نيولبرلزم: ھڪ اجگر بلا، مادي ۽ ذھني غلاميءَ جو نئون روپ
نيولبرلزم رڳو معاشي پاليسين جو نالو ناهي، پر اهڙو سخت ۽ بي رحم نظام آهي جيڪو رياست کي عوامي ذميوارين کان آزاد ڪري، سموري سماج کي منڊيءَ جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏئي ٿو. هي آرٽيڪل ان سچائيءَ کي نروار ڪري ٿو ته ڪيئن آزاد مارڪيٽ جي نالي ۾ تعليم، صحت، وسيلا ۽ انساني قدر وڪرو ٿين ٿا، ۽ ڪيئن فرد کي سندس مظلوميءَ جو پاڻ ئي ڏوهاري بڻايو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر خادم منگي
نيولبرلزم ھڪ عجيب قسم جو نئون سياسي ۽ معاشي نظريو، ڍانچو، رجحان، خيال آھي۔ جيڪو زبردستيءَ مڙھيو وڃي ٿو۔ ھي سسٽم سرمائيداريءَ جي گهاڻي مان ھڪ دفعو پيڙھيل ماڻھن کي، وري ٻيھر پيڙھي رت جو آخري ٽيپو بہ نپوڙي ڪڍي ٿو۔ ھي سرشتو منڊيءَ/مارڪيٽ کي رياست ۽ سرڪار جي ضابطي مان ڪڍي، آزاد منڊيءَ ڏانھن ڌڪي ٿو۔ ماڻھن کي خريد ۽ فروخت جي آزادي تہ کڻي ڏئي ٿو، پر ٻئي طرف بدترين غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏي ٿو۔ نجي ڪاروبار کي ھٿي وٺرائڻ جي چڪر ۾، عوام ۽ رياست جي وچ تي، جيڪا اعتماد جي رشتي تي بيٺل پل ھوندي آھي، ان کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏي ٿو۔ ماڻھن جون رياست ۾ اميدون ھونديون آھن۔ پر ھي سرشتو اتي وڃي دنگ ڪري ٿو جو رياست پنھنجي ھر ذميداريءَ کان پوئتي ھٽي وڃي ٿي۔ افسوس! ھن سرشتي ۾ اقتدار بہ، منڊيءَ ۾ رکيل ھڪ وکر ٿي ويندو آھي. جيڪو وڏو واڪ ڏئي ٿو اھو اڻ ڄاتل مدي لاءِ اقتدار خريد ڪري وٺي ٿو. واڪ مان مراد صرف پئسو ڏوڪڙ نہ ورتي وڃي پر قدرتي ۽ آبي وسيلا، جيئن زمينون، ٻيلا، معدنيات، تيل، گئس، ڪوئلو، جبل، سمنڊ، درياءَ، واھ، ڍنڍون، ڍورا، بندر گاھون، گذرگاھون، روڊ، رستا، سڀ داوَ تي لڳائي، اقتدار وٺڻ۔
ھن خيال جي پنڊتن/پرچارڪن جي راءِ آھي تہ معيشت تڏھن ئي بھتر ٿيندي ، جڏھن رياست ۽ سرڪار ان مان ھٿ ڪڍندي۔ رياست جيترو معيشت جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائيندي، معيشت بھتر نہ ٿيندي۔ واپارين کي آزاد ڇڏي ڏجي تہ جيئن ھو مڪمل خودمختيار ٿين ۽ پنھنجي من ماني ڪن۔ واپاري، ڀلي پنھنجي ٽڪي واري شئي ٻين کي روپئي ۾ کپائين ۽ پرائي روپئي واري شئي پاڻ ٽڪي ۾ خريد ڪن۔ انھن کان ڪو پڇڻ وارو نہ ھجي۔ ڀلي ماڻھن کي، خدمتن جي نالي تي ٻنھي ھٿن سان پيا لٽين۔ پر رياست ٻاھرئين پڌر کان ٻاھر بيھي، ڇڙو تماشو ڏسندي۔ رياست عوام کي خونخوار واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندي۔ ھو اڇي ڪاري جا مالڪ ٿي ويندا ۽ ھو موٽ ۾ وري آني پئسي جا ايترا تہ غلام ٿي ويندا جو ٽڪي ٽڪي جي منافعي جي ڪري سرعام وتندا عوام کي ڳڀا ڳڀا ڪندا۔ ماضيءَ ۾ اھي سروسز/خدمتون جيڪي حڪومت جي ذمي ھونديون ھيون، ھاڻي حڪومت انھن مان آھستي آھستي ڪنڌ ڪڍائي ويندي۔ ھاڻي تعليم، صحت، صاف پاڻي، خوراڪ، روزگار ۽ رھائش وغيره سرڪار جي مٿي جو سور ئي نہ رھندا۔ ھرڪو وڃي پاڻ ڄاڻي۔ فرد جي ناڪامي سندس ئي ڪرتوتن جي ڪري ليکبي، رياست، ان جو ڪو بہ ذمو پاڻ تي نہ کڻندي۔ ھر مسئلو فرد جي پنھنجي غلطيءَ جو نتيجو سمجهيو ويندو۔ ماڻھو بہ ويٺو پاڻ کي ئي ڏوھي سمجهندو۔ پنھنجو مقدر يا لکئي جو ليک سمجهي پاڻ کي ئي ويٺو گهٽ وڌ ڳالھائيندو۔ پاڻ ئي مٿي ۾ مٽي وجهي ويٺو پنھنجا وار پٽيندو۔ ڳچيءَ ۾ توا پائيندو۔
ماڻھو ذھني طور ايترو غلام ٿي ويندو جو سوال ئي نہ ڪندو۔ نفسيات جي مطابق جيڪڏھن سوال ڪرڻ مھل اوھان سوال نہ ٿا ڪيو تہ اوھان منافق آھيو۔ اوھان کي سوال نہ ٿو ڪرڻ اچي تہ اوھان جاھل آھيو۔ پر جيڪڏھن اوھانجي ذھن ۾ سوال ٺھي ئي نہ ٿو تہ اوھان غلام آھيو۔ سو ذھني غلامن کي ان ڳالهہ تي قائل ڪيو ويندو تہ ماڻھو جيڪڏھن غريب ٿي ويو آھي تہ ان ۾ سسٽم جو ڪو بہ ڏوھ نہ ليکيو وڃي۔ پر چيو ويندو تہ ماڻھو ھنر نہ ٿو سکي، مارڪيٽ ۾ پئسو وکريو پيو آھي۔ ماڻھو پنھنجي حرفت ۽ چالاڪيءَ سان پاڻ وڃي ميڙي اچي۔ نہ ٿو ميڙي سگهي تہ نااھل آھي، ۽ اھڙن نااھلن لاءِ رياست آخر ڇا ڪري ۽ ڇو ڪري؟ رياست ڪيستائين اسپون فيڊبگspoon feeding ڪندي رھندي؟ نااھلن جي ڪٽڪن کي آخر رياست ڪيستائين پاليندي ايندي؟
ننڍي ھوندي اسان ڏٺو تہ شادين مرادين ۽ طھرن جي موقعن تي سِڪا اڇلبا ھئا۔ ۽ ٻار اھي ميڙيندا ھئا۔ وڏي پيھ ٿي ويندي ھئي۔ جيڪو وڌيڪ سگهارو ھوندو ھيو ۽ ٻين کي ٺوٺيون ھڻي يا ڌڪا ڏئي ويندو ھيو، سو چڱا خاصا سِڪا گڏ ڪندو ھيو۔ ٻئي طرف وري ڪمزور پئسا تہ پئسن جي ماڳ، اٽلندو پنھنجا ڪپڙا ڦاڙائي ۽ چمپل ڇِنائي، ڪڏھن ڪڏھن تہ ھڏ گڏ ڀڃائي، چُپڙي ڪري ۽ ڀيلو ٻوٿ ڪري، اچي ڪنڊ وٺي ويھي رھندو ھيو۔ سڀ ڪو کيس گهٽ وڌ بہ ڳالھائيندو ھيو۔ ”ڪتو بہ ان کي کائي، ڦِٽ ڦِٽ بہ ان کي۔“ اڄ بہ ڪو ٻار جيڪڏھن فيل ٿيندو آھي تہ چيو ويندو محنتي ناھي، گهر وارن جي مار بہ ان تي۔ اھڙي ٻار تي تہ جيڪر وڌيڪ محنت ٿيڻ کپي۔ “تارے زمين پر” فلم اھڙن ئي ٻارن لاءِ ٺاھي وئي۔ دنيا ۾ ڪو بہ ٻار نااھل نہ ٿيندو آھي۔ بس ٿورو منفرد ٿيندو آھي، الڳ ٿلڳ ھوندو آھي۔ کيس استاد نااھل ملندو آھي جيڪو ان کي سمجهي نہ سگهندو آھي۔ ٻيو تہ ٺھيو پر سندس پيءُ ماءُ بہ کيس وڌيڪ نظر انداز ڪري ۽ تعليم لاءِ بنھ نااھل سمجهي، وڃي ھوٽل تي بيرو ڪري رکندا اٿس۔ يا گيراج واري، جلاد قسم جي مستريءَ جي حوالي ڪندا اٿس۔ جيڪو وري کيس ڇوٽو ڪري ھلائيندو۔ ۽ ساڻس جانورن وارو سلوڪ ڪندو۔ مارَ ڪُٽ الڳ ملندس۔ سموريون برايون ھاڻي اتان ئي شروع ٿينديون۔ ۽ سماج وري اھڙي ٻار مان سڌاري جي اميد رکيو ويٺو ھوندو۔ ھي ٻار ڇو سڌري، سماج ھن کي ڌڪا ٿاٻا، ڇڙٻون، گارگند ۽ موچڙا ھنيا ۽ ھي ٻار موٽ ۾ وري فرشتو ٿئي؟ ڇو ٿئي؟ ھي ٻار بہ اڳتي ھلي رھزن ٿيندو، جلاد ٿيندو، قاتل ٿيندو۔ سو شروعات ڪٿان ٿي؟ تعليم ۽ تربيت جي اڻھوند مان ٿي۔ ان بنيادي ڪارڻ کي درست نہ ڪندا سين، وتندا سين نوان نوان تجربا ڪندا۔ ان ڪري ھي سڀ ڪجهہ اکين آڏو ٿيندي ڏسندا سين پر تعليمي سرشتي تي اعتراض نہ ڪندا سين۔ جيڪڏھن توھان اسڪول نہ کوليندو تہ اوھان کي جيل کولڻا پوندا۔ جيڪڏھن اوھان راندين جا ميدان نہ کوليندو تہ اوھانکي اسپتالون کولڻيون پونديون۔

سرڪار بجلي نہ ڏيندي، وڃي سولر لڳايو، گئس نہ ڏيندي، وڃي سلينڊر ڀرايو، پاڻي نہ ڏيندي، وڃي ٽئنڪر لھرايو۔ ماني نہ ڏيندي، ڀلي پني کائو، روزگار نہ ڏيندي، وڃي ڇولا کپايو۔ سيڪيورٽي نہ ڏيندي، ڀلي پاڻ ئي چوڪيداري ڪيو۔ يا رھزنن ھٿان ڀلي ماريا وڃو۔ مطلب تہ اھو بانور ڪرايو ويندو تہ بھتر علاج تہ مھانگو ٿيندو آھي ۽ سرڪاري علاج ۾ ڊگهي قطار، در در جا ڌڪا ۽ اڍنگو رويو ئي پلئہ پوندو۔ سٺي تعليم کپي تہ ان تي پئسا خرچ ٿيندا۔ پئسا ڀريندا وڃو ۽ ڊگرين جي صورت ۾ رسيدون وٺندا وڃو۔ باقي سرڪاري اسڪول ۾ جتي ٻار ھوندا تہ اتي استاد نہ ھوندو۔ جتي استاد ھوندو اتي وري ٻار نہ ھوندا۔ پر جي ٻئي ھوندا تہ وري اسڪول نہ ھوندو۔ اسڪول ھوندو تہ واش روم نہ ھوندو، واش روم ھوندو تہ ان ۾ پاڻي نہ ھوندو۔ والدين کي بانور ڪرايو ويندو تہ سٺي تعليم تہ مھانگي ٿيندي آھي۔ ايئن ئي چيو ويندو آھي تہ صاف پاڻي تہ پاڻ خريد ڪبو آھي۔ باقي سرڪاري پاڻي جي لائين تہ گٽر سان گڏ ھوندي آھي، ۽ اھو بہ ھفتي ۾ ھڪ دفعو ايندو آھي۔ انصاف لاءِ بہ ساڳيا ئي جملا، تہ انصاف تہ خريد ڪبو آھي۔ چيو ويندو آھي تہ جيترو کير ۾ کنڊ ملائيندو، اوترو کير مٺو ٿيندو۔
ھتي مثال طور مان ھڪ سبجيڪٽ کڻي، ڳالهہ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪيان پيو۔ اوھان ٻيا سبجيڪٽس پاڻ لاڳو ڪري نتيجا ڪڍجو۔ جيئن بجلي پيدا ڪندڙ پرائيويٽ ڪمپنيون، ضرورت کان تمام گهڻي گهٽ بجلي پيدا ڪنديون ۽ پنھنجا پئسا پورا وٺنديون۔ نتيجي ۾ لوڊ شيڊنگ ٿيندي ۽ سندن ٻيا ننڍا ڪاروبار ھلندا، جيئن سولر سسٽم، جنريٽر، بيٽريون، يو پي ايس۔ ھي ننڍڙا ڪاروبار بہ انھن ئي ڪمپنين جا رشتيدار ڪندا۔ سندن پٽ ڀائٽيا، سؤٽ ماسات ۽ پڦاٽ ماروٽ انھن ڌنڌڙن سان لڳل ھوندا۔ ھو پيا انھن کي ٻوھڙي ڪرائيندا رھندا۔ مثال طور دواساز ڪمپني جا مالڪ ڇو چاھيندا تہ ماڻھو صحتمند رھن؟ ان لاءِ ھو ڊاڪٽر خريد ڪندا۔ جيڪو جتي مري ان کي اتي ماريندا۔ ڪو ٿائلينڊ وڃڻ چاھيندو ڪو باڪو۔ جيڪو جاڏي وڃي، ان کي اھا سھولت مھيا ڪري ڏيندا۔ ھو تہ چاھيندا تہ سڄو ملڪ بيمار ھجي۔ بس رڳو اسانجي گهر بيماري نہ پھچي۔ جيئن ھيروئن جو واپاري چاھيندو آھي تہ ڀلي سڄو ملڪ ھيروئن پيئي، پر منھنجو پٽ بچيل ھجي۔
سرمائيداريءَ ۾ غير سرڪاري ادارا يا فرد شين/وکرن، فيڪٽرين ۽ اوزارن جا مالڪ ھوندا آھن، جن کي ھڪڙو ئي ڪم ڪرڻ ايندو آھي، منافعو ٺاھڻ۔ جڏھن تہ نيولبرلزم وري سرمائيداريءَ جي ئي ڪُک مان نڪتل ھڪ وڌيڪ ڀيانڪ شڪل آھي، جنھن راڪاس جا ڏند تازا تازا تکا ٿيل ھوندا آھن۔ جيڪو مڪمل آزاد مارڪيٽ ۾ ڪم ڪرڻ چاھيندو آھي۔ ھي بکيا بگهڙ ٽولن جي صورت ۾ اچي ڪڙڪندا آھن ۽ عوامي، مقامي، قومي ۽ علائقائي ماڻھن جي گذر سفر جي ذريعن تي ڳِجهُن وانگر اچي لھندا آھن۔ سرڪاري ملڪيتن ۽ ادارن ۾ سندس اک ھوندي آھي۔ پھريان، اندر ئي اندر، سڻڀن کاتن ۽ ادارن جي ڀينگ ڪرائيندا۔ ان لاءِ ھو اڳ ۾ ويٺل ماڻھوءَ کي خريد ڪندا ۽ ان کي پنھنجي طرفان بہ ھڪ پگهار ڏيندا۔ تہ جيئن ادارو تباھ ڪرائڻ ۾ مددگار ٿئي، ۽ پوءِ ڀڳڙن مُٺ تي پاڻ ئي خريد ڪندا، ۽ جنھن ملڪ ۾ ڪم ڪندا، اتان جي سرڪار جي مداخلت کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيندا۔ کٽل کاتا سرڪار جي ڳچيءَ ۾ پيا ھوندا۔ سرڪار وري انھن کاتن جي بحاليءَ لاءِ قرض کڻندي يا ڪستو۔ ايئن ئي مواليءَ وانگر لٺ ڪلھي تي، ماني راڄ تي۔ سرڪاري معيشت وڃي بند ڳليءَ ۾ اھڙو ڦاسندي جو ان کي سڌارڻ لاءِ حڪومتون تبديل ڪرڻيون پونديون۔ پر ”مرض بڙھتاگيا، جون جون دوا ڪِي۔“
سرڪار پاڻ بہ سڀ ڪم، پرائيويٽ ڪمپنين جي بلي ڪندي ويندي ۽ پاڻ مٿن ھيٺان ٻہ وھاڻا ڏئي سمھي پوندي۔ “انڌير نگري، چرٻٽ راجا”۔ سرڪار نامدار ڪمپنين کان لائسنس جي مد ۾ پئي ڪميشن ۽ مال پاڻي وٺندي رھندي ۽ ڏينھون ڏينھن کين وڌيڪ ڇيڪ ڇڏيندي رھندي۔ چوندن اڃا وڃي وڌيڪ ڀيل ڪيو، ڪو چوڻ آکڻ وارو نہ ھوندو۔ واپاري گراھڪ کي ڀلي مُڏي ڪاتيءَ سان ڪھن۔ ڀلي ابتي کل لاھين۔ سرڪار فري مارڪيٽ جي چڪر ۾، ويندي اھي سھولتون، ڊي ريگيوليٽ/deregulate ۽ پرائيويٽائيز/privatize ڪندي۔ ايئر لائين، ريلوي سسٽم، بجلي پيدا ڪندڙ ادارا، تعليمي ادارا، اسپتالون سڀ ڪمائي ڏيندڙ ادارا آھستي آھستي واپاري خريد ڪندو ويندو ۽ سڀ ناڪارا ادارا سرڪار جي ڳچيءَ ۾ پيا ھوندا۔ جيڪي نہ ڏھڻ جا، نہ وري ڪھڻ جا۔ سرڪار انھن کي ھلائڻ لاءِ قرض کڻندي پر جي قرض نہ مليو تہ خيرات پنندي۔ سرڪار اھا مليل خيرات بہ ادارن جي سڌارن تي خرچ نہ ڪندي، بس بندر بانٽ ڪري ختم ٿي ويندي۔
نيو لبرلزم جي ڊڪشنريءَ ۾ ثقافت، ٻولي، تھذيب، انسانيت، ماڻھپو، رواداري، مقاميت، ماحوليات ۽ ھمدرديءَ جا لفظ ئي ڪونھن۔ جيڪو اھڙيون ڳالھيون ڪندو ان کي پراڻ پسند ۽ دقيانوس سمجهيو ويندو۔ ۽ انھن لفظن جي آڙ ۾ جيڪي سالن کان ڌنڌڙو ڪندا اچن ٿا، سي بہ ويچارا بيروزگار ٿي ويندا۔ سرمائيدار ايترو انڌو ٿيندو ويندو جو پنھنجي منافعي لاءِ ھو سڄي ايڪو سسٽم کي تھس نھس ڪندو۔ ماحولياتي گدلاڻ، ٻيلن جي ڪٽائي، پاڻيءَ جو زيان، زير زمين پاڻيءَ جو زھريلو ٿي وڃڻ، سوڪھڙو، سيلاب، ڏڪر، وبائون، زلزلا، سوناميون، ھن لاءِ ڪجهہ بہ ناھي۔ اھي تباھيون فرد جا ذاتي مسئلا آھن، وڃي پاڻ حل ڪري۔ نہ ٿو حل ڪري سگهي تہ وڃي مري کپي۔ ”ٺڪ ٺوٺا، جليبي کاءُ، جرمن مئو، اسان جو ڇا؟” دنيا ۾ جيڪي مھانگيون شيون ھونديون واپاري انھن لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي انھن کي حاصل ڪندو۔ فاسل فيول ۽ ارٿ منرلس لاءِ اصل ڇِتو ٿي پوندو۔
ٽيڪنالاجيءَ مان بہ امير فائدو وٺندا۔ فڊ پانڊا ۽ بائيڪا جي مزور جي ھر بڪنگ تي ان ڪمپنيءَ جو منافعو وڌندو جيڪو صرف ويٺو آرڊر ٿو وٺي۔ ھڪ سپر ڪمپيوٽر لکين ماڻھن کي بيروزگار ڪندو۔ ھڪڙي مئسيج جي ٽيڪنالاجيءَ خط، لفافي، ٽڪلي، ليٽر پيڊ، پين، پوسٽ باڪس، پوسٽ مين ۽ پوسٽ آفيس کي ختم ڪري ڇڏيو۔ ھڪ ڊرون جي ايجاد کانپوءِ ھاڻي پوليس جي سڄي محڪمي جي ضرورت ئي نہ رھي۔ ڌاڙيل پاڻ پيا پيش پون۔ ھڪڙي ڪئميرا سسٽم سڄي ميگا سٽيءَ جي ٽرئفڪ جي مسئلي کي سڌو ڪري ڇڏيو۔ چؤنڪ تي سپاھي ھاڻي ڇا ڪندا؟ سڀ ماڻھو پاڻ ھرتو سيٽ بيلٽ ٻڌن ٿا ۽ ھيلميٽ پائن ٿا۔ جيڪي ٻہ ننڍڙا ڪم، سڄو محڪمو، سالن جي محنت کانپوءِ بہ نہ ڪري سگهيو، اھي ڊرون ۽ ڪئميرا ڪري ڏيکاريا۔
ھن سسٽم جي نقادن جو ٿلھي ليکي خيال آھي تہ ھن سسٽم ۾ آمدني جو تناسب بگڙجي ويندو ۽ ناڻي جي ورڇ ايتري تہ غيرمنصفانہ ٿي ويندي، جو امير اڃان وڌيڪ امير ٿي ويندو ۽ غريب ويتر غريب ٿي ويندو۔ غريب جي، اوورٽائيم ڪري ڪري، اصل بيک ئي نڪري ويندي۔ ھڪڙي شئي جي پورت ڪندو تہ ٻي رھجي ويندي۔ دوا ڪرائيندو تہ ٻارن جي اسڪول جي في نہ ڀري سگهندو۔ ڪارپوريٽ ڪمپنين جي ھڪ ھٽي ايتري وڌي ويندي جو منافعو ئي سڀ ڪجهہ ٿي ويندو۔ جيڪو ماڻھو فائديمند ناھي سو بيڪار آھي۔ ڪم ڪڍڻ کان پوءِ ماڻھوءَ کي استعمال ٿيل ٽشو پيپر وانگر ڦِٽو ڪيو ويندو۔ ماڻھپو ڳوليو نہ لڀندو ۽ حيوانيت انچ انچ تي ننگو ناچ ڪندي۔ ماڻھن جي ھن ھيڏي سمنڊ ۾ ھر انسان پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو۔ رشتا ۽ ناتا منافعي جي بنياد تي جڙندا ۽ ڊھندا۔ ڇا جو معذور ڇا جو پيرسن؟ ان جي چڱ ڀلائيءَ جو اونو، سرڪار جي مٿي جو سور ئي ناھي۔ سرڪاري ڪارندا سماج کان لاتعلق ٿي پنھنجين عياشين ۾ ئي مگن ٿي ويندا۔ ھر اھا شئي جيڪا عوام لاءِ مھانگي ھوندي، سا سرڪاري ڪارندن لاءِ مفت ٿيندي ويندي۔ ننڍڙي ملازم کان ٽيڪس اڳاڙيو ويندو ۽ وڏي ملازم جون مراعتون ۽ بونس وڌايا ويندا۔ سياستدان ماڻھن کي صرف ان ڪري جيئرو رکندا ايندا تہ جيئن ھو ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي سگهن۔ ڪڏھن ڪڏھن تہ کين ووٽ جي ضرورت بہ نہ پوندي۔ ھڪڙو ماڻھو خريد ڪري، نتيجن ۾ ڦير ڦار ڪرائي، اچي ويھي رھندا۔ خريد فروخت جي ايتري آزادي ھوندي جو ڪي ماڻھو ضمير بہ وڪڻي ڇڏيندا۔ سياستدان کٽي اچڻ کانپوءِ اسيمبلين ۾ سرعام پنھنجون وفاداريون وڪڻندا۔ جنھنکي Horse trading چئجي ٿو۔ ڏٺو وڃي تہ نيولبرلزم نظر ايندڙ شين جي واپار جي اجازت ڏئي ٿو. پر ماڻھو نظر نہ ايندڙ شيون بہ وڪڻندا۔ ضمير، وفاداري، غيرت، سڀني شين جي آچر بازار لڳندي۔
ڪا داد رسي نہ ٿيندي۔ صحافت کي ڏوھارين جو جوڙيوال ڪيو ويندو، تہ جيئن ڪا دانھن ڪوڪ نہ ٿئي ۽ راوي چين ئي چين لکي۔ مثال طور ڪا فيڪٽري بند ڪئي ويندي تہ ٻئي ڏينھن اخبار ۾ خبر ڇپجندي تہ ماڻھو ڪم نہ پيا ڪرڻ چاھين۔ ان ڪري فيڪٽري، مسلسل خساري ۾ وڃي نيٺ بند ٿي وئي۔ اھو نہ ٻڌايو ويندو تہ فيڪٽريءَ جي مالڪ جا اثاثا ڪيترا وڌي ويا۔ عدالت تان ماڻھن جا ارواح ئي کڻايا ويندا۔ ڪو ماڻھو ڀلجي ڪري بہ انصاف جو دروازو نہ کڙڪائيندو۔ انصاف وٺڻ وارو آھستي آھستي ڪنگلو ٿي ڪيس تان ھٿ کڻي ويندو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن وڏيري جي اوطاق تي وڃي، پٽڪو سندس پيرن تي رکي صرف جان جي امان گهرندو۔ “وئي سڱن لاء ڪن بہ ڪپائي آئي۔” ٻئي طرف انصاف فراھم ڪندڙ ادارن جون پگهارون ۽ مراعتون ايتريون وڌايون وينديون جو کين درخواست گذارن جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿيندي۔ ماڻھو گهڻي ڀاڱي پنھنجا پلاند پاڻ ڪندا ۽ انصاف روڊن تي ٿيندو۔ ميرٽ جو قتلام ٿيندو، قابل ماڻھو ملڪ ڇڏيندا ويندا، باقي جيڪي بچندا تن لاءِ ھٿيار ۽ نشو عام جام ٿي ويندو تہ جيئن ڪجهہ ماڻھن کي جلدي مارجي ۽ ڪجهہ کي وري چيچلائي چيچلائي مارجي۔ مزاحمت ڪندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ نوجوانن کي بہ ننڊ سمھاريو وڃي۔
اڳي ان ڳالهہ تي زور ڏنو ويندو ھيو تہ ماڻھو سٺو ھجڻ کپي، سٺي مان مراد نيڪو ڪار، پرھيزگار، ايماندار، وفادار ۽ خداترس ھجي۔ پر جديد دؤر ۾ سٺو ماڻھو بچي نہ سگهندو۔ سٺو ماڻھو ھن نظام اندر، فٽ نہ سمجهيو ويندو۔ ھن دؤر ۾ ماڻھو اھو ئي بچندو جيڪو سياسي عمل ۾ جڙندو، سوال پڇندو، انڪار ڪندو، اعتراض ڪندو، صلاح ڏيندو ۽ مزاحمت ڪندو۔ خاموش ۽ شريف ماڻھوءَ کي ھي نظام پنھنجو صارف بڻائي آھستي آھستي يا ھڪ منو وڏو گراھ ڪري، ڳھي ويندو۔
_______________

ڊاڪٽر خادم منگي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو سيڪريٽري آهي ۽ سکر ۾ رھي ٿو.



بھترين لکڻي