حد کان وڌيڪ گرم ٿيندڙ نظام: موسمياتي تبديليءَ جا سبب ۽ بحران خلاف اسان جو اختيار
اسان قدرتي ڦيرن تي اثرانداز نٿا ٿي سگهون، پر انسان ذات جي پيدا ڪيل سببن تي ضرور ضابطو آڻي سگهون ٿا

ڊاڪٽر حسن حميده لکي ٿو
ڪِيل، جرمني: عالمي موسم ضابطي کان ٻاهر نڪري رهي آهي. صديءَ ۾ هڪ ڀيرو ايندڙ ٻوڏون، مهينن جا مهينا هلندڙ ڏڪار، ۽ گرميءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيندڙ لهرون هاڻي محض انگن اکرن جي معمولي ڦيرڦار ناهن؛ اهي اسان جي ڌرتيءَ تي ايندڙ هڪ تمام وڏي تبديليءَ جون علامتون آهن.
انهن شديد موسمي حالتن جي شدت کي سمجهڻ ۽ انهن کي اثرائتي انداز ۾ روڪڻ لاءِ، اسان کي موسمياتي تبديليءَ جي ٻن بنيادي سببن جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ انهن طريقن کي به ڏسڻو پوندو جيڪي فرد توڙي سماج جي حيثيت سان اسان جي هٿ وس آهن.
قدرتي بمقابله انساني سبب: هڪ ٻئي تي اثر
ڌرتيءَ جي موسم ڪڏهن به هڪ جهڙي ناهي رهي. لکين سالن کان وٺي هيءَ قدرتي عنصرن کان متاثر ٿيندي رهي آهي. انهن ۾ سج جي چوڌاري ڌرتيءَ جي گردش جي لنگهه ۾ ايندڙ معمولي تبديليون (جنهن کي ملانڪووچ سائيڪلز چيو وڃي ٿو)، سج جي روشنيءَ ۽ توانائيءَ ۾ دورانياتي ڦيرڦار، ۽ وڏا آتش فشان ڦاٽڻ شامل آهن، جيڪي فضا جي مٿئين تھ ۾ رک ۽ گندرف جون گئسون ڦهلائي عارضي طور موسم کي ٿڌو ڪري ڇڏيندا آهن. پر اهي قدرتي عمل عام طور تي هزارين يا لکين سالن ۾ ظاهر ٿيندا آهن.
ان جي برعڪس، انساني سبب بلڪل مختلف آهن – ۽ حقيقت ۾ اڄوڪي تيز رفتار تبديليءَ جو اصل ڪارڻ اهي ئي آهن. صنعتي انقلاب جي شروعات کان وٺي، انسان ڪوئلو، تيل ۽ قدرتي گئس جهڙا فوسل فيول (معدني ٻارڻ) بي انتها پيماني تي ساڙي رهيو آهي.
هن عمل دوران خارج ٿيندڙ گرين هائوس گئسون ڌرتيءَ جي فضا جي چوڌاري هڪ مصنوعي چادر وانگر وڪوڙجي وڃن ٿيون. اهي سج مان ايندڙ ننڍين لهرن واري روشنيءَ کي ته لنگهڻ ڏين ٿيون، پر ڌرتيءَ جي ڊگهين لهرن واري گرميءَ کي واپس خلا ۾ وڃڻ کان روڪين ٿيون.
گرين هائوس اثر ۾ هن اضافي سبب سموري موسمياتي نظام ۾ بي انتها توانائي گڏ ٿي وڃي ٿي، جيڪا پوءِ خوفناڪ طوفانن ۽ گرميءَ جي انتها جي صورت ۾ ٻاهر نڪري ٿي.
انفرادي ڪردار: هڪ اڪيلي ماڻهوءَ جي طاقت
هن بحران جي عالمي سطح اڪثر ڪري ماڻهن ۾ بي وسيءَ جو احساس پيدا ڪندي آهي. ان هوندي به، انفرادي فيصلن جو گڏيل نتيجو وڏي طاقت رکي ٿو. ان اثر کي گهٽائڻ جي شروعات هر فرد جي روزاني زندگيءَ مان ٿئي ٿي، خاص طور تي ھيٺين ٽن اهم شعبن ۾:
خوراڪ جي پيداوار، خاص ڪري گوشت ۽ کير جون شيون، وڏي پيماني تي ميٿين گئس جي اخراج جو سبب بڻجن ٿيون. ٻوٽن تي ٻڌل ۽ مقامي خوراڪ ڏانهن شعوري رجحان هڪ فرد جي پنهنجي ڪاربان جي اخراج کي تمام گهڻو گهٽائي ڇڏي ٿو.
ٿوري گھڻي فاصلي لاءِ گاڌين جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ ۽ عوامي سوارين، سائيڪل يا برقي گاڏين (اليڪٽرڪ گاڏين) جو استعمال ٽرانسپورٽ جي شعبي مان سڌوسنئون نڪرندڙ دونهين کي گهٽائي ٿو.
سچ پچ ماحول دوست (گرين) بجليءَ جي چونڊ ڪرڻ، گهرن کي اهڙي نموني ٺاهڻ جنهن سان توانائي ضايع نه ٿئي، يا بجلي ۽ هيٽنگ جو ذميواراڻو استعمال – اهي عمل مين گرڊ تان بار گهٽائين ٿا ۽ فوسل فيول جي گهرج ۾ گهٽتائي آڻين ٿا.
گڏيل جدوجهد جي طاقت
جتي انفرادي ڪوششون ذاتي سطح تي اخراج کي گهٽائين ٿيون، اتي گروهي ۽ سماجي ڪوششون پوري ڍانچي کي تبديل ڪن ٿيون. هڪ گڏيل طاقت طور گڏجي ڪم ڪرڻ سان ئي اسان نظام جي تبديليءَ لاءِ ضروري دٻاءُ وجهي سگهون ٿا.
شهرين جون گڏيل تنظيمون وڏين انرجي ڪمپنين تي ڀاڙڻ کان سواءِ، مقامي سطح تي ھوا (ونڊ) ۽ شمسي توانائيءَ (سولر سسٽم) کي هٿي وٺرائين ٿيون. شهري تحريڪون بنا گاڏين وارن علائقن، وڌيڪ ساوڪ وارن علائقن، ۽ ”اسپنج سٽي“ (اهڙا شهر جيڪي برسات جي پاڻيءَ کي پاڻ ۾ جذب ڪري سگهن) جهڙن تصورن لاءِ جدوجهد ڪن ٿيون ته جيئن ٻوڏن جو خطرو نه رهي.
ماحولياتي تنظيمن پاران ڪيل قانوني ڪيسن، عوامي احتجاجن، يا مھمن واري عمل ذريعي دٻاءُ وجهڻ. اها ڪاربان تي سخت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، فوسل فيول تي ملندڙ سبسڊيون ختم ڪرڻ، ۽ پائيدار بنيادي ڍانچي ۾ وڏي پيماني تي سيڙپ جي گڏيل گهر ئي آهي جيڪا قانون سازي ڪندڙن کي عملي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ٿي.
موسمي شدت ۽ موسمياتي تبديليءَ کي روڪڻ ڪو اهڙو معاملو ناهي جنهن ۾ ڪنهن هڪ واٽ جي چونڊ ڪجي. اسان قدرتي ڦيرن کي ته نٿا بدلائي سگهون، پر انسان ذات جي پيدا ڪيل سببن تي ضرور قابو پائي سگهون ٿا.
هن ڪوشش ۾، انفرادي ۽ اجتماعي ڪوششون پاڻ ۾ ايئن ڳنڍيل آهن جيئن مشين جا ڦيٿا. فرد جي خريداريءَ جون بدليل عادتون پائيدار شين لاءِ مارڪيٽ پيدا ڪن ٿيون، جڏهن ته تنظيمن ۽ گروهن جو بلند آواز حقيقي ماحولياتي تحفظ لاءِ سياسي راهون هموار ڪري ٿو. رڳو ان ٻطرفي حڪمت عمليءَ سان ئي اسان پنهنجي ڌرتيءَ کي حد کان وڌيڪ گرم ٿيڻ کان روڪي هڪ برداشت جوڳي سطح تي رکي سگهون ٿا.
____________

حسن حُميدھ، جرمني
ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري دِي ايشيا اين جي انگريزي سروس جي ٿورن سان



