Editor's pickMain Slideماحول

موسمي تبديلي ۽ بقا جو فارمولا: اسپنج سٽي، سمارٽ زراعت ۽ وقت کان اڳ اطلاع

اڄ جو انسان طوفان جي اک ۾ آھي  

آسمان هڪ آهي، پر ان هيٺان ايندڙ موسم سڀني لاءِ هڪجهڙي ناهي. آبهوا جي تبديليءَ دنيا کي هڪ اهڙي موڙ تي بيهاريو آهي جتي طوفان، ڏڪار ۽ ٻوڏون صرف قدرتي آفتون نه، پر سماجي اڻ برابريءَ جو هٿيار بڻجي ڪمزور طبقن جي وجود تي وار ڪري رهيون آهن. هن عالمي خطري جو پهريون شڪار ڪير آهن ۽ انسان بيوسيءَ مان نڪري پنھنجي بقا لاءِ ڪهڙيون جديد حڪمت عمليون اختيار ڪري رهيو آهي.

جرمنيءَ مان ڊاڪٽر حسن حُميده لکي ٿو

ڪيل، جرمني (KIEL, GERMANY): اسان سڀ هڪ ئي آسمان هيٺ رهون ٿا، پر اسان موسم کي هڪ جهڙو محسوس نٿا ڪريون. جيئن جيئن آبهوا جي تبديليءَ جي ڪري ڌرتي مسلسل گرم ٿي رهي آهي، تيئن طوفان، ڏڪار ۽ ٻوڏون هڪ وڏي سماجي نابرابريءَ سان گڏ پيدا ٿي رهيون آهن. شديد موسم جا اهي واقعا ڪنهن خالي يا خيالي عالمي برادريءَ تي اثر انداز نٿا ٿين. اهي مخصوص، ڪمزور طبقن جي وجود جي بنياد تي وار ڪن ٿا. اسان هن دائمي خطري سان ڪيئن مقابلو ڪريون ٿا، اهو ئي طئہ ڪندو ته معاشرا بقا ماڻين ٿا يا تباهه ٿي وڃن ٿا.

سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ گروهه: پهرين صف ۾ بيٺل ماڻهو

آبهوا جي تبديليءَ جا ماهر توڙي سماجيات جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته شديد موسم جي ور چڙهڻ جو سڌو سنئون تعلق معاشي ۽ سماجي حيثيت سان آهي. عالمي سطح تي، ٽي گروهه خاص طور تي نشانو بڻيل آهن:

ننڍا زميندار ۽ مقامي قديمي قبيلا (Indigenous Communities): دنيا ۾ ٻن اربن کان وڌيڪ ماڻهو سڌو سنئون ننڍي پيماني تي زراعت ڪن ٿا. جڏهن برساتن جي مُند ناڪام ٿئي ٿي يا ٻوڏون ٻج لوڙهي وڃن ٿيون، تڏهن انهن وٽ ڪو به حفاظتي انتظام ناهي هوندو. پنهنجي ماحولياتي نظام (ecosystem) جي تباهي، جھڙوڪ ايميزون جي جهنگلن ۾ لڳندڙ باهه، جي ڪري اهي قديمي ماڻهو نه صرف پنهنجو کاڌو پر پنهنجي ثقافت ۽ وطن به وڃائي ويهن ٿا.

غير رسمي آبادين (ڪچين آبادين) ۾ رهندڙ ماڻهو: عالمي ڏکڻ (Global South) جي تيزيءَ سان وڌندڙ وڏن شهرن (megacities) ۾ لکين ماڻهو ڪچن گهرن ۾ رهن ٿا. اهي لوهي پترن مان ٺهيل جهوپڙيون نه ته شديد گرميءَ کان بچائي سگهن ٿيون ۽ نه ئي ٻوڏ يا لينڊ سلائيڊنگ (مٽي ڪِرڻ) دوران ڌڪ جھلي سگهن ٿيون. اتي گندي پاڻيءَ جو ڪو به نظام ناهي هوندو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ٻوڏ کان پوءِ موتمار وبائون پکڙجي وينديون آهن.

طبي طور تي ڪمزور گروهه: جرمني جهڙن امير ملڪن ۾ به آبهوا جي اها تبديلي جانيون وٺي رهي آهي. وڏي عمر جا ماڻهو، دائمي بيمار ۽ بي گهر ماڻهو شديد گرميءَ جي لهرن آڏو بي يار مددگار رهجي ويندا آهن. حياتياتي طور تي، انهن جا جسم شديد گرميءَ کي برداشت نٿا ڪري سگهن، جنهن جي ڪري اونهاري جي هفتن دوران فوتگين جي شرح ۾ وڏو اضافو ٿئي ٿو.

اوڪلاھاما ويجھو سامونڊي طوفان جو منظڙ

صورتحال کي منهن ڏيڻ: بيوسيءَ جي بجاءِ موافقت

بھرحال، انسان شديد موسم آڏو مڪمل طور تي بيوس ناهي. دنيا جون برادريون هن بدليل حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪري رهيون آهن. هن طريقي کي ٽن وڏن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

ٽڪنيڪي موافقت ۽ انفراسٽرڪچر: شهرن ۾ بنيادي مقصد پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ آهي. ان جو دائرو ساحلي شهرن ۾ وڏين ٻوڏن جي روڪٿام جي بندن کان وٺي سادين اسٽرڪچرل تبديلين تائين پکڙيل آهي. جرمنيءَ ۾ هاڻي وڌيڪ ڌيان اسپنج سٽي (Sponge City) جي تصور تي ڏنو پيو وڃي، جتي مينهن جي پاڻيءَ کي گندي پاڻيءَ جي نالن تي بار وجهڻ جي بجاءِ، زمين جي اندر ذخيرو ڪيو ويندو آهي.

زرعي جدت: سڄي دنيا ۾ هاري هاڻي گرمي برداشت ڪندڙ ۽ روايتي فصلن (جيئن ته آفريڪا جي ڪجهه حصن ۾ مڪئي جي بجاءِ ٻاجھري) ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. ان کان علاوه، سمارٽ آبپاشي نظام (smart irrigation systems)، جيڪي پاڻيءَ جي هر هڪ ڦڙي کي ڪارآمد طريقي سان استعمال ڪن ٿا، تمام اهم بڻجي رهيا آهن.

سماجي تحفظ جو نظام: اڄڪلهه ايس ايم ايس (SMS) جي ذريعي وقت کان اڳ اطلاع ڏيندڙ سسٽم بنگلاديش جهڙن ملڪن ۾ طوفانن دوران هزارين ماڻهن جون جانيون بچائي رهيا آهن. ان کان علاوه، مائيڪرو ڪلائميٽ انشورنس (micro-climate insurance) ننڍن هارين کي فصلن جي مڪمل تباهي کان پوءِ مالي طور تي مڪمل برباد ٿيڻ کان بچائي ٿي.

مستقبل

شديد موسم سان مقابلو ڪرڻ صرف نقصان جي مرمت ڪرڻ واري دڪان وانگر نٿو ٿي سگهي. جيستائين گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ واضع گهٽتائي نه ايندي، تيستائين حفاظتي ديوارون به ٽٽي پونديون ۽ ٻنيون به ايتريون گرم ٿي وينديون جو ڪو به ٻج اتي ڦٽي نه سگهندو.

حقيقي ماحولياتي تحفظ ۽ متاثر گروپن لاءِ مقصد تحت مالي مدد ڪو اختيار (آپشن) ناهي، پر بقا لاءِ هڪ لازمي ضرورت آهي. امير قومون، جن تاريخي طور تي عالمي گرمي پد (global warming) ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو وڌو آهي، انهن جو اهو فرض آهي ته اهي غريب علائقن کي هن سخت نئين دنيا سان موافقت پيدا ڪرڻ ۾ وڏي پيماني تي مدد ڪن.

________________

Dr-Hassan-Humeida-310x330

حسن حُميدہ، جرمني

ڏکڻ ڪوريائي خابرو اداري The AsiaN جي انگريزي سروس جي ٿورن سان

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button