حيف اٿئي، تون رات جي اونداهيءَ ۾ مٽي ماتا جو سودو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهين !!
سياست جي ميري آرسي ۾ توکي پنهنجي تصوير نظر نه ايندي . پر عوام جون اکيون تنهنجي منهن جي ڪوڙه کي ڏسي رهيون آهن. دريا خان صدين پڄاڻان وري ٻڏندڙ سنڌي ماڻهن جا ميڙا تنهنجي پيرانديءَ پهتا آهن .

دل جي نوٽ بڪ تان
ڀارومل امراڻي
*هاليجي ڍنڍ تي آيل پرديسي پکي آئون تنهنجي لاءِ دعا گهري رهيوآهيان ، ته تنهنجي هي ڊگهي ڳچي ، فطري سونهن ، نيڻن جا ڊگها ڇپر ڪنهن فائر ۾ رک نه ٿين ، تون پوري سلامتي سان پنهنجي اباڻي خطي پهچي سگهين .
* منهنجا همعصر تو ڪڏهن لاڙ ۾ سورج مکيءَ جي فصل تي اڀرندڙ سج کي ڏٺو آهي !؟ زندگي جي تخليق ۽ تشريح کي تون ڇا سمجهي سگهندين …!
* نه بهار آيو نه ڌرتي سرخ ٿي ، ٻارهوئي پن ڇڻ جي رت رهي ، اي منهنجا دوست تنهنجي آجيان جي لاءِ خالي هٿن جي اچڻ جي بدران آئون پيلا پن ميڙي کڻي آيو آهيان .
* نريڙي ڍنڍ جا رهواسي پوڙها تون مان انهن منجهان آهيون ، جن جي نسل در نسل جو هن ڪائنات جي خوبصورتي ۽ شين جي جوڙجڪ ۾ رت ۽ ست شامل آهي .
*آئون ٺٽي جي گلين ۾ سارنگ سهتي کي ڳولي رهيو آهيان ۽ تون دريا خان جي گهوڙي جي ٽاپ ٽاپ ڪٿان ٻڌين ٿو !!
* دريا خان صدين پڄاڻان وري ٻڏندڙ سنڌي ماڻهن جا ميڙا تنهنجي پيرانديءَ پهتا آهن .
* ڪاش تون اڄ ملين ها آئون ائين نه روئان هان .تنهنجو جنم پيار جو آبشار آهي پرآئون اڃيو ۽ اداس موٽي رهيو آهيان *ڀنڀور جي ڀڙي تي پراڻو ٽٽل چوڙي جو ٽڪرو کڻندي اکيون ڀرجي آيون ….. ڪنهن جنم ۾ پاڻ هتي مليا هئاسين ، تنهنجي ٻانهن مروڙ ڪندي مون کان تنهنجون چوڙيون ٽٽيون هيون جيڪي اڄ آئون ميڙي رهيو آهيان .
*مون کي ڍونڍ جا نه پر ڍنڍ جا پکي وڻندا آهن
* جڏهن ماڻهوءَ جي من ۾ وحشت جاڳندي آهي تڏهن سوچ سمهي پوندي آهي، اقتدار احساس کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي . منهنجا مالڪ مون کي وحشت جي جاڳ ۽ اقتدار جي حرس ٻنهي کان پناه ۾ رکجان .
* روز تارا منهنجي مقدر تي طنزيه مرڪون مرڪن ٿا ، مون توکي پنهنجي اکين ۾ سهڻي سپني وانگر سمايو هو ، پر اهو سپنو سپنو ئي رهيو ، پنهنجي ساڀيا کان گهڻو پري …..!!
* مسافر ننڊي کنڊ جي هن پر اسرار سر زمين تي جيڪڏهن توکي نج نبار حب الوطني ۽ بين القوامي رواداري جو سڀاءُ ڏسڻو آهي ته منهنجي سنڌڙي جي ڳوٺ روحل واءِ ڏي هليو اچ ، جتي جهور پوڙهن کان وٺي معصوم ٻارن تائين سمورو راڄ انسان ذات جي لازوال ڪهاڻين تي ڳالهائيندي ۽ مذهبي تفرقي بازي ۽ تعصب کان پرهيز جو پيغام ڏيندي ملندو .
* هڏيرو ڍنڍ تي مهاڻي نينگري پنهنجي چنري جي پلي سان ڏيئو وسائيندي ڪنهن کي پنهنجي اک جي اشاري سان جهوپڙي اندر اچڻ جو چيائين ته مون کي تون گهڻو ياد آئين …..
* اسين اهي فقير تن ۽ من وارا ماڻهوآهيون جن کي ڌن دولت جي بدران سانورين جو قرب ۽ شاعري جا ڪتاب ٿا گهرجن.
* مڪلي کي ماٺ رهڻ ڏي ، سانوري تنهنجي پيرن ڇهاءُ سان پٿر پٿر جاڳي پوندو …….!
* اي منهنجا ديس و اسي ! آئون پنهنجو سمورو پورهيو مٽي ماتاجي لاءِ ڪري رهيو آهيان ۽ تون مون کي ڌڪاري رهيو آهين .! * ڄام تماچي جي مقبري تي پره ٽاڻي پکين جي ٻولي روي شنڪر جي ستار کان مٺي هوندي آهي.
* ڄام نظام الدين تنهنجي روايت سنڌ اڃان مڪمل وساري نه سگهي آهي ، سنڌ ۾ اڃان ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تو جيان پنهنجي سواري تي هٿ ڦيريندي دعا گهرندا آهن ته مالڪ اهڙو ڏينهن نه آڻجان جو اسين انهي تي سوار ٿي ڪنهن جو بي ڏوهي خون وهايون ياڪنهن سان ناانصافي ڪريون .
* دودو جنگ جي ميدان ۾ به گجرن کي گولي حوالي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو، حيف آهي تون رات جي اونداهيءَ ۾ مٽي ماتا جو سودو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهين !! * سياست جي ميري آرسي ۾ توکي پنهنجي تصوير نظر نه ايندي . پر عوام جون اکيون تنهنجي منهن جي ڪوڙه کي ڏسي رهيون آهن.
* چيائين تنهنجي مون سان ڪيتري محبت آهي ، چيم اهو چپن سان نه پر چمين سان اظهاري سگهان ٿو.
* ڇا گل مان اها خوشبوءِ اچي سگهي ٿي جيڪا تو ۾ آهي ، ڇا رات اهڙي گهاٽي ڪاري ٿي سگهي ٿي ، جهڙا تنهنجا ڪارا گهاٽا وار آهن ، ڇا تنهنجي سونهن تي ائين ڪير لکي سگهي ٿو جيئن مون خون سان لکيو آهي ، منهنجو هر نظم سرخ آهي منهنجي شاعري جو رنگ ڳاڙهو آهي .تنهنجي سونهن ۽ منهنجي شاعري ٻئي منفرد آهن .
* منهنجي جانان پورو چنڊ بادلن سان ڍڪجي وڃي پر آئون تنهنجي گهٽي ڳولي وٺندس ، مون وٽ تنهنجي هر ياد يازي تواني آهي . *سڪندر اعظم سنڌ فتح ڪري ٿر جي هڪ جهوپڙي ۾ ستل پوڙهي جهور کي لت هڻندي چيو: اُٿ آئون تنهنجي ڌرتي فتح ڪري چڪو آهيان ، پوڙهي انتهائي پيڙ جي عالم ۾ اٿندي چيو ته علائقا فتح ڪرڻ بادشاهن جو ڪم آهي ۽ لتون هڻڻ جانورن جو ،شايد دنيا ۾ بادشاه مري ويا آهن ……..!!
* تنهنجو ملڻ حسن اتفاق آهي يا لوح محفوظ ۾ اڳيئي لکيل هو ، مون پنهنجي زندگي کي موڙ ڏئي تو تائين آندو آهي يا وقت اهو موڙ ڏنو آهي جنهن تي تون مون سان ملي آهين
* منهنجا همعصر سون چاندي ميڙڻ جي هٻڇ کي ڇڏي پنهنجي ضمير کي قلعي ڪراءِ ڏاڍوزنگجي چڪو آهين .
* منهنجا همعصر توتي منهنجي ڪائي ميار نه آهي هر حاسد بي ديدو هوندو آهي !!
*گهوڙي سوارن جي گيتن سان ٿر جا ڏهر گونجي اٿيا آهن ، ڀٽ جي رستي ڏانهن کيهه ٿي رهي آهي ، سنڌ جا سالار گڏ ٿي رهيا آهن ڪيڏو وڻندڙ نظارو آهي ، لورڪا تو اسپين جي لاءِ رڳو پنهنجي اکين ۾ سپنو سرجيو هو ، آئون ساڀيا جي لاءِ سينو تاڻي رهيو آهيان .
* تنهنجي محبت مون کي زندگي سان پيار سيکاريو آهي ، زندگي جي هر تلخي مون کي قبول آهي .
*کٿي ۾ کيهه کانسواءِ ڪجهه نه آهي پوءِ به جيئڻ جي آس آهي ، اباڻي ديس جي مٽي رت ۽ ست کان وڌيڪ پياري آهي .
* منهنجي جانان تنهنجي ڳاڙهن ڳلن ، ڪارن زلفن ۽ حسين اکين کان اڳتي ويندي منهنجو عشق انتهائي ڳجهو ۽ گهرو ٿي وڃي ٿو ، دلداري جي دنيا جا هزارين نقطا جڙن ٿا ، بک ۽ ڏک هوندي به اباڻو ديس مٺو ۽ سٺو لڳي ٿو .
*جانان جڏهن منهنجون اکيون تنهنجي اکين سان ملن ٿيون ، جڏهن منهنجا هٿ تنهنجي وارن ۾ ڦرن ٿا ، جڏهن تنهنجي بدن مان ڪائي انوکي خوشبوءِ اچي ٿي ،تڏهن منهنجي من ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي ،ٿڌا ساه …، منهن ڳاڙهو….هٿن جون تريون پگهريل….، رڳن ۾ رت تيزڊوڙي ٿو….پورو جسم رڦي ٿو ، پر پوءِ به اها ڪيفيت وڻي ٿي .دل انهي ڪيفيت جي لاءِ ماندي رهي ٿي، * انسان جي اڪثريت خطرناڪ .حد تائين هٻڇي ۽ تشدد پسند آهي يا انتهائي ڪونپل ڪچي پيار پسند آهي. نتيجي تي پهچڻ کان اڳ ۾ اکيون ڀرجي آيون.
* تهذيب انسان کي اخلاق سيکاريندي آهي اسين موئن جي دڙي جا وارث آهيون .پنهنجي ماء ،ڌي ۽ ڀيڻ کي ڪاري ڪري ماريندڙ ڪهڙي قوم جا فرد آهن !؟
* سنڌي اديبن جي اڪثريت ڪوڙ جي ڪلس تي سونو پاڻي چاڙهيندڙ آهي ،
* ٿر جا لوڪ راڳي جڏهن ڳائيندا آهن تڏهن ستارا جهڪي آڱريون چمندا آهن ۽ چنڊ انهن جي چرڻن ۾ هوندو آهي .
___________________

ارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.



