شڪارپور جي تاريخي تعليمي اداري جي گنڀير صورتحال
شڪارپور جو تاريخي سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج هن وقت خاموش بحران مان گذري رهيو آهي. هي بحران نه ڪنهن احتجاج جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، نه ئي ڪنهن هنگامي صورتحال ان کي نمايان بڻايو آهي، پر ان جا اثر روزانو سوين شاگرد، استاد ۽ ملازم پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ ڀوڳي رهيا آهن. ڪاليج ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين 34 منظورٿيل آساميون آهن، پر عملي طور رڳو ست ملازم سڄي اداري جو بار کنيو بيٺا آهن. هڪ ليبارٽري اٽينڊنٽ، ٻه چوڪيدار، ٻه صفائي ڪندڙ، هڪ نائب قاصد ۽ هڪ گارڊ—بس ايترو ئي عملو هن وسيع ۽ تاريخي تعليمي اداري جو سڄو نظام هلائي رهيو آهي.

نسيم بخاري
ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو اندازو رڳو وڏين شاهراهن، اوچين عمارتن يا ترقياتي منصوبن مان نه لڳايو ويندو آهي، پر ان جي تعليمي ادارن جي حالت به ان سماج جو چٽو عڪس هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو تاريخي تعليمي ادارو بنيادي ماتحت عملي کان ئي وانجهيل هجي ته اها رڳو انتظامي ڪمزوري نه، پر حڪومتي ترجيحن تي به هڪ وڏو سوال آهي.
شڪارپور جو تاريخي سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج هن وقت اهڙي ئي خاموش بحران مان گذري رهيو آهي. هي بحران نه ڪنهن احتجاج جي صورت ۾ سامهون آيو آهي، نه ئي ڪنهن هنگامي صورتحال ان کي نمايان بڻايو آهي، پر ان جا اثر روزانو سوين شاگرد، استاد ۽ ملازم پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ ڀوڳي رهيا آهن.
ڪاليج ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين 34 منظورٿيل آساميون آهن، پر عملي طور رڳو ست ملازم سڄي اداري جو بار کنيو بيٺا آهن. هڪ ليبارٽري اٽينڊنٽ، ٻه چوڪيدار، ٻه صفائي ڪندڙ، هڪ نائب قاصد ۽ هڪ گارڊ—بس ايترو ئي عملو هن وسيع ۽ تاريخي تعليمي اداري جو سڄو نظام هلائي رهيو آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن صفائي وارو عملو ئي پورو نه هجي ته صفائي سٿرائي ڪيئن برقرار رهندي؟ جڏهن مالي ئي نه هجن ته ڪاليج جا باغيچا ۽ ساوڪ ڪيئن بچندي؟ جڏهن چوڪيدار گهٽ هجن ته اداري جي حفاظت ڪيئن يقيني بڻبي؟ ۽ جڏهن معاون عملو ئي نه هجي ته روزمرهه جا انتظامي ڪم ڪيئن هليا ويندا؟
اهي سوال ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ لاءِ نه، پر سڌاري جي اميد سان اٿاريا پيا وڃن.

ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر امتياز احمد ميمڻ هن صورتحال بابت لاڳاپيل اختيارين کي لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. سندس رپورٽ موجب اداري کي فوري طور وڌيڪ ليبارٽري اٽينڊنٽن، مالين، چوڪيدارن، نائب قاصدن، صفائي ڪندڙن ۽ ٻين ماتحت عملي جي سخت ضرورت آهي، جيئن اداري جا بنيادي انتظامي ڪم صحيح نموني هلي سگهن.
هن معاملي جو هڪ قانوني پاسو به آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بينچ اپريل 2026ع ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين خالي آسامين تي ڀرتين بابت واضح هدايتون جاري ڪري چڪي آهي. انهن حڪمن کان پوءِ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ٻين ضلعن ۾ اڳڀرائي ٿي، پر شڪارپور ضلعو اڃا تائين انتظار ۾ آهي.
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو پڻ هن معاملي تي لاڳاپيل کاتن سان گڏجاڻيون ڪيون، خط و ڪتابت به ڪئي، پر زميني حقيقت اها آهي ته اڃا تائين اهڙي ڪا تبديلي نظر نٿي اچي، جنهن سان مسئلو حل ٿيڻ جي اميد جاڳي.
اصل سوال اهو ناهي ته ذميوار ڪير آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته ذميواري آخر ڪڏهن نڀائي ويندي؟

تعليم رڳو استادن جي مقرري سان مضبوط نٿي ٿئي، پر ان سڄي نظام سان مضبوط ٿئي ٿي، جيڪو هڪ تعليمي اداري کي هلائيندو آهي. جيڪڏهن معاون عملو ئي موجود نه هجي ته بهترين استاد به پنهنجون ذميواريون مڪمل نموني نٿا نڀائي سگهن.
هي مسئلو رڳو سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جو نه، پر ان سوچ جو به آهي، جنهن ۾ ترقياتي منصوبن کي ته اهميت ڏني وڃي ٿي، پر ادارن کي هلائيندڙ بنيادي انساني وسيلن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.
وقت جي گهرج آهي ته سنڌ حڪومت، تعليم کاتو ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا هن معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل ڀرتيون نه رڳو عدالتي حڪمن جي روح موجب هونديون، پر هن تاريخي اداري جي بحالي ۽ شاگردن جي روشن مستقبل جي به ضمانت بڻجنديون.
تاريخ هميشه اهو ياد رکندي ته حڪومتن پنهنجن تعليمي ادارن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجن تعليمي ادارن کي مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا يا خاموش تماشائي بڻجي انهن کي آهستي آهستي ڪمزور ٿيندو ڏسندا رهنداسين؟
_______________

نسيم بخاري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شڪارپور برانچ جو لائيف ٽائيم ميمبر آهي. هو سنڌي ادبي سنگت شڪارپور برانچ جو چار ڀيرا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. گذريل ٽيهه سالن کان سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ باقاعدگي سان ڪالم لکي رهيو آهي. ماضيءَ ۾ هو ماهوار رسالي “وک ” شڪارپور جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي.



