ڊاڪٽر پرسو جيسارام گِدواڻي –اهو شخص جنهن ڪڇ جي مقامي سنڌين کي ڳولي لڌو
13 آگسٽ 1937ع تي سنڌ جي شھر دادوءَ ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر پرسو جِي گِدواڻيءَ ڪڇ ۾ اصل سنڌين کي ڳولي لهڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. سندس پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ کان وڇوڙو ئي اهو سبب هو جو هن پنهنجي سموري زندگي ڪڇ جير ِڻ ۾ سنڌين جي ڳولا لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

ليکڪ: نصير اعجاز
“ٻُوٽا زمين ۾ پاڙُن کان سواءِ وڌي وڻ نٿا بڻجي سگهن. ساڳيءَ ريت لوڪ گيتن جو حال آهي، جيڪي پڻ مٽيءَ جي خوشبوءِ سان ڌرتيءَ مان ڦٽندا آهن. جڏهن مون رٻاڙي برادريءَ جي ڪجهه ڇوڪرين کي هڪ سنڌي گيت ڳائيندي ٻڌو: ‘او الله! منهنجي ٻڪري ڪير ڏُهي ويو’، جيڪو ڪڇ جي رٻاڙي برادريءَ جو لوڪ گيت آهي، ته مون کي يقين ٿي ويو ته هن گيت جون پاڙون ڪڇ جي مٽيءَ ۾ آهن. هيءَ برادري ٻڪرار ئي هوندي، ڇو جو اهڙا لفظ انسان تڏهن ئي دل جي گهرائين سان چئي سگهي ٿو جڏهن هو عملي زندگيءَ ۾ اهڙن واقعن مان گذري ٿو.” ڊاڪٽر پرسو جيسارام گِدواڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي لوڪ گيت‘ ۾ لکي ٿو.
13 آگسٽ 1937ع تي سنڌ جي دادو شهر ۾ جنم وٺندڙ ڊاڪٽر پرسو پنهنجي جنم ڀوميءَ کان بي وطن ٿيڻ باوجود ڪڇ ۾ اصل سنڌين کي ڳولڻ تي وسيع ڪم ڪيو. يقينن، سندس پنهنجو جلاوطن ٿيڻ ئي اهو سبب هو جو هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو ڪڇ جي ريگستان ۾ سنڌين جي ڳولا لاءِ ارپي ڇڏيو.

ڊاڪٽر پرسو اڃا پرائمريءَ جي چوٿين درجي ۾ هو جڏهن ورهاڱو ٿيو ۽ کيس پنهنجي والدين سان گڏ پنهنجو اباڻو گھر ڇڏي هندستان جي پناهگير ڪيمپن ۾ سال گذارڻا پيا. تنههن هوندي به هن همٿ نه هاري ۽ روزگار سان گڏ تعليم به جاري رکيائين. ڊاڪٽر پرسو 1962ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ ايم اي ڪئي، ۽ 1966ع ۾ ساگر يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس پي ايڇ ڊي جو مقالو ’هندي ۽ سنڌي صوفي شاعرن جو تقابلي اڀياس‘ هو.
1971ع ۾ هن پوني يونيورسٽيءَ مان ٻولين جي علم ۾ ايم اي ڪئي ۽ 1971ع کان 1986ع تائين دکن ڪاليج پوني ۾ ليڪچرار طور ۽ پوءِ ان ئي ڪاليج جي پوسٽ گريجوئيٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ’سنڌي لسانيات واري شعبي‘ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور خدمت سرانجام ڏني، جتان هو 1996ع ۾ رٽائر ٿيو.
ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻيءَ سنڌي دنيا سان لاڳاپيل علمِ انسانيات (Ethnology) ۽ لسانيات (Linguistics) جي ميدان ۾ هڪ نامياري نالي ۽ اڳواڻ طور مڃتا ماڻي. پنهنجي تحقيق دوران هن هندستان ۾ اهڙو سنڌي ادب ۽ لهجا ڳولي لڌا جيڪي هينئر تائين دنيا کان اوجهل هئا. تحقيق جي سلسلي ۾ هن ڪولھي، واڍا، ميگهواڙ، سوڍا، ميراثي، ڀيل ۽ ٻيون اهڙيون برادريون ڳولي لڌيون جيڪي ڪڇ جا اصلي ۽ مقامي سنڌي هئا.

1980ع واري ڏهاڪي کان وٺي هو انھيءَ اميد سان ڀُڄ ۽ ڪڇ جي اندروني علائقن جا دورا ڪندو رهيو ته هندستاني حدن اندر کيس ڪجهه سنڌي ملي ويندا؛ کيس پختو يقين هو ته سنڌ ۽ هندستان جي سرحد جي ويجهو ڪجهه سنڌي ضرور ملندا. ڪڇ جي سخت موسمي حالتن ۾ خشڪ ۽ پراهين علائقن جا سخت ميداني دورا تڏهن سوڀارا ٿيا جڏهن هو بني (Banni) جي لڳ ڀڳ 15 اهڙن ڳوٺن ۾ پهچي ويو جتي ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائيندا هئا! اهي اتان جا قديم سنڌي هئا جن جو چوڻ هو ته سندن وڏا نسل در نسل انهن ئي علائقن ۾ رهندا آيا آهن. انهن ۾ مسلمانن سان گڏوگڏ هندو هيٺين ذاتين جا سنڌي به شامل هئا.
رٽائرمينٽ کان پوءِ، هن پنهنجو وڌيڪ وقت وراڌ ڪيمپ، نيرونا (ڪڇ) ۾ گذاريو. هتي هن انهن سنڌي سوڍن سان ملاقاتون ڪيون جيڪي 1971ع ۾ ٿر مان پناهگير ٿي آيا هئا. پنهنجين پاڙن سان ويجھو رهڻ جي خواهش سبب هن هتي هڪ ننڍڙو گھر به جوڙيو. هن پنهنجي زال پشپا جي گڏيل ڪوششن سان اتي جي سرڪاري اسڪول کي ٻيهر فعال ڪيو. سوڍا ۽ ٻين ۽ پاڙيسري ڳوٺ سومرن جا ٻار هن اسڪول ۾ پڙهڻ ايندا هئا.

ڊاڪٽر پرسو گدواڻي پنجاب يا گجرات جي مقابلي ۾ سنڌ جي ثقافت بابت چڱيءَ ريت آگاهه هو، ان ڪري هن پنهنجي ثقافت جي مالامال ھجڻ جا ثبوت ڏيڻ لاءِ پوري زندگي جدوجهد ڪئي. ان کان علاوه، هن سنڌي هندن، مسلمانن، ذات پات کان ٻاهر نڪتل ماڻهن ۽ اتم ذاتين جي وچ ۾ ثقافت جي گڏيل تارن کي نمايان ڪيو.
ڊاڪٽر پرسو جا لکيل ڪتاب: شاهه جو شعر (1973ع)، ‘سنڌيءَ جا ٽيهه سال’ (1979ع)، ‘سنڌي ٻوليءَ جي زيارت’ (1989ع)، ‘گيچ/گيج’ (1990ع)، ‘ڳجهارتون’ (1990ع – لالجي همٿوجي سان گڏيل)، ‘سنڌي لوڪ ورثو’ (1992ع)، ‘اچو ته سنڌي سکون’ (1997ع)، ‘سنڌي اپڀاشائن جا چونڊ لفظ’ (1999ع).
تحقيقي مقالا: ‘Let’s learn Sindhi’ 1998
‘Glimpses of Sindhi Language’ (2003)
‘Similarities in Sindhi and Dravidian Languages’ ليڪچر – 1996ع
ڊاڪٽر پرسو جيسارام گِدواڻي 24 نومبر 2004ع تي وفات ڪري ويو.

سنڌي دنيا جي علمِ انسانيات (Ethnology) ۽ لسانيات جي باني ڊاڪٽر پرسو جِي گدواڻيءَ جي ياد ۾ 2011ع ۾ ’پرسو گدواڻي سينٽر آف سنڌي اسٽڊيز‘ قائم ڪيو ويو. هي تحقيقي مرڪز ڊاڪٽر پرسوءَ جي ان خواهش جو نتيجو آهي ته سنڌي ثقافت، تاريخ ۽ سماج کي وڌ ۾ وڌ ماڻھن خاص ڪري اڪيڊمڪ (تعليمي) طبقن ۽ سنڌي پڙهائيءَ ۾ دلچسپي رکندڙن آڏو پيش ڪيو وڃي.
اڄڪلهه، سنڌي لهجا سنڌ کان سواءِ پاڪستان ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ به ڳالهايا وڃن ٿا. مثال طور، بني، ڪڇ جي جتن جي ’جٽڪي‘ ٻولي به سنڌيءَ جو هڪ لهجو آهي. سنڌي ٻولي انهن نيٽ ورڪن ذريعي به ڏيهه توڙي پرڏيهه (Diaspora) ۾ ڳالهائي ويندي آهي جيڪي سنڌي واپارين صدين کان قائم ڪيا آهن.

ان مقصد کي نظر ۾ رکندي، هن تحقيقي مرڪز جا بنيادي مقصد آهن:
پرسو گدواڻيءَ جي ڪمن کي عام ڪرڻ.
اسڪالرن، شاگردن ۽ سنڌ سان لاڳاپيل موضوعن ۾ دلچسپي رکندڙن کي پاڻ ۾ جوڙڻ.
بصري فن (Visual Arts)، ادب يا ٻين آثارن جي ميدان ۾ سنڌ بابت ڊيٽا جمع ڪرڻ.
سنڌي اسٽڊيز سان لاڳاپيل اڪيڊمڪ پروگرامن بابت آگاهي ڏيڻ.
سنڌي دنيا، خاص طور ادب، ثقافت، سماج ۽ تاريخ جي موضوعن تي تحقيقي پروگرام شروع ڪرڻ.
اڪيڊمڪ ڪانفرنسون، گڏجاڻيون، ورڪشاپون ۽ ليڪچر منعقد ڪرڻ، ۽ تحقيقي ڪم شايع ڪرڻ.
________________

نصير اعجاز ڪراچيءَ سنڌ ۾ رھندڙ صحافي اھي. تاريخ ۽ ادب تي سندس يارھن ڪتاب شائع ٿيل آھن.
ذريعا: آل سنڌيز هوپ ايسوسيئيشن FB پيج، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ هائيپوٿيسس، ۽ ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻيءَ جو لکيل ڪتاب ’سنڌي لوڪ گيت – ٻوليءَ جي اوسر‘.
تصويرن لاءِ ٿورائتو: روهتيش گدواڻي (ڊاڪٽر پرسو جو پٽ)، وينا شرنگي، ۽ هينا اڳناڻي (هندستان).
ھيءُ آرٽيڪل انگريزي ويب سائيٽ سنڌ ڪوريئر تي 14 آگسٽ 2021 تي شائع ٿيو




پارسو نٿني بابت سٺي معلومات جيڪا مون کي خبر نه هئي. اهڙي معلومات شيئر ڪرڻ لاءِ مهرباني 🙏