سنڌي ادب: ھڪ اڻ پورو گيت (آزاد نظم)
ناليواري شاعرہ حميرا نُور جو آزاد نظم
حميرا نُور جو اصل نالو حميرا شمس شيخ آھي. سوشيالاجيءَ ۾ سندس ماسٽرس ڪيل آھي. پاڻ ڪالم نگار، ڪھاڻيڪار ۽ شاعرہ آھي. سندس چار ڪتاب ڇپيل آھن جن ۾ درد جي خوشبو، زائفان ذات ، تون ۽ مان ، ۽ گنگيون زندگيون، شامل آھن.

ھڪ اڻ پورو گيت
منهنجي چپن تي
هڪ گيت هو
جيڪو تنهنجي نالي کان اڳ
منهنجي دل ۾ جنم وٺي چڪو هو،
پر لفظن تائين پهچڻ کان اڳ
وقت جي ڪنهن ڪنڊ ۾
گم ٿي ويو.
مان ڳائيندي رهيس
خاموشين جي ساز تي،
پر هر سُر
اڌورو رهيو،
هر ڌُن
ڪنهن اڻ لکيل ڪهاڻيءَ وانگر
رات جي اونداهيءَ ۾
ڀٽڪندي رهي.
مون چاهيو هو ته
صبح ٿيندي ئي
شهر جا در کلي وڃن
ماڻهو
هڪ ٻئي کي ماڻهو سمجهن،
ڪنهن جي اک ۾ لڙڪ ڏسي
ڪي هٿ اڳتي وڌن،
ڪي پيٽ جي بک کي
ڄاڻي وٺن،
ھا پر
صبح آئي به ته
پنهنجي ڪلهن تي
ساڳيا سوال کڻي!!!
۽ شهر سڄو
ساڳين در، درين ۽
ڀتين جي وچ ۾
ساڳي خاموشيءَ سان
ساھُ کڻندو رهيو!!!
منهنجي گيت ۾
هڪ عورت جو آواز هيو،
جنهن کي هر ڀيري چيو ويو
ماٺ ڪر!
۽ هڪ ٻار جي اک هئي،
جنهن خواب ڏسڻ کان اڳ
حقيقت کان ڊڄڻ سکيو.
منهنجي گيت ۾
هاريءَ جا هٿ هئا،
مزور جي پيڙا هئي،
۽ انهن ماڻهن جون دعائون هيون
جيڪي پنهنجا حق گهرندي
پنهنجي ئي شهر ۾ اوپرا
اجنبي بڻجي ويا.!!!!!!
پر گيت اڻ پورو رھيو
مڪمل نه ٿي سگهيو.!!!
هڪ سُر
اڃا تائين منهنجي اندر ۾
قيد آهي،
هڪ لفظ
اڃا تائين
زبان جي در تي بيٺو آهي!!
۽ هڪ سوال
اڃا تائين
منهنجي ضمير کي
جاڳائيندو رهي ٿو.
جيستائين ڪنھن به
ھڪ ماڻهوءَ جي آواز کي
ماٺ ڪرايو ويندو
تيستائين
منھنجو گيت
مڪمل ڪو نه ٿيندو!!!!
تنهنڪري هي گيت
اڻ پورو/اڌورو ئي سهي
پر مان ان کي
دفن نه ڪندس.
شايد
منهنجي اڌوري سُر مان
ڪنهن ڏينهن
ڪو مڪمل آواز جنم وٺي
۽ ڪو ٻيو ماڻهو
اتان ئي ڳائڻ شروع ڪري
جتان
منهنجو گيت
اڌورو رهجي ويو هو.!
_____________

حميرا نور



