Editor's pickMain Slideثقافت

شيخ اياز: ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر ۽ عالمي اُفق تي ڇانيل ماٺ جو الميو

ناليواري اديب رکيل مورائيءَ جي تازو ڇپيل ڪتاب ”شيخ اياز، ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر“ جي پسمنظر ۾، سنڌي ادب جي مها ڪوي شيخ اياز جي عالمي مڃتا ۽ اسان جي ادبي ادارن جي بي حسيءَ جو هڪ معروضي تجزيو.

نصير اعجاز

ناليواري اديب ۽ شاعر رکيل مورائيءَ جو سھيڙيل ۽ تازو ڇپيل ڪتاب ”شيخ اياز، ننڍي کنڊ جو وڏو شاعر“ منهنجي آڏو آهي. هيءُ عنوان اهڙو آهي، جو ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ئي دل ۽ دماغ جي گهرائين ۾ پيھي ويو. اهو عنوان جو جادُو آهي يا منهنجي من اندر ڪافي وقت کان هلندڙ اُڻتڻ، تہ ھڪ وڏي رُتبي واري شاعر ۽ اديب شيخ اياز کي عالمي سطح تي ڇو اُھا مڃتا ڪانہ ملي جنھن جو ھُو مُستحق ھو ۽ آھي.

منھنجو مشاھدو آھي تہ پرڏيھي اديبن جي لکڻين ۾ سنڌ جي ڪنھن اديب يا شاعر جو حوالو ورلي ملندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو ورلي ھوندو بہ تہ رڳو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، جنھن تي بہ جيڪڏھن  ايڇ ٽي سورلي ۽ اينميري شِمل جھڙن ٻاھرين عالمن ڪم نہ ڪيو ھجي ھا تہ اڄ ڀٽائي بہ سنڌ جو ھڪ گمنام شاعر ھجي ھا. ان پسمنظر ۾ سنڌي ادب جي عالمي سڃاڻپ توڙي ڀٽائي، سچل سامي ۽ شيخ اياز تي ٻاهرين دنيا ۾ ٿيل ڪم جو هڪ معروضي تجزيو ڪرڻ ضروري آھي. ممڪن آھي تہ منھنجي انھيءَ خيال سان ڪو متفق نہ ھجي، پر منھنجو خيال اھوئي آھي، جنھن لاءِ مون وٽ ڪي دليل آھن، جن سان مان شايد پنھنجو نقطئہ نظر واضح ڪري سگھان.

اسان جو ڪو جھونو يا نوجوان ليکڪ جڏھن بہ ڪجھ لکڻ ويھي ٿو تہ جيستائين پرڏيھي ناميارن ليکڪن جا حوالا نہ ڏئي، تيستائين سمجھندو آھي تہ سندس ۽ ليک جو پڙھندڙن تي رعب ڪونہ ويھندو. ھاڻي انھيءَ مثال کي ذھن ۾ رکندي پاڻ کان سوال پُڇجي تہ ڇا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اُتان جا ليکڪ (انڊيا يا ٻين ملڪن ۾ آباد سنڌين کي ڇڏي) پنھنجي لکڻين ۾ سنڌ جي اديبن شاعرن جا حوالا ڏيندا آھن؟ جواب ملندو تہ نہ. بلڪل ساڳي صورتحال، دنيا جي مختلف يونورسٽين ۾ ريسرچ اسڪالرن جي آھي، جن کي سنڌي عالمن اديبن ۽ شاعرن جي ڪا بہ خبر ڪانھي. (منھنجي ھن ڳالھ کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوبہ مھربان ڪو ھڪ اڌ مثال نہ ڏئي، ڇو تہ اھو اٽي ۾ لُوڻ برابر واري پُراڻي مثال تي بہ پورو ڪونہ ايندو). مان انھيءَ صورتحال، يعني عالمي سطح تي اسان جي قومي شاعرن ۽ اديبن جو نالو نہ ھجڻ جي ڪارڻن تي بہ لکندس، پر پھرين ھن ڪتاب جو تعارف ڪرايان.

رکيل مورائيءَ جو مُرتب ڪيل ھيءُ ڪتاب اصل ۾ شيخ اياز بابت 44 سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي لکيل مضمونن جو ڳُٽڪو آھي، جيڪي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ آباد ھئا، جن مان ڪي تہ حيات آھن.  چوئيتاليھ اديبن جا نالا ھتي لکڻ بدران بس ايترو چوندس تہ اھي سڀ سنڌي ادب جا تمام وڏا نالا آھن. سھيڙيل مضمون شاھدي ڏين ٿا ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر به اياز جي فڪر جي خوشبوءِ ڪيتري گهري آهي. اِھو ئي مُکيہ نقطو آھي منھنجي سوچ جو.

انڊيا جي اسان جي ناليواري ليکڪا ساز اگروال تازو لکيو تہ 1947 واري ورھاڱي پنجاب ۽ بنگال کي جاگرافيائي طور ورھائي ڇڏيو. سنڌ اھڙي ورھاڱي کان تہ بچي وئي، پر ان ورھاڱي سنڌ جي ڪلچر۽ ٻوليءَ کي ورھائي ڇڏيو. سندس اھو نقطو نھايت اھم آھي جنھن کي بنياد بنائي مان چوندس تہ ورھاڱي سنڌي ادب کي ٻن جاگرافيائي وهڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪڙو وهڪرو سنڌ ۾ رهيو ۽ ٻيو هندستان سميت سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو. سنڌين جي هن عالمي ڊائيسپورا سنڌي ادب کي زنده رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، پر ان جي باوجود هڪ وڏو الميو اهو رهيو ته هيءُ ادب غير سنڌي عالمي پڙهندڙن تائين پهچڻ بدران پنهنجي ئي برادريءَ اندر گردش ڪندو رهيو ڇو تہ سندن لکيل ادب انگريزي يا ٻين ٻولين ۾ گھٽ ترجمو ٿيو. ڪي ڪتاب سنڌي ادب بابت انگريزيءَ ۾ بيشڪ لکيا ويا، پر اُھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آھن. انھيءَ پس منظر ۾ چئي سگھجي ٿو تہ ھن ڪتاب جي چوئيتاليھ اديبن شاعرن جا سنڌيءَ ۾ لکيل  مضمون پڙھڻ وارا بہ صرف سنڌي آھن. يعني ڳالھ تہ گھر جوگھر ۾ رھي. پر انھيءَ ھوندي بہ رکيل مورائي جَسُ لھڻي جو انڊيا، دبئي ۽ ٻين ھنڌن تي آباد ليکڪن جا ليک سھيڙي ورتائين، نہ تہ سنڌ ۾ رھندڙ اڪثر پڙھندڙن کي تہ انھن ليکڪن ۽ سندن  ليکن جي خبر بہ ڪانہ پوي ھا.

انھن سمورن ناليوارن شاعرن ۽ اديبن شيخ اياز کي ھالار جبل جيڏو مھا ڪوي سڏيو آھي. مونکي جيڪا ٿوري گھڻي معلومات ملي آھي، انھيءَ موجب شيخ اياز کي اڳوڻي سوويت يونين ۽ ھاڻوڪي روس ۾ اھميت ملي ھئي. انھيءَ جو ڪارڻ ھيءُ ھو تہ شيخ اياز عالمي ترقي پسند تحريڪ جو هڪ سرگرم حصو هو. سندس فڪر تي روسي انقلاب، لينن جي نظرين، ۽ روسي ڪلاسيڪل ادب جا گهرا اثر هئا. اهو ئي ڪارڻ ھو جو سوويت يونين جي علمي حلقن ۾ اياز جي فن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.

سوويت يونين جي دور ۾ ماسڪو ۽ لينن گراڊ (هاڻوڪو سينٽ پيٽرسبرگ) ۾ مشرقي ٻولين جي تحقيقي ادارن شيخ اياز کي سنڌ جو وڏو ترقي پسند ۽ عوامي شاعر قرار ڏنو ھو. مشھور انڊولاجسٽ ايگور سيريبرياڪوف (Igor Serebryakov)  پاڪستاني ۽ سنڌي ادب تي گهڻو ڪم ڪيو. هن پنهنجي ڪتاب Literature of Pakistan ۾ اياز جي شاعريءَ جي فڪري گهرائيءَ جو ذڪر ڪندي کيس ايشيا جي وڏن ترقي پسند شاعرن ۾ شمار ڪيو ۽ سندس مجموعي ”ڀونئر ڀري آڪاس“ جي انقلابي پهلوئن کي روسي پڙهندڙن آڏو متعارف ڪرايو. اھڙي طرح  ھڪ ٻئي محقق اليڪسي سُخوچوف (Alexei Sukhochev)  پنهنجن مضمونن ۾ شيخ اياز جي رومانوي ۽ انقلابي شاعريءَ جي ميلاپ کي نئين سنڌي شاعريءَ جو روح قرار ڏنو. 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪن ۾، ماسڪو جي معتبر ادبي رسالن جهڙوڪ Foreign Literature ۽ Aziya i Afrika Segodnya۾ فيض احمد فيض سان گڏ شيخ اياز جي وائين، نظمن ۽ گيتن جا روسي ترجما شامل ڪيا ويا، جيڪي ريڊيو ماسڪو تان پڻ نشر ٿيندا هئا. شيخ اياز پاڻ پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر!“ ۽ ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ سوويت يونين جي اديبن پاران مليل خطن ۽ عالمي امن ڪانفرنسن ۾ سندس شاعريءَ جي گونج جو ذڪر ڪيو آهي.

1991ع کان پوءِ روس ۾ شيخ اياز تي ريسرچ نظرياتي دائري مان نڪري خالص ادبي ۽ لسانياتي بنيادن تي ٿيڻ لڳي. ماسڪو جي انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نتاليا (Dr. Natalia Prigarina) شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود صوفي رنگ ۽ شاهه لطيف سان سندس فڪري ناتي تي اهم مقالا لکيا. ھڪ ٻي وڏي محقق ڊاڪٽر لدميلا وسيليوا (Dr. Ludmila Vasilyeva) شيخ اياز جي ڀيٽ روسي شاعرن سان ڪندي لکيو ته:”شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر پشڪن جهڙي رواني ۽ ماياڪوفسڪي جهڙو انقلابي گرجدار آواز گڏ نظر اچي ٿو. “

جڏھن سوويت يونين موجود ھو، تڏھن تاجڪستان ۾ بہ شيخ اياز جي شاعريءَ جا ترجما روسيءَ سان گڏ تاجڪ ٻوليءَ ۾ پڻ ٿيا هئا، ۽ دوشنبي جي ادبي حلقن ۾ کيس وڏي عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو هو.

برطانيا جي محقق پروفيسر ڪليئر مڪليرڊ (Claire MacLeod) پڻ سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعري ۽ شيخ اياز جي فڪر تي ڪجهہ تحقيقي مقالا لکيا آهن. ممڪن آھي تہ ھڪ اڌ ڪنھن ٻئي ملڪ، خاص طور يورپي ملڪ ۾، شيخ اياز تي ڪو ٿورو گھڻو ڪم اڳي ٿيو ھجي. گُوگل تي گھڻي ڳولا جي باوجود مونکي وڌيڪ ڪجھ نہ مليو آھي. بنا تفصيلن جي صرف ايتري ڄاڻ ملي تہ فرانس ۽ جرمنيءَ بہ شيخ  اياز تي انفرادي طور ڪجھ ڪم ٿيو ھو. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس  بہ شعيب منصور جو ترجمو ڪيل ڪتاب “The Inward Echo” ڇپيو آهي. انھي کان وڌيڪ، ٻين سڄڻن وٽ جيڪڏھن ڪا معلومات ھجي تہ ضرور ونڊين، جيئن پڙھندڙن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ٿئي.   

ھاڻي مان ڦري گھري وري انھيءَ سوال تي ايندس تہ ڇو شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل، سامي، شيخ اياز ۽ اسان جا ٻيا وڏي پائي جا شاعر ۽ اديب دنيا جي نظرن کان اوجھل آھن؟ اسان جي شاعرن کي رومي، خيام يا حافظ جهڙي عالمي شهرت ڇو نہ ملي سگهي آھي؟  مان ان ڏس ۾ ڪجھ بنيادي ڪارڻ بيان ڪندس.

سنڌ توڙي پاڪستان حڪومت وٽ ڪڏھن بہ سنڌي ادب کي عالمي سطح تي پيش ڪرڻ لاءِ ڪا به منظم حڪمت عملي ناهي رهي. دنيا جي ٻين ملڪن جو، يا رُڳو پاڙيسري ملڪ  ايران جو ئي مثال وٺون، جنهن نموني ھنن پنهنجي ثقافتي ادارن ذريعي حافظ ۽ روميءَ کي عالمي سطح تي پيش ڪيو، اسان جي ادارن ڪڏھن بہ  اهڙي ڪوشش ئي نه ڪئي. سنڌ ۾ اھو ڪم يا ذميواريون  جڳاڙ جي نظر ٿي ويون آهن. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ڀٽائي چيئر ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم آهي ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سچل چيئر بہ آھي تہ شيخ اياز چيئر بہ. اھڙي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم چيئرز جي ڪارڪاردگيءَ جو بہ جائزو وٺو. انھن سڀني جي ڪارڪردگي ٻُڙيءَ برابر آهي. اهي ادارا عالمي يونيورسٽين سان  ٺاھ ڪرڻ ۽ ٻاهرين شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي، لطيف، سچل يا  اياز تي پي.ايڇ.ڊي ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن. ھنن ڪڏھن بہ  شيخ اياز جا ڪتاب يا مٿس لکيل ڪتاب انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۽ لائبريرين کي ڪونہ موڪليا آھن.  سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جا ڪرتا ڌرتا بہ  رڳو ڪتاب ڇپائي گُدامن ۾ رکڻ کي ئي خدمت سمجهن ٿا. وٽن ڊجيٽل ويزن جي سخت کوٽ آهي.

اسان جي بدقسمتي ھيءَ آھي تہ ھتي ادب تي ڪم ڪرڻ، ريسرچ ڪرڻ، ترجما ڪرڻ ۽ پنھنجي ادب کي ٻاھرين دنيا تائين پھچائڻ کي هڪ غير پيداواري عمل  ۽ اضافي ۽ غير ضروري خرچ سمجھيو ويندو آھي، جنهن ڪري حڪومت ان ڏس ۾ ايترا فند رکندي ئي ڪانھي. وري ڪي فند رکيا بہ وڃن ٿا تہ اسان جي ادان تي ڇانيل ادبي توڙي غير ادبي ڪامورا اُھي فند ايئن ڳڙڪائي وڃن ٿا جو اوڳرائي بہ نٿا ڏين.

سنڌي ادب جي ترجمن کي اسان جي ادارن مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي ثقافت کاتي جو ئي مثال وٺون. گذريل ڪجھ ورھين ۾ پُراڻا ڇپيل ڪتاب ٻيھر غير معياري نموني ڇپرائي ڪن ماڻھن کي مالي فائدو تہ ڏنو ويو، پر معياري ترجما ڪرائي، يا اڳ ئي موجود معياري ترجمن کي ٻاھرين دنيا تائين پھچائڻ جو ڪم بنھ ڪونہ ڪيو ويو.

ڳالھيون تہ گھڻيون آھن، پر ڳالھ کي کُٽائيندي آخر ۾ لاڳاپيل حڪومتي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ قائم چيئرز کي تجويز ڏيندس تہ پنھنجي بجيٽن جو صحيح استعمال ڪندي شيخ اياز تي مرتب ڪيل ھن ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائي دنيا جي مختلف يونيورسٽين جي لائبريرين توڙي ٻين عالمي لائبريرين ڏانھن موڪلين. ھاڻي تہ شڪارپور ۾ شيخ اياز يونيورسٽي قائم ٿي آھي، جنھن تي ان ڏس ۾ وڏي ذميواري اچي ٿي. اھي سمورا ادارا ھڪ جامع پاليسي جوڙي حڪومت کان فند وٺي مستقل بنيادن تي سنڌي ادب جا ترجما ڪرائي عالمي سطح تي موڪلين. وفاقي سطح تي بہ حڪومت جي ذميواري آھي تہ اھا پنھنجي سفارتخانن ۽ قانصلخانن ذريعي رُڳو علاما اقبال نہ پر سنڌي ٻوليءَ سميت ملڪ ٻين قومي ٻولين جي اديبن شاعرن کي انھن ملڪن ۾ روشناس ڪرائن. ھيءَ ماٺ ھاڻ ختم ٿيڻ گھرجي. انھيءَ ماٺ کي ختم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار سنڌ جو ثقافت وارو کاتو ادا ڪري سگھي ٿو، جنھن نہ رُڳو اڳي شيخ اياز جا کوڙ ڪتاب شائع ڪيا ۽ ھيءُ سھيڙيل مصمونن وارو ڪتاب بہ انھيءَ شائع ڪيو آھي. اھو ڪردار ھيءُ آھي تہ شروعات ھن ڪتاب سان ڪري، يعني ان کي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي شائع ڪري دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ لائبريرين ڏانھن موڪلي. اھو بہ ڪم ڪري تہ دنيا ۾ جتي بہ شيخ اياز بابت ڪم ٿيو آھي، اھو مواد ھٿ ڪري ھتي سنڌ ۾ شائع ۽ محفوظ ڪري.

______________      

Nasir Aijaz - Sindh- Pakistan

نصير اعجاز سينئر صحافي، اديب، شاعر، محقق، ۽ ھڪ سفرنامي سميت يارھن ڪتابن جو مصنف آھي. انھن ڪتابن ۾ سندس ھڪ انگريزي ڪتاب Hur – The Freedom Fighter بہ شامل آھي جيڪو سوا سئو ورھين جي تاريخ تي ٿيل تحقيقي ڪم آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button