Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

سنڌي ادب: پريم، پريت ۽ تصوف جي آڏاڻي تي اڻيل اڻپورو نياپو

هي ادبي خط ٿر جي هڪ حساس اديب جو پنهنجي ادبي ڀيڻ ڏانهن لکيل هڪ احساساتي ۽ فڪري نياپو آهي، جنهن ۾ علم، ادب، فلسفي ۽ لوڪ ڏاهپ جو هڪ بي بها خزانو سمائجي ويو آهي. هرمن هيس جي “سڌارٿ” کان وٺي سھجو ٻائيءَ جي ويراڳ تائين، ڀاسڪر آچاريه جي “ليلاوتي” کان وٺي ٿر جي مٺڙن قسمن ۽ ڌرميلي رشتن جي پرمپرا تائين، هن خط جي سٽ سٽ ۾ رشتن جي پاڪيزگي، وڇوڙي جو دردو ۽ پريت جو اڻٽٽ ٻنڌڻ جهلڪندو نظر اچي ٿو. ٽاڪ منجهند جو ديويءَ جي وڻ هيٺان لکيل هي خط رڳو لفظن جو مجموعو ناهي، پر من جي تڙپ ۽ ٿر جي سادگيءَ جو هڪ جاندار دستاويز آهي.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

ڀارومل امراڻي

منهنجي مٺي ڀيڻ! ڪلهه مون  جرمن ناول نگار هرمن  هيس جو  ناول سڌارٿ پڙهي دنگ ڪيو آهي،  اڄ تنهنجو ناول   ايڪ جھان اور ھي پڙهي رهيو آهيان.  تنهنجو اھو ناول هجي يا  ناول شريڪِ حيات، تنهنجون ڪهاڻيون هجن يا  ڊراما سيريل، تنهنجي هر لکڻيءَ ۾ ڪمال جي رواني سان گڏ اڪثر رومانوي رنگن جون انڊلٺ اڀاريل آهن،  تون منهنجي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ جو اردو ترجمو ڪري رهي هئين. خبر ناهي اهو ڪم ڪٿي پهتو، اميد آهي ته اهو احوال پنهنجي ڀاءُ کي ضرور ڏينديئن.

منهنجي مٺي ڀيڻ، اردو ادب ۾ تصوف جي موضوع تي ڪيترائي ناول لکيا ويا آهن، تو پنهنجو  ناول ايڪ جھان اور ھي به تصوف جي آڏاڻي تي ويهي اڻيو آهي.  تنهنجي هن ضخيم  ناول جي هڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترائي ڪردار آهن،  جن تي  تفصيلي ٻئي ڀيري  لکبو . مون کي  هن وقت تنهنجو ناول  پڙهندي  ننڍي کنڊ  ۾ ميران ٻائي ۽  پوءِ ويدانتي شاعريءَ جي حوالي سان  اهم حيثيت رکندڙ شاعره  سهجو ٻائيءَ جي شاعري ۽ سندس جيون ڪهاڻيءَ جي ڪٿا ياد اچي رهي آهي. منهنجي دوست دليپ ڪوٺاريءَ  سهجو ٻائيءَ تي  تازو  هڪ سٺو ليک  لکيو آهي. سهجو ٻائي  سنت ڪوي چرڻ داس جي چيلي هئي. چيو وڃي ٿو ته  سنت چرن داس جا ذري گھٽ پنچ ھزار چيلا ھئا پر انھن ۾108 چيلن کي وڏو پد مليل هو، جن جي پويان گاديون ھلن ٿيون. سھجو ٻائيءَ جو شمار انهن اهم چيلن ۾  ڪيو وڃي ٿو.

  سهجو ٻائي  جو هڪ مشهور دوهو آهي ته:

بانهه ڇُڙائي جاتِ هو،    نِربَل جانَ ڪي موهي،

هِردي مين سي جائو گي، تو مَرد بَنڌوگِي توهي!

(مون کي ڪمزور نرمل ناري سمجهي  مون کان ٻانهن ڇڏائي هليو ٿو وڃين پر منهنجي دل مان نڪري ڏيکار ته مڙس ماڻهو مڃان)

چيو وڃي ٿو ته سَهجُو  ٻائيءَ جي شاديءَ جي رسمن ۾ ھڪ رسم دوران  جڏھن سندس مامي جي پٽ سنت چرڻ داس کي ھڪ  رسم جي ادائگيءَ جي  لاءِ سڏ ڪيو ويو تڏهن  گُرُو چرڻ داس هار سينگار ڪيل ڪنوار سھجو  ٻائي جي مٿي تي ھٿ رکندي چيو  هو:

چَلنا    هي   رهنا    نهين،   چَلنا     وِشوا    بيس،

سَهجُو تَنَکِ سُهاگ پَر، ڪَهان، گُٿوائِي شِيس!

(اي سَهجُو يادُ رَکُ ته هيءُ دُنيا جا سمورا رنگ روپ ڇڏي  هتان هلڻو آهي، هيءُ جَڳُ فاني ۽ بي  بقا آهي؛ ڇا تُون اهڙي عارضي سُکِ (سُهاڳَ) سامهون پنهنجو سِرڙو نِوائي هار مڃڻ قبُول ڪندئين يا دائمي مُڪتيءَ واري سچي مارڳُ تي هلڻ پسند ڪندئين)

ھن دوھي جا ٻول سھجو جي دل ۾ ڪان وانگر کپي ويا ـ سھجو ٻائي ھار سينگار  لاھي  شاديءَ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو . سهجو جي عزيز قريبن ۾ ٻڙدڪ مچي ويو، سهجو کي  سمجھائڻ جي  گهڻي ڪوشش ڪئي وئي پر سھجو نه کي نو ڪوٽ آڏا ڏيئي ويھي رھي ـ ان وقت مٿان وري اھو ٿيو جو سھجو جي ساھراڻي گھر ۾ شادي جي خوشي جا جشن ھلندي گھوٽ جو گھوڙو ٽاھ کائي ھڪ وڻ سان ٽڪرايو جنھن ۾ گھوٽ وڏي چوٽ لڳڻ سبب ڏھاڳ جا ڏينھن ڏيئي پرلوڪ پڌاريو، جنھن جي سُڌ پوڻ سان ھري پرشاد جي گھر ۾ به روڄ راڙو مچي ويوـ سھجو کي سمجھائيندڙن وڃي چرڻ داس جا چرڻ ڇھي معافي گھري ـ  

منهنجي مٺي ڀيڻ ! هاڻي ڳالهه سڌارٿ ناول جي ٿا ڪريون. سڌارٿ  ناول جو اردو ترجمو  آصف فرخي ڪيو آهي. هن ناول ۾ سڌارٿ  پنهنجي ڌرمي گهراڻي کان بغاوت ڪري پاڻ ڀڳوان جي تلاش ۾ نڪري ٿو. مڪتي جي مارڳ ۾ نه رڳو هن جي پيرن هيٺيان ڌرتي بدلجي ٿي پر من اندر ڪيفيتن جي وڏي اٿل پٿل پيدا ٿئي ٿي. رستي ۾ ڪٿي وسيع ريگستان اچي ٿو ته ڪٿي نديون نالا صاف شفاف چشما ۽ پهاڙ اچن ٿا. ڪٿي من ۾ وهم وسوسا ۽ تلخيون اڀرن ٿيون ته ڪٿي گيان ڌيان جو دستور قائم ٿئي ٿو.

  منهنجي پياري ڀيڻ، منهنجي عادت رهي آهي ته آئون ڪتاب پڙهندي پورو ڪتاب ليڪي ڇڏيندو آهيان ۽ آخري خالي صفحي تي پنهنجي راءِ  لکندو آهيان،  پر هن ڪتاب کي صرف مون ٻن هنڌن تي ليڪيو آهي. هڪ اتي  جتي سڌارٿ جي تمنا جي  تڙپ ۽ تلخي پڌري ٿئي ٿي. هن جي  آواز ۾ جيتري ڏک جي شدت هئي اوتري تلخيءَ ڀري طنز، هن پنهنجي دوست  گووند کي مخاطب ٿيندي چيو ته گووند تنهنجو دوست جلد ساڌوئن جو اهو رستو ڇڏي ڏيندو جنهن رستي تي تو سان گڏ ايترن ڏينهن کان هلي رهيو آهي. آئون اڃ جو ستايل آهيان گووند ! ساڌنا جي ايڏي وڏي رستي تي هلندي منهنجي  اندر جي اڃ نه گهٽي،  منهنجي من ۾ هميشه علم جي اڃ  رهي، منهنجو من سدائين سوالن سان ڀريل رهيو.

ٻيو اتي ليڪا پاتا آهن جتي ڪهاڻيءَ ۾  سڌارٿ ڪملا سان ملي ٿو. مون ڪتاب جي آخري صفحي تي ساحر لڌيانويءَ جو شعر لکيو ته :

سنسار سے بھاگے پھرتے ہو بھگوان کو تم کیا پاؤ گے

اس لوک کو بھی اپنا نہ سکے اس لوک میں بھی پچھتاؤ گے

منهنجي مٺي ڀيڻ آئون سڌارٿ  جي ڪملا جو قصو اڌ ۾ ڇڏي ڀاشڪر آچاريه جي ليلاوتيءَ جو تو سان تذڪرو ڪرڻ ٿو چاهيان.  ننڍي کنڊ جي رياضي دانن ۾ ڀاسڪر آچاريه جو نالو نروار رهيو آهي. 1114ع ۾ جنم وٺندڙ  ڀاشڪر ڏهن ورهين جي ڄمار ۾ نامياري رياضي دان ۽ جوتش جي ماهر، سداچاري، گڻوان ۽ ڌرماتما شخص، مهيشور ڀٽ جو وڃي شاگرد ٿيو. جنهن کان هن علم رياضي ۽ جوتش ۾ مهارت حاصل ڪئي ۽ ’بيجا گڻيتا‘ (رياضي)، ’سِڌانتَ سِرومڻي‘ (علم جيوتش) ۽ ”ليلاوتي“ (الجبرا) نالي سان سنسڪرت زبان ۾  مختلف منظوم ڪتاب لکيا.

ڀاسڪر آچاريه جي ڪتاب ”ليلاوتي“ جي پس منظر ۾ سندس زندگيءَ جي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. چيو وڃي ٿو ڀاشڪر جڏهن پنهنجي اُستاد مهيشور ڀٽ جي آشرم ۾ تعليم  وٺي رهيو هو تڏهن استاد  ڀٽ جي ڌيءَ ليلاوتي به گڏ پڙهندي هئي. تعليم دوران ليلاوتي، پريم جي رنگ ۾ رنگجي ڀاسڪر کي هينئن  جي حب سان ڀائڻ لڳي، پر ڀاشڪر جي  دل ۾ پنهنجي اُستاد جي ڌيءَ کي ڀيڻ جو درجو مليل  هو. ليلاوتيءَ جي والدين کيس شاديءَ جي آڇ ڪئي پر هن ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته ”اهو ممڪن ئي نه آهي. گُروءَ جي ڌيءَ منهنجي ڀيڻ آهي. هن سان شادي ڪيئن ڪريان“ ڀاشڪر جي  انڪار ڪرڻ تي ليلاوتي قسم کاڌو ته هوءَ زندگيءَ ڀر شادي نه ڪندي. ڀاسڪر کيس ايئن ڪرڻ کان روڪيو، پر هوءَ پنهنجي هوڏ تي قائم رهي. ڀاسڪر انهي واقعي تي استاد مهيشور ڀٽ جي آشرم ۾ تعليم اڌ ۾ ڇڏي مشاهدي ۽ اڀياس جي لاءِ  جهنگل ۽ يوڳين جي آشرمن  ڏانهن نڪري ويو جتي هن پنهنجي علم جي آڌار مختلف ڪتاب تخليق ڪرڻ شروع ڪيا. ڪافي عرصو گذارڻ کان  پوءِ  هن هڪ  ڪتاب  آلجبرا بابت لکيو جنهن جو  نالو ليلاوتي جي نالي سان منسوب ڪندي  ڪتاب جو نالو ليلاوتي رکيو. پوِءِ  اها تصنيف ’ليلاوتي‘ کڻي پنهنجي اُستاد جي در تي آيو ته  پتو پيو اُستاد جو ته ديهانت ٿي چڪو آهي ۽ ڀاشڪر جي سڏ تي اسي سالن جي پوڙهي عورت ليلاوتي جڏهن در کوليو ته سامهون ڏٺائين ته سندس ئي عمر جيڏو هڪ جهور پوڙهو در تي بيٺو آهي. پهرين نظر ۾ ليلاوتي کيس سڃاڻي نه سگهي، پر  ڀاشڪر  جڏهن ڪپڙي ۾ ويڙهيل ڪتاب ڪڍي سندس سامهون رکيو ته اُن تي لکيل ’ليلاوتي‘ پڙهي کيس سڃاڻي ويئي. بي اختيار ھن جي چپن مان نڪتو اي منهنجي دِل جا ديوتا“. موٽ ۾ ڀاسڪر  پوري ڌيرج سان چيو : ” اي منهنجي  ڀيڻ! تنهنجي محبت امر آهي، تنهنجي وڇوڙي، مون کان هيءُ ڪتاب لکرايو آهي. ڀاسڪر جي رياضيءَ بابت لکيل ڪتاب ”ليلاوتي“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو فيضيءَ ڪيو ۽ انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر ٽيلر ۽ ڪولبر ڪيو آهي.

منهنجي مٺي ڀيڻ ! آڳ ڪا دريا ۾  قرت العين حيدر  پنهنجي هڪ ڪردار جي واتان چورايو آهي ته ’صرف پوڙهيون عورتون امن چاهين ٿيون، ليڪن دنيا کي پوڙهين عورتن جي ضرورت ناهي‘ آئون  اهي سٽون  پڙهي حيرت ۾ پئجي ويس ۽ سوچڻ لڳس ته قرت العين حيدر هي سٽون ڪهڙي ڪيفيت ۾ لکيون آهن؟ ڇا نوجوان نينگريون امن نٿيون چاهين؟ گل پوپٽ  ۽ عورت امن جي علامت آهن. سڪون جو سنيهو آهن. ننڍي وڏي  هر عورت جي اندر ۾ ماءُ جي ممتا هوندي آهي، مون کي سنڌي ٻولي جي خوبصورت  شاعر مارو خشڪ  جو  گيت  امن جي نگري، امن ٿي چاهي بي اختيار  ياد آيو: 

ننڍو وڏو پيو سڪون ڳولي،

ڊگھي ۽ بندري امن ٿي چاهي

امن جي نگري امن ٿي چاهي …… 

مٺي نور جهڙي مٺي منهنجي ادي! پروفيسر ساغر سميجو منهنجي استاد  سنڌ جي نامور شاعر پروفيسر سائينداد ساند جو استاد رهيو آهي. پرفيسر ساغر سميجي هڪ ڀيري  سوال  ڪيو ته  ٿر ۾  دين ڌرم جي عقيدي ۽ ويساهه جي واٽ جي قسم سان  گڏ  ٻيا ڪهڙا  قسم کنيا ويندا آهن ؟ سائين ساغر جي سوال تي  مون کي سڀ کان  پهرين  مٺي نور جو قسم  ياد آيو هو .  ٿر جي ماڻهن جي قسمن ۾  جواني جو قسم، بابي جو قسم، جيجل امڙ جو قسم، ڀاءُ جو قسم، پٽڙي جو قسم، نياڻي جو قسم، ادي جو قسم،  کير جو قسم، نما شام جو قسم، سينڌ جو قسم، اٺ سلي جو قسم،  تارن ڀري رات جو قسم، تنهنجو قسم ۽ ٻيا شامل آهن.  ٿر ۾ مجموعي طور ڪو به قسم ڪوڙو نه کنيو ويندو آهي.  پر ڀيڻ ڀاءَ جو قسم ڪڏهن ڪوڙو ڪو نه کڻندي آهي، هلندي پير ٿڙندو آهي تڏهن  به چوندي آهي ته بچي منهنجو ڀاءُ. ريگستاني  لوڪ روايتن  جي روشني ۾ چيو ويندو آهي ته ’ڀيڻ جو من مکڻ، ڀاءُ جو من پٿر‘ پر مون ڪڏهن به پنهنجين ڀيڻن جي لاءِ پنهنجو من پٿر نه ڪيو آهي، سدائين مکڻ جهڙو ملائم رکيو آهي. منهنجي هٿ جي ڪرائي  ۾ رکڙي  پونم  تي   ٻڌايل  ڀيڻن جو رکڙيون  ٻارهوئي ٻڌل  رهنديون  آهن. مون کي رکڙي  پونم جو تهوار  ننڍي کنڊ جي سمورن  تهوارن کان وڌيڪ وڻندو آهي.  هن تهوار تي محبت جي اٽوٽ رشتي ۾  رڱجي ڪچا  ڌاڳا  ڪيڏا مضبوط ٿيندا آھن . ڪنهن جي ڀيڻ  نه هوندي آهي ته ڌرميلي جي ڀيڻ ڪندو آهي، اهڙي ريت ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ نه هوندو آهي ته هو ڌرم جو ڀاءُ ڪندي آهي.

  منهنجي مٺڙي ادي ! ٿر جي ڳوٺن ۾ ڀائيچاري ۽ رواداري جون اهڙيون ڪيتريون ئي لوڪ ڏاهپ جي مڻيا ۾ مهڪيل رسمون موجود آهن. جيڪي وقت جي وير ۾ جهڪيون ضرور ٿيون آهن، پر انهن جو وجود مڪمل اڃان وڃائڻو نه آهي. شادي جي موقعي تي گهوٽ کي تيار ڪري ترگس گهمائڻ کان پوءِ چاچي جي گهر اتاريو ويندو آهي. جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ڪنهن ڪڙم جو هڪڙو گهر رهندڙ آهي ته ڀر ۾ رهندڙ ٻئي قبيلي جو ماڻهو پنهنجو ڌرم جو ڀائيٽو ڪري پنهنجي گهر اتاريندو آهي. جتي هن جي ڌيءَ گهوٽ جي ڀيڻ بڻجي ’گهوريا پاڻي‘ پيئندي آهي. اهڙيءَ طرح ڌرميلي جي دستور تحت ٿر جي راڄن ۾ کوڙو ڏيڻ (گود ڏيڻ) جو وڏو رواج آهي. جڏهن ڄڃ پرڻجي واپس ڳوٺ ايندي آهي، ته سڀ کان پهرين ڪُنوار جي ڏيج ۾ شامل ’کوڙي‘ جو لوٽو ڪنهن جي حوالي ٿيندو آهي. ان رسم کان پوءِ ڪنوار کوڙي جو لوٽو وٺندڙ جي کوڙهات يا کوڙي ڏنل ڌيءَ ٿي، پوءِ هُو نه صرف پوري ڄمار پنهنجي ڌيءَ ڪري رشتو نڀائيندو آهي، پر هن جو اولاد ساڳي رشتي جي پرمپرا کي پاريندو رهندو آهي. چيو ويندو آهي ته ’خون جي رشتي ۾ پيڙهي پوي ٿي، پر ڌرميلي ۾ پيڙهي نٿي پوي.‘

منهنجي مٺي ڀيڻ !هڪ ڀيڻ پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ ماءَ جي غير موجودگي ۾ ماءَ جا سڀئي فرض نڀائيندي آھي ته اهڙي ريت  ڪٿي ڀاءَ پنهنجي ڀيڻ لاءِ پيءُ  وارا فرض نڀائيندي نظر ايندو آھي ـ

منهنجي مٺي ڀيڻ ! ٿر ۾ ٽاڪ منجهند جو ٽاڻو آهي، بجلي هلي ويئي آهي،  گرمي سبب آئون پنهنجو کٽولو کڻي ديوي جي وڏي وڻ هيٺ اچي ويٺو آهيان، ھڪ يوناني چوڻي ياد اچي رهي آھي ته گھر ۾ ھڪ وڻ ۽ ڌي  جو  ھجڻ ضروري آھي، ڇو ته وڻ تپش ۾ ڇانءُ ڏيندو آھي، ۽ ڌي تڪليف ۾ والدين جو سھارو بڻجندي آھي . منهنجي گهر ۾ ديوي جو هي گهاٽو وڻ ته آهي پر ڌي نه آهي. ڀيڻون به جهرڪين وانگر اڏامي پنهنجا گهر وسائي چڪيون آهن . هانءٌ  جي  حسرت ۾  منهنجون اکيون ڀرجي آيون آهن آئون قلم ڇڏي پنهنجا لڙڪ اگهڻ ٿو چاهيان وڌيڪ حال احوال ٻي ڀيري ڪبا . جهرڪين جي اڏامڻ تان ياد آيو  آهي ته  ٿر جي نامور ڪهاڻيڪار پياري دوست نصير ڪنڀر جي ڪهاڻين جو  مجموعو جهرڪيون اڏامي ويون آهي  ڪڏھن  وقت ملي اھو ضرور پڙهجان.

موڪلاڻي ڪونهي منهنجي ادي سدا جيئو.

_________

Bharu Mal-Sindh Courier

ڀارو مل امراڻي ٿرپارڪر، سنڌ سان تعلق رکندڙ هڪ ناميارو لوڪ ادب جو ماهر، شاعر، محقق، صحافي، براڊڪاسٽر ۽ سماجي توڙي ماحولياتي ڪارڪن آهي، جنهن گذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو ٿري لهجي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جي بچاءُ ۽ پرچار لاءِ وقف ڪيو آهي. 17 فيبروري 1982ع تي چيلهار ويجهو ڳوٺ سوٿار جو تڙ ۾ پيدا ٿيندڙ ڀيرو مل سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۽ تعليم ۾ ماسٽرس سان گڏ قانون جي ڊگري (ایل ایل بی) پڻ حاصل ڪئي آهي ۽ هو هن وقت رائيچند راٺوڙ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول چيلهار ۾ سنڌي ٻوليءَ جو سبيجڪٽ اسپيشلسٽ آهي. هو ٿري لوڪ گيتن، شاعري، تاريخ ۽ ثقافت تي ٻڌل 10 سنڌي ڪتابن جو مصنف آهي، جڏهن ته ٿر جي امير ثقافتي ورثي کي ملڪي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ سندس ڪتاب “صحرا ڪي دوهي” جو پنجابي سميت ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button