Editor's pickMain Slide

ناليواري ليکڪا ۽ صحافي مونا ميلواڻي آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

مونا جي پرورش سريلنڪا ۾ ٿي، ۽ صحافي بنجڻ کان اڳ هن ڪولمبو جي برٽش ڪائونسل لائبريريءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. مرلي سان شاديءَ کان پوءِ هن شيلانگ ۾ پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪئي. شيلانگ ڇڏڻ ۽ تائيوان ۾ وسڻ کان پوءِ، هن نئين سر هڪ نئين زندگي جي شروعات ڪئي، پنهنجي ئي خاندان جي پرورش ڪندي تائيپي آمريڪن اسڪول ۾ پڙهائڻ جو ڪم به ڪيو، جتي هوءَ هڪ انتهائي محبوب استاد بڻجي وئي. هن فل ٽائيم نوڪري ڪندي ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اهڙا ڪتاب لکيا جن استادن جي مدد ڪئي ۽ دنيا جي پڙهندڙن کي هندستاني رنڌڻي (پچائڻ جي فن) سان متعارف ڪرايو.

ممبئي

ناليواري ليکڪا مونا ميلواڻي آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آھي. اھڙو اطلاع ورھاڱي ۽ سنڌين جي لڏپلاڻ تي ڪجھ اھم ڪتاب لکندڙ ساز اگروال سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ ذريعي ڏنو آھي.  

مونا ميلواڻيءَ جي پرورش سيلان (هاڻوڪي سريلنڪا) ۾ ٿي. هاءِ اسڪول کان پوءِ هن ڪاليج ۾ تعليم حاصل نه ڪئي، پر ڪولمبو ۾ ‘دي برٽش ڪائونسل لائبريري’ مان پنهنجي مدد پاڻ تحت تعليم حاصل ڪيائين. هن ‘دي سيلان آبزرور’ ۾ مضمون بہ لکڻ شروع ڪيا.

مرلي ميلواڻيءَ سان شاديءَ کان پوءِ، مونا شنڪرديو ڪاليج، شيلانگ ۾ داخلا ورتي ۽ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن ‘دي جونيئر اسٽيٽس مين’، جنهن جو نالو پوءِ بدلائي JS رکيو ويو، جي شيلانگ ۾ نُمائندي طور به خدمتون سرانجام ڏنيون. 1981ع ۾، هوءَ پنهنجي مڙس، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سان گڏ تائيپي، تائيوان منتقل ٿي وئي، جتي هن ارڙهن سالن تائين هڪ بين الاقوامي اسڪول ‘تائيپي آمريڪن اسڪول’ ۾ پڙهائڻ جون خدمتون سرانجام ڏنيون. پڙهائڻ دوران، هن مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي پاران پيش ڪيل آن لائن ڪلاس ورتا ۽ ‘ڪريڪيولم ۽ انسٽرڪشن’ ۾ ماسترز جي ڊگري حاصل ڪئي.

ساز اگروال لکي ٿي: ڪيترائي پڙهندڙ کيس سندس ڪتابن ذريعي سڃاڻندا هوندا. مون کي ‘دي ڊسڪو ڪمز ٽو ٽائون اينڊ اڌر اسٽوريز’ (The Disco Comes to Town and Other Stories) شايع ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو. ڪهاڻين جي انھيءَ مجموعي سندس لکڻين کي نمايان ڪيو.

مونا جي پرورش سريلنڪا ۾ ٿي، ۽ صحافي بنجڻ کان اڳ هن ڪولمبو جي برٽش ڪائونسل لائبريريءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. مرلي سان شاديءَ کان پوءِ هن شيلانگ ۾ پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪئي.

شيلانگ ڇڏڻ ۽ تائيوان ۾ وسڻ کان پوءِ، هن نئين سر هڪ نئين زندگي جي شروعات ڪئي، پنهنجي ئي خاندان جي پرورش ڪندي تائيپي آمريڪن اسڪول ۾ پڙهائڻ جو ڪم به ڪيو، جتي هوءَ هڪ انتهائي محبوب استاد بڻجي وئي. هن فل ٽائيم نوڪري ڪندي ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اهڙا ڪتاب لکيا جن استادن جي مدد ڪئي ۽ دنيا جي پڙهندڙن کي هندستاني رنڌڻي (پچائڻ جي فن) سان متعارف ڪرايو.

پر اسان مان انهن لاءِ جيڪي کين سڃڻندا هئا، مونا هڪ غير معمولي ادبي ڀائيوارشخصيت به هئي.

”مرليءَ مون کي هڪ ڀيري ٻڌايو هو ته جڏهن سندس شاديءَ جو وقت آيو، ته هن ضد ڪيو هو ته هو صرف ان عورت سان شادي ڪندو جنهن کي ڪتابن ۽ لکڻ سان اترو ئي لگاءُ هجي جترو کيس پاڻ کي هو. سندس والدين اهو چئلينج قبول ڪيو ۽ خوشيءَ جي ڳالھ ھئي تہ هنن مونا کي ڳولي ورتو!“

”جڏهن مرليءَ پنهنجو ڪاروبار وڌايو ۽ لکڻ جو سلسلو جاري رکيو، مونا هڪ گھر جوڙيو، پنهنجو ڪيريئر ۽ لکڻيون جاري رکيون، ۽ ٻنهي گڏجي ادب سان پنهنجي محبت کي برقرار رکندي پنهنجي خاندان جي پرورش ڪئي.“

”ويجھڙائيءَ ۾، جڏهن مونا جي صحت خراب ٿي، مون ڏٺو ته مرلي سندس خيال اهڙي عقيدت سان رکيو جو اهو تمام گهڻو متاثر ڪندڙ هو. هن ڪڏهن به سندس بابت صرف غم سان ڳالهه نه ڪئي، پر هميشه ان ذھين، خوبصورت، باصلاحيت ۽ مددي عورت طور کيس ياد رکيو جيڪا هوءَ هميشه هئي. هن سالن جي صبر، وقار ۽ اڻٿڪ سنڀال ذريعي پنهنجي محبت جو اظهار جاري رکيو“.

منهنجي مونا سان صرف هڪ ڀيرو لڳ ڀڳ 10 سال اڳ آمريڪا ۾ ملاقات ٿي هئي، پر مرليءَ سان ڪيترين ئي ڳالهين ذريعي مون کي معلوم ٿيو ته هوءَ انهن سڀني شين جو بنياد هئي جيڪي انهن گڏجي جوڙيون هيون.“

”منهنجيون ڏاڍيون تعزيتون مرلي ملواڻي، اروند ملواڻي، ارپڻ ننداڻي، ۽ مونا سان محبت ڪندڙ هر شخص سان آهن.“

1960 ڌاري شيلانگ ۾ ورتل فوٽو جنھن ۾ مونا ۽ مُرلي ميلواڻي گورنمينٽ ھائوس ۾ پيس ڪيل پيٽر شيفر جي بليڪ ڪاميڊي وقت جنھن ۾ وزيراعظم اندرا گانڌي بہ موجود ھئي

دي ڊسڪو ڪمز ٽو ٽائون’ ڪتاب بابت:

ڪهاڻين جو هي مجموعو 1970ع واري ڏهاڪي جي يادن جو هڪ سفر آهي. بلوغت ڏانهن وڌڻ ۾ چئلينجز هوندا آهن، چاهي اهي شيلانگ ۾ هجن، بمبئيءَ ۾ هجن، ڪولمبو ۾ هجن، يا ڪوٽمالي ۾. انهن ۾ ننڍپڻ کان وڏپڻ ڏانهن منتقل ٿيڻ جي مرحلن کي پار ڪرڻ، ننڍيون پر خوشي ڏيندڙ ڪاميابيون، سخاوت جي عظمت کي دريافت ڪرڻ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن بنان سوچڻ سمجهڻ جي ڪيل فيصلن جا عمر ڀر جاري رهندڙ نتيجا شامل آهن. نوجوانن جي طرزِ زندگي ۽ اُھڃاڻن ۾ ماهر، مونا ملواڻي اهڙيون متحرڪ ڪهاڻيون لکيون جيڪي پڙهندڙ جي دل ۾ سڌو رستو ٺاهي وٺن ٿيون.

مونا ميلواڻي جا ٻيا شايع ٿيل ڪتاب:

‘Delicious Ways With Ginger’ ، بمبئي 1976ع ۾ شايع ٿيو.

‘Indian Cooking Overseas: Traditional Cuisine Survives’  ، نئين دهلي پاران 1995ع ۾ شايع ٿيو.

‘Just the Right Words: 201 Report Card Comments’ ، نيو يارڪ پاران 2003ع ۾ شايع ٿيو.

‘جسٽ دي رائٽ ورڊس’ جي مختصر تعارف۾ لکيل آهي:

”هوءَ هن ڪتاب لکڻ لاءِ ان ڪري تيار ٿي ته جيئن هوءَ تعليم جي هڪ سڀ کان وڌيڪ چئلينجنگ پھلوءَ يعني پيداواري رپورٽ ڪارڊ لکڻين ۾ ٻين جي مدد ڪري سگهي. “

مونا ملواڻي کي هن ڪتاب جو خيال ويهه سال بين الاقوامي اسڪولن ۾ پڙهائڻ واري سندس تجربن مان آيو. پنهنجي اعتراف موجب، مونا هر ٽه ماهيءَ ۾ صحيح لفظ ڳولڻ ۽ پنهنجي ڪلاس روم جي منفرد شخصيتن لاءِ انهن کي مثبت  Feedback جي ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪندي هئي. مونا لکي ٿي،”اهو سڀ ڪجهه چئجي جيڪو چوڻو آهي، بغير ڪنهن ڳالهه کي لڪائڻ جي (Sugar-coat ڪرڻ جي)، ۽ پوءِ به پيغام کي هڪ موثر طريقي سان بيان ڪجي.“

جائزي بابت سچو ۽ منصفاڻو هجڻ، ۽ ان جائزي کي موثر طريقي سان منتقل ڪرڻ، هڪ سٺي رپورٽ ڪارڊ لکڻ جا بنيادي مقصد آهن. ڇاڪاڻ ته ظاهر آهي والدين ان موٽ بابت حساس ٿي سگهن ٿا جيڪا توهان کين سندن ٻارن بابت ڏئي رهيا آهيو، جنهن جو مونا مڪمل طور تي اعتراف ڪري ٿي، ۽ ان ڪري ڪتاب ۾ هيٺئين بنيادي سوال کي ذهن ۾ رکي ٿي: ”ٻار کي هاڻي ڪهڙي شئي تي ڌيان ڏيڻو پوندو جيڪا سندس لاءِ سڀ کان وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندي؟“

هي ڪتاب استادن لاءِ هڪ مددگار ذريعو ٿيڻ لاءِ لکيو ويو هو تہ جيئن اهي سال جي سڀ کان وڌيڪ پريشاني واري وقت دوران بهتر رپورٽ ڪارڊ وڌيڪ آسانيءَ سان لکي سگهن.

_______________

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button