سوشل ميڊيا جو بي لغام استعمال: ٻارن جي آئيندي لاءِ وڏي للڪار
سوشل ميڊيا جي بي لغام استعمال ٻارن جي ذهني، جسماني ۽ جذباتي واڌ ويجهه تي سڌو سنئون اثر وڌو آهي. آن لائين هراساني، جنسي استحصال ۽ ڪتابن کان دُوري جھڙن سنگين چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين نسل جي تحفظ جي سخت ضرورت آهي.

رياض ھاشم لاشاري
14 جولاءِ 2026ع تي پاڪستان جي صوبي پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ چائلڊ پروٽيڪشن اينڊ ويلفيئر بيورو جي چيئرپرسن سارہ احمد ٻارن جي سوشل ميڊيا تائين رسائي تي پابندي جي حوالي سان هڪ قرارداد جمع ڪرائي، جنهن ذريعي وفاقي حڪومت کي تجويز ڏني وئي آهي ته اهڙو قانون آندو وڃي، جنهن تحت سورهن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي سندن والدين جي رضامندي ۽ اجازت بنا سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي مڙهي وڃي. قرارداد ذريعي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (PTA) کان پڻ اهو مطالبو ڪيو ويو آھي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي عمر جي لازمي تصديق جو قابلِ عمل نظام لاڳو ڪيو وڃي.
سوشل ميڊيا جي وڌندڙ استعمال ۽ منفي نتيجن، جهڙوڪ سوشل ميڊيا جي حد کان وڌيڪ استعمال جي عادت پوڻ، آن لائين هراساني (Cyber Bullying)، جنسي استحصال (Sexual Abuse)، غير اخلاقي مواد (Unethical Content)، جسماني، ذهني ۽ نفسياتي اثرن سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن کي آڏو رکندي هي قرارداد پيش ڪئي وئي آهي، جنهن کي قانون بڻائڻ وفاقي حڪومت جي دائري ۾ اچي ٿو. جنهن کان پوءِ ئي اهڙو قانون ملڪي سطح تي جُڙي ۽ لاڳو ٿي سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا جو منفي استعمال موجوده دور جو هڪ اهم مسئلو آهي. ان حساب سان هي هڪ سٺو ۽ قابلِ تحسين قدم آهي، جنهن تي سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيڻ ۽ عملي طور ڪم ڪرڻ جي شديد ضرورت آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سوشل ميڊيا جو استعمال گهڻي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ هر عمر جا ماڻهو ان کي معلومات حاصل ڪرڻ، رابطي جو ذريعو بڻائڻ ۽ دنيا جي حالتن کان باخبر رهڻ جو هڪ مؤثر ذريعو سمجهن ٿا. جديد ٽيڪنالاجي جي هن ترقيءَ جا مٿي بيان ڪيل فائدن سميت ٻيا به ڪيترائي مثبت پهلو آهن، جنهن لاءِ ان جو استعمال تمام مفيد ثابت ٿيو آهي، پر ان سان گڏ ڪجهه منفي اثر پڻ سامهون اچي رهيا آهن، جهڙوڪ ڪوڙي يا گمراهه ڪندڙ معلومات جو ڦهلاءُ، ذاتي رازداري جا مسئلا، وقت جو زيان، نوجوانن جي ذهني صحت تي ناڪاري اثر، ۽ پڙهائي ۽ اهم مقصد تان ڌيان هٽجڻ شامل آهن. ان کان علاوه ٻار توڙي نوجوان ان جي بي حد واھپي سبب ڪتابن جي مطالعي کان تمام پري ٿيندا پيا وڃن. اهڙن ناڪاري اثرن جي ڪري سوشل ميڊيا جو استعمال ڪنهن مصيبت کان گهٽ نه ٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري هن اهم مسئلي تي سنجيدگي سان سوچڻ وقت جي اهم تقاضا آهي. جيڪڏھن ٽيڪنالاجيءَ جي ھن اھم پھلوءَ تي غور نه ڪيو ويو ته ان جا ناڪاري اثرَ ان جي فائدن تي حاوي ٿي سگھن ٿا.
اهو ئي سبب آهي ته سائبر ايڪسپرٽس ان مسئلي تي سوچي رهيا آهن ته آخر سوشل ميڊيا جي منفي اثرن ۽ خطرن کي ڪيئن گهٽائجي يا ان کي ضابطي هيٺ ڪيئن رکجي. دنيا جا ترقي يافته ملڪ وقت جي ضرورت مطابق سوشل پليٽ فارمن کي ضابطي هيٺ رکڻ، انهن جي مثبت استعمال کي هٿي ڏيڻ ۽ انهن جي تباهه ڪندڙ ناڪاري استعمال کي گهٽائڻ لاءِ نه صرف سوچي رهيا آهن، پر ان حوالي سان گهربل قانون جوڙڻ توڙي ان کي نافذ ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ ۾ پڻ اڳڀرائي ڪري رھيا آھن.
ان حوالي سان 10 ڊسمبر 2025ع تي آسٽريليا ٻارن کي سوشل ميڊيا جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻ لاءِ قانون لاڳو ڪري دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو، جنهن 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي قانوني پابندي لاڳو ڪئي آهي. هن قانون تحت مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جهڙوڪ ٽڪ ٽاڪ، فيس بُڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب سميت ڪيترن ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي اڪائونٽ ٺاهڻ يا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏين. جيڪڏهن ڪو پليٽ فارم هن قانون تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو ته ان تي 49.5 ملين آسٽريلوي ڊالر (33 ملين آمريڪي ڊالرز) تائين ڳرو ڏنڊ لاڳو ٿي سگهي ٿو. هي قانون ٻارن کي انٽرنيٽ ذريعي ھراساني، آن لائين جنسي استحصال، نامناسب مواد ۽ سوشل ميڊيا جي ٻين وڌندڙ منفي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ هڪ اهم ۽ تاريخي قدم سمجهيو پيو وڃي، جنهن جي دنيا جا ڪيترائي ملڪ پڻ تقليد ڪري رهيا آهن.
برطانيا به آسٽريليا جي نقشِ قدم تي هلندي 16 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا تي پابندي ھڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. سابق وزيراعظم ڪير اسٽارمر موجب سوشل ميڊيا ٻارن کي خطرناڪ ۽ عادي بڻائيندڙ مواد ڏانهن ڌڪي رهي آهي، جنهن سبب انهن جي ذهني صحت، خوشي ۽ مجموعي ترقي متاثر ٿي رهي آهي. تجويز ڪيل پابندي ۾ ٽِڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، فيس بوڪ، ايڪس، سنيپ چيٽ ۽ يوٽيوب جهڙا پليٽ فارم شامل هوندا، جڏهن ته واٽس ايپ ۽ ڪجهه تعليمي يا ٻارن لاءِ مخصوص خدمتون (Services)، جهڙوڪ Google Classroom ۽ YouTube Kids، هن پابندي کان آجيون هونديون. حڪومت نابالغن لاءِ رات جي وقت سوشل ميڊيا استعمال تي پابندين ۽ بي انتها اسڪرولنگ (Infinite Scrolling) کي محدود ڪرڻ جهڙن قدمن تي پڻ غور ڪري رهي آهي، جنهن جو بنيادي مقصد ٻارن کي آن لائين خطرن کان محفوظ رکڻ آهي.
ٻارن جي صحت ۽ تحفظ تي سوشل ميڊيا جي منفي اثرن جي وڌندڙ خدشن کي نظر ۾ رکندي يورپين يونين، ڪينيڊا ۽ فرانس به اهڙن ملڪن ۾ شامل ٿي ويا آهن، جيڪي ٿوري گھڻي تبديليءَ سان هن قسم جي بندش تي غور ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه ايشيا جي ملڪن انڊونيشيا ۽ ملائيشيا پڻ اهڙيون حدون مقرر ڪيون آهن، جنهن تحت سوشل ميڊيا پليٽ فارمن لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته اُهي سورهن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪن ۽ انهن کي رسائي کان روڪن.
سورهن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي روڪَ ان لاءِ ضروري آهن ته ان عمر ۾ اڃا ٻار جي ذهني ۽ جذباتي واڌ ويجهه جو عمل جاري هوندو آهي، بلڪه هڪ اهم موڙ تي هوندو آهي. سائنس مطابق دماغ جو ھڪ حصو پري فرنٽل ڪارٽيڪس، جيڪو فيصلا سازي ڪرڻ، جذبات ۽ خواھشن تي ضابطو رکڻ، نتيجا سمجهڻ ۽ خطرن جو صحيح اندازو لڳائڻ جو ڪم ڪندو آهي، عام طور تي تقريبن 25 سالن جي عمر تائين مڪمل طور تي واڌ ويجھ ڪندو آهي. ان ڪري ننڍي عمر جي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ سوشل ميڊيا جي ناڪاري اثرن کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ جو خطرو رھي ٿو. ھڪ اندازي مطابق ڏھن کان سورھن سالن جي عمر جي ٻارن جو 96 سيڪڙو سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ آھي. سوشل ميڊيا تي بندش جھڙيون پاليسيون ٻار جي تحفظ ۽ صحتمند واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.
تنهن ڪري، اِها وقت جي اهم ضرورت آهي ته سوشل ميڊيا جي مثبت استعمال کي هٿي ڏني وڃي ۽ ان جي منفي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ مؤثر پاليسيون جوڙيون وڃن، گڏوگڏ عوام منجھان ان جي استعمال ۾ توازن بابت آگاهي پڻ پيدا ڪئي وڃي ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي مان وڌ ۾ وڌ فائدو وٺي سگهجي ۽ ايندڙ نسل کي ان جي ناڪاري اثرن کان محفوظ رکجي. جيڪڏھن اڄ جي ٻار جي سوشل ميڊيا تائين رسائي کي متوازن ۽ محدود رکيو وڃي ته اڄ جو ٻار ڪتابن جي ويجهو اچي سگهي ٿو ۽ تخليقي سرگرمين ڏانھن مائل ٿي سگھي ٿو.
ان ڏس ۾ ٻارن لاء سوشل ميڊيا بابت واضح پاليسي جوڙڻ گھرجي، جنھن ۾ عمر جي حد ۽ والدين جي نگراني جو سٺو نظام جوڙيو وڃي ته جيئن صرف مخصوص عمر جا ٻار سوشل ميڊيا جي رسائي کان ڏور رھن يا کين محدود رسائي ممڪن ھجي. عمومن ڪنھن بہ پليٽ فارم تي عمر جي تصديق جو اثرائتو نظام لاڳو ناھي، جنھن سبب ھر عمر جو شخص ڪنھن به سوشل سائيٽ تي آساني سان اڪائونٽ ٺاھي سگھي ٿو. ان ڪري بھتر عمر جي تصديق لاءِ سخت طريقو لاڳو ڪرڻ ڪمپنين جي به اھم ذميواري آھي.
ٻارن جي سوشل ميڊيا تائين رسائي ۾ سڀ کان اھم ۽ اولين ذميواري والدين جي آھي، ڇوته ٻار جي پھرين درسگاھ ان جو گھر ھوندو آھي ۽ ھو گھڻو وقت گھر ۾ ئي گذاريندو آھي. تنھنڪري والدين کي پنھنجن ٻارن جي مصروفيت تي گھڻو ڌيان ڏيڻ گھرجي، خاص طور تي انھن پاران ٿيندڙ موبائل جي استعمال جي مڪمل نگراني ڪرڻ کپي، جنھن لاءِ اھو پڻ ضروري آھي ته والدين ڊجيٽل خواندگي کان واقف ھجن، جنھن کاءِ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن پاران سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي مھم ھلائي سگھجي ٿي. اڄ جون مائرون اڪثر ٻارن کي پرچائڻ لاءِ لاشعوري طور کين موبائل فون ڏئي ڇڏينديون آهن، جنھن ڪري کين شروعات کان ئي موبائل فون جي عادت پئجي ويندي آھي. اھڙيءَ ريت ھو سوشل ميڊيا جا عادي ٿي ويندا آھن. اھڙي بي احتياطي مستقبل ۾ سنگين نتيجا ڏئي سگھي ٿي. والدين جي نگراني سان ٻارن جو مثبت سرگرمين ڏانھن لاڙو پيدا ٿيندو. گڏوگڏ ذھني ۽ جسماني واڌ ويجھ به بھتر ٿيندي. ان کان علاوه ٻارن جي درسي ڪتابن ۾ بہ سوشل ميڊيا جي ذميوار ۽ متوازن استعمال بابت مواد شامل ڪيو وڃي.
اها ڳالهه خوش آئند آهي ته پاڪستان نوجوان نسل سان لاڳاپيل هن اڀرندڙ مسئلي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. اميد ڪئي وڃي ٿي ته ان حوالي سان جلد ئي نه صرف پاليسيون جوڙيون وينديون، پر ان تي عمل به يقيني بڻايو ويندو ته جيئن جديد ٽيڪنالاجي ايندڙ نسل لاءِ خطري بدران ترقي جو موثر ذريعو بڻجي سگھي.
جنهن نموني پنجاب اسيمبلي ۾ سوشل ميڊيا جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي وئي آهي، تنهن ئي طرز تي سنڌ اسيمبلي سميت ملڪ جي ٻين صوبائي اسيمبلين کي پڻ اهڙيون قراردادون پيش ڪري منظور ڪرائڻ گهرجن، ته جيئن ٻارن جي سوشل ميڊيا بابت جامع ۽ اثرائتي قومي پاليسي جوڙڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت کي وڌيڪ مضبوط آئيني ۽ سياسي بنياد مُھيا ٿي سگهي.
____________

رياض هاشم لاشاري، فري لانس ليکڪ



