Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشياڪالم

انصاف جو نئون تصور،  نسلي حدن کان عالمي انساني حقن تائين  

مستقبل ۾ انصاف بابت درست اندازا لڳائڻ انتهائي ضروري ٿي پيا آهن ڇو ته، ٽيڪنالاجي، علم ۽ عالمي رابطن جي واڌ سان نہ رُڳو انصاف بابت انساني شعور وڌي رهيو آهي، پر ساڳئي وقت نيون چئلينجون به پيدا ٿي رهيون آهن. مستقبل ۾ انصاف جو تصور شايد رڳو نسلي سطح تائين محدود نه رهي، اهو عالمي انساني حقن، برابرين ۽ گڏيل ذميوارين تائين وڌي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري جڏهن نئون جديد دور اچي رهيو آهي ته، مستقل ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ انصاف جي حاصلات لاءِ به نئين جاکوڙ جو خاڪو تيار ڪرڻو پوندو ۽ انصاف به اهو جيڪو هر فرد کي بنا ڪنهن فرق جي جائز طريقي سان ملي.

ھٿرادو ڏاھپ سان تيار ڪيل

حميد منگي

کوڙ سارا ماڻهو اهو سوچيندا آهن ته زيادتيون ۽ ناانصافيون، صرف اسان جهڙن معاشرن يا ترقي پذير ملڪن جو مسئلو آهن۔ پر حقيقت جي نظر سان ڏسنداسين ته، اهو پوري دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ معاشرن جو هڪ وڏو مسئلو اڳ به رهيو ۽ هاڻي به آهي، ها ايترو ضرور آهي ته، آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڪجهه معاشرن ۽ ملڪن ۾ تمام گهٽ ۽ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ حد کان وڌيڪ ناانصافيون هاڻي به معمول کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن۔ جن تي اڻ ڳڻيون لکڻيون لکيون ويون، لکن جي تعداد ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايا ويا ۽ تحريڪون هلائڻ باوجود به انهن تي ضابطو اچي ناهي سگهيو۔ ملڪ ننڍا هجن يا وڏا، شهري پڙهيل هجن يا اڻپڙهيل، حڪومتن جون واڳون بادشاهن ۽ آمرن جي هٿن ۾ هجن يا جمهوريت پسندن حوالي، مخصوص ذهنيت جي ماڻهن کي جتي به موقعو ملي ٿو، پاڻ جهڙي انسان سان زيادتيون ۽ ناانصافيون ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري۔

انصاف ۽ ناانصافيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي واري سوال تي سوچبو ته، ناانصافي اصل ۾ انصاف جي ابتڙ حالت کي چئبو آهي. جڏهن ڪنهن فرد، ڪٽنب يا نسل جي حق تلفي ٿئي، انهن سان جانبداريء وارو سلوڪ اختيار ڪيو وڃي ته، انهيء عمل کي ناانصافي چئبو آهي. ناانصافيءَ جون هونئن ته ٻيون به ڪيئي شڪليون هجن ٿيون پر، انهن مان ڪجهه صورتون هي به آهن۔ يعني رشوت ڏيڻ ۽ وٺڻ، سفارش ڪرڻ يا ڪرائڻ، ملڪي، نسلي، صنفي، مذهبي يا فرقيواراڻي بنياد تي ڪنهن جي به حقن کي پائمال ڪرڻ، طاقت جي زور تي ڪمزور کي دٻائڻ وارا عمل ناانصافين جي دائري ۾ اچن ٿا۔ ڪنهن قابل ۽ لائق ماڻهو کي نوڪري نه ملي ۽ نااهل کي سفارش جي بنياد تي فيصلن ۽ قدم کڻڻ جا اختيار ملن، ته اها به ناانصافي ئي ليکبي آهي. جيڪڏهن ڪنهن بيگناهه کي سزا ملي، ڏوهاري مادر پدر آزاد گهمندو وتي ۽ وڌيڪ زيادتيون به ڪندو رهي، ان عمل کي به ناانصافي ئي چئبو آهي. بهرحال ٻيا کوڙ سارا انساني عمل ناانصافيء جي ذمري ۾ اچن ٿا۔

دنيا جي هڪ وڏي ناليواري مفڪر ”جان رال“ چواڻي انصاف اهو آهي ته، سماج جو ڪمزور کان ڪمزور ماڻهو به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي. پر هاڻي ڳالهه ڳڻپ کان چڙهي وئي آهي۔ انصاف واريء حوالي سان روز نوان ادارا به ٺهن ٿا پر، ماڻهن جي اڪثريت پوء به انصاف کان محروم آهي۔ ماڻهن کي انصاف ملڻ مهل رڪاوٽون ڇو ٿيون اچن؟ يا اڪثر موقعن ۽ مختلف هنڌن تي ماڻهن سان ناانصافيون ڇو ٿينديون رهيون آهن؟ انهن سوالن جا جواب ڳولهبا ته ڪيترائي سبب نڪري ايندا، ڇاڪاڻ⁠ تہ هاڻي انصاف رڳو قانون حرڪت ۾ اچڻ جو نالو ناهي رهيو، اهو انساني سوچ، سماجي ڍانچي ۽ طاقت جي غلط ورڇ سان به ڳنڍجي ويو آهي. ان ۾ هڪ ته ذاتي، نسلي ۽ گروهي مفاد اچي وڃن ٿا، يعني جڏهن ماڻهو، ڪٽنب، برادريون ۽ نسل پنهنجن فائدن ۽ مفادن کي سچ ۽ حق کان مٿي رکن ٿا، تڏهن انصاف واري عمل کي ڌڪ  رسي ٿو۔

انساني لالچ، دولت ۽ مال ملڪيت گڏ ڪرڻ جي خواهش ۽ اقتدار جي حرص وارا عمل به ڪيترين ئي ناانصافين جو سبب بڻجن ٿا. تعصب ۽ جانبداريء جي بنياد تي نسل، قوم، مذهب، ٻولي، جنس يا طبقي جي انصاف جي راهه ۾ تمام وڏي رڪاوٽ بڻجندا رهيا آهن، جڏهن ته اڪثر فيصلا به حقيقتن بدران پسند ۽ ناپسند تي ڪيا وڃن ٿا، نتيجي ۾ انصاف وائڙن وانگر ڏسندو رهجي وڃي ٿو. جتي طاقت چند ماڻهن، ڪٽنبن، گروهن يا نسلن جي هٿ ۾ مرڪوز ٿي ويندي آهي ته، اتي به ڪمزورن کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش اينديون آهن. جتي فيصلا حق ۽ سچ بدران پئسي يا اثر رسوخ جي بنياد تي ٿين ٿا ته، ناانصافي وڌي ٿي۔ جڏهن ته اڻپورو علم ۽ شعور به ان ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا۔ جتي عوام کي پنهنجين ذميوارين ۽ حقن جي ڄاڻ نه ٿي رهي ۽ اهي ناانصافين جي ترڪتالين کي سمجهي به نه ٿا سگهن يا انهن خلاف دانهن ڪوڪ به نه ٿا ڪري سگهن، مطلب ته هاڻي ناانصافي پنهنجي انتها تي پهچي چڪي آهي۔

اڪثر ترقي پذير ملڪن جا ادارا ڪمزور ڏٺا ويا آهن، اتي انصاف گهر هجن يا قانون سان لاڳاپيل ٻيا کاتا ۽ انتظامي يونٽ جيڪڏهن آزاد، شفاف ۽ مضبوط نه ٿا هجن ته انصاف ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون. تحقيق ڪندڙن ۽ اهڙن مامرن تي غور، فڪر ڪندڙن جو به اهو خيال رهيو آهي ته، انهيء سلسلي ۾ خوف به هڪ وڏو سبب رهيو آهي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو طاقتور ماڻهن ۽ ڌرين جي ڊپ سبب سچ نه ٿا ڳالهائين. متاثر ٿيل فرد ۽ خاندان، طاقتور ڌرين ۽ ادارن جي عملدارن جو دٻاءُ برداشت نه ٿا ڪري سگهن، نتيجي طور عوام جي پهچ انصاف تائين مشڪل ٿي وڃي ٿي. فلسفياڻي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته، جڏهن ماڻهو سچ ۽ نيڪي کي اهميت گهٽ يا بلڪل نه هجڻ برابر ڏين ٿا، تڏهن به ناانصافي وڌي ٿي.

انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انساني تاريخ، انصاف ۽ ناانصافين وچ ۾ مقابلن سان ڀري پئي آهي. جيئن جيئن علم وڌيو، انساني حقن جو آواز به سگهارو ٿيو ۽ فڪري توڙي جمهوري جدوجهدن به ترقي ڪئي، تيئن تيئن انصاف ٿيڻ ۽ ناانصافيون گهٽجڻ جا امڪان به وڌيا آهن. پر پوء به امڪان، امڪان ئي رهيا عملي شڪل اختيار نه ڪري سگهيا آهن۔ اصل ۾ جيسيتائين لالچ، تعصب ۽ طاقت جو غلط استعمال موجود رهندو، تيستائين انصاف آڏو رڪاوٽون ختم نه ٿينديون. ناانصافيءَ واري عمل کي عالمي امن جي تناظر ۾ ڏسبو ته، انصاف جي سڀ کان وڏي رڪاوٽ اها آهي ته، انسان اڪثر پنهنجي ذاتي، ڪٽنبي، نسلي ۽ گروهي مفادن کي انسانيت جي گڏيل مفاد کان مٿي رکي ٿو، تڏهن ناانصافين جا در، دريون ۽ ڳرکڙا کلن ٿا، اتي سخت کان سخت قانون ۽ حڪومتي قدم به پاڻيء جيان لار ڪري وهي ٿا وڃن۔ جيسيتائين انسانيت، حق ۽ سچ کي اوليت نه ڏيندي، تيسيتائين انصاف جي راهه به وڌيڪ هموار نه ٿيندي.

هڪ اندازي مطابق، ناانصافين کي هڪدم يا مڪمل طور ختم ڪرڻ، شايد ايترو آسان نه هجي، جيترو اڪثر هڏ ڏوکي اديب، عالم ۽ تنظيمون سمجهنديون رهيون آهن، پر ان سان گڏ انهيء حقيقت کي به مڃجي ته، مختلف رٿائون جوڙي کين گهٽائي ضرور سگهجي ٿو، بلڪي دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ ڪيترين ناانصافين کي گهٽايو به ويو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي سماج تڏهن وڌيڪ منصفاڻا بڻجي سگهندا۔ جڏهن ادارن جي مضبوط ٿيڻ سان گڏ، ماڻهو به باخبر، باعقل يا تعليم يافته ٿين، جيڪي شعور جي مدد سان انساني حقن ۽ ذميوارين جي ڄاڻ رکڻ سميت تنقيدي سوچ ۽ اخلاقي قدرن کي به هٿي ڏين. اصل ۾ جهالت، گهٽ علمي ۽ غلط ڄاڻ ناانصافين کي وڌائيندڙ عمل رهيا آهن.

ٻيو ته، عوام کي پاڻ به قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ جون ڪوششون وٺڻ گهرجن جيئن قانون سڀني تي هڪجهڙو لاڳو ٿئي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ الڳ الڳ معيار نه رهن. انهيء حوالي سان جيڪي تنظيمون ٺهيل آهن اهي وڏن شهرن جي وڏن هوٽلن ۾ وڏن ماڻهن کي گهرائي، رڳو سيمينارن يا پروگرامن تي پنهنجون توانائيون ۽ پئسو خرچ نه ڪن پر، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ماڻهن سان روبرو ملاقاتون ڪري، سندن مسئلا ٻڌي، کين حل به ڏئي اچن ۽ پڻ سندن همٿ افزائي ڪندي شهري پروگرامن ۾ گهرائي اوترو ئي مان ڏين جيترو خاص ماڻهن کي ڏنو ويندو رهيو آهي۔ اصل ۾ انصاف لاء پاڻ پتوڙيندڙ تنظيمن جي جدوجهدن ۽ سرگرمين جو به اڄ تائين ان ڪري ڪو کڙ تيل نه نڪري سگهيو آهي، جو هو به شهرن جي وڏين طاقتور شخصيتن کي گهرائي کين وڌيڪ طاقت ڏينديون رهن ٿيون۔

انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه ٻيون ڪوششون به ٿيڻ گهرجن، مثال طور عدالتن کي آزاد ۽ غير جانبدار ڪرڻ جون ڪوششون وڌائجن، اهم شعبن ۽ کاتن ۾ شفاف نظام سان گڏ جوابدهي به يقيني بڻائي وڃي. رشوت ۽ اقربا پروريء خلاف سخت قدم کڻڻ، معاشي انصاف لاڳو ڪرائڻ، ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جا مطالبا ڪيا وڃن. انتهائي غربت توڙي دولت جي انتهائي مرڪزيت کي گهٽائڻ لاء قاعدا، قانون جوڙيا وڃن. هر ماڻهو کي عزت سان زندگي گذارڻ، حڪمرانيء ۾ عوامي شرڪت کي لازمي قرار ڏيڻ، (جيئن سينيٽ ۽ اسيمبلين ۾ عورتن ۽ اقليتن جون سيٽون مختص ڪيون وڃن ٿيون) تيئن حقيقي هارين، مزدورن ۽ ٻين ناانصافين جي متاثر پورهيتن جون سيٽون به مختص ٿيڻ گهرجن، انهن ماڻهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ ۽ حڪمرانن کان سوال ڪرڻ جو حق هجڻ گهرجي۔

آمريڪا، آفريڪا توڙي ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي نوآبادياتي نظام مان نڪرڻ ۽ ٻين سماجي تحريڪن مان به اهو سبق ملي ٿو ته، جڏهن ماڻهو حقن، برابرين ۽ انصاف لاءِ منظم ۽ پرامن جدوجهدون ڪن ٿا ته ناانصافين آڏو آيل رڪاوٽون آهستي آهستي ٽٽڻ لڳن ٿيون۔ اهي ناانصافيون تڏهن ختم ٿينديون، جڏهن علم جهالت مٿان، قانون طاقت مٿان ۽ انسانيت تعصب تي غالب ايندا. انصاف صرف قانونن سان نه، پر انسانن جي شعور، اخلاق ۽ گڏيل ذميوارين سان به قائم ٿيندو آهي. ارسطو موجب ناانصافي بنيادي طور تي ٻن شڪلين ۾ ظاهر ٿئي ٿي، هڪ ڪنهن جو حق کسڻ، ٻيو ڪنهن کي سندس جائز حصي کان محروم رکڻ۔ مختصر طور تي ناانصافي هر ان حالت کي چئبو آهي، جتي انسان، نسل يا گروهه کي سندس جائز حق، عزت، موقعو يا آزادي نٿي ملي. اها قانوني، سماجي، معاشي، سياسي، ثقافتي ۽ عالمي بدمعاشيء سميت ڪيترين ئي شڪلين ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿي. امن ۽ انسان دوستي واري فڪر جي لحاظ کان، دنيا جي گهڻن اختلافن، تڪرارن، جنگين ۽ بيچينين جي پاڙ به ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ناانصافيء سان ملي ٿي۔

بهرحال، انسان جو ماضي ته، جيئن تيئن گذري ويو، ماڻهن، معاشرن ۽ ملڪن جا حال به کوڙ سارن حوالن سان مختلف حالتن حوالي ٿيل آهن پر، هاڻي مستقبل ۾ انصاف بابت درست اندازا لڳائڻ انتهائي ضروري ٿي پيا آهن ڇو ته، ٽيڪنالاجي، علم ۽ عالمي رابطن جي واڌ سان نہ رُڳو انصاف بابت انساني شعور وڌي رهيو آهي، پر ساڳئي وقت نيون چئلينجون به پيدا ٿي رهيون آهن. مستقبل ۾ انصاف جو تصور شايد رڳو نسلي سطح تائين محدود نه رهي، اهو عالمي انساني حقن، برابرين ۽ گڏيل ذميوارين تائين وڌي سگهي ٿو، انهيءَ ڪري جڏهن نئون جديد دور اچي رهيو آهي ته، مستقل ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ انصاف جي حاصلات لاءِ به نئين جاکوڙ جو خاڪو تيار ڪرڻو پوندو ۽ انصاف به اهو جيڪو هر فرد کي بنا ڪنهن فرق جي جائز طريقي سان ملي.

__________________

Hameed Mangi-TheAsiaN

حميد منگي انجمن ترقي پسند مصنفين ڪراچي جو سرگرم ساٿي آهي ، ء سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رھي ٿو

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button