اصل مسئو سنڌ جو نہ، پاڪستان جي خراب حڪمرانيءَ جو آھي
سنڌ کي ورهائڻ سان مسئلا ختم نه ٿيندا؛ پاڪستان جي مرڪزيت گهٽائڻ، صوبن کي حقيقي خودمختياري ڏيڻ ۽ اختيارن کي عوام جي ويجهو منتقل ڪرڻ سان شايد پاڪستان کي ٽٽڻ کان بچائڻ جو هڪ نئون رستو کلي سگهي۔

زھير حسين حيدري
سنڌ کي مختلف صوبن، انتظامي يونٽن يا نون رياستي ڍانچن ۾ ورهائڻ جو بحث سياسي منظرنامي تي ڪر کنيو بيٺو آهي. ڪڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي ٿي وڃي، ڪڏهن نون صوبن جي قيام کي مسئلن جو حل قرار ڏنو ٿو وڃي، ۽ ڪڏهن انتظامي سهولت جي نالي ۾ سنڌ جي موجوده جاگرافيائي وحدت کي تبديل ڪرڻ جون تجويزون سامهون اچن ٿيون. پر هن سڄي بحث ۾ هڪ بنيادي سوال ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿو:
ڇا مسئلو سنڌ جي وجود سان وابسته آهي يا پاڪستان جي حڪمرانيءَ جي مرڪزي ڍانچي ۾؟ سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا سنڌ کي ورهائڻ سان سنڌ جا مسئلا ختم ٿي ويندا؟ ڇا! ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ سان ڪراچي جا مسئلا حل ٿي ويندا؟ ڇا نوان صوبا ٺاهڻ سان بدعنواني، بيروزگاري، غربت، پاڻيءَ جي کوٽ، تعليم جي تباهي ۽ حڪمرانيءَ جو بحران ختم ٿي ويندو؟ يا اصل ضرورت اها آهي ته اختيارن کي مرڪز ۾ گڏ ڪرڻ بدران، انهن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪيو وڃي؟ هي پاڪستان جي رياستي ڍانچي جو سوال آهي.
سنڌ جي ورهاست يا انتظامي تبديليءَ جي ڪنهن به بحث کي تاريخ کان ڌار ڪري نٿو سگهجي.
1955ع ۾ ون يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ سنڌ کي اولھ پاڪستان جي هڪ وڏي انتظامي يونٽ ۾ ضم ڪيو ويو. سنڌ جي جدا سياسي ۽ انتظامي حيثيت ختم ڪئي وئي پر تاريخ ٻڌايو ته مصنوعي طور ٺاهيل وحدت عوامي ۽ تاريخي حقيقتن کي ختم نه ڪري سگهي. 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو ۽ سنڌ ٻيهر پنهنجي صوبائي حيثيت سان بحال ٿي. تنهن ڪري اڄ جڏهن سنڌ کي ٻيهر مختلف يونٽن ۾ ورهائڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون ته تاريخ جو سوال اسان جي سامهون اچي بيهي ٿو ته:
جيڪو تجربو ماضيءَ ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ سياسي حقيقتن کي نظرانداز ڪري ڪامياب نه ٿيو، ڇا ساڳي سوچ کي نئين نالي سان ٻيهر آزمايو وڃي؟
پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين ھر روز جي بدلجندڙ حڪمرانن ء حڪمران ساز قوتن کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ملڪ هلايون ته هلايون ڪيئن؟ 79 سالن کان پوء اڄ ملڪ جو وزير داخلا محسن نقوي ٿو چوي ته ملڪ جو ڪار وهنوار صفا ٺپ ٿي ويو آهي ۽ ڪم بلڪل نه پيو هلي سگهي، پر اصل مسئلي جي گهرائپ يا نوعيت ڇا آهي ان طرف سندن دماغ ئي ڪونه ٿو ڪم ڪري يا ڄاڻي واڻي، ڪن ٽار ڪري حقيقت کان منهن موڙيو پيو وڃي۔ حقيقت ته اها آهي ته
سنڌ مسئلو ئي نه آهي، مسئلو ته مرڪزيت آهي۔
سنڌ کي ورهائڻ جي بحث جو سڀ کان وڏو فڪري نقص اهو آهي ته سنڌ جي انتظامي مسئلن کي سنڌ جي وجود سان ڳنڍيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ حڪمراني خراب آهي ته ڇا صوبو ختم ڪيو وڃي؟
جيڪڏهن ڪنهن شهر ۾ مڪاني حڪومت ڪمزور آهي ته ڇا شهر کي صوبو بڻايو وڃي؟
جيڪڏهن وسيلن جي ورڇ ۾ ناانصافي آهي يا هٿرادي ڪئي ويئي آهي ته ڇا صوبا ٽوڙيا وڃن؟
خراب حڪمرانيءَ جو علاج جاگرافيائي ورهاست نه، پر حڪمراني سڌارڻ آهي.
اختيارن جي کوٽ جو علاج نئون نقشو نه، پر اختيارن جي نئين ورڇ آهي ۽ جيڪڏهن مسئلو مرڪزيت آهي ته ان جو حل وڌيڪ مرڪزيت نه، پر Decentralization آهي.
هتي ملڪ جي ڊانچي ۾ تبديليء لاء سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ ۽ سنڌ نئشنل فرنٽ جي سرواڻ ممتاز علي ڀٽي جي متعارف ڪرايل ڪنفيڊرل نظام کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي۔
هن موجب پاڪستان جون وحدتون رڳو وفاق جون ماتحت انتظامي اڪايون نه هجن، پر انهن کي خودمختيار ۽ مقتدر رياستي وحدتن طور تسليم ڪيو وڃي.
مرڪز وٽ هر معاملي جو اختيار نه هجي. مرڪز وٽ صرف اهي معاملا هجن جيڪي سڀني وحدتن جي گڏيل مفاد سان لاڳاپيل آهن. ڪنفيڊرل پروگرام ۾ دفاع، پرڏيهي معاملا، ڪرنسي، بين الریاستي ۽ بين الاقوامي مواصلات، معاشي رابطا، رياستن جي وچ ۾ شين جي حرڪت ۽ وفاقي قانون ساز اداري جي چونڊ جهڙا محدود معاملا مرڪز وٽ رکڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.
اصول سادو هو ته :
جيڪو ڪم مرڪز کانسواءِ به هلي سگهي ٿو، اهو مرڪز وٽ هروبرو ڇو هجي
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ “مضبوط مرڪز” کي گهڻو ڪري “مضبوط پاڪستان” سان سلهاڙيو ويندو آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته :
ڇا مضبوط مرڪز واقعي مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي؟
جيڪڏهن مرڪز مضبوط هجي پر صوبن ۾ بيچيني هجي، ته ڇا اهو استحڪام آهي؟
جيڪڏهن اسلام آباد مضبوط هجي پر بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ محروميءَ جا احساس وڌندا وڃن، ته ڇا اهو مضبوط وفاق آهي؟
جيڪڏهن رياست جو هر فيصلو مٿان کان هيٺ تائين اچي ۽ هيٺين سطح جي عوام کي پنهنجي وسيلن، ادارن ۽ حڪمرانيءَ تي محدود اختيار هجن، ته ڇا اهو وفاق آهي يا عملي طور ڏاڍ مڙسيء وارو مرڪزي نظام؟ ڪنفيڊريشن جو بنيادي دليل اهو ئي هو ته پاڪستان کي وڌيڪ مرڪزيت نه، پر هڪ اهڙي معاهدي جي ضرورت آهي جنهن ۾ وحدتون پنهنجي خودمختياري ۽ حاڪميت جي حقن سان گڏجي رهن.
اقتدار جو سرچشمو وحدتون هجن، مرڪز گڏيل اختيارن جو ادارو هجي. يعني مرڪز مالڪ نه، پر شريڪ ڪار هجي. مرڪز حڪمران نه پر هم آهنگ هجي.
مرڪز سڀني وسيلن جو وارث نه پر گڏيل معاملن جو نگران هجي.
1940ع جي قرارداد ۽ وحدتن جي خودمختياري هجي۔
جيڪڏهن وفاق حڪمرانن ۽ طاقتور ڌرين جي نااهليء جي ڪري ڪمزور ٿي رهيو آهي ته سنڌ کي ڇو ٽوڙجي؟
هي اڄ جو سڀ کان وڏو سوال آهي.جيڪڏهن موجوده نظام ۾ مرڪز ۽ وحدتن جي وچ ۾ اختيارن جو توازن بگڙيل آهي، ته حل سنڌ کي ٽوڙڻ ڇو؟
جيڪڏهن مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ اعتماد جو بحران آهي، ته نوان صوبا ٺاهڻ سان اهو اعتماد ڪيئن پيدا ٿيندو؟ جيڪڏهن عوام حڪمرانيءَ کان مايوس آهي، ته نون صوبن سان عوام جي زندگي ڪيئن بدلبي؟
نقشو بدلائڻ سان نظام نه بدلجندو.
نظام تڏهن بدلجندو جڏهن اقتدار جي ورڇ بدلبي. سنڌ کي ٽوڙڻ بدران سنڌ جي اندر اختيار ورهايو۔ سنڌ هڪ صوبو آهي؛ پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ جي سموري طاقت ڪراچيءَ يا سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ئي هجي.
جيڪڏهن انتظامي سهولت مسئلو آهي ته سنڌ جي وڏن شهرن ۽ علائقن کي وڌيڪ انتظامي اختيار ڏيئڻ گهرجي۔
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، بدين، نوابشاهه ۽ ٻين شهرن کي مضبوط مڪاني حڪومتون ڏنيون وڃن.، ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تي ادارن کي اختيار ڏنا وڃن. وسيلن جي ورڇ شفاف بڻائي وڃي. مقامي حڪومتن کي مالي خودمختياري ڏني وڃي.
ان جو مطلب اهو هئڻ کپي ته: سنڌ کي ٽوڙڻ بدران، سنڌ اندر اختيارن کي هيٺ تائين منتقل ڪيو وڃي.
ڪراچي جو حل به ورهاست نه، اختيار آهي، ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي ۽ شهري مرڪز آهي. ان جا مسئلا به حقيقي آهن. پاڻي، ٽرانسپورٽ، ڪچرو، روڊ، نيڪال، شهري منصوبابندي ۽ آباديءَ جو دٻاءُ ــ اهي سڀ سنجيده مسئلا آهن.
پر ڇا! ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ آهي؟ يا ڪراچي کي اهڙي مڪاني حڪومت ڏيڻ جيڪا واقعي شهر هلائڻ جي طاقت رکي؟ جيڪڏهن ميئر وٽ اختيار نه هجي، وسيلا ٻئي هنڌ هجن ۽ ادارا مختلف حڪومتن ۾ ورهايل هجن، ته شهر جي انتظام ۾ بحران ڪيئن نه پيدا ٿيندو ؟
سوال ڦري گهري وري اتي ٿو اچي بيهي ته:
ڪراچي کي سنڌ کان ڇو ڌار ڪجي؟ ڪراچي کي بااختيار ڇو نه بڻائجي؟
سنڌ جا وسيلا ۽ اصل تڪرار
سنڌ جي قدرتي ۽ معاشي وسيلن جو سوال به اڄ جو مرڪزي نقطو آهي.
گئس، تيل، ڪوئلو، زراعت، بندرگاهون، صنعت، سامونڊي پٽي ۽ ڪراچيءَ جي معاشي حيثيت سنڌ کي پاڪستان جي معاشي ڍانچي ۾ انتهائي اهم بڻائين ٿا.
تنهن ڪري جيڪڏهن وسيلن جي ورڇ تي اختلاف آهي ته ڇا! سنڌ جا ڳڀا ڳڀا ڪجن؟
وسيلن جي تڪرار جو حل انتظامي ورهاڱو نه، آئيني انصاف، شفاف مالياتي نظام ۽ مضبوط بين الصوبائي ادارا آهن. پاڪستان کي مضبوط مرڪز نه، مضبوط معاهدو گهرجي، پاڪستان هڪ گهڻ قومي، گهڻ زباني، گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ رخي ملڪ آهي. اهڙي ملڪ کي صرف حڪمن سان متحد نٿو رکي سگهجي. ملڪ اعتماد سان متحد رهندا آهن. انصاف سان متحد رهندا آهن، اختيارن جي منصفاڻي ورڇ سان متحد رهندا آهن. ۽ سڀ کان وڌي ڪري، هڪ ٻئي جي تاريخ، ثقافت ۽ خودمختياريءَ جي احترام سان متحد رهندا آهن۔
هن وقت سوال اهو ناهي ته:
مرڪز ڪيترو طاقتور آهي؟
اصل سوال اهو آهي:
پاڪستان جو گڏيل نظام ڪيترو قابلِ اعتماد آهي؟
جيڪڏهن مرڪز جي طاقت صوبن جي ڪمزوريءَ مان پيدا ٿئي ٿي ته اها طاقت عارضي ٿي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن پاڪستان جي طاقت ان جي وحدتن جي رضامندي، خودمختياري ۽ برابري مان پيدا ٿئي ته اها طاقت وڌيڪ پائيدار ٿي سگهي ٿي. سنڌ کي ورهائڻ بدران، مرڪزيت جي اختيارات کي گهٽائڻو پوندو۔
اڄ جڏهن سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون ته سنڌ جي عوام کي صرف دفاعي انداز ۾ اهو چوڻ ڪافي ناهي ته: “سنڌ نه ورهائينداسين.”
ان کان اڳتي وڌي هڪ متبادل سياسي تصور پيش ڪرڻو پوندو ته :
سنڌ نه ورهايو؛ اختيار ورهايو.
صوبا نه ٽوڙيو؛ مرڪزيت گهٽايو، نقشي تي نيون ليڪون نه ڪڍو؛ اقتدار جي نئين ورڇ جو نقشو ٺاهيو.
مرڪز کي ختم نه ڪريو؛ مرڪز کي ان جي آئين ۽ گڏيل ذميوارين تائين محدود ڪريو.
اڄ پاڪستان جي سامهون اصل سوال اهو ناهي ته سنڌ کي ڪيترا حصا ڪري سگهجن ٿا. اصل سوال اهو آهي ته:
ڇا اسان اهڙو پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا، جنهن ۾ سنڌ کي پنهنجي سُڃاڻپ لاءِ خوف نه هجي، بلوچستان کي پنهنجي وسيلن لاءِ احتجاج نه ڪرڻو پوي، خيبرپختونخوا کي پنهنجي اختيارن لاءِ مسلسل جنگ نه ڪرڻي پوي ۽ پنجاب کي به مرڪز جي طاقت جو بوجھ کڻڻو نه پوي؟
اهڙي پاڪستان لاءِ شايد نئين نقشي کان وڌيڪ نئين آئيني سوچ جي ضرورت آهي.
اقتدار ڪٿي هئڻ گهرجي؟ مرڪز وٽ يا وحدتن وٽ؟
جيڪڏهن جواب اهو آهي ته عوام جي ويجهو اقتدار وڌيڪ بهتر آهي، ته پوءِ رستو واضح آهي: Centralization کان Decentralization ڏانهن.
مرڪزي حڪمرانيءَ کان، گڏيل رضامنديءَ واري نظام ڏانهن.
۽ سنڌ لاءِ هن سڄي بحث جو هڪ واضح جواب ٿي سگهي ٿو:
سنڌ کي ورهائڻ سان مسئلا ختم نه ٿيندا؛ پاڪستان جي مرڪزيت گهٽائڻ، صوبن کي حقيقي خودمختياري ڏيڻ ۽ اختيارن کي عوام جي ويجهو منتقل ڪرڻ سان شايد پاڪستان کي ٽٽڻ کان بچائڻ جو هڪ نئون رستو کلي سگهي۔
سنڌ جو سوال، سنڌ کي ٽوڙڻ ناهي: پر سنڌ جو سوال، پاڪستان کي ڪهڙي آئيني معاهدي تي گڏ رکڻو آهي،
صوبا ٽوڙڻا ناهن ــ اختيار ورهائڻا آهن. سنڌ کي ڪمزور ڪرڻو ناهي، مرڪزيت جي اختيارات کي گهٽائي پاڪستان کي مضبوط ڪرڻو آهي.
مرڪز حاڪم نه، پرساٿي هجي،
صوبا ماتحت نه، پر شريڪ ڪار هجن، ۽ پاڪستان حڪم سان نه، رضامندي، برابري ۽ انصاف سان قائم رهي.
_________



