عينڪ وارو جِنُ ۽ اسڪرين تي ڇانيل پيٽ: اڄوڪي ڊجيٽل صحافت جو آئينو
”انڪل! اھو عينڪ وارو جِنُ ڪير آھي؟“ هڪ ٻار جو اھو معصوماڻو سوال بظاهر هڪ هلڪو ڦلڪو واقعو هو، پر ان جي پويان اڄوڪي ڊجيٽل ۽ خانگي ميڊيا جو اهو تلخ سچ لڪل هو جنهن ٻوليءَ، شائستگي ۽ پروفيشنلزم جي معيار کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي پُراڻي دور کان وٺي اڄ جي ڊجيٽل ميڊيا تائين، صحافتي سفر، انھيءَ جي زوال ۽ علاج تي هڪ سخت پر سچائيءَ سان ڀريل تبصرو.

هڪ ٻار جي معصوم جملن ۽ نظر مان جيڪو خاڪو نڪري آيو، اهو اسان جي اڄوڪي ميڊيا، خاص طور ڊجيٽل ۽ يوٽيوب صحافت جي معيار جي پوري عڪاسي ڪري ٿو. اڳي معيار، آڊيشن، اسڪرپٽ جي باريڪ بيني، ترنم، زير زبر جي درستگي ۽ ڪئميرا فيسنگ بابت جيڪي ضابطا هئا، اهي هاڻي منظر عام تان غائب ٿي چڪا آهن.
نصير اعجاز
ڪجهه مھينا اڳ ڪنھن ھنڌ ويل ھيس جتي وقت گذارڻ لاءِ سيل فون کولي واٽس ايپ گروپن تي آيل وڊيوز ڏسي رهيو هوس. ڀرسان ئي بيٺل هڪ ننڍڙي ٻار جي نظر به منهنجي فون جي اسڪرين تي ھئي. اسڪرين تي هڪ سنڌي صحافي ڪنهن واقعي بابت پنهنجو تجزيو ڏئي رهيو هو. ٻار مون ڏانهن ڏسندي حيرت مان پڇيو: ”انڪل! اهو عينڪ وارو جن ڪير آهي؟“
مون کي ڏاڍي کِل آئي. پر ٻار کي ڪو جواب ڏيڻ کان اڳ منھنجي ذھن تي چار کن ڏھاڪا اڳ جو پي ٽي وي جو ھڪ مزاحيا پروگرام تري آيو جنھن جو نالو ئي عينڪ والا جن ھو ۽ ھن وڊيو ۾ ويھي ڳالھائيندڙ محترم جو مُھانڊو بلڪل پي ٽي وي ڊرامي جي انھيءَ ڪارٽون ڪردار جھڙو ھو. جڏهن مون وري اسڪرين گھمائي ٻي وڊيو کولي ته ساڳئي ٻار ڏاڍي معصوميت سان چيو: ”انڪل! هن وڊيو ۾ اسڪرين تي ماڻهوءَ جو رڳو پيٽ ڇو آهي؟“ مان وري ٽهڪن ۾ پئجي ويس ڇو جو ٻار جنهن کي پيٽ سمجھيو، اهو اصل ۾ صحافيءَ جو ٿُلھو ۽ بي ڍنگو ٻُوٿ هو، جيڪو ڪئميرا جي فريم ۽ لائيٽنگ جو لحاظ رکڻ کان سواءِ اسڪرين تي ڇانيل هو. ڳالھائڻ ۾ بہ بي صفا سُرو.
اهو واقعو رڳو هڪ ٻار جو معصوماڻو تبصرو نه هو، بلڪ اڄوڪي ڊجيٽل صحافت، يوٽيوب چئنلن ۽ سوشل ميڊيا تي تحرير ۽ تقرير جي ڪريل معيار بابت هڪ سخت طنزيه چماٽ هئي.
ڪو وقت هو جڏهن ريڊيو پاڪستان يا پي ٽي ويءَ تي ڪنهن شخص کي مائڪ يا ڪئميرا جي اڳيان آڻڻ کان اڳ ڪيترن ئي مرحلن مان لنگھڻو پوندو هو. خبرون پڙهڻ واري (نيوز ڪاسٽر) يا ڪمپيئر جو نه رڳو مُھانڊو ۽ شائستگي ڏٺي ويندي هئي، پر سندس تلفظ، لفطن جي ادائگي، درست زير زبر، ۽ گفتگوءَ جي انداز کي لڳاتار پرکيو ويندو هو.

ريڊيو ۽ ٽي ويءَ وٽ پنهنجا اسڪرپٽ ايڊيٽر هوندا هئا. غلط تلفظ تي سخت پڪڙ ٿيندي هئي. نتيجي ۾ جيڪي آواز ۽ مُھانڊا اسڪرين تي ايندا هئا، اهي سماج لاءِ شائستگي ۽ صحيح ٻوليءَ جو درساگاهه بنجي ويندا هئا. انھن نيوزڪاسٽرز ۽ ڪمپيئرز کي پُراڻي دور جا ماڻھو اڄ بہ ياد ڪن ٿا.
اڄ يوٽيوب، فيبس بُڪ، ٽِڪ ٽاڪ ۽ واٽس ايپ جي اچڻ سان معلومات تائين پھچ ته آسان ٿي وئي آهي، پر معيار جو زوال به ان سان گڏ ايترو ئي تيزيءَ سان آيو آهي. هاڻي ڪنهن کي به نه ڪنهن آڊيشن جي ضرورت آهي، نه ڪنهن اسڪرپٽ ايڊيٽر ھٿان چڪاس، نه ئي ڪئميرا فريمنگ يا لائيٽنگ جي تربيت.
جيڪو به شخص سمارٽ فون ۽ انٽرنيٽ جو پيڪيج رکندڙ آهي، اهو وڊيو بڻائي پاڻ کي صحافي، تجزيانگار يا اينڪر سڏائي سگهي ٿو. هن نئين ميدان ۾ ڪمائيءَ جو اهڙو چڪر هلي پيو آهي، جتي مواد جي سچائي، ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ پيشڪش جي معيار کي مڪمل طور قربان ڪيو ويو آهي.
اهو مسئلو رڳو يوٽيوب يا نئين ڊجيٽل ميڊيا تائين محدود ناهي. اڄوڪن خانگي ٽي وي چئنلن جو حال به ڪو گھڻو مختلف ناهي. ريٽنگ ۽ سستي شهرت جي چڪر ۾، اھڙن فردن کي نيوز ڪاسٽنگ ۽ ڪمپيئرنگ لاءِ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو جن کي نہ ٻوليءَ تي عبور آھي ۽ نہ سندن ڪو اڀياس آھي، جنھن مان خبر پوي تہ کيس ڪا سُٺي ڄاڻ آھي. خانگي ٽي وي چئنلن جو اھو عمل حقيقت گھٽ اُجرت تي يا مفت ۾ ماڻھن کي ڀرتي ڪرڻ آھي، جنھن جو مقصد، معيار کي قربان ڪري، خرچ بچائڻ آھي. ماڻھو بہ پنھنجي شھرت خاطر گھٽ اُجرت يا مفت ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ھوندا اھن، جن لاءِ عام تاثر اھو آھي تہ ھُُو ٻين ذريعن سان مال ڪمائڻ جو سوچي ايندا آھن، پوءِ ڪو ڪامياب ٿئي ٿو تہ ڪو ناڪام.
غلط ٻولي، بي ڍنگو اُچار، اڻ وڻندڙ آواز ۽ اندازِ بيان اڄ اسان جي ٽي وي اسڪرينن تي عام ٿي چڪو آهي. ٽي وي کول تہ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۽ گرامر جو حشر ڏسي ھانءُ سڙي ويندو آهي.
اھو سڀ ڪجھ راتو رات ڪونہ ٿيو آھي. جڏھن 2002 کان خانگي ٽي وي چئنل شروع ٿيا، تہ ٽي وي مالڪن پنھنجي مفادن خاطر ٻيڙو ٻوڙڻ شروع ڪيو ۽ پنھنجي ڪاروباري مفادن خاطر
خانگي چئنلن جي انھيءَ روش سمورو ڪلچر ئي بدلائي ڇڏيو. اڄ شائستگي ۽ سُٺي مواد جي بدران سنسني، غلط سرخيون ۽ بي ڍنگيون تحريرون وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اداري اندر چڪاس جي سرشتي غير موجودگي آھي. نئين ڊجيٽل صحافت ۾ بہ ڪو ايڊيٽوريل بورڊ يا معيار ڪنٽرول ڪرڻ وارو سرشتو ناهي.
ميڊيا جي ادارن يا صحافتي تنظيمن پاران نئين نسل جي سکيا وارا ورڪشاپس ڪوٺائڻ لاءِ بہ ڪو عملي قدم نه ٿو کنيو وڃي. ڪي اين جي او ٽائپ ادارا مال ڪمائڻ لاءِ پرڏيھي ادارن کان فنڊ وٺي نالي ماتر ۽ نالي خاطر ٽريننگ ورڪشاپس ڪرائيندا رھيا آھن، پر اُھي ٽريننگ ڏيندڙ ادارن لاءِ رڪارڊ جي پورائي ۽ ٽريننگ وٺندڙن لاءِ مفت ۾ وڏين ھوٽلن ۾ کائڻ پيئڻ ۽ تفريح کان سواءِ ڪو اٿرائتو نتيجو ڪونہ ڏئي سگھيا آھن.
مسلسل خراب ۽ غير معياري مواد ڏسڻ کان پوءِ ناظرين جو ذوق به متاثر ٿيو آهي، جنهن ڪري هو بنا پرکڻ جي اهڙين وڊيوز کي شيئر ڪندا رهن ٿا.
جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سنڌي صحافت، ٻولي ۽ اسڪرين جي وقار کي بحال ڪيو وڃي، ته پوءِ لازمي آھي تہ يوٽيوب ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرم صحافين ۽ چئنلن لاءِ اخلاقي ۽ پروفيشنل ضابطا جوڙيا وڃن. صحافتي تنظيمون ۽ پريس ڪلبون، صحافين لاءِ ڪئميرا فيسنگ، ٻوليءَ جي صحيح استعمال، اسڪرپٽ رائٽنگ ۽ تلفظ بابت باقاعده پروگرام منعقد ڪن، پر اھي پروگرام رُڳو ڏيکاءَ طور ھڪ ٻن ڏينھن بدران ٻن ٽن مھينن جي مُدي جا ھجن جن ۾ باقاعدہ پروفيشنل ٽريننگ ڏئي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن.
عوام کي به گھرجي ته اهي غير معياري، بي ربط ۽ غلط تلفظ واري مواد کي رد ڪن، ته جيئن غير سنجيده ماڻهن جي حوصلا افزائي نه ٿئي.
مٿي ھڪ ٻار جو معصوم انداز ۾ ڪيل تبصرو مون اجايو ڪونہ ٻُڌايو آھي. ھڪ ٻار جي ان هلڪي ڦلڪي تبصري اسان جي پوري نظام جي خاميءَ کي ننگو ڪري ڇڏيو آهي. صحافت رڳو ڪئميرا جي اڳيان اچي ڳالهائڻ جو نالو ناهي، پر اهڙو فن آهي جنهن ۾ وقار، ٻوليءَ جي پاسداري ۽ معلومات جي درستگي بنيادي شرط آهن. جستائين اسان انهن بنيادي اصولن ڏانهن واپس نه ورنداسين، تيستائين اهڙا الميا ۽ مزاحيا قصا روزاني جو معمول بڻيل رهندا.
_____________

نصير اعجاز صحافي ھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھي ٿو



