Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

ڪارونجهر: لکين ورھيہ جھوني ھڪ سڀيتا، جيڪا پٿر بڻجي ويئي !

ماهرينِ ارضيات مطابق ڪارونجهر جو هي سلسلو لڳ ڀڳ 2.5 کان 5 ارب سال پراڻو آهي، يعني اهي ان دؤر جا پھاڙ آهن جڏهن زمين جي مٿاهين سطح تخليق ٿي رهي هئي. اربين سالن جي موسمي اثرن، برساتن ۽ هوا جي دٻاءُ انهن چٽانن کي اهڙيون حيرت انگيز شڪليون بخشيون آهن جيڪي انساني عقل کي دنگ ڪري ڇڏين ٿيون.

هتي دليپ پرمار جي دريافت ڪيل اٺ نما چٽان موجود آهي جيڪا رڻ پٽ ۾ ويٺل اٺ جو گمان پيدا ڪري ٿي؛ مانگرمڇ نما چٽان آهي جنهن جي کھري سطح مانگرمڇ جي پٺيءَ جهڙي آهي؛ ۽ عقاب پکين ۽ انساني کوپڙي جهڙيون پراسرار شڪليون آهن جيڪي شام جا پاڇا گهرا ٿيندي ئي داستان گوئي ڪنديون محسوس ٿينديون آهن.

تحقيق ۽ ليک: ابراهيم صالح محمد

توهان انهن کي محض گرينائيٽ جا پٿر ڄاڻي ڪاٽڻ چاهيو ٿا؛ اسان انهن کي مقدس تاريخ کي پنهنجي اندر سمائي ويٺل مقدس جبل سمجهون ٿا، جن جو هڪ هڪ عڪس پنهنجي ڪهاڻي پاڻ بيان ڪري ٿو. ڪارونجهر رڳو هڪ جبل ناهي پر هڪ اهڙي لازوال سڀيتا آهي جيڪو پٿر بڻجي ويو هجي.

جڏهن نگرپارڪر جي نوجوان فوٽوگرافر دليپ پرمار پنهنجي اک ۽ ڪيمرا جي لينز کي ڪارونجهر جي ڳجهي سونهن تي فوڪس ڪيو، ته دنيا حيران ٿي وئي. ڪارونجهر جي چوٽيءَ کان وهندڙ پاڻي ۽ پھاڙيءَ جي ميلاپ جو عڪس جڏهن زوم ڪري ڏسجي ٿو ته هڪ چٽي شڪل اڀري ٿي. هڪ اهڙو پراسرار مُھانڊو جيڪو موبائل کي سڌو رکڻ سان واضح ٿئي ٿو ۽ ٽيڏو (روٽيٽ) ڪرڻ سان صرف پٿر ۽ پاڻي جو سنگم ڏيکاري ٿو. هيُ هن ڌرتيءَ جو جادو آهي جيڪو مائڪرو فوٽوگرافيءَ جي ذريعي هاڻي عالمي سطح تي وائرل ٿي چڪو آهي.

ماهرينِ ارضيات (Geologists) جي مطابق ڪارونجهر جو هي سلسلو لڳ ڀڳ 2.5 کان 5 ارب سال پراڻو آهي، يعني اهي ان دؤر جا پھاڙ آهن جڏهن زمين جي مٿاهين سطح تخليق ٿي رهي هئي. اربين سالن جي موسمي اثرن، برساتن ۽ هوا جي دٻاءُ (Weathering) انهن چٽانن کي اهڙيون حيرت انگيز شڪليون بخشيون آهن جيڪي انساني عقل کي دنگ ڪري ڇڏين ٿيون.

 هتي دليپ پرمار جي دريافت ڪيل اٺ نما چٽان (Camel Rock) موجود آهي جيڪا رڻ پٽ ۾ ويٺل اٺ جو گمان پيدا ڪري ٿي؛ مانگرمڇ نما چٽان (Crocodile Rock) آهي جنهن جي کھري سطح مانگرمڇ جي پٺيءَ جهڙي آهي؛ ۽ عقاب پکين ۽ انساني کوپڙي (Skull Rocks) جهڙيون پراسرار شڪليون آهن جيڪي شام جا پاڇا گهرا ٿيندي ئي داستان گوئي ڪنديون محسوس ٿينديون آهن.

هي جبلن جو سلسلو قديم دؤر جي هڪ عظيم تجارتي، تمدني ۽ مذهبي سلطنت جو گواهه آهي. ماضيءَ ۾ (خاص ڪري 1226ع تائين) هي خطو جين مت (Jainism) جي مڃيندڙن جو مضبوط قلعو هو، جتي اڄ به تاج محل کان پراڻو “گوري مندر” ۽ ان جي گنبدن تي ٺهيل قديم پينٽنگس موجود آهن. ان ئي جبل جي هنج ۾ جين مندرن سان گڏ اڇي سنگِ مرمر جي “ڀوڏيسر مسجد” (تعمير: 1505ع پاران سلطان محمود شاهه بيگڙا) واقع آهي، جيڪا هتي جي مذهبي هم آهنگيءَ جي شاندار ماضي کي ظاهر ڪري ٿي. ان سان گڏوگڏ ساڙڌڙو ڌام، انچل ايشور ۽ چوڙيو مندر جهڙا هندو مت جا مقدس آستانا به هن ئي آغوش ۾ پناهه گزين آهن. چوماسي جي ايندي ئي ڪارونجهر جو رنگ بدلجي ويندو آهي ۽ ان مان گورڌرو ۽ ڀٽياني جهڙيون 20 کان وڌيڪ باراني نديون ۽ چشما ڦٽي پوندا آهن.

مقامي ماڻهو چوندا آهن ته “ڪارونجهر روزانو سؤ تولا سون ڏيندو آهي”، ڇو ته هي ناياب جڙي ٻوٽين، جهنگلي مورن، چنڪارا هرڻن ۽ قيمتي ڳاڙهي گرينائيٽ جو امين آهي.

 هيءَ اها ئي ڌرتي آهي جتي انگريز سامراج جي خلاف هتي جي سچي سپوت روپلو ڪولهيءَ ڪارونجهر جي چٽانن کي پنهنجي پناهگاهه بڻائي جنگ لڙي ۽ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو.

بدقسمتيءَ سان، گذريل ڪجھ سالن ۾ ڪارونجهر جي انهن لڙڪندڙ ۽ متوازن پٿرن کي نجي ڪمپنين مائننگ ۽ بلاسٽنگ جي ذريعي نقصان پهچايو، پر سنڌ جي شعور ۽ عدليه وقتائتو ايڪشن وٺي هتي هر قسم جي مائننگ تي مستقل پابندي لڳائي ۽ ان کي جهنگلي حيات جي محفوظ پناهگاهه (Wildlife Sanctuary) قرار ڏنو. ڪارونجهر کي بچائڻ اصل ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ميرٽ کي بچائڻ آهي.

(نگرپارڪر جي نوجوان فوٽوگرافر دليپ پرمار ۽ مقامي ماخذن جي ٿورن سان)

________________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button