Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

مھان ڪلاڪارا لتا منگيشڪر سنڌي گيت ڳائڻ لاءِ وٺڻ بدران پاڻ پئسا ڏنا

لتا منگيشڪر کان اڳ سندس ننڍي ڀيڻ آشا ڀوسلي ھڪ سنڌي فلم”شل ڌيئر نہ ڄمن “ لاءِ سنڌي گيت ”آءُ اچي مل او منٺار، تنھنجي وڇوڙي ماري آھيان “ ڳائي چڪي ھئي، جيڪو گھڻو مشھور ٿي چڪو ھو . ان گيت جي ڪاميابيءَ کان پوءِ لتا منگيشڪر کي بہ شوق جاڳيو تـ جيڪر مان بہ ڪو سنڌي گانو ڳايان. مدن جماڻيءَ لتا کي مالي مجبوريون ٻڌايون. لتا چيُس، مونکي ھر حال ۾ سنڌي گيت ڳائڻو آھي ۽ ڳائينديس! تون پريشان نہ ٿيءُ. پاڻ ۾ ٺھي پونداسين .گيت جي رڪارڊنگ کانپوءِ مَدن لفافي ۾ پنج ھزار وجھي لتا کي ڏنا تہ ھُن شفقت ڀرئي انداز م مُرڪي پنھنجي پرس مان ڪجھ پئسا ڪڍي ملائي يارن ھزار ڪري کيس واپس ڏنا.

ناري لڇواڻي

ھڪ ڀيري سنڌي فلم ‘ ھل تـ ڀڄي ھلون ‘ جو ھدايتڪار مَدن جُماڻي ۽ مان ڪنھن سيمينار جي سلسلي ۾ احمدآباد ۾ گڏ ھئاسين . ٻنھي جي رھڻ جو بندوبست ھڪ ئي ڪمري ۾ ھو . ٻئي ڳالھين جا ڳوٺ !

خبر ناھي پاڻ ۾ ڪيتريون ڳالهيون ڪيونسين . تن مان ھڪ ھيءَ بہ ھئي :

مدن جماڻيءَ ٻڌايو ھو تـ لتا منگيشڪر کان اڳ سندس ننڍي ڀيڻ آشا ڀوسلي ھڪ سنڌي فلم”شل ڌيئر نہ ڄمن “ لاءِ سنڌي گيت ”آءُ اچي مل او منٺار، تنھنجي وڇوڙي ماري آھيان “ ڳائي چڪي ھئي، جيڪو زبردست مشھور ٿي چڪو ھو . ان گيت جي ڪاميابيءَ کان پوءِ لتا منگيشڪر کي بہ شوق جاڳيو تـ جيڪر مان بہ ڪو سنڌي گانو ڳايان. سو، ھڪ ڏينھن موقعو ملڻ تي سنگيتڪار سي. ارجن سان پنھنجي دل جي ڳالھ اوريائين .

تنھن وقت نئين سنڌي فلم ”ھل تـ ڀڄي ھلون “ جي شروعات ٿي چڪي ھئي. سي . ارجن سڀني کي لتا منگيشڪر جي دل جي ڳالھـ ٻڌائي جنھن کي ٻُڌي سڀ خوش تـ ٿيا پر سوچ ۾ پئجي ويا تـ لتا منگيشڪر جي گيت ڳائڻ جي جيڪا فِي ھوندي آھي،  اُھا کيس ڪٿان ادا ڪري سگھنداسين ! سڀ منجھي پيا.

ھڪ ڏينھن مدن جماڻي لتا منگيشڪر جي گھر وڃي پھتو.کيس، سنڌي فلمن جي بجيٽ جي مجبورين کان واقف ڪرائيندي چيائين: اسان تنھنجي خواھش کي پورو نہ ڪري سگھنداسين؛ لاچار آھيون. لتا چيُس، مونکي ھر حال ۾ سنڌي گيت ڳائڻو آھي ۽ ڳائينديس! تون پريشان نہ ٿيءُ. پاڻ ۾ ٺھي پونداسين .

فلم ۾ گنجائش نہ ھئڻ جي باوجود ان گيت لاءِ جڳھ ٺاھي ويئي. گوورڌن ڀارتيءَ لتا منگيشڪر جي ليول ۽ حيثيت کي ڌيان ۾ رکندي گيت رَچِيو. سي . ارجن سنگيت تيار ڪرڻ ۾ بہ ڪا ڪثر ڪونہ ڇڏي. آخر گيت جي رڪارڊنگ ٿي ويئي .

مدن جماڻيءَ حجاب ڪندي لتا منگيشڪر جي ھٿ ۾، سندس مانَ ۾ ھٿ جوڙيندي ھڪ بند لفافو رکيو. لتا کانئس پڇيو: ”ھيءُ ڇاھي ؟ “ مدن جيڪو جواب ڏنس تنھن جو مطلب ھو”ڦُلنِ مُٺِ !“

لتا منگيشڪر لفافو کوليو. ان ۾  5000 رُپيا پيل ھئا . لتا منگيشڪر پيار ڀري نھار سان مُرڪي، پنھنجي پرس مان ڪي روپيـ ڪڍي، سڀ مِلائي ڪُل 11000 رُپيا مدن جماڻيءَ کي ڏنا ۽ کيس نئڙت واري نوع مان چيائين: ”منھنجي پاران توھان سڀني ڪلاڪارن کي.“

اھڙي نموني ھڪ ناياب سوُکڙِي ملي ويئي سنڌي فلم-سنگيت جي سنسار کي مھان گائڪا ڀارت رتن لتا منگيشڪر پاران ……. ”منھنجا سُپرين ، توکان وڇُڙِي ، دل ڇا ڪري ؟ روئي روئي آھون ٿي ڀري .“

___________

Nari-Lachhwani-Bhopal-TheAsiaN

ناري لڇواڻي ناميارو شاعر، ڪلاڪار ۽ سينئر براڊڪاسٽر آھي. سندس وڏڙن جو تعلق سنڌ جي ساھتي پرڳڻي سان آھي. ھُو ھِردارام نگر (بيراڳڙھ) ڀوپال، مڌيا پرديش ۾ رھي ٿو 

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button