تاريخ، ثقافت ۽ آخري سفر جو تباهه ٿيل رستو: شڪارپور انتظاميا لاءِ هڪ سوال
شڪارپور ۾ قبرستانن، مندر ۽ مساڻن ڏانهن ويندڙ رستو انتظامي بيحسيءَ جو بدترين مثال بڻجي ويو. شڪارپور جي تاريخي سڃاڻپ کي رڳو ڪتابن ۾ محفوظ رکڻ ڪافي ناهي؛ ان تاريخ تائين پهچندڙ رستن کي به محفوظ، صاف، خوبصورت ۽ باوقار بڻائڻو پوندو. ڏسڻو اهو آهي ته هن نشاندهي کان پوءِ ضلعي انتظاميا، ميونسپل ادارا ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي حصي جو ڪردار ڪڏهن ادا ڪن ٿا؟ ڇا هن رستي جي کڏن ۾ وري مٽي وجھي عارضي حل ڳوليو ويندو، يا شڪارپور جي تاريخ، رهواسين ۽ مختلف مذهبي برادرين جي احترام ۾ هڪ پائيدار، جامع ۽ عملي بحاليءَ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو؟

نسيم بخاري
مختيارڪار آفيس ڀرسان ٺاروپور ؛ جيڪب آباد سکر روڊ يا چڻنگي مقام ويندڙ لنڪ روڊ انتھائي بدترين زبون حاليءَ جو شڪار آھي. کڏن، شھر جي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام نہ ھئن سبب شهرين سان گڏ ميتن کي به تڪليف ايندي رھي آھي. ٽن تاريخي قبرستانن، مساڻ ۽ مندر ڏانهن ويندڙ اهم رستي جي بحاليءَ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.
مهذب معاشرن جو تعارف ان ڳالهه سان ٿيندو آهي ته رياست پنهنجي شهرين جي روزمرهه جي زندگيءَ کي ڪيترو آسان، باوقار ۽ محفوظ بڻائي ٿي. ڪنهن شهر جون گهٽيون، رستا، پارڪ، قبرستان، عبادتگاهون ۽ عوامي هنڌ دراصل ان معاشري جي انتظامي شعور جو آئينو هوندا آهن.
دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اهڙا رستا ۽ علائقا خاص ڌيان سان سنواريا وڃن ٿا، جتي مختلف مذهبن، قومن، ذاتين ۽ ثقافتن سان تعلق رکندڙ ماڻهو آباد هجن. اهڙن هنڌن تي رياست ۽ مقامي انتظاميا جي ذميواري وڌي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اتي رڳو عام اچ وڃ نه، پر ماڻهن جون مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي ضرورتون پڻ لاڳاپيل هونديون آهن.

پر شڪارپور جي هڪ اهم ۽ مصروف علائقي ٺاروپور ۾ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي ٿي.
مختيارڪار آفيس ڀرسان لاڙائي محلي کان ويندڙ لنڪ روڊ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان زبون حاليءَ جو شڪار ٻڌايو وڃي ٿو. هن رستي تي وک وک تي کڏا، مٽيءَ جا دڙا، ڪچري جا ڍير ۽ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ نه رڳو شهرين جي اچ وڃ کي ڏکيو بڻائيندا آيا آهن، پر وقت جي حڪمرانن ۽ ضلعي انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ تي پڻ سنجيده سوال اٿاري پت وائکي ڪندا رهيا آهن.
مسئلو رڳو روڊ جي ڀڳل حالت تائين محدود ناهي. رستي جي وڏي حصي سان لاڳاپيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ڊرينيج نالي جي سهولت به ميسر ناهي. نتيجي ۾ برساتن يا گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو مناسب بندوبست نه هجڻ سبب رستي جي ڀرپاسي ڪني پاڻي جا تلاءَ ٺهي وڃن ٿا، جيڪي ماحولياتي گندگي، بدبوءِ، وبائي بيمارين ۽ آمدرفت جي تڪليفن ۾ اضافو ڪن ٿا.
هي رڳو روڊ ناهي، شهر جي تاريخ سان ڳنڍيل رستو آهي. هن روڊ جي اهميت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي، جو ان سان شڪارپور جا ٽي تاريخي قبرستان، مساڻ ۽ مندر لاڳاپيل آهن. يعني هي رستو شهر جي مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي ڏانهن ويندڙ اهم گذرگاهه پڻ آهي.
جڏهن ڪنهن خاندان جو ڪو پيارو دنيا مان لاڏاڻو ڪري ٿو ته ميت کي قبرستان تائين عزت ۽ احترام سان پهچائڻ هڪ مذهبي ۽ انساني ذميواري آهي. ساڳيءَ ريت هندو برادريءَ لاءِ به پنهنجن پيارن جي آخري رسمن لاءِ مساڻ تائين پهچڻ هڪ حساس ۽ جذباتي مرحلو هوندو آهي.
پر جيڪڏهن انهن آخري سفرن جي رستي ۾ کڏا، مٽي، ڪچرو ۽ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ موجود هجن ته سوال رڳو ترقيءَ جو نه، انساني وقار جو بڻجي وڃي ٿو.

سوچڻ جي ڳالهه اھا آهي ته جنهن وقت هڪ خاندان پنهنجي پياري جي وڇوڙي جو غم کڻي آخري سفر تي نڪري ٿو، ان وقت کيس وڇڙي ويل جي درد سان گڏوگڏ رستي جي کڏن، گندگي ۽ گندي پاڻيءَ سان به جنگ ڪرڻي پوي ته ان کان وڌيڪ افسوسناڪ صورتحال ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟
قبرستان رڳو تدفين جون جايون ناهن. قبرستان ڪنهن به شهر جي تاريخ جو زنده باب هوندا آهن. انهن ۾ رڳو ميتون دفن نه هونديون آهن، پر نسلن جون يادون، سماجي تاريخ، علم، ادب، تصوف، صحافت ۽ ثقافتي ورثو به محفوظ هوندو آهي.
ذڪر هيٺ آيل علائقي ۾ سبزي منڊي جي سامهون ۽ لاڙڪاڻي روڊ ڀرسان واقع قبرستانن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ڪيترين ئي اهم شخصيتن جون آخري آرامگاهون موجود هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ادب، صحافت، تصوف سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهن جي آخري آرامگاهن تائين پهچندڙ رستو جيڪڏهن بدحاليءَ جو شڪار هجي ته اهو معاملو ڪنهن هڪ آبادي يا چند ماڻهن جو ذاتي مسئلو نٿو رهي، پر شهر جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جو مسئلو بڻجي وڃي ٿو.

سنڌي صحافت جو باني مرزا مخلص علي علوي، صحافي نعمت الله ڀٽو ۽ صحافي امير بخش بروهي، تصوف ۽ ادب جا علمبردار شاعر غلام علي مسرور بدوي ۽ اديب خليل مورياڻي، سماجي شخصيت عبدالغفار صديقي ۽ سياسي شخصيت گلاب شاهه سميت ڪيترين ئي نامور شخصيتن جون آخري آرامگاهون به هتي موجود آهن.
شڪارپور جهڙي تاريخي شهر ۾، جنهن جي سڃاڻپ پنهنجي قديم تهذيب، علم، ادب، صوفياڻي روايتن ۽ مذهبي هم آهنگيءَ سان رهي آهي، اتي اهڙي اهم رستي جي ڏهاڪن تائين خراب حالت برقرار رهڻ انتظامي ترجيحن بابت سوال ضرور پيدا ڪري ٿي.
ڇا ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل بلدياتي ادارن کي هن رستي جي صورتحال جو علم ناهي؟
ڇا هن رستي جو فني سروي ڪرايو ويو آهي؟
ڇا ڊرينيج جي مسئلي جي مستقل حل لاءِ ڪو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي؟
۽ سڀ کان اهم سوال: جيڪڏهن رستي سان تاريخي قبرستان، مساڻ ۽ مندر لاڳاپيل آهن ته پوءِ انهن هنڌن تائين باوقار ۽ محفوظ رسائي فراهم ڪرڻ کي انتظامي ترجيح ڇو نه بڻايو ويو آهي؟
اهي سوال ڪنهن شخص، اداري يا انتظاميا کي نشانو بڻائڻ لاءِ نه، پر هڪ اهم عوامي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آهن.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ضلعي انتظاميا، ميونسپل ادارا ۽ لاڳاپيل کاتا گڏجي هن روڊ جو جامع فني سروي ڪرائين. رڳو کڏن ۾ مٽي وجهي عارضي طور تي مسئلو حل ڪرڻ بدران روڊ جي پائيدار تعمير، مناسب ڊرينيج، صفائي، اسٽريٽ لائيٽن ۽ رستي جي ڀرپاسي موجود قبرستانن ۽ عبادتگاهن تائين محفوظ رسائيءَ لاءِ مستقل منصوبو جوڙيو وڃي.
ان سان گڏ متاثر ٿيل تاريخي قبرستانن جي چوديوارين جي تعمير ۽ مرمت، داخلا رستن جي بهتري، صفائي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهميءَ تي پڻ ڌيان ڏنو وڃي. ڇاڪاڻ ته موت کان پوءِ انسان جي آخري آرامگاهه تائين پهچڻ جو رستو به زنده ماڻهن جي ذميواري آهي.
هي لکڻي ڪنهن سياسي الزام، ذاتي تنقيد يا اداري سان دشمنيءَ جي اظهار طور نه، پر هڪ اهڙي عوامي مسئلي جي نشاندهي طور ڏسڻ گهرجي، جنهن تي تُرت ڌيان جي ضرورت آهي.

شڪارپور جي ضلعي انتظاميا جيڪڏهن هن روڊ جو دورو ڪري، صورتحال جو جائزو وٺي ۽ لاڳاپيل ادارن کي واضح هدايتون جاري ڪري ته شايد هڪ ڊگهي عرصي کان نظرانداز ٿيل مسئلي جو حل نڪري سگهي ٿو.
هڪ سٺو رستو رڳو گاڏين جي اچ وڃ آسان نٿو ڪري؛ اهو شهرين کي سهولت، حفاظت ۽ وقار ڏئي ٿو ۽ جڏهن اهو رستو قبرستانن، مساڻن ۽ عبادتگاهن ڏانهن وڃي رهيو هجي ته ان جي اهميت ٻيڻي ٿي وڃي ٿي.
شڪارپور جي تاريخي سڃاڻپ کي رڳو ڪتابن ۾ محفوظ رکڻ ڪافي ناهي؛ ان تاريخ تائين پهچندڙ رستن کي به محفوظ، صاف، خوبصورت ۽ باوقار بڻائڻو پوندو.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن نشاندهي کان پوءِ ضلعي انتظاميا، ميونسپل ادارا ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي حصي جو ڪردار ڪڏهن ادا ڪن ٿا؟
ڇا هن رستي جي کڏن ۾ وري مٽي وجھي عارضي حل ڳوليو ويندو، يا شڪارپور جي تاريخ، رهواسين ۽ مختلف مذهبي برادرين جي احترام ۾ هڪ پائيدار، جامع ۽ عملي بحاليءَ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو؟
اهو فيصلو انتظاميا جو آهي، پر انتظار انهن ماڻهن جو آهي، جيڪي روز هن رستي تان گذرن ٿا ۽ انهن خاندانن جو به، جيڪي پنهنجن پيارن کي آخري سفر تي هن ئي رستي تان وٺي وڃڻ تي مجبور آهن.
________________
نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



