عائشه باواڻي اڪيڊمي اسڪول ۽ ڪاليج جو نالو تبديل ڪرڻ وارو تڪرار
جنهن تعليمي اداري جو بنياد هڪ خانگي فلاحي وقف رکيو، جنهن جي عمارت باواڻي خاندان تعمير ڪرائي ۽ جنهن ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين عائشه باواڻي جي نالي سان تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، ان جي تاريخي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ڇا ڪنهن تعليمي اداري جو سرڪاري انتظام سنڀالڻ جو مطلب اهو آهي ته ان جي تاريخي سڃاڻپ ۽ ان کي قائم ڪندڙن جي خدمتن کي وقت سان گڏ مٽايو وڃي .

خاصخيلي لطيف راولاڻي
باواڻي خاندان ننڍي کنڊ جي مشهور ڪاروباري ۽ صنعتي ميمڻ خاندانن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن برطانوي هندستان جي دور ۾ برما مان پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ڪئي ۽ بعد ۾ پاڪستان ۽ اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ صنعتي، واپاري ۽ فلاحي ادارا قائم ڪيا. هن خاندان ٽيڪسٽائيل، هوزري، سِڻي، کنڊ، ڪيميڪل ۽ ٻين صنعتن ۾ سيڙپ ڪئي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ڪراچي ۾ هن خاندان جون صنعتي ۽ فلاحي سرگرميون نمايان رهيون، جڏهن ته تعليم جي شعبي ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪراچي جي عائشه باواڻي اڪيڊمي انهيءَ خاندان جي تعليمي ۽ فلاحي خدمتن جو هڪ مثال آهي.
باواڻي خاندان جي شروعاتي ڪاروباري تاريخ جو تعلق گجرات جي علائقي ڪاٺياواڙ سان ٻڌايو وڃي ٿو. خاندان جا نمايان ڪاروباري فرد احمد ابراهيم باواڻي ۽ سندس ڀاءُ عبداللطيف ابراهيم باواڻي هئا، جن اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ ڪاروبار لاءِ برما جي شهر رنگون جو رخ ڪيو.
1897ع ۾ احمد ابراهيم باواڻي رنگون ۾ ڪاروبار شروع ڪيو. بعد ۾ سندس ڀاءُ عبداللطيف به ڪاروبار ۾ شامل ٿي ويو ۽ ٻنهي ”احمد ابراهيم برادرس“ جي نالي سان ڪاروباري ڀائيواري قائم ڪئي. شروعات ۾ ڪپڙي جو واپار ڪيو ويو، پر وقت سان گڏ هن ڪاروبار صنعتي شڪل اختيار ڪري ورتي.
1930ع ۾ خاندان رنگون ۾ هوزري جي صنعت ۾ قدم رکيو. ٻي عالمي جنگ دوران جاپاني حملن ۽ جنگي حالتن سبب خاندان کي برما ڇڏڻو پيو ۽ هو واپس هندستان اچي ويو.
پاڪستان جي قيام کانپوءِ باواڻي خاندان نئين مملڪت ۾ صنعتي سيڙپ جو فيصلو ڪيو. 1952ع ۾ باواڻي وائلن ٽيڪسٽائيل ملز سميت مختلف صنعتي منصوبن ذريعي پاڪستان جي صنعتي ترقيءَ ۾ حصو ورتو.
وقت سان گڏ خاندان جي ڪاروبار جو دائرو ٽيڪسٽائيل، سِڻي، کنڊ، ڪيميڪل، چمڙي، صنعتي گيسن ۽ مالياتي خدمتن تائين پکڙجي ويو. سندس صنعتي مفاد موجودہ پاڪستان کانسواءِ اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ پڻ موجود هئا.
خاندان جي ايندڙ نسل ۾ يحيٰ احمد باواڻي خاص اهميت حاصل ڪئي. هن 1953ع کان 1971ع دوران ڪيترن ئي صنعتي منصوبن ۾ ڪردار ادا ڪيو. ساڻس منسوب منصوبن ۾ لطيف باواڻي جوٽ ملز، احمد باواڻي ٽيڪسٽائيل ملز، باواڻي شوگر ملز ۽ ٻيا صنعتي ادارا شامل هئا. سندس سماجي ۽ صنعتي خدمتن جي اعتراف ۾ کيس ”ستاره قائداعظم“ سان پڻ نوازيو ويو.
باواڻي خاندان جي تاريخ رڳو ڪاروبار ۽ صنعت تائين محدود نه رهي آهي. خاندان تعليم ۽ فلاحي سرگرمين لاءِ پڻ وسيلا مخصوص ڪيا. ڪراچي ۾ عائشه باواڻي اڪيڊمي ۽ ڍاڪا ۾ احمد باواڻي اڪيڊمي سندس تعليمي خدمتن جا مثال آهن.
ڪراچي جي عائشه باواڻي اڪيڊمي جو قيام ”بيگم عائشه باواڻي وقف“ تحت عمل ۾ آيو. هن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر 29 آڪٽوبر 1957ع تي رکيو ويو، جڏهن ته اداري جولاءِ 1961ع ۾ باقاعده ڪم شروع ڪيو.
هي ادارو ڪراچي ۾ معياري تعليم جي فراهميءَ جي مقصد سان قائم ڪيو ويو هو. ان جي عمارت ۽ تعليمي سرگرميون باواڻي خاندان جي فلاحي سوچ ۽ تعليمي خدمتن جي نمائندگي ڪن ٿيون.
عائشه باواڻي اڪيڊمي جي تاريخ ۾ زمين ۽ عمارت جي مالڪيءَ جو معاملو خاص اهميت رکي ٿو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 28 آگسٽ 2017ع جي فيصلي ۾ درج تفصيلن موجب تقريبن 3.619 ايڪڙ زمين ملٽري اسٽيٽ آفيس کان ليز تي حاصل ڪئي وئي هئي ۽ ليز جو تعلق ”بيگم عائشه احمد ابراهيم باواڻي ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر وقف“ سان هو. عدالتي رڪارڊ ۾ اهو پڻ بيان ڪيو ويو ته هن زمين تي تعليمي ادارن جون عمارتون باواڻي خاندان تعمير ڪرايون هيون. اهي تفصيل ان تاريخي حقيقت کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا ته عائشه باواڻي اڪيڊمي شروعات ۾ هڪ خانگي فلاحي تعليمي منصوبو هئي، نه ڪي سنڌ حڪومت جو تعمير ڪيل سرڪاري ادارو.
قومي تحويل ۽ عدالتي تڪرار
1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تعليمي ادارن کي قوميائڻ جي پاليسي تحت عائشه باواڻي جي تعليمي ادارن کي پڻ سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. جنرل ضياءَ جي فوجي دور ۾ 1984ع ۽ 1985ع دوران اسڪولن جا انتظامي معاملا اڳوڻي انتظاميا حوالي واپس ڪيا ويا، جڏهن ته ڪاليج حڪومت جي انتظام هيٺ رهيو. ان کانپوءِ باواڻي وقف ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ ڪاليج جي عمارت ۽ انتظامي اختيار جي حوالي سان ڊگهو قانوني تڪرار جاري رهيو.
2017ع ۾ سپريم ڪورٽ هن معاملي تي فيصلو ڏيندي سنڌ حڪومت کي مئي 2019ع تائين ڪاليج هلائڻ جي مهلت ڏني، جنهن کانپوءِ عمارت ٽرسٽ حوالي ڪرڻ جو معاملو طئہ ٿيڻو هو. فيصلي ۾ ٽرسٽ کي ڪاليج جو نالو تبديل ڪرڻ جي اجازت بابت پڻ هدايتون موجود هيون.
عائشه باواڻي اڪيڊمي جو نالو تبديل ڪرڻ جو معاملو
عائشه باواڻي اڪيڊمي جي تاريخ ۽ باواڻي خاندان جي خدمتن جي پسمنظر ۾ نومبر 2026ع ۾ سامهون ايندڙ نالي جي تبديليءَ جو معاملو خاص اهميت اختيار ڪري ويو آهي.
11 نومبر 2026ع جي داخلا ڊائريڪٽوريٽ جي سرڪيولر ۽ لاڳاپيل نوٽيفڪيشن موجب اداري جو نالو تبديل ڪري”گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، سنڌي مسلم ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، ڪراچي“رکيو ويو.
هن تبديليءَ کانپوءِ هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو ته جنهن تعليمي اداري جو بنياد هڪ خانگي فلاحي وقف رکيو، جنهن جي عمارت باواڻي خاندان تعمير ڪرائي ۽ جنهن ڇهن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين عائشه باواڻي جي نالي سان تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون، ان جي تاريخي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟
ڇا هيءَ تبديلي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد جو حصو آهي؟ ڇا وقف ۽ حڪومت جي وچ ۾ قانوني تڪرار ان جو بنيادي سبب آهي؟ ۽ ڇا نالي جي تبديليءَ کان اڳ باواڻي خاندان يا وقف جي موجوده ٽرسٽيز سان ڪا باضابطه صلاح مشورو ڪيو ويو؟
باواڻي خاندان جي تاريخ ننڍي کنڊ ۾ هجرت، صنعتي ترقي ۽ خانگي فلاحي سيڙپ جو هڪ مثال آهي. هن خاندان برما مان ڪاروبار شروع ڪيو، پاڪستان ۾ صنعتي ادارا قائم ڪيا ۽ تعليم جي شعبي ۾ پڻ پنهنجو حصو وڌو. عائشه باواڻي اڪيڊمي انهيءَ تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. ڪنهن سرڪاري اداري جو انتظام حڪومت وٽ هئڻ هڪ الڳ معاملو آهي، پر ان اداري جي تاريخي بنياد، ان جي تعمير ۾ خانگي خاندان جي خدمتن ۽ ان سان لاڳاپيل نالي جي اهميت کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي.
سوال هي آهي ته ڇا ڪنهن تعليمي اداري جو سرڪاري انتظام سنڀالڻ جو مطلب اهو آهي ته ان جي تاريخي سڃاڻپ ۽ ان کي قائم ڪندڙن جي خدمتن کي وقت سان گڏ مٽايو وڃي .
___________

خاصخيلي لطيف راولاڻي سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي ۽ ملير ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.




لطيف راولاڻي جو لکيل بھترين معلوماتي مضمون