽ پرامن، جمهوري، ۽ قانوني طريقن سان پنهنجن مفادن جو دفاع ڪندا آھن.
اهائي بائسن واري فطرت آهي:
طوفان کان ڊڄو به نه. طوفان تي حملو نه ڪريو، پر ان کان ڀڄو به نه. مضبوطيءَ سان بيٺا رهو،۽ طوفان کي پاڻ ئي ٿڪجڻ ڏيو.
جيڪڏهن سنڌ کي ورھائڻ بابت هاڻوڪي بحث کي ڄاڻي واڻي پريشاني پئدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ته پوءِ سڀ کان اهم سوال صرف اهو ناهي ته ڇا تجويز ڪيو پيو وڃي.
سوال اهو آهي: سماج کي بار بار ان غيريقينيءَ ۾ ڇو وڌو پيو وڃي؟
ڇا اها ڪا انتخابي حڪمت عملي آهي؟ ڇا اها عوامي ردعمل کي پرکڻ جي ڪوشش آهي؟ يا اها ڪا ٻي شئي آهي؟
مزاحمت جو مطلب لازمي طور تشدد ناهي.
حقيقت ۾، پرامن مزاحمت ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته اها اعصابن جي جنگ کي ان جو گهربل نتيجو ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿي.
اعصابن جي جنگ هراس چاهي ٿي. هڪ مضبوط سماج صبر پئدا ڪندو آهي. اعصابن جي جنگ ڦوٽ چاهي ٿي. هڪ مضبوط سماج يڪجهتي ڳولي ٿو. اعصابن جي جنگ چاهي ٿي ته ماڻهو اهو يقين ڪن ته مستقبل جو فيصلو اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي. هڪ باهمت سماج چوي ٿي: مستقبل اڃا به عوام، آئين، ۽ جمهوري بحث جو معاملو آهي.
هر طوفان نيٺ پنھنجو تُخ تبديل ڪندو آهي.
ڪجهه طوفان جلدي ختم ٿي ويندا آهن. ٻيا گھڻن ڏينهن تائين جاري رهندا آهن. سڀ کان مضبوط وڻ اهي ناهن هوندا جيڪي ڪڏهن به ناهن جھڪندا. اهي هوندا آهن جن جون پاڙون هوا کي برداشت ڪرڻ لاءِ اونهيون هونديون آهن.
ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪڏهن ڪڏهن انهن کي نفسياتي طور وڌيڪ تيار بڻائي سگهي ٿي. انهن ۾ ڦوٽ وجهڻ يا انهن جي اعتماد کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪڏهن ڪڏهن انهن جي عزم کي مضبوط ڪري سگهي ٿي.
جيتري شدت سان سماج محسوس ڪندو ته ان کي ڀت ڏانھن ڌڪيو پيو وڃي، اوترو ئي ان سماج لاءِ پرامن ۽ متحد رهڻ اهم ٿي ويندو.
اهو ئي بائسن جو حقيقي سبق آهي. بائسن سياري جي طوفان کي شڪست ناهي ڏيندو. اهو صرف ان کان شڪست کائڻ کان انڪار ڪندو آهي. اهو هوا ڏانهن منهن ڪري ٿو. اهو پنهنجو سر جھڪائي ٿو. پنهنجي طاقت بچائي استعمال ڪري ٿو. اهو انتظار ڪري ٿو ۽ نيٺ طوفان گذري ويندو آهي.
سنڌ وارن لاءِ اھو هڪ وڏو پيغام آھي: طوفان اچي سگهن ٿا، سياسي هوائون تبديل ٿي سگهن ٿيون، ۽ اڻيقيني وڌي سگهي ٿي، پر هراس جي ضرورت ناهي .
دٻاءُ جو جواب لازمي طور تي جارحيت ناهي. ڪڏهن ڪڏهن سڀ کان وڌيڪ اثرائتو ردعمل صرف علم، وقار، صبر، ۽ جمهوري عزم سان مضبوطيءَ سان بيٺل رهڻ آهي، ۽ طوفان کي گذري وڃڻ ڏيڻ آهي.
_______________

سنڌ جي شھر مورو جو عبداللہ عثمان مورائي سُئيڊن ۾ گرائونڊ واٽر انجنيئر آھي. ھُو ناميارو ليکڪ آھي ۽ گھڻي وقت کان انگريزي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ مختلف اخبارن لاءِ ڪالم ۽ سفرناما لکندو رھي ٿو. soomro.sweden@gmail.com



