Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڇٽيهه صوبا ٺاهي انهن ۾ ڏوڪڙن جا وڻ پوکيا ويندا؟

الائجي ڇٽيهه صوبا ٺاهي، انهن ۾ ڏوڪڙن جا وڻ پوکيا ويندا؟ خبر ناهي ته ڇٽيهه صوبن ۾ کوهه کوٽرائي انهن مان پئسا ڪڍرائي صوبن جا خرچ پورا ڪيا ويندا۔ اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي ته، ڇٽيهن صوبن جون اسيمبلي عمارتون ۽ حڪمراني ڪندڙن ۽ وڏن عملدارن جون آفيسون ۽ رهائش گاهون ٺاهڻ، نوڪر چاڪر رکڻ، گاڏين سميت ٻين سهوليتن جا بندوبست ڪيئن ٿي سگهندا؟ جيڪڏهن ملڪ ۾ ايترا سارا پئسا موجود آهن ته، اهي پئسا عوامي خدمتن ۽ انهن ماڻهن تي خرچ ڇو نه ٿا ٿين، جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ پنهنجون ۽ ٻچن جون زندگيون گذاري رهيا آهن ۽ اهي هڪ ويلو کائن ٿا ته ٻئي ويلي لاءِ ڏوهاري سرگرمين تي سوچن يا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

هونئن ته ڪرپشن جا ڪيترائي قسم آهن، پر عام طور تي انهن کي هيٺين قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي۔ هڪ رشوت يعني ڪنهن ڪم بدلي غيرقانوني پئسا ۽ تحفا وٺڻ ۽ ڏيڻ. ٻيو اختلاس يعني سرڪاري اداري جي پئسن يا ملڪيتن کي ذاتي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ. ٽيون اقربا پروري يعني نوڪريون قابليت بدران مخصوص مائٽن يا دوستن کي ڏيڻ. چوٿون سفارش يعني پسند جي بنياد تي ويجهن يا من پسند ماڻهن کي ناجائز مالي ۽ ٻيا فائدا پهچائڻ. پنجون اختيارن جو ناجائز استعمال يعني سرڪاري عهدن يا اختيارن کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪرڻ. ڇهون ڪميشن وٺڻ يعني ٺيڪن يا شين جي خريدارين ۾ ڳجهي نموني سان ڪميشن وٺي هڙپ ڪرڻ. ستون چونڊن ۾ ڪرپشن يعني پئسن يا زور زبردستيء جي بنياد تي ووٽ خريدڻ، ڌانڌلي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ يا چونڊن واري عمل تي ناجائز قدم کڻي اثر وجهڻ. اٺون ٽيڪس چوري يا مالي فراڊ يعني ٽيڪس کان بچڻ يا مالي رڪارڊن ۾ ڪوڙن ڪاغذن ذريعي ڦيرڦار ڪري، اصل ڪاغذ غائب ڪرڻ. نائون قانوني ڪرپشن يعني انصاف تي سڌي نموني سان اثرانداز ٿيڻ لاءِ رشوت ڏيڻ يا دٻاءُ وجهڻ. ڏهون ڪاروباري ڪرپشن يعني غيرسرڪاري ڪمپنين يا گروهن طرفان، غيرقانوني طور ڪاروباري فائدا حاصل ڪرڻ جهڙوڪ شيون اسمگلنگ ڪرڻ يعني هڪ جاء کان ڪنهن ٻي جاء تائين پهچائڻ، ڪوڙا سوڙا حساب ڪتاب ڪرڻ، غيرقانوني سوديبازيون ڪري سرڪاري فنڊن ۾ گهپلا هڻڻ شامل آهن۔

مختصر طور ڪرپشن جي انهن سڀني عملن ۾ عوام، ملڪ، سماج يا نظام کي تباهه ڪرڻ ۾ وڏو حصو هوندو آهي۔ پر پاڪستان ۾ ڄاڻي واڻي انهن عوام، سماج، ملڪ دشمن عملن کي نظرانداز ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ سدائين لاءِ ڌيان اهڙن عملن طرف ڇڪايو ويندو آهي جيڪي يا ته غيراهم هوندا آهن يا نقصانڪار عمل هجن ٿا۔ جيئن گذريل ڪجهه هفتن کان اوچتو ئي اوچتو ملڪ ۾ نون صوبن جو راڳ شروع ڪيو ويو آهي، ان راڳ پٺيان هونئن ته ٻيا به ڪيترائي راز لڪل هوندا پر، منهنجي نظر ۾ وڏو سبب مٿي ڄاڻايل ڏهه عدد ڪرپشن جي قسمن تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ ڪوشش لڳي ٿي، جنهن ۾ مخصوص سياسي پارٽين، عوام جي رد ٿيل سياستدانن، ٽيڪنو ڪريٽن سان گڏ ڪجهه صحافين ۽ صحافتي ادارن کي به گهڻي ڀاڱي استعمال ڪيو پيو وڃي۔ جڏهن ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبن جي مخالفت ڪندڙ ڪجهه ماڻهن جي به اهڙي ته ڌينگا مشتي قائم ٿيل آهي جو ايئن پيو محسوس ٿئي، ڄڻ ته اهي به دلي طور تي راضي هجن ته وڌيڪ صوبا ٺهن ته، کين روزگار جا موقعا ملندا رهن۔ ٿورو غور ڪرڻ سان پاڻ کي اها سڌ به ملي ٿي ته، وڌيڪ صوبن جي حمايتن ۽ مخالفن وٽ مضبوط دليلن جي کوٽ صاف طور تي ظاهر ٿئي ٿي۔ اهڙيء طرح ٽي وي ٽاڪ جهڙا پروگرام جيڪي روز جي بنياد تي ٿين ٿا، اخبارن ۾ بيان ڇپجن ٿا يا اداريه ۽ ايڊيٽوريل لکيا وڃن ٿا، انهن مان به اهو چڱيء ريت محسوس ٿئي ٿو ته، ماڻهن جو ڌيان اصل حقيقتن تان هٽايو پيو وڃي۔

نون صوبن جي راڳ مان جيڪي وچور نڪرن ٿا، اهي هن ريت به ٿي سگهن ٿا، هڪ ته نوان صوبا ٺاهي، ڪرپشن جي نظام کي وڏو ۽ ويڪرو ڪيو ويندو۔ ٻيو ته ان عمل سان ٽيڪس جي نظام کي وسعت ڏئي، عوام جي کيسن تي وڌيڪ ڌاڙا هنيا ويندا۔ ٽيون ته ڪجهه من پسند سرڪاري عملدارن، ٽيڪنو ڪريٽن ۽ سياسي اڳواڻن ۽ رد ٿيل عوامي نمائندن لاءِ جڳهه ٺاهي ويندي۔ چوٿون ملڪ جي موجود اڪثر پارٽين کي ايڊجسٽ ڪري، کانئن مختلف مفاد حاصل ڪيا ويندا۔ پنجون سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جيڪي فرد ۽ ٽولا هن وقت تائين عوام ۾ غيرمعروف رهيا آهن انهن لاءِ به گنجائش ڪڍي کانئن ضروري ڪم ورتا ويندا۔ ڇهون ته صوبا ٺهرائي، عوام وچ ۾ ويڇا وڌائي، هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وجهرائي، اختلافن يا تڪرارن کي وڌائي، پنهنجي اصل اقتدار کي ڊيگهه ڏني ويندي۔ باقي جيڪڏهن ايئن ناهي ته نون صوبن مان عوام کي ڪوبه فائدو نظر نٿو اچي، ڇو ته نون صوبن سان خرچن ۾ بي پناهه واڌارو ٿيندو، چئن بدران ڇٽيهه صوبائي گورنر، وڏا وزير، ڇٽيهه صوبن جي وزيرن جا لشڪر، ڇٽيهه صوبائي چيف سيڪريٽري، ڇٽيهه آئي جي، مختلف کاتن جي ڇٽيهه صوبن جي سيڪريٽرين جي لوڌ جي خرچن ۽ انهن لاء ٻين واڌو سهوليتن جو ڪاٿو لڳائبو ته دماغ چڪرائجي ويندو۔ جنهن ملڪ ۾ رڳو چئن صوبن جا جائز مطالبا پورا نه ٿا ٿين يا حق نه ٿا ملن، جتي صوبن جا وڏا وزير وقت بوقت پنهنجي حصن لاءِ ٻاڪاري ٻاڪاري ٿڪجي ٿا پون، اتي ڇٽيهه صوبن جي لاء 900 سيڪڙو وڌيڪ ناڻو ڪٿان ايندو؟ اها ڳالهه مورڳو ئي سمجهه کان ٻاهر آهي۔

الائجي ڇٽيهه صوبا ٺاهي، انهن ۾ ڏوڪڙن جا وڻ پوکيا ويندا؟ خبر ناهي ته ڇٽيهه صوبن ۾ کوهه کوٽرائي انهن مان پئسا ڪڍرائي صوبن جا خرچ پورا ڪيا ويندا۔ اها ڳالهه به سمجهه کان ٻاهر آهي ته، ڇٽيهن صوبن جون اسيمبلي عمارتون ۽ حڪمراني ڪندڙن ۽ وڏن عملدارن جون آفيسون ۽ رهائش گاهون ٺاهڻ، نوڪر چاڪر رکڻ، گاڏين سميت ٻين سهوليتن جا بندوبست ڪيئن ٿي سگهندا؟ جيڪڏهن ملڪ ۾ ايترا سارا پئسا موجود آهن ته، اهي پئسا عوامي خدمتن ۽ انهن ماڻهن تي خرچ ڇو نه ٿا ٿين، جيڪي غربت جي لڪير کان هيٺ پنهنجون ۽ ٻچن جون زندگيون گذاري رهيا آهن ۽ اهي هڪ ويلو کائن ٿا ته ٻئي ويلي لاءِ ڏوهاري سرگرمين تي سوچن يا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن، حڪمرانن کي اهڙن ماڻهن تي ڪهل ڇو نه ٿي اچي، کين مسڪين ماڻهن مٿان خرچ ڪرڻ ۾ آخر ڪهڙو ٽيهڙ تپ ٿو چڙهين؟ جيڪڏهن انهن لاء اهي مٿيان سمورا خرچ برداشت لائق آهن ته، عوام اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهي، ته پوء ملڪ ۾ هٿراڌو غربت ۽ بيروزگاري قائم ڪئي وئي آهي، جيئن ماڻهو پنهنجن مسئلن ۾ پورا هجن، انهن جي ترڪتالين کي سمجهي نه سگهن ۽ هڪو ٻئي ڏينهن غيرملڪي دورن، هيلي ڪاپٽرن تي سفر ڪرڻ جهڙين عياشين تي هڪٻئي سان ويچار ونڊڻ جي لائق به نه رهن۔ جيڪڏهن حڪمرانن کي عوام جي خدمت ڪرڻ جو ايترو ئي اونو آهي ته اهي مٿي ڄاڻايل ڏهه عدد ڪرپشن جي خاتمي لاء قدم ڇو نٿا کڻن، جنهن سان حڪومتي ناڻو به بچندو ۽ عوام جي، مسئلن مان جان به ڇٽي پوندي۔

____________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين جو سرگرم رُڪن آھي ۽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button