Editor's pickMain Slideثقافتڏکڻ ايشيا

​ڪراچيءَ جا ايراني ڪيفي: هڪ ميسارجي ويل ڪلچر جو داستان

هي ايراني هوٽلون صرف چانهه پيئڻ جي جاءِ نه هيون، بلڪه هي ڪراچيءَ جي فڪري ۽ سماجي ميلاپ جا مرڪز هئا. هتان جي مشهور کڙڪ ايراني چانهه، مکن مسڪا، بن ڪباب، اوٻاريل آنا ۽ ڪيڪ اسڪول جي ٻارن کان وٺي، صحافين، سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جي پسنديده خوراڪ هئا. اڄ ڪراچيءَ جو اهو روايتي ايراني ڪيفي ڪلچر آخري پساھن ۾ آهي. صدر جي ڪثير منزلہ ڪمرشل پلازائن، فاسٽ فوڊ چينز ۽ چانهه جي پٺاڻ هوٽلن (ڍابن، جن ۾ صفائي نالي ڪا شئي نٿي ملي) انهن جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي. پر هن مٽجندڙ تاريخ جي وچ ۾، شاهين ڪمپليڪس ويجھو “خيرآباد هوٽل” اڄ به پنهنجي پراڻي ڪاٺ جي ميزن، ايراني چانهه جي خوشبو ۽ مخصوص طرزِ تعمير سان هن عظيم ڪميونٽيءَ جي آخري نشانيءَ طور بيٺل آهي.

تحرير: ابراهيم صالح محمد

​بين الاقوامي لاڳاپن ۽ جيو پوليٽڪس جا شاگرد جڏهن به لڏپلاڻ جي تاريخ جو اڀياس ڪندا آهن، ته سندن نظرون اڪثر وڏين جنگين ۽ سياسي نقشن جي تبديليءَ تي اٽڪي پونديون آهن. پر تاريخ جو هڪ تلخ سچ اهو به آهي ته نظرياتي، مذهبي ۽ نسلي تعصبن هميشه امن پسند برادرين کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي لڏپلاڻ تي مجبور آھي. بھرحال انھيءَ لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ اهڙا ثقافتي گلدستا وجود ۾ آيا جيڪي صدين تائين ٻين مختلف شهرن جي سڃاڻپ بڻجي ويا. ننڍو کنڊ، ۽ خاص طور تي روشنين جو شهر ڪراچي، اهڙين ئي ڪيترين ئي لڏپلاڻن جو امين رهيو آهي. پارسين، گوا جي عيسائين ۽ اينگلو انڊينز وانگر، ڪراچيءَ جي تاريخ جو هڪ انتهائي خوبصورت ۽ هاڻي ميسارجندڙ باب ايراني ۽ بھائي ڪميونٽيءَ جو داستان آهي، جن جي چانهه  جي ڪيفي، بيڪرين ۽ هوٽلن هڪ دور ۾ ڪراچيءَ کي رونق بخشي هئي. اڄ جڏهن اسين شاهين ڪمپليڪس، ڪينٽ اسٽيشن يا صدر جي رستن تان لنگهون ٿا، ته ڪجهه آخري بچي ويل ايراني هوٽل جهڙوڪ ‘خيرآباد’ يا ‘ڪيفي جارج’ اسان کي ان شاندار ماضيءَ جي ياد ڏيارين ٿا جيڪو ھوريان ھوريان وقت جي ڌوڙ ۾ گم ٿي رهيو آهي.

​​هن داستان جي شروعات اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري ايران (فارس) کان ٿئي ٿي. قاجار سلطنت جي دور ۾ جڏهن بابيت ۽ بعد ۾ بھائي تحريڪ جنم ورتو، ته ايراني مقتدره ۽ روايتي حلقن پاران انهن جي خلاف هڪ خوني ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو. هن جبر جو عروج 1852ع ۾ ايران جي مشهور شاعره، عالمہ ۽ بھائي اڳواڻ قُرۃُ العين طاهره جو بيحرمتيءَ سان قتل هو. طاهره جي قتل کانپوءِ قاجارين بابين ۽ بھائين جو وڏي پيماني تي قتلام شروع ڪري ڏنو. جان بچائڻ لاءِ انهن مظلوم ايرانين سمنڊ جو رخ ڪيو ۽ ننڍي کنڊ جي ساحلي شهرن بمبئي، ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ پناهہ ورتي.

​اھي ماڻهو پاڻ سان ڪا دولت يا هٿيار کڻي نه آيا هئا، بلڪ وٽن صرف سندن محنت، نفاست ۽ ايراني ثقافت هئي. بمبئي ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ پهچي انهن ماڻهن ننڍي کنڊ جي چانهه پيئڻ جي ڪلچر کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو. انهن شهر جي اهم ترين چؤراهن تي گرائونڊ فلور جا دڪان خريد ڪيا ۽ ايراني ڪيفي، هوٽل ۽ بيڪريون هلائڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو. کين ڏسي، ايران جي ٻين شهرن جهڙوڪ يزد، اصفهان ۽ شيراز مان به ڪيترا ئي مسلمان (شيعه) خاندان تجارت لاءِ ڪراچي منتقل ٿيڻ شروع ٿيا. (بيگم نصرت ڀٽو پڻ هڪ شيعه اصفهاني خاندان سان تعلق رکندي هئي).

​​ڪراچيءَ ۾ انهن ايرانين جون ابتدائي رهائشگاهون کارادر ۽ ميٺادر جا قديم علائقا بڻيا، پر جيئن جيئن انگريزن جي دور ۾ ‘صدر’ ۽ ‘ڪينٽ’ جا علائقا جديد ڪاروباري مرڪز طور اڀريا، هيءَ ڪميونٽي صدر منتقل ٿي ويئي. صدر جا وڏا ڪُشادا رستا، اوچين ڇتين واريون عمارتون ۽ روشن ماحول سندن ڪيفي ڪلچر لاءِ بهترين هو. مزارِ قائد سان لڳ هڪ سڙڪ تي قائم انھن جو بھائي هال ان دور ۾ شهر جي هڪ وڏي مشهور عمارت ھئي، جتي علمي، ادبي ۽ مذهبي گفتگو ٿيندي هئي.

​هي ايراني هوٽلون صرف چانهه پيئڻ جي جاءِ نه هيون، بلڪه هي ڪراچيءَ جي فڪري ۽ سماجي ميلاپ جا مرڪز هئا. هتان جي مشهور کڙڪ ايراني چانهه، مکن مسڪا، بن ڪباب، اوٻاريل آنا ۽ ڪيڪ اسڪول جي ٻارن کان وٺي، صحافين، سياستدانن ۽ بيوروڪريٽس جي پسنديده خوراڪ هئا. انهن هوٽلن جي خاص ڳالهه انهن جا وڏا آئينا، ڪاٺ جون گول ميزون، ڪرسيون ۽ اهي بورڊ هئا جن تي نمايان اکرن ۾ لکيل هوندو هو: “سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي” يا “اوڌر بند آهي”. (اها الڳ ڳالهه آهي ته اڪثر شاعر، اديب ۽ سياستدان هتي اچي ويهندا هئا ۽ گفتگو ڪندا هئا).

​ ​1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، ڪراچي ملڪي سياست ۽ معيشت جو مرڪز بڻجي ويو. ايراني هوٽلن جو ڪاروبار پنهنجي عروج تي پهچي ويو. تنهن هوندي به، هڪ اقليتي برادري هجڻ ناطي، بھائين جي اندر هڪ عدم تحفظ موجود هو. 50 ۽ 60 جي ڏهاڪي ۾، جڏهن پاڪستان مغرب ڏانهن جھڪاءُ اختيار ڪيو ۽ ملڪ ۾ آهستي آهستي مذهبي شدت پسنديءَ جا ابتدائي آثار نظر اچڻ لڳا، ته هن ڪميونٽي جي ڪيترن ئي پڙهيل لکيل ۽ آسودن خاندانن پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ يورپ، ڪينيڊا ۽ آمريڪا شفٽ ٿيڻ شروع ڪيو. هي هن ڪميونٽي جو ڪراچي ڇڏڻ جو پهريون مرحلو هو، پر اصل جھٽڪو اڃا اچڻو هو.

​​ايران ۾ 1979ع جو اسلامي انقلاب نہ صرف تهران لاءِ بلڪه ڪراچيءَ جي صدر ۾ ويٺل انهن ايرانين لاءِ به هڪ زلزلو ثابت ٿيو. امام خمينيءَ جي انقلاب کانپوءِ ايران ۾ بھائين خلاف ٻيهر سختيون شروع ٿيون. ڪراچيءَ ۾ موجود بھائي هوٽل مالڪن ۾ هڪ شديد خوف جي لهر ڊوڙي وئي ته متان پاڪستان ۾ موجود سخت گير مذهبي عنصر يا ايراني اثر و رسوخ رکندڙ گروهه انهن کي نشانو نه بڻائين.

​هن خوف جو عملي نتيجو اهو نڪتو جو انهن ماڻهن پنهنجي هوٽلن ٻاھران ۽ ڪائونٽرن تان سمورا روايتي بھائي نشان ۽ مذهبي علامتون مٽائي ڇڏيون. پنهنجي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ، انهن مجبور ٿي پنهنجي هوٽلن جي مرڪزي ڪائونٽرن تي امام خميني ۽ ايراني انقلاب جي اڳواڻن جون وڏيون تصويرون لڳائي ڇڏيون، تہ جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته اهي موجوده ايراني حڪومت جا وفادار يا همدرد آهن. انھيءَ دوران، ڪراچيءَ ۾ اڳ ئي موجود شيعه ايرانين، يا ايران مان ايندڙ نون تاجرن انهن بھائين کان سندن هلندڙ هوٽلون ۽ جائدادون سستن اگھن تي خريد ڪرڻ شروع ڪيون، ڇاڪاڻ ته بھائي هتان هر قيمت تي نڪرڻ چاهيندا هئا.

​​ستر (1970ع) جي ڏهاڪي کانپوءِ، پاڪستان جا سياسي ۽ سماجي حالات تيزيءَ سان بدلجي ويا. ڀٽو دور جي نيشنلائيزيشن، ڪراچيءَ جا لساني فساد، ۽ بعد ۾ ضياءُ الحق جي دور جي اسلامائيزيشن ڪراچيءَ جي ان پرامن، لبرل ۽ ڪثير الثقافتي چهري کي بري طرح مسخ ڪري ڇڏيو جنهن تحت هي اقليتون هتي موجود رهيون هيون. ھوريان ھوريان انهن بچيل ايرانين به پنهنجو ڪاروبار وڪڻڻ ۽ فيمليز کي ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرڻ شروع ڪيو.

​اڄ ڪراچيءَ جو اهو روايتي ايراني ڪيفي ڪلچر ذري گھٽ آخري پساھن ۾ آهي. صدر جي ڪثير منزلہ ڪمرشل پلازائن، فاسٽ فوڊ چينز ۽ چانهه جي پٺاڻ هوٽلن (ڍابن، جن ۾ صفائي نالي ڪا شئي نٿي ملي) انهن جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي. پر هن مٽجندڙ تاريخ جي وچ ۾، شاهين ڪمپليڪس ۽ ڪينٽ اسٽيشن وٽ واقع “خيرآباد هوٽل” اڄ به پنهنجي پراڻي ڪاٺ جي ميزن، ايراني چانهه جي خوشبو ۽ مخصوص طرزِ تعمير سان هن عظيم ڪميونٽيءَ جي آخري نشانيءَ طور بيٺل آهي.

​​ڪراچيءَ جي ايراني ۽ بھائي ريسٽورنٽس جو داستان اسان کي اهو سيکاري ٿي ته جڏهن رياستون پنهنجي گهر کي نسلي، لساني ۽ فرقوار بنيادن تي تقسيم ٿيڻ ڏين ٿيون، ته سڀ کان پهريون نقصان انهن پرامن اقليتن جو ٿئي ٿو جيڪي ان شهر جو حسن هونديون آهن. پارسين وانگر، ايراني بھائين جو ڪراچيءَ مان وڃڻ هن شهر جي ثقافتي ۽ معاشي ڏيوالي جي نشاني آهي. خيرآباد هوٽل جون ميزون ۽ ڪرسيون ۽ قديم عمارت اڄ به اسان کي پڪاري پڪاري چئي رهيون آهن ته جيڪڏهن اسان پنهنجي داخلي محاذ تي رواداري، امن ۽ آئيني تحفظ کي يقيني نه بڻايو، ته تاريخ جا هي خوبصورت رنگ هميشه لاءِ هجرت ڪري ويندا ۽ شهر صرف ڪنڪريٽ جو بي جان جنگل بڻجي رهجي ويندو.

_____________

Ibrahim Saleh Muhammad-TheAsiaN

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا  صدر رھي چُڪو آھي

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button