ڪاربان ڪريڊٽس: ماحولياتي تباهيءَ کان معاشي خوشحاليءَ تائين
دنيا هاڻي روايتي معيشت کان آهستي آهستي Green Economy ڏانهن وڌي رهي آهي. هن نئين معيشت ۾ ترقي جو معيار صرف ڪارخانا، شاهراهون يا پيداوار نه، پر اهو به هوندو ته ڪنهن ملڪ ڪيترو ماحول بچايو، ڪيترو ڪاربان گهٽايو ۽ قدرتي وسيلن جي ڪيتري حفاظت ڪئي. اهڙي سوچ ڪاربن ڪريڊٽس کي مستقبل جي عالمي معيشت جو اهم حصو بڻائي رهي آهي. پاڪستان لاءِ به هي رڳو ماحولياتي ذميواري نه، پر نئين سرمائي، روزگار، عالمي سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقي جو دروازو کولي سگهي ٿي.

پاڪستان جي هزارين ڪلوميٽر قومي شاهراهون ۽ موٽروي، جيڪڏهن منظم انداز سان گرين ڪوريڊورز ۾ تبديل ڪيون وڃن، ته اهي رڳو خوبصورتي جو سبب نه رهنديون، پر مستقبل ۾ ڪاربن ڪريڊٽس ذريعي آمدني جو مستقل ذريعو پڻ بڻجي سگهن ٿيون. شاهراهن جي ٻنهي پاسن تي مقامي نسلن جا لکين وڻ پوکي، انهن جي سائنسي نگراني ۽ عالمي سرٽيفڪيشن ڪرائي، پاڪستان هر سال لکين ڊالرن جا ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪري سگهي ٿو. اهڙي ريت ماحولياتي تحفظ، روڊن جي خوبصورتي، حياتياتي تنوع ۽ قومي آمدني، سڀ هڪ ئي منصوبي سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
تحرير: رميش راجا
ڌرتيءَ جو سڏ: فطرت جي خاموش دانهن
ڌرتي صرف هڪ سيارو ناهي، پر انسانيت جو گڏيل گهر آهي. اها اسان کي ساهه کڻڻ لاءِ صاف هوا، پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي، کاڌ خوراڪ لاءِ زرخيز زمين، بيشمار ٻوٽا، جهنگلي جيوت ۽ زندگيءَ لاءِ سازگار آبهوا مهيا ڪري ٿي. هزارين سالن تائين انسان ۽ فطرت هڪ اهڙي هم آهنگيءَ سان گڏجي رهيا، جنهن ۾ ترقي به هئي ۽ توازن به. پر ارڙهين صديءَ جي صنعتي انقلاب کان پوءِ ترقيءَ جي رفتار ايتري تيز ٿي وئي، جو ان سان گڏ ماحولياتي توازن به بگڙڻ لڳو.
ڪارخانن جي چمنين مان نڪرندڙ دونهون، بجلي گهرن ۾ ڪوئلي ۽ تيل جو وڌندڙ استعمال، لکين گاڏين مان خارج ٿيندڙ زهريليون گيسون ۽ ٻيلن جي بي رحماڻي ڪٽائي فضا ۾ گرين هائوس گيسن جي مقدار کي غير معمولي حد تائين وڌائي ڇڏيو. انساني زندگي ته وڌيڪ آرامده ٿي، پر ڌرتيءَ جي صحت تي ڳرو بار پئجي ويو.
اڄ دنيا کي جنهن سڀ کان وڏي خطري کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهو موسمياتي تبديلي (Climate Change) آهي، جيڪا هاڻي رڳو سائنسي بحث جو موضوع نه رهي آهي، پر هر ملڪ، هر شهر ۽ هر انسان جي روزمره زندگيءَ تي اثرانداز ٿي رهي آهي.
جڏهن فطرت جو توازن بگڙجي وڃي
ماحولياتي تباهي ڪنهن هڪ واقعي يا هڪ سبب جو نالو ناهي، پر اها انساني سرگرمين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيترن ئي مسئلن جو مجموعو آهي.
اڄ دنيا جي هوا صنعتي دونهين، گاڏين جي دونھين خارج ٿيڻ ۽ بجلي گهرن مان نڪرندڙ زهريلين گيسن سبب آلودگيءَ جو شڪار آهي. درياهه، ڍنڍون ۽ سمنڊ صنعتي گند، ڪيميائي مادّن ۽ پلاسٽڪ جي ڪري گدلا ٿي رهيا آهن. لکين ايڪڙ ٻيلن جي ڪٽائي سبب ڌرتيءَ جو قدرتي حفاظتي نظام ڪمزور ٿي رهيو آهي. شهري توسيع ۽ غير منصوبابند ترقي زرخيز زمين کي بنجر بڻائي رهي آهي، جڏهن ته جانورن ۽ پکين جا بيشمار نسل پنهنجي رهائش وڃائي ختم ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي پهچي ويا آهن.
انهن سڀني مسئلن جي پاڙ هڪ ئي عنصر آهي، گرين هائوس گيسن جو وڌندڙ اخراج، جنهن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂)، ميٿين (CH₄) ۽ نائٽرس آڪسائيڊ (N₂O) نمايان آهن.
اهي گيسون ڌرتيءَ جي چوڌاري هڪ اهڙو پردو ٺاهي ڇڏين ٿيون، جيڪو سج جي گرميءَ کي ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏئي. نتيجي ۾ عالمي گرمي پد مسلسل وڌي رهيو آهي، جنهن سان موسمي نظام ۾ بنيادي تبديليون اچي رهيون آهن.
موسمياتي تبديلي: ايندڙ نسلن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو
اڄ دنيا جا لڳ ڀڳ سڀئي ملڪ موسمياتي تبديليءَ جا اثر محسوس ڪري رهيا آهن. ڪٿي شديد گرمي جون لهرون ماڻهن جي زندگيءَ کي مفلوج بڻائي ڇڏين ٿيون، ته ڪٿي غير معمولي برساتون ۽ ٻوڏون هزارين ڳوٺ ۽ شهر تباهه ڪري ڇڏين ٿيون. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڏڪار، پاڻيءَ جي کوٽ، زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ خوراڪ جي بحران جا خطرا وڌي رهيا آهن.
قطبي علائقن ۽ بلند جبلن تي موجود گليشيئر تيزيءَ سان ڳري رهيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ جي سطح وڌي رهي آهي. ساحلي علائقا آهستي آهستي پاڻيءَ هيٺ اچي رهيا آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.
ماحولياتي تبديلي صرف ماحول جو مسئلو ناهي، پر اها معيشت، صحت، زراعت، پاڻي، خوراڪ، توانائي ۽ قومي سلامتي سان به سڌيءَ ريت لاڳاپيل آهي.

پاڪستان: گهٽ اخراج، وڏو نقصان
موسمياتي انصاف (Climate Justice) جو سڀ کان وڏو مثال پاڪستان آهي.
دنيا جي ڪل گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر ان جي باوجود اهو دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي موسمياتي تبديليءَ جا سڀ کان شديد اثر ڀوڳي رهيا آهن.
سال 2022ع جون تباهه ڪندڙ ٻوڏون ان جو زنده مثال آهن. ملڪ جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، لکين گهر تباهه ٿيا، هزارين ڪلوميٽر رستا ۽ پليون وهي ويون، لکين ايڪڙ زرعي زمين برباد ٿي ۽ قومي معيشت کي اربين ڊالرن جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.
هي سانحو دنيا کي اهو واضح پيغام ڏئي ويو ته ماحولياتي تبديلي سرحدن جي پابند ناهي. جيڪي ملڪ سڀ کان گهٽ آلودگي پيدا ڪن ٿا، اهي به ان جا سڀ کان وڏا متاثر ٿي سگهن ٿا.
ذميوار ڪير؟
تاريخ شاهد آهي ته صنعتي انقلاب کان پوءِ آمريڪا، برطانيا، جرمني، روس، جپان ۽ ٻين صنعتي ملڪن وڏي مقدار ۾ ڪوئلو، تيل ۽ گئس استعمال ڪري پنهنجي معيشتن کي ترقي ڏني. بعد ۾ چين ۽ ڀارت جهڙا ملڪ به تيز صنعتي واڌ ويجهه سبب دنيا جي وڏن اخراج ڪندڙ ملڪن ۾ شامل ٿي ويا.
اڄ چين سالياني بنيادن تي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪاربان خارج ڪندڙ ملڪ آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ڀارت ان کان پوءِ اچن ٿا. پر جيڪڏهن تاريخي اخراج جو جائزو ورتو وڃي ته ترقي يافته ملڪن جو حصو سڀ کان وڌيڪ رهيو آهي.
ٻئي طرف، في ماڻهو اخراج جي لحاظ کان ڪيترائي ننڍا پر خوشحال ملڪ ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن کان وڌيڪ آلودگي پيدا ڪن ٿا.
انهيءَ حقيقت عالمي سطح تي هڪ اهم بحث کي جنم ڏنو آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي ذميواري ۽ ان جي مالي بار جي ورڇ انصاف جي بنيادن تي ٿيڻ گهرجي.
آلودگيءَ کان ذميواريءَ تائين: دنيا ڪاربن ڪريڊٽس تائين ڪيئن پهتي؟
ويهين صديءَ جي ٻئي اڌ تائين سائنسدانن کي پڪ ٿي وئي هئي ته ڌرتيءَ جو گرمي پد تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ ان جو بنيادي سبب انساني سرگرمين مان خارج ٿيندڙ گرين هائوس گيسون آهن. ان وقت تائين دنيا ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ ماحول کي نقصان پهچائڻ کي ترقيءَ جي لازمي قيمت سمجهندي هئي، پر جلد ئي اهو احساس پيدا ٿيو ته جيڪڏهن ماحول کي نقصان پهچائڻ جاري رهيو ته ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو توازن ئي بگڙي ويندو.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ماحولياتي معاشيات جي ماهرن هڪ بنيادي اصول پيش ڪيو، جنهن کي “Polluter Pays Principle” يعني “آلودگي پيدا ڪندڙ ئي ان جي قيمت ادا ڪندو” چيو ويو.
هن اصول موجب، جيڪو فرد، صنعت يا ملڪ ماحول کي نقصان پهچائي، ان تي لازم هئڻ گهرجي ته اهو ان نقصان جي تلافي لاءِ مالي ذميواري به قبول ڪري.
هي اصول اڳتي هلي عالمي ماحولياتي قانونن ۽ ڪاربن ڪريڊٽس جي نظام جو بنياد بڻيو.
هڪ انقلابي معاشي سوچ
ماهرن جلد محسوس ڪيو ته دنيا جي هر ڪارخاني يا هر صنعت کي هڪجهڙي مقدار ۾ اخراج گهٽائڻ تي مجبور ڪرڻ نه رڳو تمام مهانگو هو، پر ڪيترين حالتن ۾ عملي طور ممڪن به نه هو.
مثال طور، جيڪڏهن هڪ شمسي توانائيءَ جو منصوبو تمام گهٽ خرچ سان هزارين ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اخراج کي روڪي سگهي ٿو، جڏهن ته هڪ اسٽيل ڪارخاني لاءِ ساڳي مقدار گهٽائڻ تي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خرچ اچي ٿو، ته پوءِ ڇو نه اهڙو نظام ٺاهيو وڃي جنهن ۾ گهٽ خرچ سان اخراج گهٽائيندڙ اداري کي ان جو مالي فائدو ملي؟
اهڙي سوچ مان ڪاربن مارڪيٽ ۽ ڪاربن ڪريڊٽس جو تصور جنم ورتو.
هن نظام جو بنيادي فلسفو سادو آهي. جيڪو ادارو پنهنجي حصي کان وڌيڪ گرين هائوس گيسون گهٽائي ٿو، اهو ان گهٽتائي کي ڪاربن ڪريڊٽس جي صورت ۾ وڪرو ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته جيڪي ادارا پنهنجو اخراج فوري طور گهٽائي نٿا سگهن، اهي اهي ڪريڊٽ خريد ڪري پنهنجي ماحولياتي ذميواري پوري ڪن ٿا.
انهيءَ ريت ماحولياتي تحفظ کي معاشي قدر ملي ويو.
ڪاربان ڪريڊٽ ڇا آهي؟
سادن لفظن ۾، ڪاربن ڪريڊٽ هڪ ڊجيٽل سرٽيفڪيٽ آهي، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته فضا مان هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (CO₂) يا ان جي برابر مقدار ۾ ٻي گرين هائوس گيس گهٽائي يا ختم ڪئي وئي آهي.
ٻين لفظن ۾:
هڪ ڪاربن ڪريڊٽ = هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي گهٽتائي.
اهو ڪو ڪاغذي سرٽيفڪيٽ نه هوندو، بلڪه عالمي رجسٽرين ۾ اليڪٽرانڪ صورت ۾ محفوظ هوندو آهي، جتان دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ان جي خريد ۽ وڪرو ٿي سگهي ٿو.
هڪ سادو مثال
فرض ڪريو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي يا سنڌ حڪومت قومي شاهراهن جي ٻنهي پاسن تي ڏهه لک وڻ پوکي ٿي.
پنجن يا ڏهن سالن کان پوءِ ماهر سائنسي طريقي سان ماپ ڪن ٿا ته اهي وڻ هر سال 25 هزار ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ فضا مان جذب ڪري رهيا آهن.
ان کان پوءِ Verra يا Gold Standard جهڙو عالمي ادارو ان انگ جي تصديق ڪري ٿو.
تصديق مڪمل ٿيڻ شرط منصوبي کي 25 هزار ڪاربن ڪريڊٽس جاري ٿين ٿا.
جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ ڪريڊٽ جي قيمت 20 آمريڪي ڊالر هجي ته صرف هڪ سال ۾ ان منصوبي مان لڳ ڀڳ پنج لک آمريڪي ڊالرآمدني حاصل ٿي سگهي ٿي.
هي رقم وري وڌيڪ وڻ پوکڻ، ٻيلن جي حفاظت، ماحولياتي بحالي ۽ نون منصوبن تي خرچ ڪري سگهجي ٿي.
انهيءَ ڪري ڪاربن ڪريڊٽس کي ڪيترائي ماهر “وڻن مان حاصل ٿيندڙ نئون معاشي سرمايو” پڻ سڏين ٿا.
ڪير خريد ڪري ٿو ڪاربن ڪريڊٽس؟
سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو منصوبو ڪاربن ڪريڊٽس پيدا ڪري ٿو ته پوءِ انهن جو خريدار ڪير آهي؟
جواب اهو آهي ته دنيا جون اهي صنعتون ۽ ڪمپنيون، جيڪي فوري طور پنهنجي سموري آلودگي ختم نٿيون ڪري سگهن.
انهن ۾ هوائي ڪمپنيون، سيمينٽ جا ڪارخانا، اسٽيل انڊسٽري، تيل ۽ گئس ڪمپنيون، ڪيميائي صنعتون ۽ سامونڊي ٽرانسپورٽ جا ادارا شامل آهن.
ڪيترن ئي ملڪن ۾ قانوني طور انهن ڪمپنين لاءِ ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪرڻ لازمي آهي، جڏهن ته Microsoft، Google، Amazon، Shell ۽ BP جهڙيون عالمي ڪمپنيون پنهنجي رضاڪارانه ماحولياتي ذميوارين تحت به هر سال لکين ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪن ٿيون.
انهن جو مقصد صرف قانون تي عمل ڪرڻ نه، پر دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ به هوندو آهي ته معاشي ترقي ۽ ماحولياتي ذميواري گڏ گڏ هلي سگهن ٿيون.
ماحوليات کان معيشت تائين
ڪاربن ڪريڊٽس جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هنن ماحولياتي تحفظ کي رڳو اخلاقي ذميواري تي نه ڇڏيو، پر ان کي هڪ باقاعده معاشي سرگرمي بڻائي ڇڏيو.
هاڻي جيڪڏهن ڪو ادارو، ڪمپني يا حڪومت ٻيلن جي حفاظت ڪري ٿي، شمسي توانائي پيدا ڪري ٿي، مينگرووز بحال ڪري ٿي يا گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي آڻي ٿي ته ان کي صرف ماحولياتي ساراهه نه، پر مالي فائدو پڻ حاصل ٿي سگهي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا ۾ ڪاربن ڪريڊٽس کي “Green Economy” يا “سبز معيشت” جو هڪ اهم ستون سمجهيو وڃي ٿو.
دنيا جو گڏيل سفر: موسمياتي بحران کان عالمي قانون تائين
ويهين صديءَ جي آخر تائين اهو واضح ٿي چڪو هو ته موسمياتي تبديلي ڪنهن هڪ ملڪ يا خطي جو مسئلو نه، پر سڄي انسانيت لاءِ هڪ گڏيل خطرو آهي. جيڪڏهن گرين هائوس گيسن جي اخراج تي ضابطو نه آندو ويو ته ايندڙ نسلن لاءِ پاڻي، خوراڪ، توانائي ۽ رهائش جا مسئلا انتهائي سنگين ٿي سگهن ٿا.
انهيءَ احساس هيٺ دنيا پهريون ڀيرو گڏجي موسمياتي تبديليءَ خلاف قانوني ۽ ادارياتي قدم کڻڻ شروع ڪيا.
سائنس کان عالمي پاليسي تائين
1988ع ۾ Intergovernmental Panel on Climate Change (IPCC) جو قيام عمل ۾ آيو. گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ قائم ٿيل هن عالمي سائنسي اداري جو مقصد موسمياتي تبديليءَ بابت تحقيق ڪرڻ، ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ حڪومتن کي سائنسي بنيادن تي پاليسيون تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ هو.
IPCC جي رپورٽن واضح ڪيو ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ جو بنيادي سبب انساني سرگرمين مان نڪرندڙ گرين هائوس گيسون آهن.
اهي رپورٽون بعد ۾ عالمي موسمياتي قانون جو بنياد بڻيون.
ريو ارٿ سمٽ: ماحوليات بابت عالمي اتفاق
1992ع ۾ برازيل جي شهر ريو ڊي جينيرو ۾ تاريخي Earth Summit منعقد ٿي، جتي دنيا جي تقريباً سڀني ملڪن United Nations Framework Convention on Climate Change (UNFCCC) تي صحيحون ڪيون.
هن معاهدي دنيا کي پهريون ڀيرو اهو اصول ڏنو ته موسمياتي تبديليءَ سان مقابلو ڪرڻ هر ملڪ جي گڏيل ذميواري آهي، پر ترقي يافته ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻتہ تاريخي طور سڀ کان وڌيڪ آلودگي انهن پيدا ڪئي آهي.
هي اصول اڄ به عالمي موسمياتي سفارتڪاريءَ جو بنيادي ستون آهي.
ڪيوٽو پروٽوڪول: پهريون قانوني قدم
1997ع ۾ جاپان جي شهر ڪيوٽو ۾ هڪ اهم معاهدو منظور ڪيو ويو، جيڪو Kyoto Protocol جي نالي سان مشهور ٿيو.
هي تاريخ جو پهريون عالمي معاهدو هو، جنهن تحت ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن لاءِ قانوني طور گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ گهٽتائي لازمي قرار ڏني وئي.
سڀ کان اهم ڳالهه اها هئي ته هن معاهدي پهريون ڀيرو بين الاقوامي ڪاربن ٽريڊنگ کي قانوني حيثيت ڏني.
ان کان پوءِ ڪاربن ڪريڊٽس صرف هڪ نظريو نه رهيا، پر عالمي واپار جو حصو بڻجي ويا.
پيرس معاهدو: دنيا جو نئون عزم
2015ع ۾ فرانس جي گاديءَ واري شهر پيرس ۾ هڪ ٻيو تاريخي معاهدو ٿيو، جيڪو Paris Agreement جي نالي سان مشهور آهي.
هن معاهدي تي تقريباً دنيا جي هر ملڪ صحيحون ڪيون.
ان جو بنيادي مقصد اهو هو ته عالمي گرمي پد ۾ واڌ کي صنعتي دور کان اڳ واري سطح جي مقابلي ۾ ٻن ڊگري سينٽي گريڊ کان هيٺ ۽ ممڪن هجي ته 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکيو وڃي.
پيرس معاهدي جو آرٽيڪل 6 خاص اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻتہ اهو ملڪن کي ڪاربن مارڪيٽن وسيلي هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ، ڪاربن ڪريڊٽس جي خريد ۽ وڪري ۽ گڏيل منصوبن جي اجازت ڏئي ٿو.
اڄ دنيا جي اڪثر ڪاربن مارڪيٽن جي قانوني بنياد آرٽيڪل 6 تي بيٺل آهي.
ڇا هر ملڪ جا قانون ساڳيا آهن؟
نه.
جيتوڻيڪ تقريباً سڀئي ملڪ پيرس معاهدي جا ميمبر آهن، پر هر ملڪ جي اندروني پاليسي مختلف آهي.
يورپي يونين وٽ دنيا جو سڀ کان ترقي يافته Emissions Trading System (EU ETS) موجود آهي، جتي هزارين صنعتون قانوني طور ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪرڻ يا اخراج گهٽائڻ جون پابند آهن.
سوئيڊن، ناروي، ڊينمارڪ، جرمني ۽ ڪينيڊا جهڙن ملڪن ڪاربن ٽيڪس يا اخراج واپار جا مضبوط نظام قائم ڪيا آهن.
آمريڪا جي صورتحال ڪجهه مختلف رهي. هن ڪيوٽو پروٽوڪول تي صحيحون ته ڪيون، پر ان جي توثيق نه ڪئي، تنهنڪري ان جا قانوني پابند نه بڻيو. بعد ۾ ڪجهه عرصي لاءِ پيرس معاهدي مان به نڪتو، پر پوءِ ٻيهر ان ۾ شامل ٿيو.
اهو ثابت ڪري ٿو ته موسمياتي پاليسيون ڪڏهن ڪڏهن سياسي تبديلين کان به متاثر ٿينديون آهن.
پاڪستان جو ڪردار
پاڪستان موسمياتي تبديليءَ خلاف عالمي ڪوششن جو سرگرم حصو رهيو آهي.
ملڪ UNFCCC، Kyoto Protocol ۽ Paris Agreement ٽنهي جو رڪن آهي.
جيتوڻيڪ پاڪستان جو عالمي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن.
انهن ۾ شامل آهن:
• بلين ٽري ۽ ٽين بلين ٽري شجرڪاري مهم.
• سنڌ ۾ مينگرووز جي بحالي.
• شمسي ۽ هوائي توانائي جي واڌ.
• برقي گاڏين جي پاليسي.
• قومي ڪاربن مارڪيٽ جي تياري.
• آرٽيڪل 6 تحت عالمي ڪاربن واپار ۾ شموليت لاءِ قانوني فريم ورڪ تي ڪم.
اڄ پاڪستان اهڙي مرحلي تي بيٺو آهي، جتان هو ماحولياتي تحفظ کي هڪ نئين معاشي شعبي ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو.
سبز معيشت جو نئون دور
دنيا هاڻي روايتي معيشت کان آهستي آهستي Green Economy ڏانهن وڌي رهي آهي.
هن نئين معيشت ۾ ترقي جو معيار صرف ڪارخانا، شاهراهون يا پيداوار نه، پر اهو به هوندو ته ڪنهن ملڪ ڪيترو ماحول بچايو، ڪيترو ڪاربان گهٽايو ۽ قدرتي وسيلن جي ڪيتري حفاظت ڪئي.
اهڙي سوچ ڪاربن ڪريڊٽس کي مستقبل جي عالمي معيشت جو اهم حصو بڻائي رهي آهي.
پاڪستان لاءِ به هي رڳو ماحولياتي ذميواري نه، پر نئين سرمائي، روزگار، عالمي سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقي جو دروازو کولي سگهي ٿي.

ڪاربن ڪريڊٽس جي ساک: اعتماد، شفافيت ۽ عالمي سرٽيفڪيشن
ڪنهن به مالي نظام جي ڪاميابي اعتماد تي بيٺل هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو ادارو رڳو دعويٰ ڪري ته هن ماحول کي فائدو پهچايو آهي، پر ان جي ڪا سائنسي تصديق موجود نه هجي، ته اهڙي دعويٰ جي ڪا به عالمي حيثيت نه رهندي. انهيءَ ڪري ڪاربن ڪريڊٽس جو نظام دنيا جي سڀ کان وڌيڪ سخت جاچ، نگراني ۽ شفافيت وارن نظامن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.
هڪ ڪاربن ڪريڊٽ تڏهن ئي جاري ڪيو ويندو آهي، جڏهن ڪنهن منصوبي مان گرين هائوس گيسن جي گهٽتائي يا ڪاربان جي جذب ٿيڻ کي سائنسي طريقن سان ماپيو وڃي، آزاد ماهرن کان تصديق ڪرايو وڃي ۽ پوءِ عالمي رجسٽري ۾ ان جو اندراج ڪيو وڃي.
ٻين لفظن ۾، ڪاربن ڪريڊٽ رڳو هڪ واعدو نه، پر سائنسي طور ثابت ٿيل حقيقت هوندي آهي.
دنيا جا معتبر سرٽيفڪيشن ادارا
ڪاربن مارڪيٽ جي ساک برقرار رکڻ لاءِ دنيا ۾ ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان Verra، Gold Standard، American Carbon Registry ۽ Climate Action Reserve سڀ کان وڌيڪ معتبر سمجهيا وڃن ٿا.
اهي ادارا هر منصوبي جي ڊيزائن، ماحولياتي اثر، ڪاربان جي مقدار، مانيٽرنگ جي طريقيڪار ۽ مستقل جاچ جو جائزو وٺن ٿا. ان کان پوءِ آزاد آڊيٽر تصديق ڪن ٿا ته منصوبي واقعي اوترو ڪاربان گهٽايو آهي، جيتري دعويٰ ڪئي وئي آهي.
تصديق کان پوءِ ئي عالمي اليڪٽرانڪ رجسٽري ۾ ڪاربن ڪريڊٽ جاري ٿين ٿا، جيڪي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ خريد ۽ وڪرو ڪري سگهجن ٿا.
هي شفاف نظام ئي ڪاربن مارڪيٽ جي اصل طاقت آهي.
قانون جي ڀڃڪڙي جي قيمت
ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماحولياتي قانون صرف سفارش نه، پر قانوني ذميواري آهن.
يورپي يونين جي Emissions Trading System (EU ETS) تحت جيڪڏهن ڪا ڪمپني پنهنجي مقرر ڪيل اخراج جي حد کان وڌي وڃي ۽ ضروري ڪاربن ڪريڊٽس جمع نه ڪرائي، ته ان تي ڳرا مالي ڏنڊ لاڳو ٿين ٿا.
اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي وڏين عالمي ڪمپنين کي غلط اخراج رپورٽنگ يا ماحولياتي قانونن جي ڀڃڪڙي سبب لکين ۽ ڪروڙين ڊالرن جا ڏنڊ ڀرڻا پيا.
اهو ئي سبب آهي جو دنيا جون وڏيون صنعتون هاڻي ماحولياتي تحفظ کي خرچ نه، پر ڪاروباري حڪمت عملي سمجهڻ لڳيون آهن.
دنيا جون وڏيون ڪمپنيون ۽ ڪاربن مارڪيٽ
اڄ Microsoft، Google، Amazon، Apple، Shell، BP ۽ ٻيون ڪيترين ئي عالمي ڪمپنين پنهنجي ڪاروباري پاليسيءَ ۾ ڪاربن نيوٽرل ٿيڻ کي اهم مقصد بڻايو آهي.
اهي ڪمپنيون هر سال لکين ڪاربن ڪريڊٽس خريد ڪن ٿيون ته جيئن پنهنجي صنعتن مان پيدا ٿيندڙ اخراج جو ازالو ڪري سگهن.
ان سان گڏ، South Pole، Climate Impact Partners ۽ Respira International جهڙيون عالمي ڪمپنيون ڪاربن منصوبن جي تياري، سرٽيفڪيشن ۽ عالمي واپار ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
اڄ ڪاربن ڪريڊٽس جي عالمي مارڪيٽ اربين ڊالرن تائين پهچي چڪي آهي، ۽ ماهرن جو خيال آهي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ ان جي اهميت وڌيڪ وڌندي.
پاڪستان لاءِ اميد جي نئين ڪهاڻي
جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي قدرتي وسيلن کي صحيح نموني استعمال ڪري، ته هو ڪاربن ڪريڊٽس مان وڏي پيماني تي عالمي سرمايو حاصل ڪري سگهي ٿو.
پاڪستان وٽ دنيا جا بهترين مينگرووز، وسيع ريگستان، لکين هيڪٽر خالي زمين، هزارين ڪلوميٽر قومي شاهراهون، زرخيز زرعي علائقا ۽ قابل تجديد توانائي جا وڏا وسيلا موجود آهن.
اهي سڀئي مستقبل جا ڪاربن ڪريڊٽ منصوبا بڻجي سگهن ٿا.
ڊيلٽا بليو ڪاربن: پاڪستان جو عالمي مثال
سنڌ جي انڊس ڊيلٽا ۾ جاري Delta Blue Carbon Project پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ عالمي سطح تي مشهور ڪاربن ڪريڊٽ منصوبو آهي.
هي دنيا جي وڏي ۾ وڏي مينگرووز بحالي ۽ تحفظ واري منصوبن مان هڪ آهي.
هن منصوبي تحت لکين هيڪٽر سامونڊي ٻيلن جي حفاظت ڪئي پئي وڃي، جيڪي هر سال وڏي مقدار ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪن ٿا.
2022ع ۾ هن منصوبي مان پهريان ڪاربن ڪريڊٽ جاري ٿيا، جڏهن ته شروعاتي مرحلي ۾ تقريباً 30 لک ڪاربن ڪريڊٽس وڪرو ٿيڻ سان لڳ ڀڳ 40 ملين آمريڪي ڊالر جي آمدني حاصل ٿي.
هي رڳو هڪ منصوبي جي ڪاميابي نه، پر ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ماحولياتي تحفظ قومي معيشت لاءِ به اهم آمدني جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو.
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ هڪ نئون موقعو
پاڪستان جي هزارين ڪلوميٽر قومي شاهراهون ۽ موٽروي، جيڪڏهن منظم انداز سان گرين ڪوريڊورز ۾ تبديل ڪيون وڃن، ته اهي رڳو خوبصورتي جو سبب نه رهنديون، پر مستقبل ۾ ڪاربن ڪريڊٽس ذريعي آمدني جو مستقل ذريعو پڻ بڻجي سگهن ٿيون.
شاهراهن جي ٻنهي پاسن تي مقامي نسلن جا لکين وڻ پوکي، انهن جي سائنسي نگراني ۽ عالمي سرٽيفڪيشن ڪرائي، پاڪستان هر سال لکين ڊالرن جا ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪري سگهي ٿو.
اهڙي ريت ماحولياتي تحفظ، روڊن جي خوبصورتي، حياتياتي تنوع ۽ قومي آمدني، سڀ هڪ ئي منصوبي سان حاصل ڪري سگهجن ٿا.
سنهري موقعو، پر ذميواري به
ڪاربن ڪريڊٽس جو نظام صرف مالي فائدي لاءِ نه، پر ايمانداري، شفافيت ۽ ڊگهي مدي واري ماحولياتي ذميواري لاءِ ٺهيل آهي.
جيڪڏهن ڪو ملڪ يا ادارو صرف منافعي خاطر انگ اکر وڌائي پيش ڪري يا غلط دعوائون ڪري، ته نه صرف ان جا ڪريڊٽ رد ٿي سگهن ٿا، پر عالمي سطح تي سندس ساک پڻ متاثر ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ ڪري هن شعبي ۾ سائنس، قانون ۽ شفافيت بنيادي اهميت رکن ٿا.
ڪاربان ڪريڊٽس: پاڪستان لاءِ هڪ نئين معيشت جو دروازو
هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪاربان ڪريڊٽس صرف حڪومتن ۽ وڏين عالمي ڪمپنين تائين محدود آهن؟ ڇا هڪ انجنيئر، زرعي ماهر، ماحولياتي ماهر، سرڪاري ادارو يا نجي شعبي جو ڪاروباري شخص به هن شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟
جواب آهي، ها.
دنيا ۾ اڄ ڪاربن ڪريڊٽس رڳو ماحولياتي پاليسي نه، پر هڪ مڪمل معاشي صنعت بڻجي چڪي آهي، جنهن ۾ منصوبن جي تياري، سائنسي تحقيق، ماحولياتي سروي، قانوني مشاورت، مالي خدمتون، سرٽيفڪيشن، آڊيٽنگ، بين الاقوامي واپار ۽ سيڙپڪاري جهڙا بيشمار شعبا تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن.
ڪاربان ڪريڊٽس کي ڪاروبار ۾ ڪيئن تبديل ڪجي؟
هن شعبي ۾ داخل ٿيڻ جا ڪيترائي قانوني ۽ عملي طريقا موجود آهن.
ڪاربن پروجيڪٽ ڊولپر بڻجڻ
هي سڀ کان بنيادي طريقو آهي.
ڪو ادارو يا ڪمپني اهڙو منصوبو تيار ڪري، جيڪو ماحول مان ڪاربان گهٽائي يا جذب ڪري، جهڙوڪ:
• وڏي پيماني تي شجرڪاري
• مينگرووز جي بحالي
• شمسي ۽ هوائي توانائي
• لينڊ فل مان ميٿين گئس حاصل ڪرڻ
• ماحول دوست زراعت
• توانائي بچائيندڙ صنعتي منصوبا
• صاف ٻارڻ وارا چلهه
منصوبي جي عالمي تصديق کان پوءِ حاصل ٿيندڙ ڪاربان ڪريڊٽس عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري سگهجن ٿا.
ڪاربن صلاحڪار (Carbon Consultant)
هي شعبو خاص طور انجنيئرن، ماحولياتي ماهرن، شهري منصوبابندن ۽ پاليسي ماهرن لاءِ انتهائي موزون آهي.
صلاحڪار ادارن جي مدد ڪندا آهن ته:
• اخراج جي ماپ ڪيئن ڪجي؟
• منصوبي جي فني دستاويز ڪيئن تيار ڪجن؟
• عالمي سرٽيفڪيشن ڪيئن حاصل ڪجي؟
• آڊٽ ۽ تصديق جا مرحلا ڪيئن مڪمل ڪجن؟
• عالمي خريدارن تائين ڪيئن پهچجي؟
هن شعبي ۾ سرمائي کان وڌيڪ علم، تجربي ۽ پيشه ورانه مهارت جي اهميت هوندي آهي.
ڪاربن بروڪر يا ٽريڊر
هي ماڻهو منصوبا تيار ڪندڙن ۽ عالمي خريدارن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪن ٿا.
اهي ڪاربان ڪريڊٽس جي خريد ۽ وڪري جا معاهدا ڪرائين ٿا ۽ ان جي بدلي ۾ ڪميشن حاصل ڪن ٿا.
دنيا ۾ اهڙا هزارين ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي صرف ڪاربن واپار مان لکين ڊالر ڪمائي رهيا آهن.
سيڙپ
سيڙپڪار ڪاربن منصوبن ۾ مالي مدد ڪن ٿا.
جڏهن منصوبا عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪري ڪاربان ڪريڊٽ وڪرو ڪن ٿا، تڏهن سيڙپڪارن کي به پنهنجي سيڙپ تي منافعو ملي ٿو.
ڪاربن ايڊوائزري ڪمپني
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ امڪان هن شعبي ۾ موجود آهن.
انجنيئر، ماحولياتي ماهر، مالي صلاحڪار، قانوندان ۽ پاليسي ماهر گڏجي اهڙيون ڪمپنيون قائم ڪري سگهن ٿا، جيڪي:
• منصوبن جي سڃاڻپ ڪن،
• فني مطالعا تيار ڪن،
• عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪرائن،
• مانيٽرنگ ۽ آڊٽ جو انتظام ڪن،
• ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربان ڪريڊٽس جي وڪري تائين مڪمل سهڪار فراهم ڪن.
هي ڪاروبار مستقبل جي اهم ترين ماحولياتي صنعتن مان هڪ بڻجي سگهي ٿو.
پاڪستان جا سڀ کان وڏا موقعا
قدرت پاڪستان کي اهڙا وسيلا عطا ڪيا آهن، جيڪي ڪيترن ئي ملڪن وٽ موجود ناهن.
مثال طور:
• انڊس ڊيلٽا جا مينگرووز.
• سنڌ ۽ پنجاب جا دريائي ٻيلا.
• بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جا جبل.
• لکين ايڪڙ خالي زمين.
• قومي شاهراهون ۽ موٽروي.
• زرعي زمينون.
• سولر ۽ ونڊ ڪوريڊور.
• شهري فضلو.
• صنعتي توانائي بچت جا منصوبا.
جيڪڏهن انهن شعبن ۾ منظم منصوبابندي ڪئي وڃي ته پاڪستان هر سال لکين نه، پر اربين ڊالرن جا ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪري سگهي ٿو.
قومي شاهراهون: رڳو روڊ نه، پر ڪاربان جا ذخيرا
هڪ سول انجنيئر جي حيثيت سان منهنجو يقين آهي ته پاڪستان جي قومي شاهراهون، موٽروي ۽ ايڪسپريس ويز صرف آمدرفت جا ذريعا ناهن.
جيڪڏهن انهن کي منظم گرين ڪوريڊورز ۾ تبديل ڪيو وڃي، مقامي نسلن جا وڻ وڏي پيماني تي پوکيا وڃن، انهن جي ڊجيٽل مانيٽرنگ ڪئي وڃي ۽ عالمي سرٽيفڪيشن حاصل ڪئي وڃي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، صوبائي هاءِ وي کاتا ۽ موٽروي اختيارين مستقبل ۾ ڪاربان ڪريڊٽس مان مستقل آمدني حاصل ڪري سگهن ٿا.
اهڙي سوچ سان انفراسٽرڪچر رڳو خرچ نه رهندو، پر آمدني پيدا ڪندڙ قومي اثاثو بڻجي ويندو.
چئلينج به موجود آهن
ڪاربن ڪريڊٽس جي شعبي ۾ ڪاميابي لاءِ ڪجهه شرط لازمي آهن.
• شفافيت
• سائنسي تحقيق
• صحيح ڊيٽا
• عالمي معيارن جي پيروي
• آزاد آڊٽ
• ڊگهي مدي واري مانيٽرنگ
مختصر رستا يا غلط انگ اکر هن شعبي ۾ ڪنهن به ملڪ جي ساک کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.
نتيجو: ماحولياتي تحفظ کان معاشي خوشحالي تائين
دنيا ۾ ترقيءَ جو تصور تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي.
هاڻي صرف وڏا ڪارخانا، شاهراهون يا عمارتون ترقيءَ جي علامت ناهن، پر صاف هوا، محفوظ ٻيلن، گهٽ اخراج، قابل تجديد توانائي ۽ پائيدار معيشت کي به قومي خوشحالي جو معيار سمجهيو وڃي ٿو.
ڪاربان ڪريڊٽس هن نئين سوچ جو عملي اظهار آهن. اهي دنيا کي اهو سيکارين ٿا ته ماحول جي حفاظت صرف اخلاقي ذميواري نه، پر معاشي فائدي جو ذريعو پڻ بڻجي سگهي ٿي.
پاڪستان لاءِ هي هڪ تاريخي موقعو آهي. جيڪڏهن ملڪ پنهنجي ٻيلن، مينگرووز، زرعي زمينن، دريائن، موٽروين، قومي شاهراهن ۽ قابل تجديد توانائي جي وسيلن کي عالمي معيارن مطابق ڪاربن منصوبن ۾ تبديل ڪري، ته نه رڳو ماحول محفوظ بڻجي سگهي ٿو، پر قومي معيشت کي نوان وسيلا، روزگار جا هزارين موقعا ۽ بين الاقوامي سيڙپڪاري جا دروازا پڻ کلي سگهن ٿا.
ڪاربان ڪريڊٽس حقيقت ۾ ماحولياتي تباهي کي معاشي خوشحالي ۾ تبديل ڪرڻ جو اهڙو جديد تصور آهن، جيڪو فطرت، معيشت ۽ ايندڙ نسلن جي مفادن کي هڪ ئي زنجير ۾ ڳنڍي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺي، ته اهو رڳو موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائي نه سگهندو، پر سبز معيشت جي عالمي سفر ۾ هڪ اهم ۽ باوقار مقام پڻ حاصل ڪري سگهندو .
_________________

رميش راجا، هڪ سول انجنيئر، دورانديش رٿابندي ڪندڙ، PMP سرٽيفائيڊ ۽ ادب سان چاهه رکندڙ شخصيت آهي، جنهن کي آرٽ ۽ تفريح جو جنون آهي. ساڻس هن اي ميل تي رابطو ڪري سگهجي ٿو: engineer.raja@gmail.com“



