Editor's pickMain Slideڏکڻ ايشيا

پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اوٽ ۾سامونڊي ٻيٽن تي قبضن جي سازش

ضلعي ملير جي سامونڊي پٽيءَ سان لاڳاپيل ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ حڪومت کي تجويز ڏني تہ سمنڊ ۾ لڳ ڀڳ 300 ٻيٽ آھن جن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي  سياحت شروع ڪرڻ سان ملڪ وڏو ناڻو ڪمائي سگھي ٿو.

ھٿرادو ڏاھپ سان ٺاھيل

اھي ٻيٽ ۽ ڪريڪس مقامي مُھاڻن جي گذر سفر جو وسيلو آھن. ھن ھاڃيڪار تجويز تي عمل ٿيڻ سان نہ ڪراچي ڊويزن، ٺٽي، بدين ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ 12 لکن کان وڌيڪ ماھيگيرن جا اربين رپين سان ھوڙا ۽ لانچون  بيڪار ٿي وينديون، مڇيءَ جي صنعت مڪمل طور تباھہ ٿي ويندي ۽ ان صنعت ذريعي اربين ڊالرن جي پرڏيھي ناڻي کان ملڪ محروم ٿي ويندو.

سيد يوسف شاھہ

 تازو ابراھيم حيدري، جمع ڳوٺ، علي اڪبر شاھہ ڳوٺ، چشما ڳوٺ، ريڙھي ڳوٺ، بختاور ڳوٺ ۽ ضلعي ملير جي سامونڊي پٽيءَ سان لاڳاپيل ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ سنڌ اسيمبليءَ جي فلور تي تجويز ڏيندي چيو تہ ”اسان وٽ سمنڊ ۾ لڳ ڀڳ 300 ٻيٽ موجود آھن جن تي اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي ٽوئرزم شروع ڪريون تہ ملڪ وڏو ناڻو ڪمائي سگھي ٿو.“

ھُن نشاندھي ڪئي تہ اسان وٽ لڳ ڀڳ 17 نريون (Creeks) آھن، جتي تفريح گاھون (Resorts) ٺاھي ٽوئرزم جو سلسلو شروع ڪجي تہ اھو پُرڪشش ۽ توجہ ڇڪائيندڙ بڻجندو جنھن سان غيرملڪي ناڻو ايندو۽ ھيءُ اسان جي ملڪ لاءِ گيم چئنجنگ پروگرام ثابت ٿيندو.ھن سنڌ حڪومت جا ٿورا مڃيا جيڪا ماھيگيرن لاءِ 120  ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ”ويسل مانيٽرنگ سسٽم“ متعارف ڪرائي رھي آھي جنھن سان سمنڊ ۾ ويندڙ ھوڙن ۽ لانچن جي ٽريڪر ذريعي نشاندھي ڪري سگهبي تہ ھن وقت ھوڙو يا لانچ ڪھڙي ھنڌ آھن،جڏھن اھو سسٽم ھوڙن ۾ لڳي ويندو تہ ايمرجنسي جي حالت ۾ سندن مدد ڪري سگهبي.

ھن کان اڳ ارباب غلام رحيم جي دور ۾ فقط ھڪ ”ڀنڊاڙ ٻيٽ“ تي دبئي جي طرز تي شھر اڏڻ جو اعلان ڪري ان تي ڪم شروع ڪيو ويو ھو ۽ ھوڙن ذريعي تعميراتي سامان پھچائڻ جو ٺيڪو تڏھوڪي ق ليگ ۽ ھاڻوڪي پيپلزپارٽيءَ جي ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ کي ڏنو ويو ھو. سندس ذاتي جيٽيءَ تان تعميراتي سامان ڀنڊاڙ ٻيٽ تي پھچايو پئي ويو پر ان خلاف فشرفوڪ فورم جي چيئرمين محمدعلي شاھہ مرحوم جي اڳواڻيءَ ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويئي. ملير جو ناميارو سياسي ۽ سماجي اڳواڻ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ پڻ ان احتجاجي تحريڪ جو حصو بڻجي ويو ۽ ھن پنھنجي سياسي قوت سان ڀنڊاڙ ٻيٽ تي تعميراتي سامان پھچائڻ بند ڪرائڻ کان پوءِ تڏھوڪي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي ٻيٽ جو دورو ڪرائي، ماھيگيرن کي ٿيندڙ نقصانن کان آگاھہ ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ اھا رٿا رد ڪئي ويئي.

عمران خان جي آخري دور ۾ پڻ مرڪز پاران ”ڀنڊاڙ ٻيٽ“ تي قبضو ڪيو ويو ۽ باقاعدي قانون لاڳو ڪندڙ فورسز بيھاريون ويون ھيون جيڪي مڇيءَ جي شڪار لاءِ ويندڙ ماھيگيرن کي ڀنڊاڙ ٻيٽ واري رستي تان گذرڻ نہ ڏينديون ھيون پر عمران خان جي دور ختم ٿيڻ سان اھا رٿا پڻ ختم ٿي ويئي. پر ارڙھن سالن کان سنڌ تي مسلط حڪمرانن سنڌي قوم جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، حڪمرانن جي ڪرپشن عروج تي آھي، ھر حڪومتي کاتي ۾ کربين رپين جي ڪرپشن جا داستان ۽ اسڪينڊل سامھون اچي رھيا آھن. بدامنيءَ جو راڪاس سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏھن بہ ايترو بدمست نہ ٿيو جيترو ھاڻي نظر اچي رھيو آھي، قبائلي جهيڙن ۽ ذاتي جهيڙن جي نالي تي روزانو ڪيترائي قتل رپورٽ ٿي رھيا آھن، اغوائن جون وارداتون عام آھن. معصوم نياڻين کي اغوا ڪري زيادتين کان پوءِ ٻوريءَ بند لاش ملي رھيا آھن، ھندوئن جون معصوم نياڻيون اغوا ٿين ٿيون ۽ سالن تائين سندن ڏس پتو نٿو ملي، انساني بنيادي حق پامال آھن، عدالتن مان عام ماڻھوءَ کي انصاف نٿو پلئہ پوي. سموري سنڌ جي زمينن تي قبضا پيا ٿين، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غريب ھارين ۾ ورھائڻ بدران ”ڪارپوريٽ فارمنگ“ جي نالي تي ٻاھرين ڪمپنين کي ڏنيون ويون آھن ۽ ھاڻي ”پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ“ جي اوٽ ۾ اھي حڪمران سنڌ جي سمنڊ جي سمورين نرين (Creeks) ۽ ٻيٽن تي قبضن جا سانڀاھا ڪري رھيا آھن.

اھوئي سبب آھي جو انھن قبضن لاءِ ملير جي سامونڊي پٽيءَ سان لاڳاپيل ايم پي اي کي سامھون آندو ويو آھي، پر ماھيگيرن جي نمائندگيءَ جي دعويدار محمود عالم ڄاموٽ کي اھا بہ ڄاڻ ھجڻ کپي تہ جن ٻيٽن جو ھو ذڪر ڪري رھيو آھي تن مان ھر ھڪ ٻيٽ ماھيگيرن جي روزگار جو ذريعو آھي، اتي ماھيگير عورتون ۽ مرد پنھنجا اجها اڏي ويھن ٿا ۽ مڇيون سڪائن ٿا، جن ڪريڪس جو ھو ذڪر پيو ڪري، اھي مڇين جي ٻچن جون نرسريون ۽ ماھيگيرن جون گذرگاھون ۽ ماھيگيري جا ھنڌ آھن. ڇا انھن جي شڪار ڪيل مڇيءَ ذريعي غير ملڪي ناڻو  حڪومت کي نٿو ملي؟

ھتي اھو سوال بہ پنھنجيءَ پوريءَ سگهہ سان اڀري ٿو تہ ڇا سمورن ٽي سئو ٻيٽن تي ”تفريح گاھون“ اڏيون وينديون؟ يا ان بھاني سنڌين کي مڪمل طور غلام بڻائڻ لاءِ دبئي جهڙا شھر اڏي اتي غيرملڪين کي آباد ڪيو ويندو؟ پاڪستان ۾ سنڌ واحد پرڳڻو آھي، جنھن جي سمنڊ کي قدرت 17 ڪريڪس جي نعمت سان نوازيو آھي جيڪي ڪراچيءَ کان ويندي انڊيا جي بارڊر تائين پکڙيل آھن، جن کي بند ڪرڻ ۽ سامونڊي پاڻيءَ اڳيان بند ٻڌڻ جو عمل فطرت سان جهيڙڻ جي برابر ھوندو، جنھن جا انتھائي خطرناڪ نتيجا سامھون ايندا، سمنڊ بادشاھہ جو پاڻي پنھنجو رستو ٺاھيندو ۽ اسان جا شھر، ڳوٺ ۽ آباديون سامونڊي طوفانن ۽ ٻوڏن جي ور چڙھي وينديون جنھن جي نتيجي ۾ لکين انساني زندگيون خطري ۾ پئجي سگهن ٿيون. سنڌ جي سمنڊ جي 300 ٻيٽن ۽ 17 نرين (Creeks) تي قبضن جي ھن ھاڃيڪار رٿا تي عمل ٿيڻ سان نہ فقط ملير جي سامونڊي پٽي پر پوري ڪراچي ڊويزن، ٺٽي، بدين ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ 12 لکن کان وڌيڪ ماھيگير جيڪي انھن ڪريڪس ذريعي ماھيگيري ڪن ٿا، تن جا اربين رپين سان ٺاھيل ھوڙا ۽ لانچون  بيڪار ٿي وينديون، مڇيءَ جي صنعت مڪمل طور تباھہ ٿي ويندي ۽ ان صنعت ذريعي اربين ڊالرن جي پرڏيھي ناڻي کان ملڪ محروم ٿي ويندو تہ ٻئي پاسي 12 لک ماھيگيرن جا خاندان مڪمل طور بيروزگار ٿي ويندا ۽ سندن معصوم ٻارڙا خوراڪ جي اڻ ھوند جو شڪار ٿي ويندا. نتيجي ۾ ماھيگيرن جا اھي لکين خاندان لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ سندن آباد وسنديون ويران ٿي وينديون.

سنڌ جي موجودھہ حڪمرانن پاران ھن تباھي آڻيدڙ رٿا جي پويان بلين ۽ ٽريلين ڊالرن جي ميگا ڪرپشن جو پلان لڪل آھي، جنھن کين سنڌ جو سڄڻ نہ پر ”سنڌ فروش“ جي روپ ۾ قوم اڳيان وائکو ڪري ڇڏيو آھي.

جيستائين سنڌ حڪومت پاران ماھيگيرن جي ھوڙن ۽ لانچن ۾ 120  ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ”ويسل مانيٽرنگ سسٽم“ متعارف ڪرائڻ جي رٿا جو اعلان ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ اھا چوڻي ڪافي آھي تہ ”ھاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا ھڪڙا ۽ کائڻ جا ٻيا“. 18 سالن جي ڪرپٽ حڪمرانيءَ دوران اھڙين ڪيترين ئي رٿائن جا اعلان ڪيا ويا آھن پر عمل ڪنھن ھڪڙي رٿا تي بہ ناھي ٿيو، ھيءَ بہ اھڙي ئي رٿا آھي جنھن جو مقصد فقط اھو آھي تہ ماھيگير ھن منصوبي جي آسري ڪريڪس ۽ ٻيٽن تي قبضن خلاف ڀرپور احتجاج نہ ڪري سگهن. پر سنڌ جا جوڌا، سرفروش ۽ وطن دوست حڪمرانن کي اھي قبضا ڪنھن بہ صورت ۾ ڪرڻ نہ ڏيندا. ھن رٿا سان سنڌي قوم کي رسندڙ نقصانن جي پيش نظر قومپرست پارٽين کي گهرجي تہ اھي رٿا جي مخالفت کي پنھنجي جدوجھد ۾ شامل ڪن. ان ڳالھہ جي بہ ضرورت آھي تہ سوشل ميڊيا تي ان رٿا خلاف ڀرپور مزاھمت ڪئي وڃي ۽ پرنٽ ميڊيا پنھنجن ايڊيٽوريلز ۽ مضمونن ذريعي سنڌ کي پھچندڙ نقصانن بابت قوم کي سموري ڄاڻ ڏي.

____________________

Syed Yousif Shah-TheAsiaN

يوسف شاھ ابراھيم حيدري ڪراچيءَ جو سينئر سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آھي.

ليکڪ جون ٻيون تحريرون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

هي اشتهار پاڻمرادو ڏيکاريل گوگل ايڊسينس جو اشتهار آهي، ۽ هي ويب سائيٽ سان لاڳاپيل نه آهي.
Back to top button