Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

ڇا ته هئي سنڌ، ڪيئن ٿي ويا آهيون سنڌي!!!

اڄ جڏهن پاڻ وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ سموريون سهوليتون موجود آهن، ڪڏهن ڪو موبائلن مان منهن ڪڍي سوچي ٿو ته، ڪيڏانهن وئي اها سهڻي سنڌ ۽ سنڌ جا اهي معشوق ماڻهو، جيڪي پراين شادين ۾ پنهنجن وانگر نچندا خوشيون ڪندا ۽ ڪنهن فوتگيءَ تي ڳوٺن ۽ شهرن جي پاڙن وارا پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي بنا چئي آکي پاڻمرادو ڪمن ۾ جنبجي ويندا هئا، ايئن محسوس ٿيندو هئو، ڄڻ ته خوشيون به انهن جون هونديون هيون ۽ ڏک به انهن جا آهن۔ گرمين، سردين ۽ ڏکن سکن ۾ گڏ گذارڻ وارا اهي مور ماڻهو، هاڻي ته رهيا ئي ناهن پر، اسان انهن چڱن پويان چٽيون اولاد ته جيئرا آهيون۔ ڇو ٿا پنهنجن وڏڙن جي ريتن، رسمن، رواجن، قائدن ۽ اصولن کي پٺي ڏيون؟

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

حميد منگي

جيتوڻيڪ موجوده وقت منجهه سنڌي ماڻهن ۾ هٿرادو مصروفيتون وڌي ويون آهن، پوءِ به وقت ڪڍي جيڪڏهن ٿورو غور ڪجي ته، اڄوڪي سنڌ ۽ پنجاهه، سٺ سال اڳ واريءَ سنڌ ۾ زمين ۽ آسمان وچ ۾ جيتري فرق کان به وڌيڪ فرق نظر ايندو۔ اڌ صدي اڳ جڏهن اڄوڪي دئور واريون اڪثر سهوليتون موجود نه هيون، تيز ۽ تڪڙيون سواريون به نه هيون، اويل سويل يا ڏکي سکي وقت ۾ ڪنهن سان رابطي ڪرڻ ۾ به ماڻهن جو سڄو سڄو ڏينهن يا وڏو وقت برباد ٿي ويندو هئو، نه ته بجلي، گئس جي سهوليت هئي، نه ڪي گهرن ۽ دڪانن تي مشينون هونديون هيون، زائفن جي گهرن جا ڪم هجن يا دڪانن تي ڪمائيندڙ مرد، سڀ سڄو سڄو ڏينهن هٿن سان ڪم ۽ پورهيا ڪري شام جو ٿڪاوٽن ۾ چور کٽن تي آهلي پوندا هئا ته، صبح جي آذانن تي سندن اک کلندي هئي۔ جڏهن ته اهڙي وقت ۾ تعليم، صحت جون سهوليتون به مڙئي سڙئي هيون۔

مڙسالو، صبح سوير اٿي، هٿ منهن ڌوئي، مانيون ٻڌي، گهرن مان نڪري، سڄو سڄو ڏينهن جسماني پورهيا ڪري، شام ڌاري گهر موٽندا هئا۔ گهر پهچڻ شرط سڀ کان اول گهرڀاتين کان سڄي ڏينهن جو احوال ورتو ويندو هئو، پوءِ ٻارن سان ڳالهائڻ جو وارو ايندو هئو، کانئن پڙهائيء بابت پڇاڻي سان گڏ دنيا جهان جون ڳالهيون ڪري محسوس ڪرايو ويندو هئو ته، اوهين وڌيڪ اهميت جوڳا آهيو ۽ سڄي ڏينهن جي ڪمائيءَ مان جيب خرچي پڻ ڏني ويندي هئي، ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو مائٽ ويجهو رهندو هئو ته، ان جي خير خيريت معلوم ڪبي هئي، ڪنهن ڪم سانگي پاڙيسري يا دوست اچي ويندو هئو ته، ڳوٺ ۾ اوطاق ۽ شهر ۾ گهٽيء جي منهن تي بيهي تفصيل سان حال احوال ڪري واپس گهر موٽي اچبو هئو، باقي وقت آرام ڪري گذاريندا هئا۔ صبح سويري وري ساڳيا ڪمن ۽ ساڳيا ڌنڌا۔

ننڍا توڙي وچٿري عمر جا ٻار به، صبح سانگي پيءُ ماءُ سان گڏ اٿي، حال ساري نيرن ڪري، ڪتاب، قلم، پٽيون، سليٽون سنڀاري، پڙهائيءَ خاطر ميلن جا ميل پنڌ ڪري، اسڪول ويندا هئا ۽ ڪچي پڪي منجهند جو اسڪول کان موٽندا هئا ته ساڻا ٿي پوندا هئا، منجهند جي ماني کائي آرام ڪري، شام جو ڪلاڪ سوا جي راند روند مان واندا ٿي، سج لٿي کان اڳ ئي گهرن ڏانهن واپس موٽندا هئا، باقي وقت پنهنجي پڙهائي، پيءُ ماءُ جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندا يا انهن جي صحبت ۾ گذاريندا هئا۔ آچر واري رات جو نانين ۽ ڏاڏين جي ڀر ۾ ويهي، پراڻي دئور جا قصا ٻڌندي ٻڌندي ننڊ پئجي ويندا هئا۔ ايئن انهن جا اڪثر قصا سدائين اڌ ۾ رهجيو ويندا هئا، وري نئين موڪل جي رات جو نيون آکاڻيون شروع ٿينديون هيون، انهن جو انت تڏهن ٿيندو هو، جيسيتائين هو پاڻ سمجهه ڀرا نه ٿيندا هئا۔

انهيءَ دئور ۾ ڌيئرون پنهنجين امڙين سان ۽ پٽ پيئرن جي ويجهو رهي، انهن مان ڪم ڪار سکندا يا زندگيءَ جا تجربا حاصل ڪندا هئا۔ جيڪڏهن ڪو ٻار موڳو مٽر هوندو هئو، ۽ پيءُ ماءُ کان سنڀالجي نه سگهندو هئو ته، اهڙن اهم موقعن تي نانيون ڏاڏيون، ماسيون، پڦيون، چاچا توڙي ماما، انهن سان ڪو نه ڪو بهانو ڪري، لهه وچڙ ۾ اچي کين زندگيءَ جون ضروري ڳالهيون ٻڌائي، ضرورت موجب ڪن کڙڪائي، زماني جي اوچ نيچ سيکاري، پاڻڀرو ڪري پنهنجو فرض پورو ڪندا هئا۔ ايئن ٻار ۽ نوجوان پنهنجن گهرڀاتين ۽ مائٽن مان سڀ ڪجهه سکي وٺندا هئا۔ جڏهن ته مجبوريء مهل استادن جو سهارو به ورتو ويندو هئو، جيڪو ڪم پيءُ ماءُ يا مائٽن کان نه ٿيندو هو، اهو ڪم استادن کان وٺي، اولاد کي سڌو به ڪيو ويندو هئو ۽ ذهني طور تي سنواريو به ويندو هئو۔

ان وقت جا اڪثر نوجوان، جڏهن جوان ٿيندا هئا ته، پڙهائيءَ سان گڏ، پاڻمرادو صدوري ٻار جيان، ڪو نه ڪو هنر يا فن سکڻ جي به ڪوشش ڪندا هئا ۽ وقت هجڻ جي صورت ۾ روزانو، هڪو ٻئي ڏينهن يا موڪل واري ڏينهن تي، پنهنجن يارن دوستن سان، صبح سوير يا شام ڌاري ملي، ضروري، غيرضروري حال احوال اوري، ڊاڙون هڻي، تاڙا ملائي، گهمي ڦري، مٽر گشت ڪندا گهرن ڏانهن راهي ٿيندا هئا۔ اتفاق سان گهر پهچڻ ۾ کين دير مدار ٿي ويندي هئن ته، وڏڙن جا ٻه ٽي کٽا، مٺا ۽ ڪڙا ٻول ٻڌڻ جا به هيراڪ هئا، اڄ جيان وات وڪيل نه هئا ۽ بنا ڪجهه ڪڇڻ جي آرامي ٿيندا هئا، وڏن سان ڪوبه بحث نه ڪندا هئا، ڇو ته هو سمجهندا هئا، وڏن جي رهنمائي کين ڪارائتو انسان بڻائيندي، وري ٻئي ڏينهن تي ساڳي ڪرت جاري رکندا هئا۔

انهيءَ دئور ۾ مشيني اوزار يا ٻين سهوليتن نه هجڻ سبب، عورتن کي گهر ۾ مينيوئل طريقن سان ايترا ته ڪم ڪرڻا پوندا هئا، جو سڄو ڏينهن ويچاريون ڪم ڪنديون هيون، پر ڪم کٽڻ جو نالو نه ئي وٺندا هئا، انهيءَ باوجود به سيبتيون عورتون ۽ ڇوڪريون جلد جلد پنهنجا ڪم اڪلائي، ڀرت ڀرڻ، رلهيون ٽوپڻ، اڳٺ ٺاهڻ يا سلائي ڪڙهائيء جا ڪم به سکنديون يا ڪنديون هيون۔ اهڙيء حالت ۾ کانئن ڪي ڪم رهجي ويندا هئا، ٻئي ڏينهن جي آسري ڇڏي ماني کائي، ننڍڙن ٻارن کي ڪڇن ۾ ڪري ۽ ڀاڪرن ۾ ڀري، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سمهي پونديون هيون۔ ان وقت نه ته بجلي ۽ سولر جا پکا هئا نه بلب، بس هٿ بتيون ۽ چميون ٻاري، گرمين جي موسمن ۾ هٿ پکا ۽ جهليون هلائي ٻار، سمهارينديون هيون۔

هي پاڻ، جنهن دئور جون ڳالهيون لکي رهيا آهيون، انهيء وقت جي ماڻهن منجهه منفي سوچون توڙي ڪم ورلي ئي نظر ايندا هئا، ماحول به ايترو خراب نه هئو، جيترو اڄ نظر پيو اچي۔ شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ لچ لوفر هوندا هئا۔ اهي بدمعاشن لاء بدمعاش ضرور هوندا هئا پر، شريفن سان شريفاڻا رويا رکندا هئا، اوڙي پاڙي جا چور اچڪا، پنهنجن پاڙي، ڳوٺ يا تر ۾ چوريون يا ٻيون وارداتون نه ڪندا هئا۔ اتفاق سان کانئن پاڙي ۾ ڪنهن سيکڙاٽ کان ڪا ننڍي وڏي غلطي ٿي ويندي هئي ته خود انهن جهڙا ماڻهو کين سمجهائيندا هئا ته، پاڙي يا ڳوٺ ۾ ايئن ناهي ڪبو۔ اتفاق سان بدمعاشن جا بدمعاشن سان ٽڪراء ٿيندا هئا ۽ ڪو ماڻهو ڦٽجي يا مارجي ويندو هئو ته، مهينن تائين انهيء واقعي جا چوٻول هلندا هئا۔

ڪو نشئي نشو ڪندو هئو ته، ايئن کلم کلا نه پر لڪي لڪي ڪندو هئو، جيسيتائين نشو نه لهندو هئس، تيسيتائين گهر يا پاڙي ۾ نه ايندو هئو۔ جوا جون ٽڪريون ۽ نشي جا ڪاروبار به مخصوص جاين تي ٿيندا هئا، جڏهن ته اڄ جيان کلم کلا هٿيارن جي نمائش به نه ٿيندي هئي، ڪن ڳالهين تي اتفاق سان ماڻهن ۾ منهن ماريون يا جهيڙا جهڳڙا ٿيندا هئا ۽ وچ ۾ ڪو شريف ماڻهو پوندو هئو ته، ڳالهيون ڳالهين سان ڇڄي ڌار ٿينديون هيون، نبيرا اوطاقن ۾ ٿي ويندا هئا، ايئن سالن جا سال ڪورٽن ۾ نه هلندا هئا، جيئن هاڻي پيو ٿئي ۽ پڻ هاڻي جيان وچ ۾ پوڻ وارو ماڻهو، ڪپڙا ڦاڙائي يا منهن ڳاڙهو ڪرائي گهر ڪو نه موٽندو هئو۔ پوليس به گاڏين ۾ ھٿيارن سان ليس ٿي رستن ۽ روڊن تي گهٽ گشت ڪندي هئي يا هوٽلن ٻاهران مفت جي چانهه پيئندي ماڻهن کان پڇاڻا به گهٽ ڪندي هئي، اڪثر ڪري سپاهي ٿاڻن ۾ اوٻاسيون ڏيندا هئا پر، انهن جو ڏهڪاهه پوءِ به قائم هوندو هئو۔

ڪنهن ضروري ڪم سانگي ڳوٺن يا شهرن جا ماڻهو سنسان علائقن مان گذرندا هئا ته جانور ۽ بلائن کان پناهه گهرندا، انسانن کي ڏسي من ئي من ۾ خوش ٿيندا ۽ چوندا هئا، چڱو ٿيو ڪو ماڻهو منهن پيو آهي، اڄ جيان نه جو کيس خوف ورائي ٿو وڃي ته، خير سان اهو گذري وڃي ڪا لٽ ڦر نه ٿئي۔ ڳوٺن ۾ اڪثر اڻ سونهان اوطاقن تي اچي، پاڻي ڍڪ گهرندا هئا ته، کين اڳ ۾ لسي، مکڻ يا کير سان ماني کارائي ويندي هئي، پوء حال احوال وٺبو هئو ۽ رستي جا ڏس پتا به ڏنا ويندا هئا، بلڪي ويجهي پنڌ تائين ته ڪو سونهون به ساڻ ڏنو ويندو هئو، جيئن اوپرو ماڻهو آسانيء سان پنهنجيء منزل تي پهچي وڃي۔ ڪٿي واٽ ويندي ڪو حادثو يا واقعو ٿي پوندو هو ته، ماڻهو پنهنجا ضروري ڪم به ڇڏي، متاثرن جي واهر ڪندا هئا، اڄ جيان ڪنڌ ڪڍائي نه ويندا هئا ته، متان پوليس آڏو پڇائون ٿين ۽ ڪورٽن ۾ شاهديون ڏيڻيون پون۔

ڳوٺن جون عورتون ٻنين ۾ گاهه پٺي لاء يا شهري عورتون، پنهنجن پاڙن توڙي مائٽن جي گهرن ۾ اڪثر اينديون وينديون هيون، انهن سان اڄ جيان ڪا جملي بازي يا ڇيڙخاني نه ٿيندي هئي۔ ويتر اتفاق سان ڪنهن گهر يا گهٽيء ڪو مڙد يا نوجوان سامهون ايندو هو ته، ڪنڌ هيٺ ڪري، پاسيرو ٿي يا منهن ٻئي طرف ڪري تڪڙو تڪڙو نڪري ويندو هئو۔ ڪو ٻئي ڳوٺ جو ماڻهو ڪنهن به ڳوٺ مان ٽپندو هئو ته، مٿي تي رومال وجهندو هئو، ننڍا وڏا ٻار توڙي نياڻيون اڪيليون اسڪول وينديون هيون، رستي ۾ کين ڪو تنگ ته ڇا ترشيء نظر سان به نه ڏسندو هئو، پر افسوس سان لکجي ٿو ته اڄ اهي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به غيرمحفوظ بڻيل آهن۔

اڄ جڏهن پاڻ وٽ اڳ جي ڀيٽ ۾ سموريون سهوليتون موجود آهن، ڪڏهن ڪو موبائلن مان منهن ڪڍي سوچي ٿو ته، ڪيڏانهن وئي اها سهڻي سنڌ ۽ سنڌ جا اهي معشوق ماڻهو، جيڪي پراين شادين ۾ پنهنجن وانگر نچندا خوشيون ڪندا ۽ ڪنهن فوتگيءَ تي ڳوٺن ۽ شهرن جي پاڙن وارا پنهنجا سمورا ڪم ڇڏي بنا چئي آکي پاڻمرادو ڪمن ۾ جنبجي ويندا هئا، ايئن محسوس ٿيندو هئو، ڄڻ ته خوشيون به انهن جون هونديون هيون ۽ ڏک به انهن جا آهن۔ گرمين، سردين ۽ ڏکن سکن ۾ گڏ گذارڻ وارا اهي مور ماڻهو، هاڻي ته رهيا ئي ناهن پر، اسان انهن چڱن پويان چٽيون اولاد ته جيئرا آهيون۔ ڇو ٿا پنهنجن وڏڙن جي ريتن، رسمن، رواجن، قائدن ۽ اصولن کي پٺي ڏيون؟

وڏڙن جي قولن، فعلن، عملن، تعليمن ۽ تربيتن ۾ ته ڪوتاهيون نه هيون، پوء پاڻ ڪنهن جي ڏسيل پنڌن تي پيا هلون، پاڻ هي ڪهڙا رستا اپنايا آهن، جو پاڙي ۾ روڄ راڙو آهي ۽ اسين ڪنن ۾ مائيڪرو فون جون تارون وجهي ناچ، گانا پيا ٻڌون ۽ اخلاق کان ڪريل فلمون پيا ڏسون، اسان اهڙا ابتا عمل ڪري، ڪنهن کي پيا خوش ڪيون؟ ڇا زمانا ۽ دئور وڏڙن وقت تبديل نه ٿيندا هئا؟ ان وقت گهڙيالن جون گهڙيون ٽڪ ٽڪ نه ڪنديون هيون؟ هاڻي جيڪڏهن ڪي تڪڙيون تبديليون آيون آهن ته، ڇا سڀ سٺيون عادتون مٽائي، انهن جي جاء تي پنهنجن ذهنن ۾ ڪچرا ڀري ڇڏيون؟ بي حس به ايترا ٿيون، جيتري گنجائش آهي۔ گنجائش کان وڌيڪ بي حسون ۽ بي ترتيبون پاڻ کي انسانيت مان ڪڍي جهنگلي دئورن ۾ ڌڪي ڇڏينديون۔

ياد رکو! ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي“ اڄ به ماحول ۾ مروج آهي، جيڪو پوکينداسين اهو ئي لڻينداسون، گاريون ڏئي، گلن جا حقدار نه ٿا ٿي سگهون۔ جن سان عملي طور نفرتون ڪيون ٿا ۽ لاپرواهين سان پيش اچون ٿا، تن کان ڪنهن ڏکئي وقت ۾ محبتون ۽ مددون ڪيئن ۽ ڪهڙي منهن سان وٺي سگهنداسون۔ سڌارن جو وقت اڃا ويو ناهي، سڀاڻي ڪو ٺهي سنڀري پنهنجو پاء پاڻيء جو وٺڻ اچي، ان کان اڳ اڌ سير کير پياري کيس ٿڌو ڪجي ته اهو عمل، پنهنجي ۽ ايندڙ نسل جي ڀلي ۾ هوندو۔

______________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button