بارود جي ڍير تي سفارتڪاري: ڇا ٽرمپ-ايران ڊيل پائيدار ٿي سگهندي؟
وچ اوڀر ھن وقت هڪ اهڙي بارود جي ڍير تي ويٺو آهي جنهن جي مٿان سفارتڪاريءَ جي هڪ عارضي ڇت ڏني وئي آهي. دوحه جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺل سفارتڪار جيڪڏهن آگسٽ 2026ع جي وچ تائين ڪنهن ڪاغذ تي صحيحون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي به ويا، ته اهو معاهدو خطي ۾ مستقل امن جي ضمانت نه بڻجي سگهندو. جيستائين اسرائيل، ايران جي داخلي اسٽيبلشمينٽ، ۽ آمريڪي ڪانگريس ان ڊيل جا ضامن نٿا بڻجن، اهو معاهدو به تاريخ جي ان عارضي ڪاغذن جو حصو بڻجي ويندو جيڪي پهرين ئي فوجي چڻنگ سان سڙي رک ٿي ويندا آهن.

تحرير: ابراهيم صالح محمد
فيبروريءَ جو خوني پسمنظر ۽ سفارتڪاريءَ جو بدلجندڙ محور
صحافت جي ڪلاس روم ۾ اسان کي سڀ کان پهرين اهو بنيادي اصول سيکاريو ويندو هو ته “خبر” ڪڏهن به جمود جو شڪار ناهي ٿيندي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي منجهيل شطرنج تي نه دشمنيون مستقل هونديون آهن ۽ نه ئي دوستيون. عالمي سياست جو ڪو به شاگرد جڏهن تاريخ جا پنا اُٿلائي پٿلائي ٿو، ته کيس اها حقيقت ڏينهن جي روشنيءَ وانگر چٽي نظر اچي ٿي ته دنيا جا سڀ کان وڏا فوجي تڪرار ۽ جنگيون به آخرڪار ڪنهن نه ڪنهن سفارتي ميز تي، چند ڪاغذن تي صحيحن سان ئي ختم ٿينديون آهن. پر جڏهن ڳالهه وچ اوڀرجهڙي آتش فشان جي هجي، جتي بارود جي بوءِ ۽ سياسي مفادن جا رخ لمحن ۾ بدلجي ويندا آهن، ته اتي سفارتڪاريءَ جو رستو ڪنهن بارودي سرنگ تي هلڻ کان گهٽ ناهي هوندو.
ھلندڙ سال فيبروري ۾ جڏهن آمريڪا-اسرائيل ۽ ايران جي تڪرار هڪ خطرناڪ جنگي ٽڪراءُ جي شڪل اختيار ڪئي، ته اسان جهڙن بين الاقوامي لاڳاپن جي شاگردن لاءِ اهي ڪتابي نظريا هڪ زنده يا لائيو ڪيس اسٽڊي بڻجي چڪا هئا. واشنگٽن جو جنگي ‘آپريشن ايپڪ فيوري’ (Operation Epic Fury)، ايراني نار ۾ آمريڪي بحري ٻيڙن جي گجگوڙ، ۽ هرمز لنگھ جي ناڪي بندي کان پوءِ اٿندڙ دونهين جا بادل رڙيون ڪري چئي رهيا هئا ته دنيا هڪ اهڙي وسيع علائقائي جنگ جي ڪنڌيءَ تي پهچي چڪي آهي جتان واپسيءَ جو ڪو رستو ناهي بچيو. عالمي ميڊيا تي سرخيون روزاني جي بنياد تي بدلجي رهيون هيون، ۽ محسوس ٿي رهيو هو ته سفارتڪاريءَ جو دور هاڻي هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي.
بھرحال، فيبروريءَ جي ان خوفناڪ فوجي ٽڪراءَ ۽ سفارتي تعطل کان پوءِ، اڄ جڏهن ڌريون قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مذاڪرات جي ميز تي آمهون سامهون ويٺيون آهن، ته صحافت جي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ منهنجي ذهن جي بند گوشن ۾ اهو سوال مسلسل دستڪ ڏئي رهيو آهي: ڇا صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي ايران سان هڪ نئون، جامع ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، ‘پائيدار’ جوهري معاهدو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو؟
17 جون 2026ع تي قطر ۽ پاڪستان جي ثالثيءَ ۾ طئہ ٿيندڙ 60 ڏينهن جي جنگ بندي جي ٺاھ ڌرين کي آگسٽ 2026ع جي وچ تائين جيڪا ڊيڊ لائن ڏني آهي، اها صحافتي اصطلاح ۾ هڪ “ٽڪنگ ٽائم بم” (Ticking Time Bomb) آهي. اهي 60 ڏينهن صرف جنگ بندي جا ناهن، پر اهي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي اعتماديءَ جي ان جبل کي ڳارڻ جو آخري موقعو آهن جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بيٺو آهي.
سوئٽزرلينڊ کان قطر تائين، پسِ پرده رستن جي تبديلي
ان کان اڳ جو اسان قطر ۾ ٿيندڙ موجوده اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺون، اسان لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ سفارتڪاريءَ جو محور ڪهڙي ريت تبديل ٿيو آهي. ماضيءَ ۾ سوئٽزرلينڊ هميشه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ غير جانبدار، روايتي ۽ خاموش پيغام رسان (Back-channel) جو ڪردار ادا ڪيو آهي. سوئس چينل جي خصوصيت اها هئي ته اتي ٿيندڙ گفتگو جو بنيادي مقصد ڪنهن وڏي معاهدي جو حصول نه، پر صرف “بحران جو ڪنٽرول” (Crisis Management) ۽ قيدين جي مٽاسٽا جهڙا محدود انساني همدرديءَ جا معاملا هئا. جنيوا ۽ زيورخ جي پرسڪون ماحول ۾ ٿيندڙ مذاڪرات نظرياتي حدن جي اندر رهي ڪيا ويندا هئا، جتي ڌريون پنهنجي بنيادي موقف تان پوئتي هٽڻ کانسواءِ رڳو جهيڙي کي هڪ خاص حد کان اڳتي وڌڻ کان روڪينديون هيون.
پر موجوده قطر مذاڪرات جو ڪينواس ماضيءَ جي سوئس چينل کان بلڪل مختلف ۽ وڌيڪ اهم آهي. دوحه هاڻي صرف هڪ ٽپالي يا پيغام رسان ناهي رهيو، پر اهو عمان ۽ پاڪستان سان گڏجي هڪ متحرڪ، فعال ۽ اثر رسوخ رکندڙ ثالث طور اڀريو آهي. سوئٽزرلينڊ جي برعڪس، قطر مذاڪرات فيبروري 2026ع جي سڌي فوجي ٽڪراءَ کان پوءِ پيدا ٿيندڙمعروضي حالتن جي بنياد تي ٿي رهيا آهن.
اهي مذاڪرات ڪنهن پرسڪون ماحول جي پيداوار ناهن، پر بارود جي تپش ۽ معاشي ناڪي بندي جي دٻاءَ هيٺ شروع ڪيا ويا آهن. هتي ڳالهه صرف بيانن جي حد تائين محدود ناهي، پر ٻنهي ملڪن جا عملي مفاد، تيل جي عالمي سپلاءِ، ۽ خطي ۾ فوجي بقا جا سوال آڏو اھن. يقيناً اهو ئي ڪارڻ آهي جو عالمي مبصر سوئٽزرلينڊ جي روايتي چينل جي مقابلي ۾ دوحه جي ان نئين سفارتي محور کي وڌيڪ سنجيده ۽ فيصلي ڪندڙ قرار ڏئي رهيا آهن.
پاڪستان جو سفارتي ڪردار
فيبروري 2026ع جي شديد ترين بحران دوران جڏهن وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جو هي سڄو خطو جنگ جي شعلن جي لپيٽ ۾ اچڻ وارو هو، ته پاڪستان جي خارجا پاليسيءَ لاءِ هي هاڻوڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چيلنج بڻجي اڀريو. هڪ نيوڪليئر پاور ۽ ايران جو ڀائرن جھڙو پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي، پاڪستان ان تڪرار ۾ خاموش تماشائي بڻيل رهڻ جو متحمل نٿي ٿي سگهيو. ايران سان گڏ ڊگھي سرحد، گڏيل ثقافتي لاڳاپا، ۽ داخلي سلامتي جي منجهيل معاملن جي ڪري واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ ڪنهن به طويل مدتي جنگ جو سڌو شڪار پاڪستان جي پنهنجي معيشت ۽ امن امان کي ٿيڻو هو.
انھيءَ ڪري، پاڪستان انتهائي مهارت سان توازن برقرار رکندي هڪ منفرد سفارتي پُل جو ڪردار ادا ڪيو. اسلام آباد هڪ پاسي امريڪا سان پنهنجي پراڻن سڪيورٽي لاڳاپن کي استعمال ڪيو ۽ ٻئي پاسي تهران سان سفارتي چينلز کي متحرڪ رکيو. پاڪستان جي خارجا پاليسيءَ جي معمارن اهو پرکي ورتو هو ته فوجي طاقت جو استعمال ڪنهن به ڌر کي مڪمل فتح نٿو ڏياري سگهي، پر اهو سڄي خطي کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيندو.
پاڪستان قطر جي امير ۽ عمان جي سفارتي ڪارندن سان ملي هڪ مربوط “شٽل ڊپلوميسي” (Shuttle Diplomacy) جو آغاز ڪيو. پاڪستاني سفيرن واشنگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ اهڙن پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي جن ٻنهي ڌرين کي پنهنجي سخت فوجي موقف تان پوئتي هٽڻ ۽ هڪٻئي جي شرطن کي سنجيدگيءَ سان ٻڌڻ تي آمادو ڪيو. پاڪستان ۽ قطر جي ان گڏيل سفارتي ڪاميابيءَ ئي 17 جون جي مفاهمتي معاهدي جو رستو هموار ڪيو، جنهن بارود جي دونهين کيعارضي طور دٻائي مذاڪرات جا روشن امڪان پيدا ڪيا.
ٽرمپ جو “ڊيل ميڪر” مائينڊ سيٽ ۽ سازگار عنصر
ڊونلڊ ٽرمپ جي خارجا پاليسيءَ جو جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو وڃي، ته اها ڪنهن روايتي سياستدان جي نظرياتي خارجا پاليسيءَ جي بجاءِ هڪ سخت بزنس مين يا ڪارپوريٽ ڊيلر جي ڪاروباري حڪمت عمليءَ جي وڌيڪ ويجهو نظر اچي ٿي. بين الاقوامي لاڳاپن جي اصطلاح ۾ اھڙي ماڻھوءَ کي هڪ “نيو-آئسوليشنسٽ” (New Isolationist) اڳواڻ چيو ويندو آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪن ۾ امريڪي فوجين جي تعيناتي ۽ لاحاصل، طويل جنگين تي اربين ڊالرن جي امريڪي سرمائي جي ضايع ٿيڻ جو سخت مخالف آهي. ٽرمپ جو فلسفو سادو آهي: طاقت جو مظاهرو صرف ان وقت ڪريو جڏهن توهان کي سامهون واري پارٽيءَ کي معاشي يا فوجي طور مجبور ڪري پنهنجي شرطن تي سودي بازي ڪرڻي هجي.
فيبروري 2026ع ۾ ‘آپريشن ايپڪ فيوري’ جي ذريعي ايران کي پنهنجي فوجي طاقت جو جوهر ڏيکارڻ کان پوءِ، هاڻي ٽرمپ پنهنجي ان ئي روايتي ڊيل ميڪر مائينڊ سيٽ تحت ميدان ۾ لٿو آهي. تازو ئي صدر ٽرمپ جي اها دعويٰ ته قطر ۽ پاڪستان جي ثالثيءَ جي ڪري ايران امريڪا جا تقريبن سڀئي سخت شرط مڃڻ تي راضي ٿي ويو آهي، سندس ان ئي ڪاروباري سفارتڪاريءَ جي عڪاس آهي. ٽرمپ ان تجويز ڪيل جوهري معاهدي کي دنيا آڏو هڪ اهڙي ٽرافي يا “صديءَ جي سڀ کان وڏي ڊيل” طور پيش ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا سندن بقول ايران جي جوهري فوجي پروگرام جي سامهون هڪ اهڙي “مضبوط ديوار” ثابت ٿيندي جنهن کي ماضيءَ جي ڪا به امريڪي انتظاميا تعمير ڪرڻ ۾ ناڪام رهي هئي.
واشنگٽن جي ترجيحن جو خاڪو
داخلي سياسي برتري: امريڪي ووٽرن جي سامهون پاڻ کي هڪ ڪامياب “امن پسند پر طاقتور ليڊر” طور پيش ڪرڻ.
توانائيءَ جي مارڪيٽ جو استحڪام: هرمز لنگھ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي عالمي منڊي ۾ خام تيل جي قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ.
فوجي خرچن ۾ گهٽتائي: وچ اوڀر ۾ آمريڪي اثاثن تي حملن جو تدارڪ ۽ جنگي بجيٽ تي دٻاءُ جو خاتمو.
ٽرمپ انتظاميا لاءِ ھن وقت سڀ کان وڏو محرڪ آمريڪي معيشت ۽ داخلي سياست جو استحڪام آهي. فيبروريءَ جي تڪرار کان پوءِ تيل جي عالمي قيمتن ۾ ٿيندڙ واڌ آمريڪي صارفين لاءِ مشڪلات پيدا ڪري رهي هئي، ۽ ٽرمپ اهو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته واشنگٽن ۾ اقتدار جو رستو خام تيل جي قيمتن ۽ اقتصادي استحڪام تان ٿي گذري ٿو. جيڪڏهن دوحه مذاڪرات جي ذريعي ايران پنهنجي جوهري پروگرام تان هٿ کڻڻ جو عملي مظاهرو ڪري ٿو ۽ هرمز لنگھ کي بين الاقوامي تجارت لاءِ مستقل طور کليل رکڻ جي ضمانت ڏئي ٿو، ته اها ٽرمپ لاءِ هڪ زبردست سياسي فتح هوندي. اهي سازگار عنصر ان وقت ٻنهي ملڪن کي هڪ عارضي معاهدي ڏانهن تيزيءَ سان ڌڪي رهيا آهن.
ايران جي بيچيني ۽ اندروني قيادت جي چيلنج
تهران جي سياست کي ٻاهر کان ڏسي اڪثر هڪ يڪرنگي نظام جو گمان ٿيندو آهي، جتي سپريم ليڊر جو فيصلو ئي حرفِ آخر سمجهيو ويندو آهي. پر جيڪڏهن اسان بين الاقوامي لاڳاپن جي نظرين، خاص طور تي “داخلي سياست جي نظريي جي عينڪ لڳائي ڏسون، ته ايراني اقتدار جي تهن ۾ تضادن ۽ بيچينيءَ جو هڪ سڄو سمنڊ ڇوليون هڻندو نظر اچي ٿو.
دوحه ۾ جاري مذاڪرات جي پسمنظر ۾ تهران ان وقت پنهنجي جديد تاريخ جي حساس ترين موڙ تان گذري رهيو آهي. تازو ئي نئين سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي جي منصب سنڀالڻ کان پوءِ ايراني اسٽيبلشمينٽ، پاسدارانِ انقلاب (IRGC)، ۽ سڪيورٽي بيوروڪريسيءَ جي اندر هڪ شديد نظرياتي شروع ٿي چڪي آهي.
ايران جو موجوده صدر مسعود پزشڪيان هڪ اصلاح پسند سوچ جو اڳواڻ آهي، جنهن جي سڄي سياسي ايجنڊا ايراني معيشت کي وينٽيليٽر تان ڪڍڻ تي منحصر آهي. فيبروري 2026ع جي فوجي ٽڪراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾ لڳندڙ نئين پابندين ايراني ڪرنسي کي تاريخي لاٿ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ملڪي اندروني سياست ۾ عوامي احتجاج جو لاوو ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿو. صدر پزشڪيان ۽ سندس سفارتي ٽيم جو موقف چٽو آهي: اهي آمريڪي پابندين جي خاتمي ۽ منجمد فنڊن جي بحاليءَ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ ۽ دوحه ۾ لچڪ ڏيکارڻ تي مجبور آهن. اهي چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن آگسٽ 2026ع جي وچ تائين ڪو معاهدو نه ٿيو، ته معاشي ناڪي بندي ايران جي اندروني سماجي ڍانچي کي مفلوج ڪري ڇڏيندي.
پر تصوير جو ٻيو رخ، جيڪو ان سڄي سفارتي عمل جي رستي ۾ هڪ لوهي ديوار بڻجي بيٺو آهي، اهو نئين سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي ۽ پاسدارانِ انقلاب جو سخت گير موقف آهي. نئين قيادت جو دليل اهو آهي ته بين الاقوامي نظام ۾ “طاقت ئي واحد ڪرنسي آهي”. سندن مڃڻ آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي رتيءَ جيتري به پڪ نٿي ڪري سگهجي. ايراني اسٽيبلشمينٽ وٽ ان شڪ جو هڪ ٺوس تاريخي دليل موجود آهي؛ اهو ڊونلڊ ٽرمپ ئي هو جنهن 2018ع ۾ ان وقت جي صدر بارڪ اوباما جي صحيح ٿيل ‘گڏيل جامع منصوبابندي جي عمل’ (JCPOA) کي هڪ صدارتي حڪمنامي جي ذريعي يڪطرفو منسوخ ڪري رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.
تهران جي نئين قيادت جو اهو سوال انتهائي جاندار آهي ته جيڪڏهن ايران پنهنجي رت ست سان تيار ڪيل 60 سيڪڙو افزوده يورينيم جو ذخيرو تلف ڪري ٿو يا ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪري ٿو، ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته ٽرمپ ٻن سالن کان پوءِ ڪو نئون بهانو بڻائي ٻيهر پابنديون لاڳو نه ڪندو؟ پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊرن جو مڃڻ آهي ته يورينيم جي افزودگي جي صلاحيت ئي ايران جو واحد دفاع آهي، ۽ ان کي ڳالھين جي ميز تي وڃائي ويهڻ فوجي آپگهات جي برابر هوندو. تهران جي اها داخلي ڇڪتاڻ ۽ نئين قيادت جا تحفظات دوحه مذاڪرات جي مستقبل تي هڪ تمام وڏو سواليه نشان کڙو ڪن ٿا.
اسرائيلي فئڪٽر، ڪانگريس جون قانوني ڳنڍيون
بين الاقوامي مذاڪرات جي اصولن جو هڪ بنيادي قانون آهي ته “ڪو بہ معاهدو ان وقت تائين پائيدار نٿو ٿي سگهي جيستائين ان تڪرار جون سڀئي وڏيون ڌريون ان جو حصو نہ هجن”. دوحه مذاڪرات جو سڀ کان ڪمزور، نازڪ ۽ خطرناڪ پهلو اهو ئي آهي ته وچ اوڀر جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت ۽ آمريڪي خارجا پاليسيءَ جو لاڏلو ”اسرائيل” ان سڄي سفارتي عمل کان مڪمل طور ٻاهر آهي.
اسرائيل جي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو ۽ سڪيورٽي وزير اتمار بن گوير جهڙن سخت گير اڳواڻن جي تازن بيانن واشنگٽن جي سفارتي حلقن ۾ زلزلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. بن گوير جو اهو چٽو اعلان ته “ٽرمپ جو معاهدو اسرائيل تي لاڳو نٿو ٿئي” ڪا معمولي ڌمڪي ناهي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته ايران سان ڪنهن به قسم جي نرمي يا پابندين جو خاتمو، چاهي اهو ڪيترن ئي سخت شرطن تي ڇو نه هجي، تهران کي ٻيهر معاشي آڪسيجن فراهم ڪندو. ان معاشي بحاليءَ جو سڌو نتيجو خطي ۾ حماس، حزب الله ۽ يمن جي حوثين جهڙن ايراني اتحادين جي ٻيهر مضبوطيءَ جي صورت ۾ نڪرندو.
اسرائيلي فئڪٽر ان ڪري خطرناڪ آهي ڇو ته تل ابيب وٽ تهران ۽ واشنگٽن جي ان سفارتي شطرنج کي الٽڻ جي مڪمل فوجي صلاحيت موجود آهي. جيڪڏهن قطر ۾ جاري ٽيڪنيڪل مذاڪرات ڪنهن حتمي نتيجي جي ويجهو پهچن ٿا ۽ اسرائيل کي لڳي ٿو ته سندس سلامتيءَ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ته اهو تهران جي نيوڪليئر تنصيبات تي يڪطرفي سرجيڪل اسٽرائيڪ ڪري سگهي ٿو، يا لبناني ۽ شام ۾ ايراني هدفن تي حملن ۾ تيزي آڻي سگهي ٿو. بين الاقوامي لاڳاپن جي ٻوليءَ ۾ ان کي “اسپائلر فئڪٽر” (Spoiler Factor) چيو ويندو آهي. اسرائيل پاران ٿيندڙ ڪا به فوجي ڪارروائي ايران کي دوحه جي ميز تان اٿڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي ۽ خطو سيڪنڊن ۾ ٻيهر فيبروري 2026ع واري خوني ڌُٻڻ ۾ وڃي ڪيرندو.
ان کان سواءِ، ٽرمپ صاف چئي ڇڏيو آهي ته امريڪا ايران ۾ نه ته ڪا سيڙپ ڪندو ۽ نه ئي روڪ رقم جاري ڪئي ويندي. ڏکڻ ڪوريا، جپان ۽ ٻين عالمي بئنڪن ۾ منجمد ايراني فنڊ جيڪڏهن رليز ڪيا به ويا، ته اهي قطر جي زيرِ نگراني هڪ اهڙي امانتي اڪائونٽ ۾ ويندا جتان ايران صرف ۽ صرف خوراڪ، دوائون ۽ انساني همدرديءَ جون شيون خريد ڪري سگهندو. تهران لاءِ اهي شرط سندس قومي غيرت تي هڪ ضرب آهن، ڇو ته کين پنهنجي تباهه حال معيشت کي بچائڻ لاءِ فوري ڪيش فلو جي ضرورت آهي، نه ڪي صرف راشن جي صورت ۾ امداد جي.
آمريڪي ڪانگريس جون قانوني ڳنڍيون
هاڻي واشنگٽن جي اندروني آئيني منظرنامي جو جائزو وٺون ٿا، جيڪو ڪنهن به بين الاقوامي معاهدي جي عمر جو تعين ڪندو آهي. آمريڪي خارجا پاليسي صرف وائيٽ هائوس مان ناهي هلندي، پر ڪيپيٽل هل (آمريڪي ڪانگريس) ان جو ٻيو اهم ترين ٿنڀو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو مائينڊ سيٽ هڪ صدارتي حڪمنامي جي ذريعي ڊيل ڪرڻ جو آهي، پرآمريڪي آئين تحت ڪو به معاهدو ان وقت تائين مستقل قانون نٿو بڻجي سگهي جيستائين آمريڪي سينيٽ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ان جي توثيق نه ٿي ڪري.
موجوده آمريڪي ڪانگريس جي صورتحال اها آهي ته اتي اسرائيل نواز لابي (AIPAC) جو اثر و رسوخ انتهائي گهرو آهي، ۽ ريپبلڪن ۽ ڊيموڪريٽڪ ٻنهي پارٽين جا سخت گير ميمبر ايران کي ڪنهن به قسم جو معاشي ريليف ڏيڻ جا سخت مخالف آهن. جيڪڏهن ٽرمپ قطر ڊيل کي هڪ باقاعده ‘معاهدي’طور ڪانگريس مان پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته کيس اتي سخت مزاحمت ڏسڻي پوندي ۽ جيڪڏهن هو ڪانگريس کي باءِ پاس ڪري صرف هڪ صدارتي انتظامي حڪمنامي تي صحيح ڪري ٿو، ته اهو معاهدو هڪ ڀيرو ٻيهر واريءَ جي ديوار ثابت ٿيندو. ايران اهو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ٽرمپ کان پوءِ اچڻ وارو ڪو به نئون آمريڪي صدر (چاهي اهو 2028ع ۾ هجي يا بعد ۾) ان معاهدي کي ٻيهر هڪ صحيح سان منسوخ ڪري سگهي ٿو. اهو قانوني عدم تحفظ ايران کي طويل مدتي ۽ وڏا فيصلا ڪرڻ کان روڪي ٿو.
مجموعي طور تي، جيڪڏهن اسان ان سڄي منظرنامي جو جائزو وٺون، ته اسان هڪ انتهائي دلچسپ پر خوفناڪ تضاد تي پهچون ٿا.
فيبروري 2026ع جي خطرناڪ فوجي ٽڪراءَ کان پوءِ ڌرين جو سفارتي ميز تي اچڻ، 17 جون جو مفهمتي معاهدو۽ آگسٽ 2026ع جي وچ تائين جي سخت ڊيڊ لائن اهو ثابت ڪري ٿي ته ھن وقت ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي جي ضرورت آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پنهنجي داخلي سياست ۽ آمريڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي “سياسي فتح” گهربل آهي، جڏهن ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي ڪرندڙ حڪومت ۽ تباهه حال عوام کي بچائڻ لاءِ پابندين جو خاتمو چاهي ٿي. اهي ٻئي مجبوريو هڪ “نئين معاهدي” لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهيون آهن.
ان تجويز ڪيل معاهدي کي “پائيدار” بڻائڻ هڪ اهڙي ڳجهارت آهي جنهن جو حل في الحال دنيا جي ڪنهن به ٿنڪ ٽئنڪ وٽ نظر نٿو اچي. ايران ۾ آيت الله مجتبيٰ خامنه اي جي نئين قيادت جا سخت تحفظات ۽ ماضيءَ جا تلخ تجربا، منجمد فنڊن جي استعمال تي واشنگٽن جا توهين آميز ۽ سخت شرط، آمريڪي ڪانگريس پاران ان جي مستقل قانوني توثيق جا نه هجڻ جي برابر امڪان، ۽ سڀ کان وڌيڪ اسرائيل جو ان سفارتي عمل کان ٻاهر رهي مسلسل فوجي ڪارروائين جون ڌمڪيون ڏيڻ، اهي بارودي سرنگون آهن جيڪي ان معاهدي جي رستي ۾ وڇايل آهن.
وچ اوڀر ھن وقت هڪ اهڙي بارود جي ڍير تي ويٺو آهي جنهن جي مٿان سفارتڪاريءَ جي هڪ عارضي ڇت ڏني وئي آهي. دوحه جي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويٺل سفارتڪار جيڪڏهن آگسٽ 2026ع جي وچ تائين ڪنهن ڪاغذ تي صحيحون ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي به ويا، ته اهو معاهدو خطي ۾ مستقل امن جي ضمانت نه بڻجي سگهندو. جيستائين اسرائيل، ايران جي داخلي اسٽيبلشمينٽ، ۽ آمريڪي ڪانگريس ان ڊيل جا ضامن نٿا بڻجن، اهو معاهدو به تاريخ جي ان عارضي ڪاغذن جو حصو بڻجي ويندو جيڪي پهرين ئي فوجي چڻنگ سان سڙي رک ٿي ويندا آهن. صحافت جو شاگرد هجڻ جي ناطي، منهنجون نظرون هاڻي آگسٽ جي ان فيصلائتي موڙ تي آهن جيڪو اهو طئہ ڪندو ته دنيا امن ڏانهن وڌي ٿي يا ٻيهر بارود جي شعلن جي نظر ٿئي ٿي.
__________________

ابراھيم صالح محمد ڪراچيءَ جو سينئر صحافي آھي. ھُو ھڱورا جماعت ڪراچيءَ جو 1986 کان 2024 تائين ٽي ڀيرا صدر رھي چُڪو آھي



